غزل 50
طرح:اهيئي
ڪم اچي ويا جي ڪيم جرم و خطا جا ڪم
صاحبِ طرح- منور ابڙو
ڏٺئي اي هم نشين آخر سندم صبر و رضا جا ڪم
ڏنا غيرن جي پاراتن به منهجي لا دعا جا ڪم
ٻڌان ٿو فيصلو هاڻي سڄڻ
جي روبرو ٿيندو
”اهيئي ڪم اچي ويا جي ڪيم جرم و خطا جا ڪم“
نقابِ رخ هٽائي دلربا درشن ڪرائين ها
روا ناهن محبت ۾ سڄڻ شرم و حيا جا ڪم
عشاقن تي اڃا ڀي امتحان اوکا ڪَئين
ايندا
تڪڻ تارا روئڻ راتيون هي آهن ابتدا جا ڪم
قدم قهري مُرڪَ محشر نظر جادو ڪمر قاتل
لکان اي دلربا ڪهڙا تنهجي نازو ادا جا ڪم
وڻي ٿو ضبطِ غم فرياد مونکي ناپسند آهي
ڏسين ها اي فلڪ ورنه تون آههِ نارسا جا ڪم
اچو ٿا جي اسان خاطر ته وهو حال دَل اوريون
اچڻ ساعت کڻيو کوليو اي جانب جابجا جا ڪم
مزو آ عشق ۾ ڏاڍو مگر ناصح نه ٿو سمجهين
ڪجن قربان الفت تان سڀئي ارض و سما جا ڪم
چپن
سان ٿو چوين مونکي مخاطب ڇو ٿئين مونسان
وٺين خاموش نظرن کان وري حرفِ ندا جا ڪم
پشيمان خود به خود دلبر ٿيو پنهجي جفائن تي
لطيفي ناز جا ڏسندي محبت جي وفا جا ڪم
ٽنڊو آدم
غزل 51
طرح:
خدا جو شانُ جنهن بندي کي ايڏي سوڀيا بخشي
صاحبِ طرح منور ابڙو
خدا آ ناز پرور کي نگاهِ سرمه سا بخشي
جواني کيس ديواني سان گڏ نازو ادا بخشي
پريشان زلفِ جانان ۽ سندس ڪيفِ
نظر مونکي
جنون ۾
زحمتِ چاڪ گريبان جي ادا بخشي
اُهيئي تابشون ۽ روشنيون کائن کسي وٺندا
رسائي آسمان تي جن ستارن کي
ضيا
بخشي
پشيمان ڇو ٿئي هو زود رنج پنهجي جفائن تي
سڄي بيدادي هُن آهي بِعنوانِ وفا بخشي
اسان کي ڇا اوهين انجامِ محبت کان ڊيڄاريو ٿا
اسان جِي خون هر هڪ دور کي آ ابتدا بخشي
ڪٽيل سر بر سرِ نيزا تلاوت ڪئي ٿي قرآن جي
”خدا جو شان جنهن بندي کي ايڏي سوڀيا بخشي“
ديرينه آرزو آهي ڪيان تعميل حسرت اڄ
ڪيو جي معاف گستاخي سان جان بخشي خطا بخشي
رڳو هڪ منهجي اندازِ
تغافل تي نه موقف آ
دلِ مايوس کي تو آهي هر طرزِ جفا بخشي
دهن شيرين گلابي ڳل نرم لهجو ۽ لب مصري
بدن نازڪ خدا خلقي چپن کي
آ
حنا بخشي
ڏسو هي ڪين ٿا يارو ته ڪپڙن ۾ نه
ٿو
ماپان
خلاصو سڏ ڪري خلوت مونکي آ دلربا بخشي
خدا شل خوش رکي جوڙو سڄوڙو منهن جو دنيا ۾
پيارن گهڻ گهرن دل
سان
گهڻي آهي دعا بخشي
لطيفي تو عمر آهي ڪَٽي
سڪرات ۾ ساري
مگر تنهجي ادب کي زندگاني آ خدا بخشي
هالا
غزل 52
طرح:ماهِ
رخ بيشڪ رخ انوار توکي ٿو مڃان
ڪائناتِ حسن جو سينگار توکي ٿو مڃان
”ماههِ
رخ بيشڪ رخِ انوار توکي ٿو مڃان“
تو ۾ ئي دريا جبل تو ۾
ئي
ليل و نهار
هڪ سجايل سونهن جو سنسار توکي ٿو مڃان
دل ڏيڻ توکي گهُريم تون اڳ کسي ويندو رهين
دلربا دانندءِ اسرار توکي ٿو مڃان
تهجي هڪ جلوي ڏسڻ سان ويا ورهين جا ڏک لهي
دل ۽ من ٺاري ڇڏيئي منٺار توکي ٿو مڃان
ٻيا الائي ڪئن رخ انوار توکي ٿا مڃن
مان مجسم منبعِ انوار توکي ٿو مڃان
گفتئي پهرين سان مونکي تو بڻايو لاجواب
ماهرو مان ماهرِ گفتار توکي ٿو مڃان
دوستي ديرينه هئي پر تو ڇني هڪ پل اندر
دشمني جي
فن اندر
فنڪار
توکي ٿو مڃان
پهجي هستيءَ کي وڃايم پيار ۾ تهجي ڪري
نازپنهجو
عظمت
و
وقار توکي ٿو مڃان
هالا
غزل 53
طرح:آتشِ
طور ڪٿي وعدهءِ ديدار ڪٿي
سوين
حَسينَ ڏٺم نازنين هزار ڪٿي
مگر نه مونکي مليو منهجو غم گسار ڪٿي
آهيان مان تنگ ٿيو دلِ بي صبر کان يارو
ڏيئي ڇڏيان جو ملي هن جو خريدار ڪٿي
دلِ مضطر جي فغان ۽ غمِ فرقت جي سبب
لڌو آرام نه ڪجهه عاشقِ
بيمار ڪٿي
صنم آ چوريو ساز دل کي بي ترتيب
ڪا ٽُٽي تار ڪٿي ۽ ڪا رهي تار ڪٿي
ختم ٿي قيدِ محبت ۾ زندگي ساري
نه ڇٽو زلفِ پريشان جو گرفتار ڪٿي
رهيو حصولِ تمنا کان تحير ۾ ڪليم
”آتشِ طور ڪٿي واعدهِ ديدار ڪٿي“
لڙهي ويو بحرِ مصيبت جي طلاطم ۾ ناز
نه ڪنهين لاش کنئي ۽ نه ٿيو مزار ڪٿي
هالا
غزل 54
طرح:اڄ
جنسِ محبت جو خريدار نه آهي
پابندِ وفا ڪوئي ڀي اقرار نه آهي
”اڄ جنسِ محبت جو خريدار نه آهي“
ڪر حسن جي اندازِ جفا تي نه تعجب
بي خار زماني ۾ ڪو گلزار نه آهي
قانون عجب
آندو محبت جي مسيحن
حقدار عيادت ڪوئي بيمار نه آهي
هر دور ۾ هر رنگ ۾ هر طرح برابر
دل دل تي ڏيڻ جهڙو ڪو واپار نه آهي
اختيار کان ٻاهر ڪڏهن دل هئن به ٿي سوچي
شايد ڏنو جنهن غم اهو غم خوار نه آهي
يا سنگِ درِ يار يا رسوا سرِ بازار
انجام محبت تي ڪو اختيار نه آهي
ساقي سندءِ مخمور نگاهن جو اثر ڏس
ڪهڙو رهيو محفل ۾ جو سرشار نه آهي
انسان جي اختيار ۾ هر شيءِ ٿا چون پر
دل جنهن ڏي ٿي تانگهي اتي اختيار نه آهي
هن دور ۾ هر جنس جا بازار لڳي ويا
افسوس وفا جو ڪوئي بازار نه آهي
برباديءَ عشاق جو انصاف ڪري ها
هئي هات ڪا اهڙي ڪٿي سرڪار نه آهي
هي دشت هي دريا هي چمن ڪوه و بيابان
اي عشق ڪٿي ڪٿ تنهجو بازار نه آهي
جو دل کي وڻي دل سان ٺهي دل کي سونهائي
بِن عشق جي آزار ٻيو آزار نه آهي
اي دوست ٻڌي
ڇڏ
هي سندم
دل
جي حقيقت
تنهجو آ ناز توڻي جو نروار نه آهي
هالا
غزل 55
طرح:
اسيرانِ قفس جو دم لبِ منقار تي پهتو
صاحبِ طرح: انجم هالائي
شڪر ٿيو اڄ اچي هو وعدهِ ديدار تي پهتو
وگرنه هر سندس اقرار اڳ انڪار تي پهتو
ڪيان ٿو جوشِ وحشت ۾ ذڪر دامن گريبان جو
سندم دستِ جنون هر پيرهن جي تار تي پهتو
ويو ساعت اَندر دلدار ديوانو ڪري دل کي
اڳيئي هو خوبرو ويتر جڏهن سينگار تي پهتو
ڪندو ويو خونِ خود سان داغ هائي دل جي نقاشي
شبِ فرقت سَندم سر جهن درو ديوار تي پهتو
ڪرين ها بي وسن کي هاڻ تو آزاد اي ماري
”اسيرانِ قفس جو دم لبِ منقار تي پهتو“
بچي هرگز نه
ويو
ڪو عشق جي ميدان مان زندهه
هتي جو سر جهڪيو سو سؤ مُنهين تلوار تي پهتو
مِلي مولا کان ڇا توکي سڄڻ صورت سبحان الله
فدا ان پاڪ قدرت تان جو هن شهڪار تي پهتو
بني قسمت بُري منهجي عيان ٿيو راز الفت سڀ
وڃي اڄ نامبر ڀلجي درِ
اغيار تي پهتو
نه ٿي وسري وصل جي رات واري سا گهڙي دل کي
ملي هئي دل سان دل جنهن دم ۽ لب رخسار تي پهتو
لطيفي درد دک دل تان سڀيئي دور ٿي ويندا
مسيحا جنهن گهڙي منهجو سرِ بيمار تي پهتو
هالا
غزل 56
طرح:
زندگي تهجي ڪري ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
روز مرڻو ٿو پوي ۽ روز جيئڻو ٿو پوي
زندگي تنهجي ڪري ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي
جنهن جي قدمن تي خوشي سا سر نمائي مون رکيو
تنهن سڄڻ جي حڪم تي قربان ٿيڻو ٿو پوي
قرب خاطر ڪَرب ۾ ڀي ڪين ڪڇڻو ٿو پوي
اهنجُ ڀي سانڍي اندر ۾ يارَ
رکڻو ٿو پوي
دل جو سودو دل سان ٿي ويو دل ٿي ڄاڻي دل جو
راز
بس سندس هر حال مونکي رايو رکڻو ٿو پوي
روز و شب گهَرائي وڌندڙ غير سان تهن جي ڏسي
شرمندو اغيارَ آڏو مونکي ٿيڻو ٿو پوي
برهه جو هي بحر اوکو آهي مون اڻ ڄاڻ لا
دل سنڀالي جگر ٿامي پار ڪرڻو ٿو پوي
تذڪرو دورانِ محفل ٿو
جفا
جو جت ٿئي
ساري محفل کي
حوالو
تُنهن
جو ڏيڻو ٿو پوي
تون ڀري محفل ۾ دانهون ڪر نه اي غمگين دل
پيار ۾ پنهجي پرين جو ادب رکڻو ٿو پوي
درد سان دلڙي لڳائي صلح سورن سان ڪيم
”زندگي تنهجي ڪري ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي“
بي اثر ٿيندي نصيحت درد جنهن ۾ ناهه ڪو
ناصحن کي ڀي اهو گُر
مونکي ڏَسڻو
ٿو پوي
ڀل هجي تنهجي لطيفي طبع کان متضاد پر
راز رمزن يار جي سان ريجهي رهڻو ٿو پوي
ڀٽ شاهه
غزل 57
طرح:سنگدل
جانِ جفا جي جستجو پاڻهي ڪيم
زور آور زُود
رنج کي ماهرُو
پاڻهي ڪيم
دل جو مالڪ سر جو سائين يار هو پاڻهي ڪيم
هڪ دفعو اک جو اشارو بس حبيبن هو ڪيو
دل کڻي دلبر جي سامهون دو بدوُ پاڻهي ڪيم
تون سدائين رهه ڪسر ۾ ڪس ڀلي مونکي لڳي
دل جي سودي جي سراسر آرزو پاڻهي ڪيم
ڪِيمَ چؤ جاني کي يارو ڀل هو جاڙون پيو ڪري
سنگدل جانِ جفا جي جستجو پاڻهي ڪيم
حق بجانب آهي دلبر مان اڳيئي مجرم هيس
ڇو ته اقرارِ جرم جو روبرو پاڻهي ڪيم
گهٽ نه جنت کان مزا هئا نامبر جسين هو خوش
وچ وارو همراهه غلطي کان عدو
پاڻهي ڪيم
بس هجومِ شوق کان مجبور ٿي هر هر وڃي
يار جي ڪوچي ۾ سِر بي آبرو پاڻهي ڪيم
محب کي ساقي
ڏسي ۽ پاڻ کي پياسي ڏسي
دل پنهجي ديوانهء جام وسبو
پاڻهي ڪيم
ڪئن ڪيان واعده خلافي ڪئن ڦِران انجام تان
عشق جو
اقرار ان سان روبرو پاڻهي ڪيم
ٿي مخاطب ماهرو سان دل کي هارائي وڌم
اُف انهي جادو بيان سان گفتگو پاڻهي ڪيم
درد کي دعوت ڏيئي سورن کي سانڍي ساهه ۾
ساهه سِرُ
۽ دل جگر جو خاتمو پاڻهي ڪيم
دستِ نازڪ تي وفا جو خون هاري ڪاش ڇو
ناز کي قابل نظر اي ناظرو پاڻهي ڪيم
ڀٽ شاهه
غزل 58
التجا صدقي ڪيم ۽ مدعا صدقي ڪيم
هر هجومِ آرزو تو تان مٺا صدقي ڪيم
حال محرم تان ڪيم ٻي حال محرم کي فدا
آشنا خاطر دلِ
درد آشنا صدقي ڪيم
شڪر ٿيو راههِ محبت ۾ پيو اڄ سر قبول
عجز سان نائي جو هُت
ٿي
بارها صدقي ڪيم
بس دنيا جي تعلقاتن کي ترڪ ڏيئي ڇڏيم
پنهن جي دل جون خواهشون تو تان مٺا صدقي ڪيم
منزلِ مقصود حاصل ٿي پيا سڀ صاب پنڌ
پاڻَ جو تو تان پرين جا نقشِ پا صدقي ڪيم
بس ستم دلبر جا سيبائي ويا اهڙا ساهه کي
هر جفا جي ڍنگ تي رنگِ وفا صدقي ڪيم
شوق پرواز چمن آزاديون دل جون سڀئي
تو مٿان اي زلف جي دامِ
بلا
صدقي ڪيم
درد آور زندگي دل کي ڏنو اهڙو مزو
دردِ دل تان زندگاني جا مزا صدقي ڪيم
ناهه ڪجهه مونکي سندم برباديِء دل جو ملال
ٺيڪ ٿيو جيڪي ڪيم سڀ ڪجهه بجا صدقي ڪيم
مون کي مارڻ ۽ جيارڻ جو ٿئين مختيار تون
تهجي مرضيءَ تي مٺا پنهجي رضا صدقي ڪيم
سر ڏيئي سڄڻن مٿان مون هڏ نه ڪو ٿورو ڪيو
ماسُ سڀ کاڌو غمن باقي هڏ صدقي ڪيم
شڪريو ڇا جو زهي قسمت سڄڻ سر پيو قبول
هي جسم آخر فنا ٿيڻو هو ڇا صدقي ڪيم
جو چوي پيو مونکي ناهي تنهجي هديه جو ضرور
تنهن بتِ بي غرض تا دل ڇو ڀلا صدقي ڪيم
دل کي گهوريم يار جي نقشِ
و
نگارِ
حسن تي
ساهه سر باقي هو سو بَرِ نقش پا صدقي ڪيم
مطمئن ٿي يا
رهي بيتاب هي دل اي سڄڻ
ڀروسي تنهجي تي ٻيا سڀ آسرا صدقي ڪيم
تنهجي خاطر ٻيو ته سڀ ڪجهه ٿي ويو آ نازنين
ننگ ۽ نالو به اڄ ان کان سوا صدقي ڪيم
ڇا اڃا ڪو آ رهيل اي ناز جو گهوريو نه ٿم
دل ۽ دل جون حسرتون ڀي باخدا صدقي ڪيم
غزل 59
طرح:پٿر
جي صنم تي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو
صاحبِ طرح مخمور ميران پوري
واعذ نه مونکي تنهجي وعذن جو اثر ٿيندو
تنهجي نه ريا وارن عملن جو اثر ٿيندو
تحصيل عِلم ڪئي جن محبت جي مدرسي مان
تن تي ڇا تنهجي ناصح خطبن جو اثر ٿيندو
تنهجي لا چڱو آهي مستن کان شيخ مُڙ تون
منصور پاري تي ڇا ڦاهن جو اثر ٿيندو
تاريخ گواه آهي هر دورِ جي محتسب
حق تي ڪڏهن نه باطل اثرن جو اثر ٿيندو
فرشن تي تون اجايو دل پئي هڻين ٽڪر تون
”پٿر جي صنم تي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو“
ساجد چريو ٿي پوندي يا سِرَ کي ڏاري وجهندي
”پٿر جي صنم تي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو“
زخمن تي مرهم
لڳندو دردن جي دوا ٿيندي
جانب تي هاڻ جلدي عرضن جو اثر ٿيندو
آه و فغان به جنهن کي بارِ گران ٿي گذري
تنهن سنگدل تي ڪهڙو سُڏ
ڪن جو اثر ٿيندو
سورن ۾ جيڪا سِر جي ڏکڙن
۾ آهي ڄائي
در ديلي دل تي ڪهڙو دردن جو اثر ٿيندو
مخمور سان مخاطب مهجور اڄ ٿئي ٿو
اي ناز نازنين
تي نازن جو اثر ٿيندو
ڀٽ شاهه |