غزل 18
طرح:
واعدا واري ڇڏيئي نورِ نظر آهي ته خير
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
”واعدا
واري ڇڏيئي نور نظر آهي ته خير“
اچڻ جا هاواڻا تنهجا ٿيا گذر آهي ته خير
1.
نظر مهجي تون اچين ٿو نظر منظور
نظر
بدلِيا تهن جا ڇو اندازِ نظر آهي ته خير
2.
سڀئي حيلا ۽ وسيلا ميڙون موٽائي ڇڏيئي
اڳ ته اهڙو ڪين هُئين ضِدي
هينئر آهي ته خير
3.
هنجون هارڻ هجر ۾ دستور آ دنيا جو پر
وصل ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙين چشمِ تر آهي ته خير
4.
منزلِ مقصود ٿي ڪوهين پري پهجي اڃا
ڇو ڪمر کولي ڇڏيئي اي سفر آهي ته خير
5.
حادثو ڄاڻي ڪَيَوَ دل کي ڌڪي سان ڪري
هاڻ ڇو بنجو پيا سائين بي خبر آهي ته خير
6.
باغ جي اڄ ڪلهه فضا آ مهربان تهجي مٿان
ڇو سڏين طوفان کي ٿو پنهجي گهر آهي ته خير
7.
وصل جي شب مس اڃا خوش
خير ڪيوسين پي ته تون
رات وڳڙي ۾ ٽپي آئين سحر آهي ته خير
8.
باهه ٻاري ٿي ڇڏي بادِ صبا گلشن اندر
گل وسائن ٿا وري برق و شرر آهِ ته خير
9.
ڇا درِ اغيار تي ڀلجي ته پُهتين ڪين تون
خون ۾ تر ٿي اچين پيو نامه بر آهي ته خير
10.
ڪلهه ته توبه توبه پي ذڪرِ بتان کان تو ڪئي
اڄ وري سهڻن لا آهين منتظر آهي ته خير
11.
هون ته پهجي پاڻ کي سمجهين ٿو اربابِ جنون
چاڪ دامن جي نه پئي توکي خبر
آهي ته خير
12.
جڏهن تهجا گل به ناهن ۽ نڪي آهي بهار
پوءِ به ويٺو آهين تون گلشن جي ڀَر آهِ ته خير
13.
حوصلو ڪونهي اوهان ۾ حاصلِ منزل جو ڪو
مفت ۾
بدنام ڪيو ٿا رهه گذر آهي ته خير
14.
درد کي دعوت ڏيئي سورن کي سانڍي ساهه ۾
دشمنِ جان کي ڪرين پيو چاره گر آهي ته خير
15.
رات جو انجام آ پاڻهي هو ايندو دلربا
صبح کان اُٿِ وِهه اَٿئي ٿِي بي صبر آهي ته خير
16.
شرم شيطان کي
اچي پيو تُهن
جي بدڪاري ڏسي
تون پيو نيڪو ڪار بنجين معتبر آهي ته خير
17.
مون مٿي ڦريَلَ کي
مهجنَ گهُرن
سمجهائي چيو
ڇو جبل سان ٿو هڻين پهجو ٽڪر آهي ته خير
18.
تون سدا محدود رکندو پاڻ کي هُئين پيار ۾
اڄ ڪرين اي ناز پيو حد کان گذر آهي ته خير
19.
صبح جو چڙ مان صنم هو مون لطيفي کان پڇيو
چئي نه سگهيين لفظ هڪڙو رات ڀر آهِ ته خير
هالا
غزل 19
طرح:
سندم عشقِ و محبت جو سڄڻ سردار تون آهين
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
مدرسو تون محبت جو ۽ بزمِ پيار تون آهين
خدا جو
سُنهن خدا جي سُونهن جو شهه ڪار تون آهين
جتي سڪ سوز وارن جو مٺا سنسار تون آهين
اتي ناآشنا بي درد لاءِ انڪار تون آهين
منهن جي من جو متاعِ حسرت و ديدار تون آهين
حياتيءَ
۽
مماتي جو سڄو
اسرار تون آهين
ويو نالو نشان مٽجي آ تهذيب و تمدن جو
ثقافت سنڌ پياري جو بچيل آثار تون آهين
ٻُڌن ٿا سامعين منهجي غزل کي ان ڪري والله
سندم موضوع ۽ مقصودِ ذڪر اذڪار تون آهين
توکي سڀ اختيار آهن سڄڻ مارڻ جيارڻ جا
سندم مدعا ۽ منشا جو ڪُلي مختيار تون آهين
ڪڏهن ٻوڙين پنن کي ۽ ڪڏهن پهڻن کي تارين تون
مٺا مهراڻ جي موجن مثل منجهندار تون آهين
ڏسي منهن جون مدايون تون
رسي ڪئن ٿو وهين راڻا
اٻوجهن
بي وسيلن ۽ اڙين آڌار تون آهين
ٻَڌايون
توکي دستارون محبت عشق وارن آ
پرت ۽ پيار وارن جو پرين پڳدار تون آهين
کڻي اڄ حلف محفل ۾ مٺا اقرار ٿو ڪريان
”سندم
عشق و محبت جو سڄڻ سردار تون آهين“
ڪري ڇڏ هڪ هِڪائين
اڄ تون مُنهن جو ٿي يا هُن جو ٿي
اسان ۽ غير جي وچ ۾ وجه تڪرار تون آهين
حڪيمن حاذقن جا در سڀئي کڙڪائي گُڙڪايم
علاجِ لا علاجي لاءِ دوا درڪار تون آهين
خطائن تي خطا معافي ڪرين پيو درگذر سڀ ڪجهه
ڪريمي طبع جو هن قحط ۾ ڪردار تون آهين
چمن جي آبياري تو سليقي سان ڪئي اهڙي
خزان جي دور هوندي ڀي گل و گلزار تون آهين
ڏنم جو مشڪندي توکي غزِل تي واه وا چوندي
ٻڌل ڳالهيون غلط نڪتيون ته ڪو بيزار تون آهين
سندء نظرِ ڪرم سان ناز ٿيو آهي ڏسڻ جهڙو
رُخِ
انوار هن لاءِ ديدءِ بيدار تون آهين
هالا
غزل 20
طرح:
منهجي ڪشتي جو ڀلي گردابُ ئي ساحل ٿئي
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
گوهرِ مقصود جي غرقاب ٿي حاصل ٿئي
منهجي ڪشتي جو ڀلي گرداب تي ساحل ٿئي
علم جو عالم ٿئي
يا
باعمل عامل ٿئي
بهر صورت ڪجهه به ٿِي
انسان پر ڪامل ٿئي
جهڙي جهڙي در تي سوالي ٿو اچي سائل ٿئي
مشڪلون آسان ۽ آسانُ
ٿو مشڪل ٿئي
سڀ جا ٻيڙا پار ٿيندا هو جي ٿو فاضل ٿئي
آهيو قابو چؤ کنڀا جي ٿو وري عادل ٿئي
بندگيون معبود حق جون عبد کان وسريو وڃن
شل نه بندي رب جي ڪنهن
بيپير بت
سان دل ٿئي
وس هلي ٿو ڪين ڪي تدبير جو تقدير سان
جئن ڪنارن ڏانهن وڌان تئن ٿو پري ساحل ٿئي
اڄ عجب گلشن اندر آئي بهارن جي هوا
ٿو هوائي لاله گل سان گل چراغِ
دل ٿئي
سڀئي سڏجن بحر جا ٿا مير ميراڻي مگر
ڪي ترن ٿا سير ۾ ڪو طالبِ ساحل ٿئي
انتظاري بي قراري آه وزاري ٿي ڪجي
هجر جو پردو اچي ٿو جهن گهڙي حائل
ٿئي
مون کي جي منهجو پرين ٿو پيهي پاتاران ملي
”منهجي ڪشتي جو ڀلي گرداب ئي ساحل ٿئي“
تنهجو ارڏايون سجهن ٿيون تهن ڪري تاخير ٿي
دل کي پي پرکيم ڪڏهن ٿي درد جي قابل ٿئي
آ وري حاضر هي خونِ دل حضورِ يار ۾
ڀل محبت تنهجو آئينِ وفا ڪامل ٿئي
ڪرشما قدرت جا آهن رنگ رنگي جا سڀيئي
ڪو ٿو دل وارو ۽ ڪوٿو بي وسوبي دل ٿئي
عشق جون سڀ منزلون طي ٿي وڃڻ
کان
پوءِ ٿي
بي خودي خود اعتمادي ۽ خودي حاصل ٿئي
تون جي آهين آهي سڀ
ڪجهه تون جي ناهين ڪجهه نه آ
تهن جي ئي موجودگي ٿي رونقِ محفل ٿئي
اڄ کڻائي پاڻ پهتولا دوا بيمار آ
من مسيحا پهن جي زخمي کي ڏسي مائل ٿئي
پرزا ٿي اي ناز محفل ۾ يا ٿِي
باقي رهي
چئي خدا حافظ ٿي دلبر جي
اڳيان هِي
دل ٿئي
هالا
غزل 20 الف
طرحي
غزل:
هن زندگيءَ جو سارو سفر رائگان نه ڪر
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
بدنام ڪنهن جي عشق کي اي جانِ جان نه ڪر
ڪر قدر امتحانَ جو يا امتحان نه ڪر
خنجر مان پنهجي قتل جو خود تيز پيو ڪيان
اي دوست تون مظاهرهِ خونِ چڪان نه ڪر
هي حڪم دوست آهي عجب حڪم دوست آ
لٽجي به راههِ عشق ۾ آهه و فغان نه ڪر
ممڪن نه آ ته باهه ٻري ۽ دونهون نه ٿي
ڪئن سوخته دلن کي چئو ٿا فغان نه ڪر
ڪوٺي ڪُهي ڪٺل تي لڇڻ جي ميار ڇڏ
ڪنهن ڪُشتهءِ وفا جو اَئين امتحان نه ڪر
آ حڪمِ باغبان ته تون خارن جا وار سَههُ
يا گل جي آرزو ۾ رخِ گلستان نه ڪر
حالِ عيان ڏسي جو ڪري ڀال کان گريز
ان دوست ساڻ شڪوءِ دردِ نهان نه ڪر
شڪوو گناه آهي ته پوءِ گنهگار چؤُ
اي دوست دشمني جو اسان تي گمان نه ڪر
اي ناز هُن جي هن سان تون پنهجي نڀائي ڇڏ
”هن زندگي جو سارو سفر رائگان نه ڪر“
غزل 21
طرح:
اوهان جو مهربانيون اي مِٺا منٺار ياد آهن
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
اکن کي دل کسڻ جا اڻ مَيا اختيار ياد آهن
ٿين ٿيون پل ۾ جيڪي دل جگر مان پار ياد آهن
ٿيا منصور هر هڪ دور ۾ نروار ياد آهن
ختم افسانا سوريءَ جا نه ڪيا ها دار ياد آهن
ستم دل تي برنگ التفاتِ يار ياد آهن
سڄڻ ٿيا ڪيترا مجبور ۽ مختيار ياد آهن
تجارت هُن جي عصمت جي پسِ
ديوار پَسجي
پئي
سندم تقدير جا سودا سرِ بازار ياد آهن
ڪري ناراض دنيا کي مون ناقص کي نوازيو ٿا
”اوهان جون
مهربانيون
اي مٺا منٺار ياد آهن“
پراون جا ته پٿر تير ڀي محسوس ناهن ٿيا
مگر
پهنجن جا گل جهڙا به نازڪ وار ياد آهن
سلام اهڙن آرندن تي رهيا
جي
ميرِ
مجلس ٿي
صراحيون پي به بهڪيا ڪين سي مئخوار ياد آهن
ڀلي ڪيڏا به ويجها ڇو نه هو گل جي هجن هردم
حصولِ گل جي حسرت ۾ نه آيا خار ياد آهن
وڻي ابرو سان مارن يا هڻن گفتار جا نشتر
حَسينن کي ڪهڻ جا ڪَئين
طريقهءِ ڪار ياد آهن
اسيري ۾ ڏٺي تو حسرتِ پرواز منهجي ڪا؟
اسان جا حال هيڻان توکي زلفِ يار ياد آهن
عدو مشقِ ستم جا گُر صنم کي ڇا سيکاريندو
جفا جا قسمين جانب کي اصل کان وار ياد آهن
ڪري اهلِ جنون جي چاڪ دامان کي رفو ٿو خود
زهي قسمت صنم کي طالبِ ديدار ياد آهن
انهي پيرِ مغان جو ميڪده آباد رهندو آ
پنهنجا اد لا۽ گدلا جنهن کي سڀ مئخوار ياد آهن
هلون پيا زخمِ دل داغِ جگر سيني اندر سانڍيو
جنون ۾ ڀي متاعِ حسرتِ
ديدار ياد آهن
ٻُڌي منهجو رنجايو دلربا آيو هلي مون وٽ
مسيحا کي ڏسو ڪيڏا پنهن جا بيمار ياد آهن
نه لاهي ٿا ڇڏيون ٿورا ته ڳائي واه جا ڇڏبا
”اوهان جون مهربانيون اي مٺا منٺار ياد آهن“
چوڻ جو حوصلو جي ڏيو ته خدمت ۾ عرض رکبا
مون کي اندوه غم انبار در انبار ياد آهن
ڏني جنهن دل سيئي خود موردِ الزام بنجي ويا
انوکا حسن جي انصاف جا معيار ياد آهن
ڪري ترڪِ وفا هُن بي وفا سان ڪين سگهيس مان
ارادا فيصلا اهڙا ڪيل ڪئين يار ياد آهن
رڳو دل جي تقاضا ڪين چؤ عرضَ
محبت کي
نگاهِ نازنين جا ڀي ڪيل اصرار ياد آهن
پڇاڻي قبر لا ڪهڙي ڪرين تلقين ٿو ملان
لطيفي کي شفاعت لاءِ پنهجا سرڪار ياد آهن
غزل 22
طرح:
چمن ۾ موسمِ گل جي ڪري ئي رنگ و بُو آهي
عمر ڀر جنهن جي صحبت لا ڪئي مون جستجو آهي
انهنُ شُعرا گرامي قلم رُو سان گفتگو آهي
سلامت شاخِ گل تي آشيان آهي اڃا تائين
توڻي جو برق جي زد ۾ سندم گهر دوبدو آهي
اُهائي ڏي ٿي عزت ۽ اُهائي ٿي ڪري رسوا
بَنِي شاه و گدا جي هت زبان ئي آبرو آهي
لڪائي جام کي رکندي ته ساقي ڪير تو چوندو
اسان رندن جي دم سان مئڪده جي آبرو آهي
دلِ وحشت زدهه مانوس آ صحرا نوردي ۾
ڪڏهن ڀلجي به گلشن جي نه ڪئي مون آرزو آهي
اهو ناصح ٿو منهجو محتسب ٿي نڪته چين بنجي؟
ڏسي هڪ جامِ مئي کي جنهن ڇڏيو ٽوڙي وضو آهي
اِهي رنگين بهارون مصنوعي آهن متان ڀُلجو
گل و بلبل جي مارڻ لاءِ فريبي رنگ وبُو آهي
اُتيئ وڙ ڪندا آهيون اسان
جو
هُت
گذر جو ٿيو
اصل کان ئي عشاقن جي دلِ محبوب
جُوءِ
آهي
اهو پير مغان جنهن سان نٽائن
پيا ڪ ٿا پيئندي
زههِ قسمت سو ساقي هم پياله هم سبو آهي
غدارن ۽ منافق کي نه چئي اٿم بسم الله ڪڏهين
پڙهي لاحولُ مُنهن تي مون سدائين منهن ڏنو آهي
غزالي نيڻ واري جئن هٽايون عنبرين زلفون
مڪين مخمور ٿي ويا سڀ مڪان ٿيو
مُشڪبو
آهي
زمين تان آسمان مٽي جا واچوڙا اڏيا هُوئن
پي
”چمن ۾ موسمِ
گل جي ڪريئي رنگ وبُو آهي“
ڏٺو
رنگِ بهاران هڪ دفعو قيدِ ستم ۾ مون
اڃا تاءِ دماغ و دل ۾ ان گلشن جي بُو آهي
انهي لائي طوافِ ڪو چئه جانان ڪيان ٿو مان
سندس محلي جي مون لاءِ من موهيندڙ ناز بُو آهي
پياريو
پيا
ڀلي مون کي ڀري ساغر مٿان ساغر
نَشا ان سان ئي ٿيندا جيڪو منهجو هم سبو آهي
جتي انسان شڪل ۾ فاخته جلوا فروز آهن
هجڻ ات ظرف جو محفل ۾ بلڪل فالتو آهي
صنم تون ڪيترو خود کي لڪائيندين عشاقن کان
دغا تهجي جي شهرت جا بجا
۽
چار سو آهي
نه ڪڏهين دوستن سان بي وفائي ۽ دغا سوچيم
ڏسو پيا دوستن وٽ سِرُ
سدائين سرخرو آهي
مڃون ٿا ناز ۾ ٻيون ڪي هجن خاميون هزارين پر
هي ماڻهو
آ
صفا دل جو ۽ قُولين
صاف گو آهي
ڪٽائي سر ڇڏيندو پر نه باطل جي ڪندو بيعت
لطيفي خون ۾ شامل حُسيني
جو لهو آهي
غزل 23
طرح:هوائن
۾ اڃا تائين خزائن جو اثر آهي
دلِ مايوس کي اڄ آسرو ٿيو ڪِي قدر آهي
صنم عرضِ دلِ نادان ٻڌو جو سر بسر آهي
ڪبيرو ۽ صغيرو جرمُ
هن ڪيو درگذر آهي
اسان
تي ٿيو وري هو مهربان عالي قدر آهي
ڪکين پيهي پرين آيو ويا ٿي شادمانا اڄ
سڄڻ سڀ خوش ٿيا ليڪن عدو جي گهر پٿر آهي
درو ديوار گهر جا ڀي لڳن ٿا اجنبي هاڻي
دلِ مايوس دردِ دلربا ۾ دربدر آهي
ٻُڌي سڪرات جو دلبر اچي مون وٽ ضروري آ
طبع نا ساز منهن جي کان هو شايد بي خبر آهي
بهارن ۾ گل و بلبل تي مايوسي مان ظاهر آ
”هوائن ۾ اڃا تائين خزائن جو اثر آهي“
رخ دِلبر سان ڪيئن تشبيح ڏيو ٿا چنڊ ۽ سج جي
پرين جي پدم پيرن جي نه مٽ شمس و قمر آهي
هتي يوسف جا ڀائر ڀي ڀَرن
پيا آ نڪي هنجي
فريبي ۾ ڪري چوٽي عدو لهڻيو اُتر
آهي
لڳس ان رهبر نادان جي پويان شوقِ
منزل
۾
نشانِ منزلِ جانان کان خود جو بي خبر آهي
سندم دشمن کي ڪم ظرفي جي ڏيو ڪهڙيون ميارون ٿا
اهو ئي هوڪو ڏيندو هو جيڪو هن وٽ وکر آهي
لطيفي کي ڏسي وڃ
تون مٿس سڪرات طاري آ
ويچاري ناز تهجي جو قصو ٿيو مختصر آهي
غزل 24
طرح:
هي محبت جو ثمر هو مونکي معلوم نه هو
رشڪِ جنت تهجو گهر هو مونکي معلوم نه هو
مطلعِ شمس و قمر هو مون کي معلوم نه هو
تنهجو هڪ بار محبت سان نهارڻ اي صنم
بخيهءِ زخمِ جگر هو مونکي معلوم نه هو
بنان دلبر جي هي دنيا سڄي اونده ٿي لڳي
دلربا نورِ نظر هو مونکي معلوم نه هو
تنهجي مشروب نگاهن جي تصادم ۾ صنم
آبِ حيوان جو اثر هو مونکي معلوم نه هو
آمدِ رشڪِ مهر ساڻ بزم روشن ٿي
يار راتن جي سحر هو مون کي معلوم نه هو
خوش و سين شال سدا تون منهجي قسمت ۾ سڄڻ
دردِ دل دردِ جگر هو مون کي معلوم نه هو
غمِ فرقت غمِ جانان غمِ دوران جون ڀريون
”هي محبت جو ثمر هو مون کي معلوم نه هو“
مٺيون ڳالهيون ڪري ريجهائي ڦرين وين دلڙي
تهجي ڳالهين ۾ زهر هو مونکي معلوم نه هو
لهرِ فرقت ۾ تو لوڙهيو نه مڏان ۽ نه
تَران
بره جو تار بحر هو مونکي معلوم نه هو
مليو محبوب لطيفي جي روئڻ رنگ آندو
اشڪ هر رشڪِ گوهر هو مونکي معلوم نه هو |