غزل 31
طرح:ڇو
زماني تي اعتبار ڪجي
بس خدائي ۾ هڪڙو يار ڪجي
ان سان زندگي ڀر پيار ڪجي
جيڪو رسمِ دنيا جو دشمن ٿئي
تنهن سان ديوانو بنجي پيار ڪجي
ٻي کان امداد جي طلب بدران
پنهنجي مُڙسي تي انحصار ڪجي
خود گردش ۾
رهي ٿو
روز و شب
”ڇو زماني تي اعتبار ڪجي“
جن جا خود فيصلا ڪري دلبر
تن خطائن کي بار بار ڪجي
هن جي رهه گذر تي گهر جوڙي
گهر جو در سوئي رهه گذار ڪجي
سر ڏيئي عشق جي خوشي خاطر
ساري دنيا کي سوگوار ڪجي
پهرين واعدا ڪري نڀائڻ جا
بي رُخي پوءِ نه اختيار ڪجي
راز افشا نه ٿي الفت جو
محب ڪو مُحرمِ اسرار ڪجي
دعوائي عشق پوءِ ٿيندي تسليم
جانِ کي عشق تان نثار ڪجي
سو دفعا دل کي جهن ڏنو دوکو
ڪئن يقين ان تي بار بار ڪجي
مونکي دل
مان
ڪڍي ڇڏيو آ تو
اِئن نه ڪنهن کي
بي ديار ڪجي
قرض تهجو پوءِ به باقي رهندو
سو دفعا جانِ جي نثار ڪجي
حسد جا تير جت هڻي اڳلو
سامهون ات صبر جي تلوار ڪجي
وڙهه بهادر جئان برابر سان
بينوا تي نه ڀلجي وار ڪجي
حُسنُ سرڪار آ جتي به هجي
نَمِي اُت ناز نمسڪار ڪجي
غزل 32
طرح:
اي بي ڪسي جا چراغِ مزار حيف هجئي
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
غمِ حياتَ نه ٿين سازگار حيف هجئي
نه ڪيئي زندگي منهن جي سان پيار حيف هجئي
اڃا گلاس چپن تان ئي مون آ مس لاٿو
وڃين پيو مونکي ڇڏيو تون خمار حيف هجئي
ڇڏي ٻيا سائبان تنهجي ئي ڇانءَ ۾ آيس
ڪيو نه سايو تو ديوارِ يار حيف هجئي
دلِ غريب کي دلبر جي در اچڻ نه ڏنئي
بُروجِ گردشِ ليل و نهار حيف هجئي
ڪيو نه چاڪ گريبان اي دستِ وحشت تو
بقدرِ شوقِ جنون تار تار حيف هجئي
تنهجي سهاري اي حوصلا جيوپي مون
مون کي اڪيلو ڇڏي ٿِين
فرار حيف هجئي
گهڻئي چاهه سان توکي مون هو چمي پاتو
ڪڍي نه ساهه سگهين رسن و دار حيف هجئي
پرهه کان اڳ ۾ ئي پُهچي
وَئين
تون پِنڪن
۾
اڙي ديوانه شبِ غم گذار حيف هجئي
مون پاري عاشقِ مهجور دل شڪسته کي
سلام ڏيندي غمِ روزگار حيف هجئي
قسم ۽ ساکون کنيم ڪيتريون نه آئين تون
اي اعتبارِ وفا بي شمار هيف هجئي
ڪري نه مست تون ساقي کي گڏ نچائي سگهين
شرابي لغزشِ مستانه وار حيف هجئي
جُهڪين نه عاجزي سان دلربا جي در تي ڪڏهن
اي زُهد و وعذ جا مغرور بار حيف هجئي
پرين جا پير جو تون پيار مان چمي نه سگهين
خيال هستيءَ
بي اختيار حيف هجئي
ڏنم جا توکي صنم مون بلي جا تهجي ڪئي
لڌئي نه نالي ٿيل دل جي سارَ حيف هجئي
هٿن سان پيار جي موڪل ڏيئي ڦِري وين تون
هزار بار تغافل شعار حيف هجئي
گلن جي روپ ۾ برق و شرر کي ساڻ ڪري
سُڪون ڏِنئي نه فروغِ بهار حيف هجئي
وڏي اميد سان توڏي مون هٿ وڌايو هو
ڇنڊي ڇڏيو تو اي دامانِ يار حيف هجئي
نشي ۾ مست ٿي آدابِ مئخواري ڇڏيئي
لڄائي مَئه کي وڌئي باده خوار حيف هجئي
سڄڻ جي آيو ته تون ڀڙڪو ڏئي وسامي وئين
”اي بي ڪسي جا چراغِ
مزار حيف هجئي“
اڱڻ تي آيُئي مگر عرض حال چئي نه سگهين
اي بدنصيب جي دل بار بار حيف هجئي
سڄڻ کي ساري صرف هڪڙي هڏڪي ناز ڀرئي
ڪري تون ڪين سگهين انتظار حيف هجئي
ڀٽ شاهه
غزل 33
طرح:زماني
جي آهي بدلي پنهن جي رفتار بسم الله
کَٽي جي دل جي بازيءَ ۾ ويو دلدار بسم الله
مقابل دلربا جي ٿِي اسان جي هار بسم الله
اسان گرمي ۽ سردي کي اڳي ڀي مُنهن ڏنو آهي
لهي سر تان جي ويو اڄ سايهء ديوار بسم الله
اسان جي شوق منزل ۾ ڪمي آئي نه ايندي ڪا
”زماني جي آهي بدلي پنهجي رفتار بسم الله“
صُبان پاڻهي خبر پوندس پراون جي ۽ پنهجن
جي
صنم کي اڄ وڻي
ٿي صحبتِ اغيار بسم الله
ويٺو آ سڄڻ سان گڏجي عدو ڀي اڄ جي محفل ۾
پڙهان لاحول ٿو پهرين مٿان پوءِ يار بسم الله
لڪايوسين پي الفت کي متان رُسوا
نه دلبر ٿي
صنم جي خود ئي چاهي ٿو ٿجي نروار بسم الله
حياتي ڀر نڀائڻ جون سرِ محفل کڻي قسمون
دنيائي حرص تي هِرکي ڦرين وين يار بسم الله
تون ديرينا رقيبن جي اچي سازش ۾ ساقي اڄ
پنهجا مئه خوار مارڻ لئه ٿيو آن تيار بسم الله
مريضِ عشق وٽ وقتِ نزع آيو مسيحا جئن
ادب سان لاعلاجيءَ ڪئي اُٿي بيمار بسم الله
پرين جا حلفيا واعدا ڏٺا مون ڪئين دفعا
ٽُٽندي
ختم جي اڄ ڪيئين مون سان ٺلها اقرار بسم الله
اسان جي نياز ۽ نوڙت کي نفرت سان ڏسين ٿو
تون
عدو ازلي بنايو تو آ يارِ
غار بسم الله
لطيفي تون الله تي رک علي مشڪل ڪشا آهي
دنيا ئي سڀ سهارا جي بنيا اغيار بسم الله
غزل 34
طرح:
رات هن خاموش کي نغمن سان گُونجايو وري
صاحبِ طرح: غلام جيلاني ٺٽه
دوستو منهن جي مسيحا کي
ته
ٻُڌرايو
وري
سَوَلي تي سڪرات پوندي سڄڻ
جي آيو وري
باعزت بري عدالت عشق هو جنهن کي ڪيو
تهن کي ڇو ٿا موردِ الزام ٺهرايو وري
اڄ نئين سر نازنين تجديد ڪئي
آ
نيهن جي
دوستو ڳائي وڄائي هار پارايو وري
عندليبانِ چمن ٿيون مس وڃي نغمه سرا
ڇو سڏي صياد بال و پر ٿا پٽرايو وري
اهلِ گلشن اهنجي ذوق و شوق تي ارمانُ
آ
هنجهن جي هنڌ ڇو ڀلا ٿا ڪانگ وهاريو وري
عمر ڀر گڏجي رهڻ جا واعدا
واري سڄڻ
قول ۽ اقرار سائين ڪيئن ٿا ڦيرايو وري
واعدو خالق جو آ لا تقنطو قرآن ۾
جي نه ليلائِي لهو لالڻ کي ليلايو وري
جذبئه
منصور آ اهلِ جُنون ۾ جاڳيو
تختهءِ دار و رسن کي خوب سجرايو وري
من ستل اگهور ننڊ مان جاڳ جانان کي ٿئي
”رات هن خاموش کي نغمن سان گونجايو وري“
موسمِ گل آئي آهي اهلِ وحشت تيار ٿيو
چاڪ دامان کي ڪري لِيڙن
کي لڙڪايو وري
مٽ ڀڃو واڌايو ڏيو خوشيون ڪيو جو جانِ من
رنجشون ڪوتاهيون بخشي آ ڳالهايو وري
نازنين جو سخت نياپو آ اچي صحرا
اندر
دفترِ اهل جنون ۾ نام لکرايو وري
تنهجي وي ايوان منهجو ٿي ويو ويران آ
قدم رنج منهجي اڱڻ سرڪار فرمايو وري
خلق ساري ڀل ڏسي خواري ٿئي پروانهَ
آه
ڪهڙي اربع خطا ٿيندي سڄڻ جي آيو وري
هڻ نه ناوڪ نيڻ جا تون بس سڄڻ ڪافي ٿيو
گهورَ گهايل پنهجي بسمل کي نه ڦٿڪايو وري
پيار تنهن جا يار ساري، منهجو من مغموم آ
سينو سيني سان ۽ لبُ لبَ سان اچي لايو وري
دلربا جو دم دلاسو دردِ دل جي آ دوا
داستانِ دلبري دلدار دُهرايو وري
تنهجي لا طعنا ۽ مهڻا لوڪ جا سهندو وتان
مون لطيفي ناز کي محبوب مرڪايو وري
غزل 35
طرح:در
دلبر تي واعظ جي ڪيم سجدا ته ڀؤُ ڪونهي
درِ دلبر تي واعظ جي ڪيم سجدا ته ڀوءُ ڪونهي
ٿيا دردِ محبت ۾ قضا روزا ته ڀوءُ ڪونهي
اي مالڪ منهجي قسمت جا تُنهن جو ئي راضپو گهُرجي
مقدر جا ستارا جي مخالف ٿيا ته ڀوءُ ڪونهي
عمر ساري اسان اهلِ جنون صحرا ۾ گهاري آ
”هيئر ڀي جي بني منزل وري صحرا ته ڀوءُ ڪونهي“
آهيون طوفانَ جا طالب رهون وچ سِيرَ ۾ خوش ٿا
سندم ڪشتي جو دشمن جي ٿيو دريا ته ڀوءُ ڪونهي
اسان پروانا محبت جا فخر سان سوري سينگاريون
انهي تي عقل وارن جي هنيان طانا ته ڀوءُ ڪونهي
گريبان چاڪ ۽ خاڪِ بَسرِ مون
کي ڏسي اڄ ڪلههَ
شهر ۾ عشق منهن جي جا ٿيا چرچا ته ڀوءُ ڪونهي
جهان وارن جي جهڳڙن کي اڳي ڀي منهن ڏنو آهي
اسان تي هينئر ڀي بگڙي وتي دنيا ته ڀوءُ ڪونهي
شڪم جي هاضمي جي واعظؤ
شهرت ته ڪافي ٿَــــوَ
ٻه ٽي
ڍُڪ مئي جا ويهي
اڄ
اوهان پيتا ته ڀوءُ ڪونهي
سدا منصور پارن جي زماني کل آهي لاٿي
اسان کي حق چوڻ تي جي لڳا ڦٽڪا ته ڀوءُ ڪونهي
لُٽي سڀ ڪجهه اڳ ئي وين تون هاڻي سينگارَ ڀل پيو
ڪر
خزانهءِ دل لٽڻ کان پوءِ لڳا ڌاڙا ته ڀوءُ ڪونهي
ٿيا جو بي وفا پنهن جا ئي ڪارا وار آهن پوءِ
عمر کان ڀي وڏن مونکي چيو چاچا ته ڀوءُ ڪونهي
پرين جي پار جي مون لا ڪڙائي ڀي مٺائي آ
جي
مالهيءَ گل پٽڻ تي
هُئي ڪئي ها ها ته ڀوءُ ڪونهي
هو منهجو آهي مان هن جو انهي ۾ شڪ نه شُبهو
آ
اجايو پيو ڪري پرپٺ عدو دعوا ته ڀوءُ ڪونهي
رڳو آلِ عبا جو ناز تي سايو رهي قائم
دنيا وارا لطيفي کان بدلجي ويا ته ڀوءُ ڪونهي
غزل 36
طرح:
دنيا ۾ ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسڻ ٿو نصيب ٿي
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
دنيا ڪري ٿي رشڪ ٿو نازان نصيب ٿي
رونق فروز جڏهن ٿو مون گهر عجيب ٿي
گهائي به پاڻ پاڻهين ان جو طبيب ٿي
واقعو نه ڪهڙو هي ٿو عجيب و غريب ٿي
هن حالِ دل جي ڪانهَ
ٿي
تمهيد ڀي ختم
صبحِ شَبِ وصال ٿو هئي هئي قريب ٿي
ان وقت ٿي قيامت دل تي بپا ٿئي
جنهن وقت ٿو مخاطب ٻي سان حبيب ٿي
خارن سميت گل ٿو چمن جا پسند ڪري
بارِ گران
ٿي باغبان تي عندليب ٿي
ساقي جي گفتگو تي ڪيو پاڻ جنهن فدا
تنهجو ٻڌايو يار ڀلا ڪئن
خطيب ٿي
دورِ بهار بي خزانِ در گلشن حيات
”دنيا ۾ ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسڻ ٿو نصيب ٿي“
دم عاشقي سندءِ جو گهڻئي ٿا ڀرين پر
تو تان نثار هي ٿو رڳو بس غريب ٿي
ٿي ويندو آهي منهجي ته نظر جو نور گم
جنهن دم نظر کان نازَ ٿو دلبر مُغيب
ٿي
هالا
غزل 37
طرح:اها
آباد محفل آ فقط اڄ ياد اختر سان
الائي ڪئن خدا ڄاڻي اڙي دل وئي ستمگر سان
خطا پاڻهي ڪيم شڪوو ڪيان ڇا جو مقدر سان
اسان جي رازِ الفت کي اسين ٻئي راز دان سمجهون
رقيبو ڇو اوهين گڏجي اچو ٿا منهجي دلبر سان
جياري يا تون ماري وڃ مڏي ڪاتي نه هر هر هڻ
ڪهڻ وارا ڪرين ٿو نيم جان نظرن جي خنجر سان
تِري تي سر کڻي ازخود حضورِ يار ۾ پهچي
ڪمندِ زلف ۾ ڦاٿس ڪٺس ابرو جي خنجر سان
تون اهڙو ڇو ٿيو آهين رقيبا تنگ دل مون لا
اڃا مون کي چوڻ ڏي ڪجهه ڪي ڳالهيون ناز پرور سان
ڀلا هن کان سوا ڪهڙو
ڏيان
توکي مان نذرانو
لڳل ڪافي آ خونِ دل اي قاتل تهجي نشتر سان
اٿم افسوس جهن محفل سڄي جو روح هو اختر
”اها آباد محفل آ فقط اڄ يادِ اختر سان“
وساري ڪئن سگهان توکي لطيفي ناز وارا مان
جگر دل آهي وابسته سدا تهجي تصور سان
ڀٽ شاهه |