سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :10

غزل 44

طرح:هر ادا دلبر جي آهي لاجواب

 

هي ڏسو سامهون پيا فخرِ آفتاب

آ دعائي سحر جو آيو جواب

 

تو جوان ٿي حق ادا ان جو نه ڪيو

جنهن پِنيو پيرن کان هو تنهجو شباب

 

مهربانِنِ رنجشن لاءِ ڇا چوان

هر ادا دلبر جي آهي لاجواب

 

ڪيو غمِ دوران جو جهن دم مون حساب

ياد تون ان مهل آئين بي حساب

 

رنجِ جانان ۾ نه آيو ڪو فرق

ٻيو ته هون پي روز آيو انقلاب

 

آشيان کي هن اڳيان تيلي نه ڏي

مري ويندي بلبلِ خانه خراب

 

هو دلِ مايوس ڏي مائل آ اڄ

ڪلهه ڪيو پي پيار کان جنهن اجتناب

 

منهجي برباديءَ جي ڪوشش ۾ ڏسو

ٿيو غمِ دنيا به آ ڪيڏو خراب

 

ستم گر تون ستم پيو ورجاءِ ڀل

پُر لطف تنهجو لڳي تو هر عذاب

 

ڪَئين حَسين خوابن جي برباديءَ کان پوءِ

هڪڙو ملندو آهي ڪو تعبيرِ خواب

 

زخمِ دل جا جي وڃن سڀ چيٺجي

اهلِ دل پوءِ رهندا ڪئن جيئرا جناب

 

احمرين لب عنبرين زلفون سندءِ

رشڪِ حُور آهي سڄڻ تنهجو شباب

 

جئن نگاههِ نازنين سان نيهن ٿيو

تهن کان پُو ئي ٿا پيون جام شراب

 

پڇڻ جي جرئت وري مون کان نه ٿي

هڪڙي ورنديءَ ۾ ڪيائين لاجواب

 

عشق کي دنيا چوي ڀل حادثو

حادثو پر منهن جو ناهي انتخاب

 

زندگي باههِ طلب ۾ بسم ٿي

برگ و برگ آهي حياتي جو گلاب

 

رات ظلمت جي ته گذري خير سان

پر اڃا اڀريو نه آهي آفتاب

 

جن کي عادت آ سوالن جي فقط

آهي مشڪل سي ٻڌن ڪنهن جو جواب

 

ڪئن مذاقِ ديد جي تڪميل ٿي

جئن کڻان نظرون ڪري رخ تي نقاب

 

خوب کان وڌ خوبتر آهن حَسين

پر لطيفي ناز جو ناهي جواب

ڀٽ شاهه

غزل 45

طرح:درد جي تو خوب ڪئي دلبر دوا شابس هجئي

 

ڪونه آئين ڪونه آئين دلربا شابس هجئي

واهه جا انجام پاريئي بي وفا شابس هجئي

 

پنهجي مرضي ڪانه ٿئي يا ڪنهن اٿئي دشمن جهليو

جو وساري تو ڇڏيو مونکي صفا شابس هجئي

 

عرض نامنظور سڀ درخواستون ڦاڙي ڇڏيئي

عشق جي تو آ عدولي التجا شابس هجئي

 

اڄ جفا جا ختم ڪيا تو سڀ اڳيان پويان مثال

تو ڪري پوريون ڇڏيون جانِ جفا شابس هجئي

 

منهجي دل جي دنيا ۾ تاريڪيون ڪاريون ڏسي

تون لڙي لالڻ نه آئين مهه لقا شابس هجئي

 

ڪجهه ته ٿي ها چاڪُ پوءِ ٻيهر ڪرين ها چاڪِ دل

زخمي دل تي پيو ڪرين مشقِ جفا شابس هجئي

 

ويندي ويندي موٽيو تنهجون رڙيون ريهو ٻڌي

اي دلِ مايوس جي آهه و بُڪا شابس هجئي

 

خونِ دل خونِ جگر تنهجي مٿان گهوريو پي مون

پر ٽڪن تي وين وڪامي بي بها شابس هجئي

 

بار ڪجهه هلڪو ڪيئي غم جو نه بحر غم ڏسي

ڪشتيءَ رنج و الم جا ناخدا شابس هجئي

 

پي ڪمندِ زلف ۾ خوش منهجا گذريا روز و شب

پنهجا ڇو کولي ڇڏيئي زلفِ دُتا شابس هجئي

 

مون کان لادعويٰ ٿي مون کي تو بنايو لا علاج

درد جي تو خوب ڪئي دلبر دوا شابس هجئي

 

تو اچڻ گهٽتائي سمدي عاشقِ نادار وٽ

اي غريبن جي عجيبن جي اَنا شابس هجئي

 

ناز ڪيڏي آس سان در تي صدا تهجي هنئي

خالي موٽائي ڇڏيئي پنهجو گدا شابس هجئي

 

ڀٽ شاهه

غزل 46 

طرح:بي خودي ۾ اوهان سان پيار ڪيم

 

پهجي دل پاڻ ئي شڪار ڪيم

بي خودي ۾ اوهان سان پيار ڪيم

 

بي خودي ۾ تو مونسان پيار ڪيو

بي خودي تي به اعتبار ڪيم

 

زندگي ساري رهيس بيڪار

هڪ محبت جو ڪاروبار ڪيم

 

تنهجي قدمن ۾ سر ڏيان ته جيان

زندگي کان تڏهين فرار ڪيم

 

دلربا تون الائي ڪڏهن ايندين

زندگي وقفِ رهه گذار ڪيم

 

سور پهجا پيو پاڻ سان اوريان

دردِ دل کي ئي غم گسار ڪيم

 

دل جي سورن سان ساز باز ڪري

پوءِ حياتي کي پائدار ڪيم

 

وٺي ويرانا دل اندر آيس

پهجي وحشت کي پروقار ڪيم

 

رات ساري تو ڪئي غم خواري

خوب خوابن ۾ غم کي خوار ڪيم

 

مُنهن جي قسمت ۾ آ خزان ئي خزان

ڪنهن اڳيان نه شڪوهِ بهار ڪيم

 

سانڍي سورن کي سائين سيني ۾

دل جي دشمن کي راز دار ڪيم

 

بي بسي دل جي بزم ۾ آندم

بي رخي تهن جي درڪنار ڪيم

 

توکي ساريندي دم ختم ٿي ويو

تهجي دم دم تي دم نثار ڪيم

 

داستانِ ستم طويل آهي هي

تامرگ روئي اختصار ڪيم

 

ڌڙ جدا ٿيو لٿو دل ڌڙڪو

سرِ مقتل وڃي قرار ڪيم

 

هاڻ جو وڙ جڙي سو وڙ جوڙيو

دم دلاسي تي اعتبار ڪيم

 

اهلِ دل غم شناس ٿي پوندا

لذتِ عشق اشتهار ڪيم

 

نور نابوديت جي جلوي سان

ڪوهِ هستي کي خاڪسار ڪيم

 

ناز نيڻن مان نير هاري اڄ

موسمِ عشق خوشگوار ڪيم

هالا

غزل 47 

طرح:

ويو بدلجي رنگ محفل اوچتو ئي اوچتو

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

ٿي پيو دلبر هو قاتل اوچتو ئي اوچتو

ويو بدلجي رنگِ محفل اوچتو ئي اوچتو

 

مونڏي ٿيو محبوب مائل اوچتو ئي اوچتو

مدعا ٿي من جي حاصل اوچتو ئي اوچتو

 

صنفِ نازڪ هوئين صنم پر عاشقن کي دعا ڪجان

جن بنايو توکي قاتل اوچتو ئي اوچتو

 

جام در دستِ حنائي لال لب ساقي ڏسي

ويو بدلجي رنگ محفل اوچتو ئي اوچتو

 

ٿا ٺرن مقتل ڏسي هئن سرفروشانِ وفا

جئن ملي راهي کي منزل اوچتو ئي اوچتو

 

شاههِ خوبان جو وڃڻ ۽ بزم ۾ اوندهه ٿيڻ

ڄڻ لهي ويو ماههِ ڪامل اوچتو ئي اوچتو

 

وئي لڙي ڪشتي محبت جي ته موجِ بحر ۾

دور ٿيو نظرن کان ساحل اوچتو ئي اوچتو

 

هون ته اڳ ۾ تا عمر جي وصل جا واعدا هئا

هجر ٿيو آ هاڻ حائل اوچتو ئي اوچتو

 

نامور ظالم سان پنهجو پاڻ ڦاسائي وڌئين

ڇا ڪيو آ جذبئه دل اوچتو ئي اوچتو

 

هر ڪنهين جي ڪم جو هو پر ناز اڙ جي عشق ۾

ٿي پيو ڪنهن جي نه قابل اوچتو ئي اوچتو

 

اي سڄڻ خالي نه ڇڏجان در سندءِ تي جيڪڏهن

ٿي اچي هي ناز سائل اوچتو ئي اوچتو

 

هاءِ اسڪول هالا

غزل 48

طرح:

تون سراپا ناز آئون ناز بردارن منجهان

صاحبِ طرح: امين فهيم

 

بي وفا مونکي نه چؤُ آهيان وفادارن منجهان

زندگي ڀر تنهجي رهندس بس طلب گارن منجهان

 

ڪئن ٿڪان منهجا مٺا مان تنهجي آزارن منجهان

جو شمار آهيان اوهان جي خاص بيمارن منجهان

 

واءِ ناڪامي عجب تقدير جو چڪر ڦريو

جنهن کي سمجهان يار سو نڪري ٿو اغيارن منجهان

 

هم نشينو آ عجب هڪ دلربا مونکي مليو

خوش رقيبن سان رهي ۽ بدگمان يارن منجهان

 

پُر پيالو پرت جو ساقي ڀري اهڙو پيار

ڍُڪُ ڀرڻ سان گم ٿئي هت هوش هوشيارن منجهان

 

منتشر جملا پريشان خيال لاموزو نيت

حالِ دل آهي عيان سڀ منهجي اشعارن منجهان

 

مونکي مرهم ڪين گهرجي تيغ جو ناهيان ڪٺل

ابروءِ جانان جي آهيان جگر افگارن منجهان

 

هجر جي ۽ وصل جي جهڳڙن ڏني فرصت ڪٿي

ورنه مال عاشقي هو روحِ بيدارن منجهان

 

تو نه ڄاتو قدر هرگز عشق جي اعجاز جو

گرچ مان آهيان سراپا راز اسرارن منجهان

 

مون لطيفي کي نه چو تون ناز منهجا نازنين

تون سراپا ناز آءٌ ناز بردارن منجهان

هاءِ اسڪول هالا

        1959                     غزل 49

طرح:

اسان تي ٿيو تڏهن هو مهربان نا مهربان آهي

صاحبِ طرح: امين فهيم

 

علاجِ دردِ الفت جي سعي سڀ رائگان آهي

هي دردِ جاودان پيهم روان هر دمِ جوان آهي

 

جو اک مان ٿو ڳڙي ڳوڙهو سو نظرن کان نهان آهي

اِلاهي حاصلِ دردِ محبت رائگان آهي

 

دلِ بسمل جي زخمن کي دم بِسمل تون چيري ڏس

لهو جي بوند هر ڪا دردِ دَل جو داستان آهي

 

ضعيفي حال کان دستِ جُنون جو هو وڌڻ مشڪل

گريبان داغ وِحشت کان تڏهن ڀي پُرنشان آهي

 

مڪينِ دل ڀلا توکي ڪٿي ڳولهيان ڪٿي ڳولهيان

ڏسان ڪَهڙي طرح توکي نظارو درميان آهي

 

مهربان طبع آ هُنجي آهي شايد اسان ۾ گهٽ

اسان تي ٿيو تڏهن هو مهربان نامهربان آهي

 

مڪمل عشق يارو ۽ مسلسل شوق مان آهيان

جهان سارو ئي گويا بس منهجو ئي داستان آهي

 

سدائين شوق سجدي جو رهي هي ڇو نه تازه تر

جبين، منهجي کان ڏوراهو نه جو هي آستان آهي

 

ٻئي صياد وابسته رهن ٿا گل جي نالي سان

اوهان جو قفس آيا جئن هي منهجو آشيان آهي

 

ٻڌايو هم نشينو هاڻ منهجو ڇا حشر ٿيندو

جو مونکان ٿي پيو اڄ اوچتو هو بدگمان آهي

 

خطائن ۾ اسين اڪثر عفو جي حد لنگهي وياسين

اسان تي ٿيو تڏهن هو مهربان نامهربان آهي

 

بغير الفت جيئڻ اي يار آهي موت کان بدتر

مرڻ راههِ محبت ۾ حياتِ جاودان آهي

 

ڪپي ڪوري نه دل منهجيءَ کي هئن برباد ڪر ظالم

وسين ٿو تون ئي هن دل ۾ هي تنهجو آشيان آهي

 

اُٿي افروز جي مهلت ۾ بلبل فڪر فردا ڪر

جو تنهن جو شاخِ نازڪ تي بنايل آشيان آهي

 

رکي طوفانَ سان ياري ترن تُرهي توڪل جي

سدا دريا جي طغياني اُنهن جي پاسبان آهي

 

فهم هي ۽ تواضح هي ۽ طرزِ خود فراموشي

خدا بخشي هي دلبر کي عجب رنگ جو جوان آهي

 

هِي تنهجي سخن جي وه وا بساطِ ناز محفل ۾

جو منهجي غزل جو هرڪو لطيفيِ قدردان آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org