پيغام
مٽياري ضلعي حڪومت جي لاءِ اها ڳالهه باعثِ افتخار
آهي جو مٽياري ڪتاب دوست پروگرام ذريعي ضلعي جي
علمي و تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم
کنيو. اسان جي اها ننڍي ڪوشش عالمن، اديبن، شاعرن
۽ تاريخدانن جي قلمي پورهئي کي شايع ڪري عام عوام
تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ
ضلع ناظم مٽياري
منسوب
مون کي هي ڪجهه علم جو ذرو ان بابِ علم
تان مليو آهي. جنهن لاءِ شفيع المذنبين فرمايو آهي
(اَنا مدينة العلم
وعلي
بابها)
حديث شريف،
هي ڪتاب مان اُنهي بابِ علم سان منسوب ڪيان ٿو.
خاڪ پاء بُوتراب
ناز لطيفي
پيش لفظ
هالا ۽ ڀٽ شاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن
علائقي ۾ حضرت مخدوم سرور نوحؒ ۽ حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ جهڙين عظيم هستين جنم ورتو آهي.
هيءُ خطو علم و ادب جو هميشہ کان گهوارو رهيو آهي.
هن ڌرتيءَ عالم، فاضل، محقق، شاعر، صحافي
۽ ٻين ڪيترن ئي اُملهه ماڻڪن کي جنم ڏنو آهي. جن
سدائين پنهنجي پَرَ ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو آهي. سنڌي
ادب ۾ هالا جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي لکڻين ذريعي
معاشري جي هر موضوع تي پنهنجي طبع آزمائي ڪئي آهي
۽ سنڌي ادب جي بي لوث خدمت پڻ ڪئي آهي.
مون کي ياد اچي ٿو ته حضرت قبلا مخدوم
طالب الموليٰ سائينءَ جن جي صدارت هيٺ هالا ۾
ڪيترائي طرحي ۽ غير طرحي مشاعره منعقد ٿيندا هئا.
جن ۾ هالا جا شاعر جن ۾ ابڙو ساقي هالائي مرحوم،
انور هالائي مرحوم، عبدالرحمان انجم هالائي مرحوم،
اختر هالائي، اسحاق هالائي، مصنف ناز لطيفي، راقم
الحروف ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر پنهنجي قلم ذريعي طبع
آزمائي ڪندا هئا ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي موتين جي
داڻن وانگر پنهنجي هٿن سان مالها پوئيندا هئا. هن
ڪتاب جي مصنف نازلطيفي صاحب جو شمار به انهن شاعرن
منجهان ئي آهي، جيڪو شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه
عبدالطيف ڀٽائيؒ جي ڀُونءِ جو رهاڪو آهي. جنهن کي
شاعري اصل ۾ پنهنجي ورثي ۾ ملي آهي. سندس شاعريءَ
جو مجموعو ”ٻالاپڻ جو ٻُوڪُ“ جهڙو گلن جو هڪ
خوبصورت گلدان آهي، جنهن جي رنگت ۽ مهڪ ذريعي سنڌي
ادب ۾ هڪ وڏو اضافو ٿيو آهي. مون کي اُميد آهي ته
هن شاعريءَ جي مجموعي جي ذريعي علم دوست، شاعر،
عالم، اديب ۽ پڙهندڙ نون خيالن ۽ علمي خزاني کان
آگاهي حاصل ڪندا.
منهن جي دُعا آهي ته سائين ناز لطيفيءَ کي
ربّ تعاليٰ اڃا وڌيڪ ڄمار ڏي ته جيئن پاڻ پنهنجي
شاعريءَ ذريعي علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهي. آمين.
24.12.2008
(مخدوم جميل الزمان جميل)
چيئرمين
طالب لموليٰ اڪيڊمي
صدر پاڪستان
پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن
ميمبر صوبائي اسيمبلي (هالا)
صوبائي وزير بين الصوبائي رابطا کاتو
سنڌ
ڪراچي آفيس
”ناز لطيفي لاءِ ڀيٽا“
لطيف سرڪار جي نگريءَ ۽ نسل سان وابسته شاعر ناز
لطيفي شروعاتي دور کان وٺي پنهنجي وجود ۾ طبقاتي
محلاتي ۽ درباري نظام جو شديد مخالف رهيو آهي،
جيڪڏهن ٿورڙو غور سان هن جي اوائلي دور کان وٺي اڄ
تائين هن جي طرحي شاعري ۽ ٻين صنفن تي نظر وجهبي
ته هيءُ غريب جو شاعر آهي، هيءُ مظلوم جو شاعر
آهي، فڪر جو شاعر آهي ته فقيرن جو شاعر آهي، هي
حُسن ۽ حَسينن جو شاعر آهي. هي محبوب ۽ معشوقن جو
شاعر آهي، پر اهو لکڻ حقيقت آهي ته هيءُ پاڻ
انقلابي ۽ باغي آهي سچ پچ ته هن بغاوت ڪئي آهي.
ناز صاحب جو منهنجي جنم ڀومي هالا سان 60 سالن کان
به وڌيڪ وابستگي رهي آهي. ۽ ناز صاحب جي شاعري تي
هالا جا رنگ سنڌ جي اجرڪ جي گهري چِٽ جيان نمايان
آهن. اڄ به پراڻا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته محترم ناز
لطيفيءَ جي جاءِ جي ٻاهران جيڪا ميربحرن جي گهٽيءَ
۾ واقع هئي. هيءُ شعر لکيل هوندو هو:
ٿورو اندر ۾ ليئو وجهي ناز صاحب جي شخصيت کي ڏسو
ته هن کي درن ۽ دربانن کان نفرت آهي. اهڙي سچ
ڳالهائڻ تي کيس يقيناً سختين کي به منهن ڏيڻو پيو
هوندو.
کيس يقيناً ايذايو به ويو هوندو ۽ هن کي
اڪيلو به ڪيو ويو هوندو. تاريخ گواهه آهي ته اهڙا
سچا ۽ کرا ماڻهو خوشامديون ۽ چمچه گيرون ڪري
دنياوي منصبَن تي ناهن پهچندا ۽ نه ئي کين طلب ۽
ضرورت هوندي آهي. ناز صاحب جي هن ڪتاب ٻالاپڻ جي
ٻوڪ کان وٺي سندس پيرسني تائين جي جنگ کي احمد
فراز جون ٻه سٽون مڪمل ڪن ڪنهن حد تائين مڪمل ڪن
ٿيون.
۽ اسان کي اهو پڻ سونهي نٿو ته لطيف سرڪار جي ڪڍيل
لڪير جي هن فقير جي ڪيل ڪم جي مڃتا لاءِ اسين اهڙن
شخصيتن جي وڃڻ ۽ ورسين جو انتظار ڪريون بيشڪ ناز
صاحب پنهنجي شخصيت، پنهنجي ڪردار ۽ ڪيل شاعري جي
ڪري نهايت مان مرتبي ۽ لائق احترام آهي سندس ڪيل
شاعري جي سِٽ سِٽ تي نظر وجهبي ته اها انتهائي
حقيقت تي مبني ۽ معاشري ۾ ٿيل واقعاتي ڪردارن جو
تسلسل آهي، ڌڻيءَ در دعا آهي ته الله پاڪ پنهنجي
پياري حبيب احمد مجتبيٰ ﷴ مصطفيٰﷺ سيدالمرسلين ۽
رحمت اللعالمين جي صدقي ناز لطيفيءَ کي اڃا به همت
۽ حوصلي سان شاعريءَ وسيلي حق گوئي جي طاقت عطا
فرمائي، شاهه سائين جي سُر هير رانجهو جون هي سٽون
لکي کيس مڃتا لاءِ ارپيون ٿو:
ڪَڍ نه ڪاتي، ڏي نه دَڙڪا، مئن ڪُسڻ قبول ڪَريسان
ماهِي ڪِيتي مرڻ قبُوليا، کيڙيان مُول نه ويسان،
جي ميان رانجها سڏ ڪَريسِي، ڪُٺڙيائِي سڏ ڏيسان.
اظفر بهزاد ولد غلام محمد ميمڻ
هالا نيو
قصرِ ناز جو قيصر
مون کي خبر ناهي ته قريباً ٽي صديون اڳ، تمر ۽ ٻين
فقيرن جي سنگ ۾ جڏهن مرشد لطيف ، ’سُر آسا‘ جو هي
بيت چيو هوندو:
اکين پنهنجي مَت، پاڻ سين پاڻهين ڪئي،
اتي وڃي لڳيون، جتي جانِ کپت
نه ڪا ڳالهه نه ڳتِ، جيءَ ڏني رِءَ نه جُڙي.
ته ان لمحي حاضرين تي چڙهيل ڪيف جي صورتحال ڇا
هوندي، يا سندن سينن تي ڪيترا گهاءَ تازا ٿي ويا
هوندا ۽ پل اپل ۾ ٺوٺ ٿي ويل ڀٽ تي لڙڪن جي آلاڻ
سان هزارين واريءَ جا ذرا، چاندي بڻجي ڪيئن چمڪي
پيا هوندا. يقيناً ان وقت جو اهو منظر تمر فقير جي
دل ۾ ئي وقت ٿيل آهي. مگر دؤرِ حاضر ۾ لڳ ڀڳ انهن
ئي ڀٽن جي، لطيفؒ جي ان صدين واري پرم پرا اگر اڄ
تائين قائم آهي ته بيشڪ ان ۾ ناز لطيفيءَ جي ڪردار
انتهائي اهم ۽ قابلِ تعريف آهي.
درگاهه لطيف ۾ ٿيندڙ راڳ، يقيني طور تي فڪرِ لطيف
کي جلا ۽ دوام بخشي ٿو ۽ بلاشڪ ته لطيف کي راڳ
بيحد پسند هوندو هو، مگر لطيف، بنيادي طور تي هڪ
شاعر آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي وسيلي ئي ماڻهن کي
منزلِ انسانيت ماڻڻ جو گس ڏنو ۽ عالمَ جي آباديءَ
جون دعائون پنيون.
سنڌي هجڻ جي ناتي سان، اسان سڀني کي اهو اعزاز
حاصل آهي ته اسين لطيف جي شاعريءَ جا فڪري وارث
آهيون، مگر سندس خانداني وراثت جي خوشبوء، جن
خوشبخت شخصيتن جو نصيب بڻي، انهن ۾ اسان جو سينئر
۽ پيارو شاعر ”ناز لطيفي“ به شامل آهي. ان معيار
سان ناز لطيفي نه فقط لطيف جو فڪري وارث بڻجي ٿو
پر گڏوگڏ سندس جگري وارث پڻ بڻيل آهي.
اڄ کان تيرهن سال اڳ پنهنجي والد محمّد جان ابڙي
جو حوالو کڻي، آئون پهرين دفعا قصرِ ناز جون
چاڙهيون چڙهي جڏهن ناز لطيفي سان ملڻ ويو هوس ته
پاڻ ڪربلا جي خاڪِ شفا تي پنهنجو سر، ڌڻيءَ جي
حضور ۾ جهڪائي ’سبحان ربيّ الاعليٰ‘ چئي رهيو هو ۽
منهنجو حافظو ان روحاني منظر جو گواهه آهي ته
خانقاهه جي جڙاء جهڙو اهو ڪمرو، جنهن ۾ ڪاشيگيريءَ
جو عمدو ڪم ٿيل آهي ۽ ڪاشيءَ سان جڙيل بارڊر جي
سِر سِر تي ”قصرِ ناز“ جو لفظ اُڪريل آهي، ته ان
خوابگاهه ۾ نماز جي ادائيگيءَ جيترو انتظار مون
ڪنهن ڪَرب ۾ نه پر تمام گهڻي سڪون ۽ سرور ۾
گذاريو. ساڻس ٿيل ان پهرين مختصر ملاقات ۾ مون
هالا ۽ ابڙا خاندان جي سينئر فردن/شاعرن سان سندس
تمام گهڻي انسيت ۽ محبت محسوس ڪئي، جڏهن ته نئين
ٽهيءَ سان کيس اها شڪايت هئي ته هُنن هالا ۾ ادبي
ماحول جي اوسر بدران ان کي وساري ڇڏيو آهي.
بَس! ان بعد پوءِ ناز لطيفي، جڏهن به ۽ جتي به
گڏبو هو ته مون کي مشاعرو ڪرائڻ جو ضرور چوندو هو
۽ چوندو ڇا هو باقاعده حڪم ڪندو هو ۽ بلآخر سندس
دڙڪن جي ڪري ئي اسان هالا ادبي سنگت جي پليٽ فارم
تان سندس پياري رفيق ”مرحوم ابڙو ساقي هالائي“ جي
ياد ۾ مشاعرو منعقد ڪرايو ته پاڻ ڀٽ شاهه جي شاعرن
جي سٿ سان شامل ٿي، منهنجي همٿن کي هماليه بڻائي
ڇڏيو.
ان بعد هالا جي مختلف ايوانن ۾ هر عيد تي مشاعرا
منعقد ٿيندا رهيا، جنهن ۾ هي قصرِ ناز جو قيصر وڏي
پيار ۽ اُڪير مان شامل ٿي اسان جي حوصله افزائي
ڪندو رهيو پر گذريل ورهين کان ته هاڻي اهو سلسلو
هالا جي بجاء ڀٽ شاهه ۾ سندس ئي ميزبانيءَ هيٺ
جاري وَ ساري آهي. مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ سائين
جي صدارت ۾ ٿيندڙ انهن مشاعرن ۾ پس گردائي جي
شاعرن کان علاوه جناب امداد حسيني، شبير هاتف ۽
احمد سولنگي ته باقاعده شامل ٿيندا رهيا آهن،
گڏوگڏ ڪجهه اردو سنڌي مشاعرن ۾ ته ڪراچي،
حيدرآباد، سانگهڙ ۽ شهدادپور جي شاعرن پڻ پنهنجي
شاعريءَ سان ڀٽ شاهه جي ادبي ماحول جي همٿ افزائي
ڪئي آهي ۽ لاريبَ! ته ادبي واس سان معطر، ڀٽ شاهه
جي ان هوا جو مرڪز قصرِ ناز ئي آهي ۽ قصرِ ناز جي
ڪَوِيسر ۽ ڪمپيئر جي حيثيت سان مون محسوس ڪيو آهي
ته ناز لطيفيءَ شاعريءَ کي پنهنجي دل جي زبان ڪري
استعمال ڪيو آهي. سندس دل ۾ پيدا ٿيندڙ جذبا ۽
خيال، دماغ جي واٽ وٺڻ بدران سڌا سنوان سامع جي
سماعت تائين پهچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ديدَ به آهي
ته دڙڪو به آهي؛ دانهن به آهي ته دانستگي به آهي؛
درد به آهي ته درس به آهي؛ درايت به آهي ته دريغت
به آهي؛ دلداري به آهي ته دلسوزي به آهي؛ ديا به
آهي ته دنگل به آهي ۽ آمد ڀي.
”ناز لطيفي“ روايتن جو پاسدار شاعر ۽ طرحي مشاعرن
جو بيحد ڪوڏيو آهي، طرحي نشست نه رکڻ جي صورت ۾
پنهنجي ڪاوڙ جو برملا اظهار ڪري مون کي دڙڪا ڏيڻ
سندس حسين عادت آهي ۽ اڄ جڏهن ”جي هڪ تنهنجو واعدو
وفا ٿي پوي ها“. جهڙي سدا حيات سٽ جي سرجڻهار جو
قلمي پورهيو، ادبي کيتر جي قارئين تائين پهچڻ جو
حسين لمحو اچي پهتو آهي. ته مون کي ڀٽ شاهه جي
ڀِٽن ۾ اها چانديءَ جي چمڪ نظر اچي رهي آهي. جنهن
جو منظر، تمر فقير جي دل ۾ دفن آهي.
لائي جو ويا، سو منجهين ٿو مچ ٻري
سو اجهامي ڪِئان، جنهن سوريندڙ سپرين.
(شاهه)
- سهيل فيصل ابڙو هالا
ليڪچرار (سنڌي)
گورنمينٽ ڪاليج ڀٽ شاهه
(31- آگسٽ 2008ع)
مصنف پاران
منهنجي شاعري جي شروعات 1955ع ۾ ٿي جڏهن آئون هاءِ
اسڪول هالا ۾ پڙهندو هوس. جتي ادبي محفلون ۽
مشاعرا اسڪول جي بزمِ لطيف جي توسط سان ٿيندا
رهندا هئا. جنهن جو آئون صدر چونڊيل هوس. ادب ۾
مون کي غزل گوئي پسند هوندي هئي. 1959ع اسڪول ۾
ٿيل پهرين مشاعري ۾ طرحي غزل پڙهيو، طرح هئي.
’اسان تي ٿيو تڏهن هو مهربان نامهربان آهي.‘ ان
غزل، جو اصلاح استاد قربان علي آزاد جي ٿيل هئي ٻي
سال وري سروري ڪاليج ۾ 1961ع زيرصدارت طالب
الموليٰ جي مخلوط مشاعرو طرحي ٿيو. هن طرح تي.
ان سنگدل جي دل ۾ اُميد آهي گهر ڪبو.‘
ان طرح تي لکيل غزل جي اصلاح ساءِ احسن الهاشمي
ڪئي. لطيفي تخلص استعمال ڪندو هوس بعد ۾ ساءِ
عبدالرحيم بيدل ابڙي منهنجي لطيفي تخلص ۾ اضافو
ڪندي ناز لطيفي تخلص رکڻ جي صلاح ڏيندي فرمايو
”پيش بيدل ٿو ڪري هي راز پهچي راز جو ٿو سدا توتي
سُونهي تخلص لطيفي ناز جو، ان بعد اڪثر غزل ۾ ناز
لطيفي تخلص استعمال ڪندو هوس، منهنجا اڪثر طرحي
غزل هوندا هئا هي ڪتاب به طرحي غزلن جو مجموعو آهي
جئن ته آئون مرشد لطيف سائين سان نسبي نسبت رکان
ٿو شاه ساءِ شعر موجب.
هونءَ نه سنڌ سياس پر پُرين ڪيس پڌري.
لطيفي فڪر و ادب منهنجي شعرن ۾ نمايان نظر ايندو.
ڪتاب جو نالو به مرشد لطيف ساءِ جي بيت کان متاثر
ٿي رکيو اٿم.
”اچيو چيو اگلي چئي ليلان کي لوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ ويو ويچاريءَ وسري“ شاهه
(سُر ليلان)
منهنجي شعر جي اصلاح ساءِ طالب الموليٰ، استاد
قربان علي آزاد، احسن الهاشمي، استاد منصور ويراڳي
۽ سائين ٻانهون خان شيخ جن ڪرڻ فرمائيندا هئا. مون
هالا، مٽياري، ڀٽ شاهه، ۽ ٺٽه، شهدادپور ۾ ٿيل
مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي آهي. مون جن سينيئر شاعرن سان
صحبت ڪئي آهي تن جا اسم گرامي لکڻ ضروري ٿو
سمجهان. ساءِ طالب الموليٰ، امين فهيم، انجم
هالائي، اختر هالائي، انور هالائي، عبداللطيف
ساقي، غلام هالائي، منصور ويراڳي، عبدالرحيم ابڙو
بيدل، محبوب سروري، شبير هاتف، غلام محمد گرامي،
محمد جمن هالو، سائل آزاد هئا ۽ همعصر شاعر حميد
شهيد، بهاول الدين بها سرهندي، انيس هالائي،
اسماعيل ضيغم، عبدالقادر منور ابڙو، زخمي، حسن
سرور، سوزهالائي، عمراڻي، عبدالقادر صدا راهو، رجب
علي جعفر، خليق سائين، سعيد سائين ۽ ٻين سان صحبت
رهي آهي. شعر و شاعري جو سلسلو اڃا به جاري آهي
ڪڏهن طرحي ۽ ڪڏهن حالات تي قطعا ۽ نظم لکندو
آهيان، منهنجي پهرين پهرين غزل:
”جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها“.
استاد منظور علي خان پهجي آواز ۾ ڳائي منهنجي لڪل
نالي کي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو آئون جناب حفيظ سيال ۽
اطهر بهزاد جيڪي مهنجي مرحوم دوستن نورمحمد سيال ۽
غلام محمد ميمڻ جا فرزند ارجمند آهن جن کي آءٌ ان
ناتي سان چاچا ڪري سڏيندو آهيان. ۽ هو به مون کي
چاچي جهڙي عزت ڏيندا آهن. انهن جو نهايت ٿورائتو
آهيان جن مون کي پنهجي ڪلام ڇپائڻ لاءِ آماده ڪيو
۽ مدد فرمائي.
آئون ضلع ناظم مٽياري جناب ڄاموٽ زاده سيد محمد
علي شاه صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن صاحب ”مٽياري
ڪتاب دوست“ پروگرام تحت مهنجي طرحي غزلن جي مجموئي
’ٻالاپڻ جو ٻوڪ‘ ڇپائڻ جي منظوري ڏني.
ناز لطيفي
ڀٽ شاهه |