سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :5

غزل 14

طرح:درد وارن جي دوا توکان نه ٿي

 

مهرباني مهه لقا تو کان نه ٿي

منهنجي لا محبوب ها تو کان نه ٿي

 

جنهن تي جنب قيد ڏي منصف سندم

هاءِ قسمت سا خطا تو کان نه ٿي

 

گهرندي گهرندي تهجي در تي ويو مري

پوري سائل جي صدا توکان نه ٿي

 

ڇڏ کڻي نبضون تپاسڻ تون طبيب

درد وارن جي دوا توکان نه ٿي

 

ڪم سوالي جي ڪري گهريو نه مون

پاڻهي از خود ڪا عطا توکان نه ٿي

 

چاڪ دامن ۽ گريبان کي ڪيئي

چاڪ دل پهجي چريا توکان نه ٿي

 

مونکي توڻي تو جدا جانب ڪيو

ياد منهجي پر جدا توکان نه ٿي

 

حال هيڻي ۽ دلِ بيمار جي

دلربائي دلربا توکان نه ٿي

 

ٻه اکر ئي موٽ جا لکين ته ها

قلم جي سکڻي سخا توکان نه ٿي

 

منهجي غم اوندوه جي گهر ۾ گهڙي

روشنائي مهه لقا توکان نه ٿي

 

دل لٽڻ جون ڪوششون ڪيئي ڪَيئي

دلربائي دل گهريا توکان نه ٿي

 

اعترافِ جرم سان معافي وتم

پوءِ به ڇو بخشش ڀلا توکان نه ٿي

 

مون ٻڌو هو درگذر آهين ڪندو

معاف پر منهجي خطا تو کان نه ٿي

 

تون مسيحا توکي آ معلوم سڀ

ڪئن چوان دل جي دوا توکان نه ٿي

 

ڏسڻ مونکي ڪونه آئين سو ٺهيو

پر رڳو رسمي پڇا توکان نه ٿي

 

دائما دعاگو رهيس مان تنهجو پر

جيئڻ منهجي جي دعا توکان نه ٿي

 

هجر ۾ هڏڙا ويا آهن ڳري

فاتحا منهجي اڃا توکان نه ٿي

 

ناز سکڻيون سڪڻ جون سڌون ڪَيئَي

جان پر پنهجي فدا توکان نه ٿي

 

ناز اهلِ سخن آهين پوءِ به ڇو

ڳالهه حق جي بي ريا تو کان نه ٿي

 

هالا

غزل 15

طرح:اڃا تائين اسان جي همٿن ۾ زندگي آهي

 

عدالت عشق جي ۾ اڄ اسان جي حاضري آهي

جرم سڀ معاف ٿي ويندا هي دل کي خاطري آهي

 

نزع جي وقت نازڪ حال ۾ آيو مسيحا ٿئي

مبارڪ اي دلِ مضطر تنهجي ٿي ياوري آهي

 

وڃي تُون سنڀر سهڻي لا وصل لاءِ دل تياري ڪر

اچڻ جو واعدو دلبر ڪيو مون سان وري آهي

 

صنم تنهجي اڳيان جڏهين سرِ تسليم خم ڪيو آ

ٺهِي ڪاوڙ نه ٿي توکي اجائي برهمي آهي

 

عدو ۽ پست ان جا حوصلا هي شاهدي ڏيندا

اڃا تائين اسان جي همٿن ۾ زندگي آهي

 

مرڻ کان ڪئن ڊيڄاريندين اجل تون سرفروشن کي

سدا جن موت سان وڙهندي گذاري زندگي آهي

 

زهي قسمت جو حق چوندي ملي زندان يا ڦاهي

اهو معراج عاشق آهي ۽ اعليٰ بندگي آهي

 

پريشان زلف دامن ۽ گريبان چاڪ آواره

دنيا وارن سڃاڻپ هِيءَ جنون جي خوب ڪئي آهي

 

متان مجبور ۽ بي وس مون کي تون محتسب سمجهين

اڃا تائين اسان جي همٿن ۾ زندگي آهي

 

اجايو ٿا ڪري تڪليف مئلن جا ڪيو ارمان

ڀنڻ جهڙي ته هت جيئرن جي يارو بي ڪسي آهي

 

حوادث تون جي هن ۾ گهر ڪندين پوءِ مان وڃان ڪيڏاهن

اِهي ڪک ئي ته گلشن ۾ منهجي ساري مڏي آهي

 

عدو مون لاءِ وري پيو تون کڏون کوٽين سڄڻ جي در

پُنان ٿَئي ڏينهن شايد يا کنيو توکي کٽيءَ آهي

 

لطيفي گُنگ ٿي وينديون زمانون دشمنن جون سڀ

جو رشڪِ غيرتِ شمشير منهن جي خامشي آهي

 

غزل 15 الف

مون کان جاني رهندين جدا ڪيستائين

کلائيندي خلق خدا ڪيستائين

 

کڻي روزِ محشر جو واعدو ئي ڏي تون

ڪيان آسرو مان ڀلا ڪيستائين

 

برائي جي بدلي ڀلائي ڪندو رهه

ڪندو غير غيبت گِلا ڪيستائين

 

سندس خلق ساري پئي دردن ۾ ڦٿڪي

اڃا ماٺ هوندو خدا ڪيستائين

 

وڃي در علي جو ڏسي ۽ چمي اچ

ڪندين ناز هت پيو پڇا ڪيستائين

هالا

 

غزل 16

طرح:

ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غِزالان عنقريب

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

ٿينديون خود دل جون پريشانيون پشيمان عنقريب

ايندو ايندو غيرتِ چشم غِزالان عنقريب

 

دل کي الفت ۾ ڪيم منسوب جهن محبوب سان

ان جي نالي ٿيندو هر محفل جو عنوان عنقريب

 

دل ٿي ويندي پوري ان ارمانَ ۾ اڄ يا صُڀان

ٿيا نه جي پورا سڄڻ هن دل جا ارمان عنقريب

 

تنهن جي پرچڻ سان پرين وئي دور ٿي ديوانگي

ٿيندو رشڪِ گلستان دل جو بيابان عنقريب

 

بند ٿيندا ٿا وڃن ڪوڙي خوشامند جا دڪان

خودڪشي شايد ڪندا ايمان فروشان عنقريب

 

محوِ حيرت عالمِ اهلِ نظر ايندو نظر

ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غزالان عنقريب

 

ڪٿ دلِ مانوس زندان ۽ ڪجا فصلِ بهار

ٿيون قفص ڏي راهي شايد پابجولان عنقريب

 

آ فضا خونِ عنا دل کان مقدر باغ جي

باغبان پنهجو ڪندو محسوس نقصان عنقريب

 

دردَ جا ٻوٽا لڳايا دل اندر جي تو هئا

خونِ دل پياري ڪندس سي گل به دامان عنقريب

 

ٿو اچي رشڪِ مسيحا اڄ ڏسڻ بيمار کي

مشڪلون سڀ ختم، ٿيندي نزع آسان عنقريب

 

دامنِ فطرت ۾ ڪافي خار ۽ ڪنڊا آهن

ڪي بنيا گل ۽ ڪي بنبا مُهن جا ارمان عنقريب

 

ٿيس روان منزل طرف هئن صورتِ مستانه وار

بجليون شرمند، ٿيندا سرد طوفان عنقريب

 

هوشمندانه ادائون تنهن جون آهن انڪري

اي دلِ ديوانه ٿيندس بدگمان مان عنقريب

 

دل کي روڪين يا نه روڪين بس نگاهون روڪ بس

پاڻ ٿي پوندين تون خود پنهجو نگهبان عنقريب

 

جي هوندا شرطِ وفا ۾ يار سودا سرن جا

عشق جا کوٽا کرا ٿيندا نمايان عنقريب

 

زندگي گهارڻ جي لاءِ سورن سان سمجهوتو ڪري

درد دردن سان دسي ڪر دل جو درمان عنقريب

 

بس رڳو هن ناز تي نظرِ ڪرم تنهجو رهي

بهلجي ويندي اوهان وٽ دل هِي نادان عنقريب

 

غزل 16 الف

 

طرحي غزل:

رهي دل ۾ فقط اڄ آهي يادِ رفتگان باقي

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

 

نه ذوقِ بزم آرا ئي نه بزمِ دوستان باقي

رهي دل ۾ فقط اڄ آهي يادِ رفتگان باقي

 

هي فتنه راز جا پرکي ڇڏيوسين رازداري کي

شڪسته دل ئي آ سيني اندر هڪ رازدان باقي

 

ڪو مون لا پيار آڻيندو يا ٻيا اغيار آڻيندو

مسئلو حل طلب آهي رهي دل بدگمان باقي

 

گهڙي هٿ سان صنم ان کي بنائي پِيرُ پوءِ پوڄا

سراسر آ صنم سازي اٿئي عشقِ بتان باقي

 

جفا خاطر وفا ويئي وفا خاطر جفا ويئي

محبت جو فقط نالو آ زيبِ داستان باقي

 

خدا پنهن جا بنايا تون جهَڪين پنهجي بنايل کي

رهي ڪهڙي مسلماني آ نزدِ عاقلان باقي

 

خلافِ امر حق ابليس ڀي ۽ ابنِ آدم ڀي

فرق شيطان ۽ ڇا ابنِ آدم درميان باقي

 

رڳو ڪاغذ جا گل ڇاپي جا غنچا ڪوڙجا ماڻهو

نه آزيبائشِ گلشن ۾ بوئي گلستان باقي

 

تون جهن جو دوست ٿين بس دوست ٿين صدقي ٿيان جاني

ڪندو جي دشمني ان سان ته ڪهڙي آسمان باقي

 

اٻوجهه انسان سان اَوري سندس جوهر اُجاريندا

جي آهن ناز جهڙا شاعرِ شعله بيان باقي

 

غزل 17

طرح:

زماني جي سهارن بي سهارن کي سڃاڻون ٿا

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

اڄوڪن دوکي بازن غمگسارن کي سڃاڻون ٿا

ريا جي روئڻ وارن غم خوارن کي سڃاڻون ٿا

 

تَراوت بخش دلڪش سبزه زارن کي سڃاڻون ٿا

فريب آور به رنگين مرگذارن کي سڃاڻون ٿا

 

اسان کي ڇا اوهين پر خار راهن کان ڊيڄاريو ٿا

اسان منزل ۽ منزل جي غبارن کي سڃاڻون ٿا

 

سدائين ڪم ظرف ساقي جي سامهون پِي بڪيا آهن

اُنهن سڌڙن شرابن مئخوارن کي سڃاڻون ٿا

 

اسان بس پيار جي ڪلنگي جي صاحب جا غلام آهيون

تونگر تِيسِ مارن تاجدارن کي سڃاڻون ٿا

 

به ظاهر منهن ۾ مظلومي اندر ڪارا ڪلال آهن

انهن بدنام ڏيهن جي ويچارن کي سڃاڻون ٿا

 

عمر خلقِ خداوند جي هو بد خواهي ۾ گهارن ٿا

انهن ابليس پارن سجده بارن کي سڃاڻون ٿا

 

بهارِ بزمِ ساقي شل رهي قائم پيا ڪن تي

زماني واري سه ماهي بهارن کي سڃاڻون ٿا

 

هميشه ڀروسو پنهن جي ئي مڙسي تي ڪيو آهي

زماني جي سهارن بي سهارن کي سڃاڻون ٿا

 

دنيا وارن رضائن ۽ رواجن سان اسان جو ڇا

اسان رند مئڪده جي مئه خوارن کي سڃاڻون ٿا

 

سدا مهراڻ جي موجن جا متلاشي رهيا آهيون

اسان ڪَر ڳل ڪُنن ڪوچن ڪنارن کي سڃاڻون ٿا

 

گذاري عمر ساقي جي ئي صحبت ۾ اسان آهي

اسان ان مفت پئندڙ مئي گسارن کي سڃاڻون ٿا

 

کڻي پردو لڪي جي غير سان اک جا اشارا ڪن

نمائشي پوش اهڙن پرده دارن کي سڃاڻون ٿا

 

جڏهن ڀي عرض مُهن جي حاضري لا ٿيو چيئون ترسو

لطيفي ناز جهڙن عرضدارن کي سڃاڻون ٿا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org