سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :18

ڪافي (6)

ٿلهه:   تن ۾ طالب کي رهيون تنهجون تنوارون بي حساب

تون جي ناهين ته به آهن تنهجو پچارون بي حساب

 

دل ته گستاخي ڪرڻ تي آهي آماده مگر

تنهجون ظالم ياد آهن مون کي مارون بي حساب

 

جيت ڪڏهين ڪين سنڀران تو اڳيان اي دلربا

دل شڪسته جون پون ٿيون ياد هارون بي حساب

 

منهجو محسن مون مٿان بس مهربان تئن پي ٿيو

جئن رقيبن پي ڪيون مون تي پڪارون بي حساب

 

ڌڪ وهيڻو ڀي نه آهي با خبر هوندي به تون

ڇو ڪرين پيو ناتوان تي يَرَ اُلارون بي حساب

 

ڪير ٿيندو آ جوهي گهرو رهي ٿو ناز سان

شهر وارن جون سڄڻ تي آهن خارون بي حساب

 

هاڻ نظر ڪرم ۽ دستِ دعا تنهجو کپي

پنهجي پر ۾ درد جو مون ڪيو آ دارون بي حساب

 

اڄ اهو ساڳيون لطيفي ناز آيو آ وري

جنهن جون پهرين تو لڌيون ٿي يار سارون بي حساب


 

 

ڪافي (7)

ٿلهه:   اکيون اڄ نئين سِر اڙايم عزيزو

ڦٽيل دل ڪمياڪم ڦُرايم عزيزو

 

مصرع         پلؤ مون آ پاتو ڇو ظالم صنم سان

کٽي ڪاڻ دل هي لڳايم عزيزو

 

ڌڙا ڌڙ پي حملا ڪيا دل تي دلبر

نه چارا چليا جي هلايم عزيزو

 

گهڻو ئي ٿي روڪيو مون نادان دل کي

مگر ڪجهه نه وريو وڃايم عزيزو

 

الله واهي ٿيندو ڳرو امتحان آ

پٿر ساڻ هي دل لڳايم عزيزو

 

چڙهيا ڪيف ۽ ٿي خمار آيا ڏاڍا

جڏهن اک ٿي اک سان ملايم عزيزو

 

اُڀي ٿي وئي آهي لُون لُون بدن جي

مون سهڻي سان هٿ جو ملايم عزيزو

 

هي دلڙي ديواني بچائڻ جي خاطر

گهڻا وس ۽ حيلا هلايم عزيزو

 

نظر ناز مون لا بني بي بها آ

نگاهون ملائي ڪمايم عزيزو


 

 

ڪافي (8)

جيئن شل او جيءَ جا جيارا تون آ

حياتيءَ سندم جا سهارا تون آ

 

پڇاڙي جو پهرو آ مون کي پڇي وڃ

آهيان دم ڪو زنده خدارا تون آ

 

پڇڻ لاءِ مون کان جدائي بنسبت

منهجي دل جا ظالم دلارا تون آ

 

متان تون هي سمجهين سندم دل آ ثابت

منهجي دل ته وئي ٿي پارا تون آ

 

جهان جي ته گردش مون کي آهي تنگ ڪيو

مقدر منهجي جا ستارا تون آ

 

ٿيا اڄ توهان جي اچڻ لاءِ عجيبا

آهن بازبان سڀ نظارا تون آ

 

هي غمگين دل آهي بيتاب تولا

ڪو وارو ڪري غمگسارا تون آ

 

لطيفي توهان کي سنڀاري ٿو ڏاڍو

لهڻ سار ان جي پيارا تون آ

غزل

پري پئجي وئي آ دل وري واپس ورايون ڪئن

ڏنا جي داغ دلدارن اُهي لوڪان لڪايون ڪئن

 

سدا يڪ طرفي ياري جو کنيل ٺيڪو ته ڪونهي ڪو

اسان جا جي نه ٿا بنجن اسان تِن جا سڏايون ڪئن

 

عمل ردِ عمل هر سطح تي قانونِ فطرت آ

جفا جانب کان جاري آ وفا جا ڳيچ ڳايون ڪئن

 

ڪئي منهن جي ئي منهن تي تو سدا سرسي رقيبن جي

ڪيل مون تي اهي تنهنجون ڀلايون سي ڀُلايون ڪئن

 

لتاڙي قرب داريءَ جي اصولن کي ڇڏيو يارن

جي پئجي پيار ۾ وياسي پيل ويڇا گهٽايون ڪئن

 

رڳو ٺلهيو ميارون ڀي نه ڏيئي ٿا سگهون جن کي

انهن يَرَ پاڻ زورن بي وفائن سان نڀايون ڪئن

 

ڪيوسين ظرف جو سودو سَهون ڪم ظرفي ڇاجي لا

عمر ڀر جي اصولن کي پڇاڙي جو ڀُلايون ڪئن

 

سڏائن يار ٿا جگري مدد پر ڪن ٿا دشمن جي

اهڙن يارن نيارن جي سياست کي وساريون ڪئن

 

ذري احسان جي خاطر ڇڏي دنيا نڀايو سين

وڏا احسان پنهنجا ياد يارن کي ڏياريون ڪئن

 

سڄن جي در عدو سان گڏ نه رهڻو آ نه رهنداسين

طبع پنهجي آريساري نه مَٽجي ٿي مٽايون ڪئن

 

ڪرم فرما ڪيل پنهجون مهربانيون ڏسو خود ئي

اچي ٿي لڄ ٻڌائيندي پنهجي واتان ٻڌايون ڪئن

 

شرافت عيب آ جيڪر ته بيشڪ عيبدار آهيون

هڻون لاڦون ڀلا آتش فشان بنجي اجايون ڪئن

 

ضمير آخر ضمير آهي ٿو سوري تي به سچ ٻولي

هنيا جي زخم يارانن اندر ۾ سي لڪايون ڪئن

 

محبت نام آهي پاڪ جذبن جو جهان اندر

جي جذبا ساهه کان پيارا سي رندن ۾ رلايون ڪئن

 

اوهان پرخار سڀ راهون بنايون قرب دارن جون

پٿون پيرن کي ڪن سي پيچرا آخر پُڇايون ڪئن

 

ختم ٿي دوستيون وييون رڳي سڃ آ وئي سڃ ٿي

لطيفي ناز ويچارو ڏي صحرا ۾ صدائون ڪئن


 

غزل

ڇو ڪيو تڪليف ٿا سرڪار ٻيو سڀ خير آ

حال دل جو ڇا ڪجي اظهار ٻيو سڀ خير آ

 

عشق جي دنيا ۾ ٻيو هن کان وڏو ڪهڙو انڌير

درد جا بي درد بانيڪار ٻيو سڀ خير آ

 

پاڻ خاطر پاڻ کي سجدا ڪرائيندا رهيا

ڪونه ٿيو ڪو قوم جو ڪم ڪار ٻيو سڀ خير آ

 

تنهجي رنگ رلين رُلايا ۽ ڦرايا بدنصيب

رت روئي پو هر دل بيمار ٻيو سڀ خير آ

 

قوم ساري در بدر ٿي ڀل چمن برباد ٿي

شل رهن ڀوتار جا ديدار ٻيو سڀ خير آ

 

خيريت بعد از ستم اهلِ ستم ڇو ٿا پڇو

بس رڳو پنهن پسو پرڪار ٻيو سڀ خير آ

 

آفتابِ آدميت کي اچي گرهڻ لڳو

اوج تي تهجو مگر آ اختيار ٻيو سڀ خير آ

 

مُهر خاموشي لبن تي خوف کان مسڪين کي

دل ۾ آهن درد جا ڌڌڪار ٻيو سڀ خير آ

 

مئڪشي ۽ مئڪده تو تائين ويا محدود ٿي

هر نفس آ سور ۾ سرشار ٻيو سڀ خير آ

 

خودي وارن کي ستائڻ تهجي مسلڪ ۾ روا

هي به سڏبا عشق جا اسرار ٻيو سڀ خير آ

 

منهن مقابل ڪجهه چوڻ جا حوصلا ناهن اڃا

دل اندر هر ڪو اٿو بيزار ٻيو سڀ خير آ

 

المدد جي هر صدا اهلِ چمن ناڪام ڪئي

ٿيا قفس ۾ بال و پر بيڪار ٻيو سڀ خير آ

 

تنهجي هن جادوگري مسحور ڪيو گرد و نواح

ناز هڪ نڪري ٿيو نروار ٻيو سڀ خير آ


 

ڪافي

طرح:           چڱا قيد جا ڏينهن راتيون بسر ٿيا

صاحبِ طرح: آزاد ورياهه 1979ع

سينٽرل جيل حيدرآباد

چڱا قيد جا ڏينهن راتيون بسر ٿيا

سڄي زندگي ۾ اِهي ڏينهن سکر ٿيا

 

مقالا ۽ مضمون قطعا ۽ غزل هئا

ڪچهرن جا هڪ ٻي تي واه جا اثر ٿيا

 

گُڏي راند سان گڏ پتي جو هڪ ڦهڪو

ڪڏهن دينَ جا ڀي وَڏا ٿي ذڪر ٿيا

 

ڪڏهن ويٺي ويٺي ٿي ماڙيءَ تي سڏ ٿيو

ملاقات خاطر چڱا ٿي چڪر ٿيا

 

عجب بي ڪسي هئي عجب بي بسي هئي

عدو سان به گڏ ڏينهن بند ۾ بسر ٿيا

 

ادا قيد و بند جي عجب زندگي هئي

ذري ڳالهه تي ڀي وڏا ٿي ٽڪر ٿيا

 

جمالي ۽ قاضي جو جوڙو اول هو

۽ آخر نمبر تي حبيب و قمر ٿيا

 

هجن ڀل ٻين لاءِ سردار قاضي

اسان بي ڪلاسن جا اولامر ٿيا

 

علي جو ڏنل هڪ علي جو ٻيو بخشل

ٻئي قيد ۾ گڏ اچي هم سفر ٿيا

 

اسان سڀن قيدن ۾ بابو پهر هو

حڪم رزق جا سڀ وٽان ٿي نشر ٿيا

 

هتي ڪاڪي پوٽو وڏو خوش طبع هو

سدائين ٿي سوهي سان هن جا ٽڪر ٿيا

 

ڀر ۾ ڪا بوڙو هيو جيئي سنڌ جو

سندس ڏينهن اڪثر اڪيلا گذر ٿيا

 

وڏو نيڪ ماڻهو پيرو زاني يوسف

سندس دين ويرن تي ڏاڍا ڏمر ٿيا

 

جيئي سنڌ جو عاشق آ هو ناريجو صاحب

ورهه جيل اندر جهين جا گذر ٿيا

 

ڪابوڙي سان همراهه پوءِ لاڙڪ اچي ٿيو

وتن جيل گهمندا سڀن ۾ ببر ٿيا

 

آزاد ورياهه جا وهه جا نظم هئا

اعجاز خواجي جا اعليٰ نثر ٿيا

 

جمالي وڏو منهن ڏنو ظلم سان هو

سندس قومي جذبا ستم جي سپر ٿيا

 

نوان گيت ناهن نه آزاد نظمون

اسان وٽ ته ٻيلي پراڻا وکر ٿيا

 

ڪئي ڪن ٿي ورزش ڏنيون ڪن ٿي ٻانگون

شب و روز سمهندي ٿي ڪن جا گذر ٿيا

 

مونکي ناز آهي پنهجي قيد و بند تي

جيڪي ڏينهن گذريا لطيفي سکر ٿيا


 

 

سهرا رفيق الزمان مخدوم زاده

جناب طالب الموليٰ جي صدارت ۾

 

رههِ رازو نيازن جا هي آهن راهبر سهرا

ٿا منزل تي رسائِن خوب بنجي همسفر سهرا

 

خوشي ۾ ڄاڃي ماڃي گڏجي ڳايو گهوٽ گهر سهرا

عزيزن ۽ رفيقن لا ٿيا باعثِ فخر سهرا

 

عجب رونق عجب خوشيون عجب بارات جي رونق

وٺي آيا وهانءَ اندر بهارن جو اثر سهرا

 

هي جنهن جو نور عين ۽ دل جو چين آهي پڇون ان کان

پدر خوش ڪيترو هوندو ڏسي برسر پسر سهرا

 

هي شاهي شادمانا رعب سلطاني سبحان الله

مبارڪ تاجدارِ بزمِ شادي تاجور سهرا

 

ٺهن ٿا مير جي منهن تي وڻن ٿا ڪيترو دل کي

سراسر دوستن جي لاهي دل سهرا جگر سهرا

 

مههِ ڪامل مثل چهري تي ڪِرڻن جي جهلڪ آهن

پسو اهلِ هنر سهرا ڏسو اهل نظر سهرا

 

لڙن جي لَوڏ ۾ آهي ستارن جي ضيا پاتي

حسن رشڪِ گل خندان آهن چمڪِ قمر سهرا

 

گلستانِ اِقارب ۾ بهارن جو سمون آهي

آ خوش هر ديدءِ دل اڄ هي پاتا ديد ور سهرا

 

نه ڪافي ناز آهن هي لکيل سهرا پڙهيل سهرا

چوي ٿي دل هنن سهرن جا ڳايان رات ڀر سهرا

 


 

نظم

1.

سنڌ جو روحِ روان جي. ايم. شاهه

هن زمين جو آسمان جي. ايم. شاهه

 

 

2.

مَوت ماريندو نه آ اهڙا جوان

در حياتِ جاودان جي. ايم. شاهه

 

 

3.

سنڌ جي لئه عُمر ڀر جاري رکي

درد، دک جي آجيان جي. ايم. شاهه

 

 

4.

جن کي آ حُب وطن جو اشتياق

تن جي منزل جو نشان جي. ايم. شاهه

 

 

5.

عاشقانِ سنڌ ويو پيدا ڪري

ڪاروان در ڪاروان جي. ايم. شاهه

 

 

6.

عندليبان چمن محسوس ڪيو

گلستان در گلستان جي. ايم. شاهه

 

 

7.

عمل سان هر دور ۾ پيدا ڪيو

عظمت و عزم جوان جي. ايم. شاهه

 

 

8.

اڄ به آهي زندهه هر هڪ دل اندر

اڄ به آهي ڪامران جي. ايم شاهه

 

 

9.

سخت تر- ثابت قدم هر دَور ۾

امتحان در امتحان جي. ايم. شاهه

 

 

10.

مشڪلاتن ۾ پڙهي- پوري ڪئي

دردِ دل جي داستان جي. ايم. شاهه

 

 

11.

غافلن وانگر بسر ڪيو ڪين ڪي

زندگيءَ کي رائگان جي. ايم. شاهه

 

 

12.

هن جي افڪارن، خيالن کي پڙهي

ٿو لڳي سارو جهان جي. ايم. شاهه

 

 

13.

هو سدا همت- ارادي جو پهاڙ

ظاهري هو ناتوان جي. ايم. شاهه

 

 

14.

اهلِ عاشق لئه وڏو سرمايو سو

ويو ڪري جيڪي بيان جي. ايم. شاهه

 

 

15.

تا قيامت شخصيتِ ڪردار ۾

آفتابِ صُنوفشان جي. ايم. شاهه

 

 

16.

دشمنن تي شير جيئن هو گرجندو

دوستن تي مهربان جي. ايم. شاهه

 

 

17.

سبق بيداري پڙهائين سنڌ کي

حُرّيت جو پاسبان جي. ايم. شاهه

 

 

18.

حوصلا دشمن جا ٿيا هردم بطال

پيو شان جي ناگهان جي. ايم. شاهه

 

 

19.

سنڌ جي حقن جي لئه ڳاري ويو

منجهه اسيريءَ جسم و جان جي. ايم. شاهه

 

 

20.

آ لطيفي ناز کي سيّد تي ناز،

اڄ به دل جو رازدان جي. ايم. شاهه

 

 

 

 

 


 

ڀٽ شاهه

غزل

طرح:       ڇو الائي ڏُور مون کان يار ٿيندو ٿو وڃي.

 

رفته رفته عشق جو اقرار ٿيندو ٿو وڃي،

ختم ڌيري  ڌيري هو انڪار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڪافي روڪيم پر نه هن اغيار جي صحبت ڇڏي،

صنم سان هاڻي هلڻ دشوار ٿيندو ٿو وڃي.

 

چشم و دل جي حرڪتن کان صنم اڳ هو بي خبر،

عسق منهنجي بعد مسجم پيار ٿيندو ٿو وڃي.

 

عاشقن جي درد ۾ چوءُ ڪئن ڀلا ايندي ڪمي،

عشق جو بي درد بانيڪار ٿيندو ٿو وڃي.

 

بي وفائي جا ٻڌي طعنا صنم آ تنگ ٿيو،

هن کي وفا ڪرڻ جو لاچار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ختم ڪر بسمل مٿان مشقِ ستم او سنگدل،

درد دک جو دل اندر انبار ٿيندو ٿو وڃي.

 

مان ته چاهيان ٿو ته هو منهنجي اکين آڏو هجي،

”ڇو الائي ڏور مون کان يار ٿيندو ٿو وڃي.“

 

مجنو وانگي عاشقي منهنجي به وئي مشهور ٿي،

هر گلي ڪوچي سندس اظهار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڳاڙهي ڳل تي ڪارا ڪاڪل من کي ٿا موهيو وجهن،

اڄ گلِ رخسارِ لاله زار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڄاڻي واڻي ٻن ولن کي جنهن جدا اغيار ڪيو،

سو عدو اڄ ڪيفرِ ڪردار ٿيندو ٿو وڃي.

 

اڄ ڪي زخمي ڪي شهيد آيا ناهِن محفل اندر،

تن جي غم ۾ هي جگر افگار ٿيندو ٿو وڃي.

 

جيءَ جڏي جي جو مسيحا ڪانه ڪئي پَرگهُور خاص،

ويٺي ويڄن وٽ اگهو بيمار ٿيندو ٿو وڃي.

 

تنهنجي قسمت ۾ سفر شايد لکيل صحرا جو آ،

دور توکان سايئهِ ديوار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڇو ٿا ڊيڄاريو اسان جو ٺاهه ناممڪن آهي،

صنم وٽ پرچڻ جي لا ويچار ٿيندو ٿو وڃي.

 

اڳ نهائين وانگي نينهن لوڪئون لڪائبو هو اڄ،

ذڪر ان جو زينتِ اخبار ٿيندو ٿو وڃي.

 

جُتيو ٺاهي ڏيڻ وارو اڄ اُلاري ٿو جُتيون،

خاندانن لا جهان آزار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ٻين جون اکيون ڀڃڻ جت هن کي آهن اکن تي،

ات نهارڻ منهنجي تي بيزار ٿيندو ٿو وڃي.

 

پاڻ ٻن کان سوا ڪنهن کي خبر ناهي راز جي،

پيار پنهنجو محرمِ اسرار ٿيندو ٿو وڃي.

 

اڳ ته منهنجي درد جو دارون ڏيڻ ايندو هو خود،

هاڻ دلبر دُرپئه آزار ٿيندو ٿو وڃي.

 

جبل جيڏو ڏينهن ڪئن گذري ۽ پربت جيڏي رات،

تو سوا تاريڪ سڀ سنسار ٿيندو ٿو وڃي.

 

پنهنجي چريائي ۽ پنهنجي عاشقي جو اي صنم،

واهه جو چرچو سرِبازار ٿيندو ٿو وڃي.

 

منهنجي مظلومي کي ڏسندي منهنجو قاتل شرم کان،

پاڻ پڇتائي منهنجو غم خوار ٿيندو ٿو وڃي.

 

پنهنجي پر ۾ عشق کي ڪافي لڪايم يار پر،

خون کستوريءَ جئان نروار ٿيندو ٿو وڃي.

 

مون عدوءَ جو حرڪتون مذاق پي سمڌيون مگر،

جئن پوءِ تئن هو برسرِ پيڪار ٿيندو ٿو وڃي.

 

مس وڃي محبوب جا مائٽ آهن راضي ٿيا،

آپي کان نڪتل وري اغيار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڇا ڪيان ڪيڏانهن وڃان ڪنهن کي چئي ڪنهن کي چوان،

يار ناممڪن تنهنجو ديدار ٿيندو ٿو وڃي.

 

هاڻ هن مان مون کي منهنجي خون جي ٿي بوءِ اچي،

دشمنن جو يارُ آلئه ڪار ٿيندو ٿو وڃي.

 

سمنڊ جي طغياني ۽ طوفان مون کي ڇا ڪندا،

علي جي نالي سان ٻيڙو پار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ناز کي بيڪار سمجهيو ويندو هو دلبر جي دَر،

اڄ درِ دلبر جي لا درڪار ٿيندو ٿو وڃي.

 

رحم ڪر پيري ۾ پهچي ناز تي تون دلربا،

هو قديمي پيار جو آثار ٿيندو ٿو وڃي.

 

انڪري تنهنجِي لطيفي اک نه ٿي ڪهن تي ٻُڏي،

بي خودي ۾ ناز جو خوددار ٿيندو ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org