غزل 71
طرح:
محبت جا ميلا لڳائي ڇڏياسين
صاحبِ طرح: مخدوم زاده جميل الزمان
محب محبتي سڀ ملائي ڇڏياسين
نه اچڻا هيا سي آڻائي ڇڏياسين
اسان کي محبت ۾ سڌڙيا نه پهتا
ڪَئين ڪُوهَ پوئتي ٿَڪائي
ڇڏياسين
جڏهن ها ڪئي هن اسان وٽ اچڻ جي
پڙها پوءِ پرين جا گهُمائي
ڇڏياسين
محبت لا دنيا سڪي پئي مگر هت
”محبت جا ميلا لڳائي ڇڏياسين“
توسان ويهي ڪهڙا نبيرا ڪيان مان
سڀئي جهيڙا جهڳڙا تو آئي ڇڏياسين
اچانڪ پرين سان بنان شرط پرچي
دنيا وارا حيران بنائي ڇڏياسين
نير عشق جا پائي نيهن کي اجاري
اڳيان پويان عاشق ملهائي ڇڏياسين
جواني ۾ جذباتي قدمن کڻڻ سان
پرايا ۽ پنهن جا رنجائي ڇڏياسين
ڏسڻ ۾ برابر هي ڏبرا آهيون پر
هماليه مثل ڀي هِلائي ڇڏياسين
نه ٺهڻو هيو هو ٺهي پوءِ ڀلا ڪئن
هليا جيڪي حيلا هلائي ڇڏياسين
جي راههِ صنم تي عدوءَ هوا وڇايا
سي خارِ مُغيلان هٽائي ڇڏياسين
ساقي هٿان جام پيئندي بزم ۾
عدو جا ته ڇڪا ڇڏائي ڇڏياسين
قحط العشاقي ۾ منصور جو
سُنهن
اسان دار اڄ ڀي سجائي ڇڏياسين
سَڃا جئن ئي سڄڻن
ها
ناوڪ نظر جا
جگر دل نشان لاءِ اُڏائي
ڇڏياسين
عمر ڀر جي فائدن ۽ ترقيءَ جا موقع
سڀئي دل لِڳي ۾ وڃائي ڇڏياسين
رشڪِ غزالان کي ساقي بنائي
شرف مئڪده جا وڌائي ڇڏياسين
مسيحائي وٽ آ دوا جان بلب جي
سڀئي نسخا ٻيا آزمائي ڇڏياسين
علي ئي ڪندو ناز مشڪل ڪُشائي
جَنبَ جهن جي در
تي ڪمائي ڇڏياسين
ڀٽ شاهه
غزل 72
طرح:
سنگدل سان فيصلا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
صاحبِ طرح: جميل سائين
دردِ دل دل کان جدا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
آشنا ناآشنا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
وڻ جي پاڇي وانگي جو صبح و مسا ڦرندو رهي
اهڙي ڇانءَ جا آسرا ڪهڙا
ڪري ڪهڙا ڪبا
ڪارِ دنيا ۾ جڏهن ڪاري آ پنهجي دوستو
بدن
تي اڇا لٽا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
عقل چئي ٿو هوش ڪر ۽ عشق چئي ٿو دل لڳاءِ
ٻنهي مان ڪنهن جا چيا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
عدل سان پهچي نه سگهبو ڦيرو ٿيندو فضل جو
ذڪر پنهجي عمل جا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
ظلم جي
آڏو نه جهڪبو عيب مظلومي نه آ
خوفَ خطرا جان جا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
سو دفعا جرڳو ڪوٺايان جي هجي هو اهلِ دل
”سنگدل سان فيصلا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا“
هڪ چريي جي دوستي ۾ اڌ چريو سڏجان پيو
يار ٻيا ڪي بانولا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
موت آ برحق اهو ايندو يقيناً وقت تي
حيلا ان کان بچڻ جا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
گانءِ ماتا سڄي کائي من کي پاپن سان ڀري
غسل گنگا جمنا جا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
تون کٽين وين عشق ۾ منهجا مٺا ته به خير آ
ليکا توسان دلربا ڪهڙا ڪري ڪهڙآ ڪبا
هِن طرف چشمِ غزالان هُن طرف رشڪ قمر
سجدي خاطر ديوتا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
اصل کان ئي دامنِ آل عبا ۾ هٿ آهي
ايرا غيرا ڀر جهلا ڪهڙي ڪري ڪهڙا ڪبا
بوترابُ مولا علي آ ناز جي مِٽيءَ
جو پيءُ
ٻيا وري ماتا پتا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
ڀٽ شاهه
غزل 73
طرح:
مهربان ڪنهن کي چوان نا مهربان ڪنهن کي چوان
صاحبِ طرح: جميل سائين
سخن ٿي ناپيد ويو آ سخندان ڪنهن کي چوان
قدرَ جو ويو قدرُ گهٽجي
قدردان
ڪنهن کي چوان
پير مان ڪنهن کي چوان ۽ ميان مان ڪنهن کي چوان
خان مان ڪنهن کي چوان
۽
خاندان ڪنهن کي چوان
هت ته مخدومي ۽ پيري صدين کان هلندي اچي
ننڍ وڏائي جو نسب ڪنهن کان پڇان ڪنهن کي چوان
طالب الموليٰ کان پوءِ شعر و ادب آ دربدر
شاعرن ۽ شاعري جو سائبان ڪنهن کي چوان
عدل جو نالو نه آهي ويا سڀئي منصف مري
حق ڏيڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ نوشيروان ڪنهن کي چوان
اڌ حياتي هجر ۾ ۽ اڌ وصل ۾ ٿي گذر
ڪامران ڪنهن کي چوان ۽ رائگان ڪنهن کي چوان
خودئي رکوالا لٽن پيا ۽ ڦرن مارينِ
پيا
حال هن ۾ ملڪ جو مان پاسبان ڪنهن کي چوان
مئڪده ۾ سڀڪو هٿ سان جامُ ٺاهيو پيو پئي
آهيان حيران بزم جو پير مُغان
ڪنهن کي چوان
قافلي جي سڀڪو پنهجي سر پيو سالاري ڪري
ان منجهيل حالت
۾ ميرِ ڪاروان ڪنهن کي چوان
باغِ جو مالهي لڳي پيو هوبهو صياد جئن
بلبلو افسوس آ مان باغبان ڪنهن کي چوان
هو نه ويو آ ڄڻ جسم مان ساهه آ نڪري ويو
جسم جسمي روح روحي هم زبان ڪنهن کي چوان
مئڪده جو ساقي ٿوري ڳالهه تان ناراض آ
ڪئن پيان ڪنهن سان پيان مان ڇا ڪيان ڪنهن کي چوان
وڻَ ويڙهيءَ وانگي وڪوڙي سنڌ کي ڌاريَنِ
ڇڏيو
ٿي علائقو غير ويو ڪُوئِي
بتان ڪنهن کي چوان
سنڌي ماڻهن جي خوشن کي وئي نظر آهي لڳي
سڀ دليون ناشاد آهن شادمان ڪنهن کي چوان
اڄ ته پاڻي پنيءَ ٻوڙَ
آ
واهڙن جو ٿي ويو
هاءِ قسمت سنڌو بحرِ بيڪران ڪنهن کي چوان
آشيان مرغِ چمن پيا موسمِ
گِل ۾ سڙن
دوستو بي موسمي برقِ تپان ڪنهن کي چوان
حال دل تون دل جا دلبر ڇو نه ٿو مونکان پڇين
تون ئي چؤُ مان شڪوهِ دردِ نهان ڪنهن کي چوان
هن جي هوندي رونقون ۽ روشني هئي دل اندر
ان جي وي جانِ جهان شعله رُخان
ڪنهن کي چوان
نظر جيڏاهن ٿو ڪيان ات گُهگهه اونداهي ٿو ڏسان
اي زمانا دورِ رنگين
درخشان
ڪنهن کي چوان
ناز جو احوال يارن کي ته سڀ معلوم آ
کولي کولي حال دل ٻيو برزبان ڪنهن کي چوان
ڀٽ شاهه
غزل 74
طرح:
زندگي جا فيصلا ڪرڻا اٿئون
صاحبِ طرح: جميل سائين
رهبريءَ
لاءِ رهنما ڪرڻا اٿئون
نقشِ
دل تي نقش پا ڪرڻا اٿئون
اچ ته دنيا کي ڏيکاريون دوستي
هانءَ عدو جا کوکلا ڪرڻا اٿئون
دل لڳي پنهجي کان واقف اي پرين
آشنا ناآشنا ڪرڻا اٿئون
سؤُ جو سهءُ تون پسند آهين اي صنم
توسان ناتا واه جا ڪرڻا اٿئون
دلن جي سودن لاءِ
دلبر تون رڳو
وات سان چئي ڇڏ ته ها ڪرڻا اٿئون
ذڪر غيرن جو وڃي کڏ ۾ پوي
يار جائي تذڪرا ڪرڻا اٿئون
رنجشن ۾ ڪجهه آئي ماٺار آ
وس ويجهائي جا اڃا ڪرڻا اٿئون
ٽُٽل ناتن کي اُميري پائي اڄ
ڳنڍڻ جا حيلا
وڏا ڪرڻا اٿئون
اوري کان اوري اچو اي مهربان
ختم دل مان شڪ شُبا ڪرڻا اٿئون
اختيارِن کان مٺا موڪل ته گهُر
”زندگي
جا فيصلا ڪرڻا اٿئون“
ڪوچئه جانان اچي پهتا آهيون
چند قدم جا فاصلا ڪرڻا اٿئون
تون ڀري پيرِ مغان هٿ سان پيار
دور دل تان حادثا ڪرڻا اٿئون
جامِ مئي دل کي
آ ڌڙڪائي وڌو
هاڻ نيڻن جا نشا ڪرڻا اٿئون
بولهوس جي دوستي نقصان ڪيو
يار ڳولهي بي ريا ڪرڻا اٿئون
جنهن کي ڏسندي واه وا دنيا ڪري
حَسين اهڙا مهه لقا ڪرڻا اٿئون
ڏوهه جن جي ٿو سزا دلبر ڏيئي
جرم اهڙا بارها ڪرڻا اٿئون
نيازمندي جي تقاضا ناز آ
يار جا دل سان چَيَا ڪرڻا اٿئون
ڀٽ شاهه
غزل 75
طرح:
ملڪ ۾ امن و امان آهي ڪٿي
صاحبِ طرح: جميل سائين
يارَ بزمِ دوستان آهي ڪٿي
دل ۾ يادِ رفتگان آهي ڪٿي
اغوا ٿي انصاف جي ڪرسي وئي
عدل جو دورِ جهان آهي ڪٿي
گندگي جا ڍير ٿي ويا چؤطرف
پاڪ تهجو آستان آهي ڪٿي
کُٽي لا دل کي وري آ شوق ٿيو
دشمنِ آرام جان آهي ڪٿي
يارَ ۽ اغيار پيا گڏجو گهُمن
ڪا
رهي دل بدگمان آهي ڪٿي
ڪوڙ ۽ دولاب آ ويڙهي ويو
حق پرستي جو نشان آهي ڪٿي
ڪاغذي گل ڏسڻ جا آهن رڳو
ان ۾ بوءِ گلستان آهي ڪٿي
هر طرف پيا باههِ جا شعلا ڏسون
”ملڪ ۾ امن و امان آهي ڪٿي“
ٻنهي جمنن کان ويل مونکان پڇيو
هي جهان ۽ هو جهان آهي ڪٿي
بي همٿي ۽ دغا جو دور آ
ڏس نشانِ غاريان آهي ڪٿي
ڪم لٿو ڪاغر ويو ڦاٽي دوستو
نام زيبِ داستان آهي ڪٿي
ٻڌڻ سان ئي هوڪرا پئجي وڃن
اهڙو اندازِ بيان آهي ڪٿي
ڀڀڙ ٻاري گرم جو محفل ڪري
شاعرِ شعله بيان آهي ڪٿي
جان بلب جي در اچي دلبر چيو
منهجو گهايل نيم جان آهي ڪٿي
ڪوڙو ٿا بيمار کي ڏيو آسرو
مهجو يارو جانِ جان آهي ڪٿي
ڪئن ٿا چئو دلبر مونکي آ ياد ڪيو
ايڏو مونتي مهربان آهي ڪٿي
مئو متو مهراڻ وهندو هو اهو
سنڌو بحرِ بيڪران آهي ڪٿي
چئو
ته
سڀ ٿا نازُ هُو
جئرو آهي
پر اکن سان خود ڏسان آهي ڪٿي
ڀٽ شاهه
غزل 76
طرح:
ويو رنگ مٽجي زمين آسمان جو
صاحبِ طرح: جميل سائين
ڪڏهن تير واپس ڪو ٿيو آ ڪمان جو
وري جئن نه
ٿو گُفتو نڪتل زبان جو
رکي دل ٿي دک درد ساري جهان جو
مان ٿورائتو آهيان دلِ ناتوان جو
اسان لا ته فرقت نئين ڳالهه ناهي
ڀرم تو وڃائيو آ پهجي زبان جو
کٻي ۽ سڄي چئي پيا بيگر وهائن
آهي حال ڪهڙو اسان
بي
زبان جو
اچانڪ ٿيو سودو سروسر
دلن جو
پتو پئجي سگهيو نه سودو وزيان جو
سڄو سال موسم خزان ئي خزان آ
رکان نالو ڪنهن تي
مان
دورِ خزان جو
هٽيو پردو موتئي جو جئن ئي اکن تان
”ويو رنگ مٽجي زمين آسمان جو“
موالن سان گڏ روز بهڪي ٿو ساقي
رهيو هي آ معمول پيرِ مغان جو
ڪم از ڪم گهرن ۾ ته سنڌي ڳالهايون
اهو حق اسان تي آ مادر زبان جو
هڪ ڌڪ سان زخمي جگر دل
ٻئي
ٿيا
جواب ناهي جاني اوهان جي نشان جو
نه آهن بهارون نه صحرا نه وحشت
ذڪر ڇا لکان مان جنون جي بيان جو
مجبور مائن جي عصمت پئي لٽجي
اهو حال ٻڌجي پيو دارالامان جو
گلستان ته سارو اجاڙي ڇڏيو ٿئي
بروئي حشر ٿيندو تو باغبان جو
هي مالهي گلن کي ته پاڙئون پٽي پيو
الله واهي آهي سندم گلستان جو
چمن جي تباهي ۽ بربادي ڏسندي
ٿيو بلبلن کي فڪر آشيان جو
باغن ۾ ڌاريون وٺي مالهي آيو
هي بلبل کي ارمان آهي باغبان جو
پراڻن پڊن جو آ ويو مٽجي حُليو
پتو نئون ڪو ڏيو مونکي ڪوُئي بتان جو
لڏي ويا يا سنڌن آ ٻولي مَٽائي
آواز ٻڌجي نه ٿو هم زبان جو
چڱن جي اڳيان ڇو گهڻو پيو ڳالهائين
ٻڌاءِ تون اي پوڙها ته آهين ڪٿان جو
ڇا تنهنجي به ڪا پنهجي آهي سڃاڻپ
اڃا ناز سڏجين پيو اِبنِ
فِلان
جو
ڀٽ شاهه
غزل 77
طرح:
زندگي سان پيار آ تهجي ڪري
صاحبِ طرح: جميل سائين
عيد جو تهوار آ تهجي ڪري
خوش ٿيو نادار آ تهجي ڪري
ڪو ته برخردار آ تهجي ڪري
ڪو بنيو اغيار
آ تهجي ڪري
ڪن سان ٿي ويو پيار آ تهجي ڪري
ڪن ڪيو تڪرار آ تهجي ڪري
ڪوئي جانان غير ڪيو آهي خراب
اُت هليو دينار آ تهجي ڪري
ڪوئي غيران ڪئن لنگهِي عاشق اچي
هو اڳيئي خوار آ تهجي ڪري
ڪوجهي صورت کي لڪائڻ واسطي
مون ڪيو سينگار آ تهجي ڪري
تو مڙهي مُوتي جو سورن جو ڏنو
سو هئين جو هار آ تهجي ڪري
عشق جي انجام جي آهي خبر
مون قبوليو دار آ تهجي ڪري
زندگي سان تون
جو
وابسطه
آهين
”زندگي سان پيار آ تهجي ڪري“
تو جڏهن کان جانِ من
پهجو
ڪيو
هو بنيو اغيار آ تهجي ڪري
ايندي ويندي يار کي ڏسندو ته وڃ
درد ۾ دوچار آ تهجي ڪري
نام تهجي جا ٻڌي نعرا سڄڻ
تيش ۾ سرڪار آ تهجي ڪري
هن طرح تي هئن
لکان توقع نه هئي
آمدِ اشعار آ تهجي ڪري
ننڊ جا جهوٽا ته پيا هر هر اچن
ديد پر بيدار آ تهجي ڪري
هاڻ هُن جي ڪا وڌي واهر ڪيو
ناز ٿيو نروار آ تهجي ڪري
تهجي در عشق ئي آيو وٺي
عشق ٿيو سالار آ تهجي ڪري
دل تي دلبر رحم ڪيو ان تي اڳئي
درد جو انبار آ تهجي ڪري
ملڪ ساري جي نه ٿي ڪاوڙ لهي
مون مٿان آزار آ تهجي ڪري
تنهجي آئي
جان به لب جاڳي پيو
خوش ٿيو بيمار آ تهجي ڪري
مئڪده کان ناز هو ناآشنا
اڄ اهو مئخوار آ تهجي ڪري |