سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :12

غزل 60

طرح:

گدا تنهجي گهٽي جا صاحبِ توقير ٿي ويندا

صاحبِ طرح: احسن الهاشمي

 

سڪندر بخت ۽ شهرت ۾ عالم گير ٿي ويندا

گدا تنهجي گهٽي جا صاحبِ توقير ٿي ويندا

 

وٺي جي نام تنهن جو بسترِ آرام تي سمهندا

تني جا خواب سڀ ئي شرمندهِ تعبير ٿي ويندا

 

دعا آزاديءِ دل و جگر مستانا ڇا گهرندا

تهجا ديوانا زيرِ حلقهءِ زنجير ٿي ويندا

 

ڪتابِ عشق جي تڪميل ٿي ٿي سِرُ ڏيڻ کان پوءِ

هي رازِ زندگي اي دوست سڀ تحرير ٿي ويندا

 

ڀلي دشمن هجي سارو جهان اهلِ محبت جو

دلن ۾ پر وفا جا ڪوٽ لک تعمير ٿي ويندا

 

ڏسن جي حسن وارا اندر جي آئينه خانن سان

جگر دل عاشقن جا دَردَ جي تصوير ٿي ويندا

 

دلِ انسانَ لا سوزِ محبت آهي پارس جئن

سڙيا جي عشق جي شعلن ۾ سي اڪسير ٿي ويندا

 

حضور حسن ۾ لک عاجزيو بيڪار عاشق جون

ٻه ٽي گفتا حسن جا عشق جي تقدير ٿي ويندا

 

نه ڪنهن جنگ و جدل سان دل ڪڏهن ٿيندي فتح آهِ

تمام عالم محبت پيار سان تسخير ٿي ويندا

 

جي پرکيم گهاءَ جي گهرائي اندر چشم خوبان کي

سڀئي سهڻا ستمگر صاحبِ شمشير ٿي ويندا

 

ڏسي ڪُرڙي نظر سان ڇو ٿا ڊيڄاريو عشاقن کي

هي گهايل موت سان خود پاڻ دامن گير ٿي ويندا

 

قبولي قرب جون ڪوٺون اچي وهندين جي محفل ۾

لطيفي تاز جهڙا صاحبِ توقير ٿي ويندا

 

ڪري تون اعترافِ جرم معافي بس سڄڻ کان گهر

مدايون ميٽجي ۽ معاف سڀ تقصير ٿي ويندا

 

هتي ڇو سر ٿو ٽڪرائين هليو وڃ ڪوچئه جانان

جتي تهجا قصا مجنون جئان تحرير ٿي ويندا

 

لطيفي ناز کي ظالم اوهان ايڏو ستايو آ

ڏِسَنِ هي اهل دِل حالت ته سڀ دلگير ٿي ويندا

هالا

غزل 61

طرح:

وهان کي مست نظرن جي خمارن جي خبر ڪهڙي

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

جنون وحشت پسند کي گلعذارن جي خبر ڪهڙي

اسان صحرا نشين کي بهارن جي خبر ڪهڙي

 

اکن ۾ صنم وهاري اکيون پوري ڇڏيون جن آ

انهن کي باقي دنيا جي نظارن جي خبر ڪهڙي

 

اي واعذ پيار جا دشمن ڇو اٽڪين عاشقن سان ٿو

اڙي بي درد واعذ توکي پيارن جي خبر ڪهڙي

 

نه واقف مئي ۽ مينا کان نه ڪنهن مئخوار سان ياري

اوهان کي مست نظرن جي خمارن جي خبر ڪهڙي

 

سدائين سير جي سامهون هلن جيڪي ٿا اوڀارو

اُنهن سرويچ مانجهن کي ڪنارن جي خبر ڪهڙي

 

ٻُڌا جن ڀروسي ۽ آسري جا لفظ ئي ناهن

انهن خود دار ماڻهن کي سهارن جي خبر ڪهڙي

 

حياتي سايئهِ ديوارِ دلبر ۾ گذاري جن

انهن کي گرميءَ ليل و نهارن جي خبر ڪهڙي

 

اسان سان دشتِ ويران چاڪ دامان جو ذڪر ڇيڙيو

جنون وارن کي باغن سبزه زارن جي خبر ڪهڙي

 

نفعو نقصان جن کي سود سان دنيا جو ياد آهي

انهن دولت پرستن کي پيارن جي خبر ڪهڙي

 

لطيفي ناز آهي حيدرِ ڪرار جو نوڪر

شههِ مردان جي خادم کي فرارن جي خبر ڪهڙي

ڀٽ شاهه

غزل 62

 

طرح:ٿي قيد حق جي خاطر سڀ ماجزا ڏٺي سون

 

ڪلهه ابتدا ڏٺي سون اڄ انتها ڏٺي سون

بس بس پرين پيارا تنهجي وفا ڏٺي سون

 

اڳ ۾ نه ڪٿ ٻڌيسون هرگز نڪا ڏٺي سون

نوڙت نيازمندي تو وٽ خطا ڏٺي سون

 

سڀ ڪجهه ٿئي پيو جڳ ۾ هر ڪار آهي جائز

اي دوست پر وفا جي تو وٽ سزا ڏٺي سون

 

مامورِ مصلحت ٿي هر ڪنهن پي سر بچايو

ٿي قيد حق جي خاطر سڀ ماجرا ڏٺي سون

 

سک سانت ۾ ته سڀڪو محفل جو مور ٿيو پي

مشڪل پئي ته محفل نا آشنا ڏٺي سون

 

مصنوعي مسڪراهٽ ڪوڙا ڏٽا دلاسا

سهڻن جي دل پسند هي طرزِ ادا ڏٺي سون

 

قسمت سان آئين پيارا ايندي ئي تون وڃين پيو

صورت اڃا نه تهجي پوري مٺا ڏٺي سون

 

منهجي صنم سخي سان حاتم جي جاءِ ناهي

بس بس چيو گدا پي اهڙي سخا ڏٺي سون

 

هو رشڪ مهر جنهن دم مهن جي اڱڻ تي آيو

سڀ دشمنن جي گهر ۾ اوندهه بپا ڏٺي سون

 

ٿوري گهڻي ته هن ۾ ڪجهه ڦوڪ اڳئي هئي پر

دنيا جي تازه ڀريل ان ۾ هوا ڏٺي سون

 

اي عرض حال تنهجو معراج ٿي ويو آ

جو غور هيٺ دلبر وٽ التجا ڏٺي سون

 

ايندي نه چيو تو آ ويندي نه چيئي ويهو

آئي جي يار تو وٽ واه مرحبا ڏٺي سون

 

ٻڌبو هو وس ڌڻي جي تقدير جو لکيو اڳ

ماڻهو جي ماڻهو هٿ ۾ پر اڄ قضا ڏٺي سون

 

رشتا لحاظ قائم آدابَ عشق جا هئا

رسمِ زمانا اڄ ڪلهه ليڪن جدا ڏٺي سون

 

پهجو حڪيم حاذق مشڪل ڪشا علي آ

نالي سندس وٺڻ ۾ ڪامل شفا ڏٺي سون

 

هڪ ناز ناهي بدليل جهن جو ملال ڪريان

مون بدنصيب کان اڄ دنيا خفا ڏٺي سون

هالا

غزل 63

طرح:هن دور ۾ يارن کي به يارن جي خبر پئي

 

آفاني زماني جي سهارن جي خبر پئي

اڄ ڪلهه جي براءِ نام بهارن جي خبر پئي

 

رُڪبو نه هاڻ جادهِ منزل تي ڪاروان

هُن کي جو آهي گرد و غبارن جي خبر پئي

 

جانچي پيو ڏسي غور سان سهڻو منهن جي سر کي

اڄ هن کي آ شايد منهجي وارن جي خبر پئي

 

صحرا گذار دل کي خدا ڄاڻي نازنين

اڄ توکي ڏسڻ سان آ نظارن جي خبر پئي

 

هن پنهجي دوستي ۽ تعلق جو اي سڄڻ

هڪ ٻن کي نه پر سَوَن هزارن کي خبر پئي

 

اڳ ذڪر يار کان هئا فقط غير ناواقف

هن دور ۾ يارن کي به يارن جي خبر پئي

 

ڏسجو ته ڪئن ٿا ناز جا دشمن هتان ڀڄن

مس مس ته گل کي هاڻ آ خارن جي خبر پئي

غزل 64

طرح:اوهان جو دم دلاسو ڀي ته دردن جي دوا آهي

 

خبر ناهي ته اڄ ڪلهه هو اسان کان ڇو خفا آهي

اسان کي ياد ناهي ٿي اسان کان ڪا خطا آهي

 

رڳو ڪوڙائي وعدا وصل جا تون ڏي سڄڻ سائين

اوهان جو دم دلاسو ڀي ته دردن جي دوا آهي

 

اڳي ٻڌبو هيو لٺِ ڀاءُ جي پاران هئي کڄندي

مگر اڄ ڀاءُ مٿان لٺيون هڻڻ بلڪل روا آهي

 

پلاند ۽ پَلوءَ هت ڪڏهين پراڻا ڪين ٿيا آهن

جڏهن ڀي بل لڳو وٺبا اها رسمِ دنيا آهي

 

جي جڙتو جوڳي بنجي تون بَڇيندين نانگ ڪاريهر

انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موسوي مون وٽ عصا آهي

 

ڀلي کر پيا کڏون کوٽن انهي ۾ پاڻ ئي پوندا

خدا ڄاڻي ٿو سڀ جي لا اسان جي دل صفا آهي

 

فقيرن کي نه پرواه آ صدائي حق پيا هڻندا

ڪتا پيا ڀوڪندا پوئتا ۽ هلندو پيو گدا آهي

 

وڏن ماڻهن جي هُشي تي ٻوڙي ٻيڙيون جي پهجن جون

انهي کي ڪئن ڀلا چئجي عزيزو ناخدا آهي

 

جيارين جيسين محتاجِ زمان کان حفظ ۾ رکجان

خدايا تو اڳيان مون ناز جي هي التجا آهي

آمين

ڀٽ شاهه

غزل 65

طرح:

دوستو ڪو دوست مونکي ديدور ڳولهي ته ڏيو

صاحبِ طرح: احسن الهاشمي

 

وقت جنهن کي آ ڪيو زيرو زبر ڳولهي ته ڏيو

ٿي ويا اِجزائي هستي منتشر ڳولهي ته ڏيو

 

عاشقي اڄ ڀي زماني ۾ ملي ويندي مگر

حسن وارن وٽ عشاقن جو قدر ڳولهي ته ڏيو

 

ڪيستائين دردِ دل در در پيو ٿيندو در بدر

خان مان برباد کي الفت جو گهر ڳولهي ته ڏيو

 

اعتبارِ عشق تان دل وئي کڄي مايوس ٿي

ڀروسو ڪنهن تي ڪجي ڪو معتبر ڳولهي ته ڏيو

 

يار اهلِ دل جي هت دعويٰ ته هرڪو پيو ڪري

دوستو ڪو دوست مونکي ديدور ڳولهي ته ڏيو

 

گهور جي گهايل جا آهن دل جگر ٽڪرا ٿي ويا

خون ۾ جيرا جگر ٿيا تر بتر ڳولهي ته ڏيو

 

اشرف المخلوق ٿا انسانَ کي سڀيئي چون

ٺيڪ آ منظور سڀ انسان مگر ڳولهي ته ڏيو

 

پاڻ ننگي رهندي پر هوٿي اگهاڙن کي ڍڪي

صاحبِ اوصاف ڪو مثلِ ابر ڳولهي ته ڏيو

 

اڄ جي هر ڪنهن شيءِ اندر آهي ملاوت ڇا چوان

پَئي پراڻو ٿي نه جو اهڙو وکر ڳولهي ته ڏيو

 

پرورش زخمي جگر جي جو ڪري سڪ ۾ سدا

ناز کي سو ناز پرور نام ور ڳولهي ته ڏيو

مٽياري

غزل 66

طرح:

مهجي دلبر جو هميشه شان عالي شان آ

صاحبِ طرح: بهاول جان سرهندي

 

بي سبب دلبر جي ڪاوڙ جو وڏو ارمان آ

ڇا ڀلا پرچڻ سندس جو يار ڪو امڪان آ

 

انتخاب يار تي ڀل ڏيو مبارڪ دوستو

مهه لقاَ منهجو بلاشڪ حسن جو سلطان آ

 

آشنا پهجن پيارن کان آهن نا آشنا

بي وفائي جو ڏسو اهڙو آيو طوفان آ

 

ڪهڙي مُنهن سان نڪته چيني ٿو ڪرين ٻي جي مٿان

جڏهن تنهجو پاڻ گند سان ڀريو پيو دامان آ

 

نُهن کان چوٽي تائين آهيان مان گناهن ۾ غرق

شرمندو منهجي مٿان خود منهجو ئي عصيان آ

 

سڄڻ منهجي بي گناهي تي ڀلي پيو ڏمرجي

رنجشون هي يار جون عاشق جي لاءِ امتحان آ

 

دل کي گهائي دلربا ويو آ هليو جنهن ڏينهن کان

آ مڪين آباد پر ان جو مڪان ويران آ

هو صرف منهجو ۽ مان هنجو سڄو سارو آهيان

ڪلهه به هي اعلان هو ۽ اڄ به هي اعلان آ

 

ڀرِي ڀاڪرُ لا ها چاڙها سج به پاڇا آهن پر

منهجي دلبر جو هميشه شاه عالي شان آ

 

لڪيو پيو هو پردي پويان حسن کي ٿي ڪنهن پڇيو

عشق ويچاري جي صدقي حسن جو ٿيو مان آ

 

اچڻ لاءِ ڪا ها ڪرين ٿو مڱ ٿئي ڇا وات ۾؟

منهجي ايلازن ۽ منٿن جو ڪو توکي ڌيان آ

 

دل ڀَڳل ماڻهن جي ڳالهن تي ڀلا مان ڇو لڳان

عشق ۾ مونکي ۽ منهجي دل کي اطمينان آ

 

معاشري ۾ لک ارب رپين جو ڪهڙو مان آ

دوستن جي دولتن وارو ئي بيشڪ خان آ

 

حرص و زر دنيا جي لالچ زندگي جو ذيان آ

منهجي مولا حيدر ڪرار جو فرمان آ

 

مذهبن آهي لطيفي نازَ ڏاڍو خوش نصيب

دينُ آ هِن جو حُسيني، ۽ علي ايمان آ

غزل 67

طرح:پنهن جي دل جا راجا آهيون پر جا ناهيون پيارا سائين

 

تون ٿو سمجهين پاڻهي ورندا پاڇا ناهيون پيارا سائين

ري چئي پيا در تي ڀٽڪون اهڙا ناهيون پيارا سائين

 

جيءَ جي بدلي جي ٿا چاهيون مانُ ڏيئي پوءِ مانُ ٿا چاهيون

عزت ڪنهن کان خيراتن ۾ پنندا ناهيون پيارا سائين

 

ڀاڪر پائي جيڪو ملندو وِکَ وڌائي ان سان ملبو

عزت ڏيندا وٺندا آهيون هلڪا ناهيون پيارا سائين

 

نياز وارن جا نوڪر آهيون پٿر دل لاءِ پٿر آهيون

ڪُرٽي کائي ڪير نه سگهندو ڪانا ناهيون پيارا سائين

 

دل جي محبت جنهن کان ملندي ان سان آهي ياري لڳندي

پنهن جي دل جا راجا آهيون پِر جا ناهيون پيارا سائين

 

نڪ ۾ نوڙي محبت جي آ ڪنڌ ۾ ڪِلي غيرت جي آ

وڍجي ويندا آهيون ليڪن جهڪندا ناهيون پيارا سائين

 

فڪر ۽ فاقو مرڪ اسان جو بک تي راضي درڪ اسان جو

پيٽ تي پٿر ٻڌندا آهيون گهرندا ناهيون پيارا سائين

 

هيٺين هٿ کي ڪمتر سمجهون مٿين هٿ کي برتر سمجهون

وسعت آهر وهندا آهيون وٺندا ناهيون پيارا سائين

 

يارن جو ٿي ٻيلي رهبر پيرين ڀي پيارن کي پئبو

جابر آڏو ڪنڌ نمائڻ سکيا ناهيون پيارا سائين

 

ڳالهيون ٿوريون ليڪن پختيون قول اسان جا لوهه تي ليڪون

خالي خاڪ جي دِلي وانگر وڄندا ناهيون پيارا سائين

 

قطري کي دريا نه چيوسين ذري کي نه قمر مڃيون سين

حق سچ منهن تي چوندا آهيون مُڙندا ناهيون پيارا سائين

 

جورو جفا ۽ رنج و محن کي ڏاڍ ڏکن ۽ درد و غمن کي

صبر شڪر سان سهندا آهيون ڪڇندا ناهيون پيارا سائين

 

نظر ڪرم جي ساڳيا رهندا نازَ لطيفي ڪيڏاهن ويندا

تنهجا ساڳيان پهن جا آهيون نيارا ناهيون پيارا سائين

غزل 68

طرح:بت خاني ۾ آهي حڪمِ، اِذان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

دردن جي ستايل دل جو بيان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

ڪجهه آهي عيان ڪجهه آهي نهان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

ڀل جورو جفا جا ڀيڄ ڀِڄن پر مرد وڃو منزل تي رسن

باهوش و همت باعزمِ جوان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

هر قصر سِتم جي سج ڌڄ کي هڪ پل ۾ ملائي خاڪ ڪبو

از تابشِ شعله آهه و فغان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

ظالم جي هٿن ڪَئِين ڇوه ڇنڊيا مظلوم کي پر روڪي نه سگهيا

ڇا تيغ تبر ڇا تيرِ سنان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

ڌرتيءَ تي هلين ٿو آڪڙ سان ماڻهن سان ڳالهائين ڪاوڙ سان

انجامِ تڪبر سمجهه ميان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

هي هٿ جا ٺهيل پٿر جا صنم ناراض ٿين يا راضي رهن

بت خاني ۾ آهي حڪم اَذان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

انجام ٻڌو فرعون جو تو شداد جو تو هامان جو تو

ڪنهن ڪهن جو اڃا ٻيو نالو وٺان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

مظلوم جي پاران نعرا هڻي ظالم کي ٻڌايان سَت سُريون

ڦاهي جي ڀلي تختي تي چڙهان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

انسان ڪو ڪنهن کان گهٽ ناهي انسان انسان جو مٽ آهي

ڪجهه سوچ سڄڻ ڪجهه سمجهه ميان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

پردي جي اڳيان تون شير آهين پردي جي پويان تون ڪير آهين

پردي ۾ رهن سي نام و نشان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

حق بينن کان نفرت ٿو ڪرين جي سچ ٿا چون تهن سان ٿو وڙهين

زين غيط و غضب باشُد تو زيان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

هي جاه و هشم هر دم نه رهيو سج چنڊ وانگي اڀريو ته لٿو

قدرت جو آهي قانون عيان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

ڌوڪي جو روئڻ ڌوڪي جو کلڻ ڪو توکان سکي ڪو تو کان وٺي

مڪروهه سندءِ اندازِ بيان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

ظاهر ۾ ته آهي شهد و شڪر باطن ۾ مگر مصموم اثر

سمجهي ڪو سندءِ اندازِ بيان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

 

رهه ناز نگاههِ قاتل ۾ سوري تي هجين يا مقتل ۾

حق بات هجي بس وردِ زبان ڪجهه اڄ ٿو چوان ڪجهه پوءِ چوندس

غزل 69

طرح:طرح:هي منهن جو نشيمن رهندو سدا آباد اوهان ڀل زور لايو

 

هن دور جا ظالم فرعونو شداد اوهين ڀل زور لايو

سر خم نه اوهان جي آڏو ڪبو بهزاد اوهين ڀل زور لايو

 

ڀل ظلم و ستم کي جاري رکو هر ڏاڍ جبر اختيار ڪيو

هر طرح اوهان کي مُنهن پيو ڏبو بيداد اوهين ڀل زور لايو

 

مارڻ کان اوهان جي آهيان وڏو مان شيرِ خدا جو آهيان بندو

ڪمزور نه مونکي سمجهو ڪڏهن ڪمزاد اوهان ڀل زور لايو

 

پڃرن جي پُڄڻ جوڳو مان آهيان ڦاهن ۽ بندن کان ڪونه ڊڄان

مان ڌڻڪو آهيان ڪن کولي ٻڌو صياد اوهان ڀل زور لايو

 

سڀ شهر اسان جا ناس ڪري تو باغ ۽ گلشن غصب ڪيا

ڀٽ شاه کي بنائڻ ڪونه ڏبو بغدادِ اوهان ڀل زور لايو

 

ڪَئين بجليون ڪرن طوفان سان گڏ ڪَئين اچن خزائون باغ اندر

هي منهجو نشيمن رهندو سدا آباد اوهان ڀل زور لايو

 

مُنهن جي به ڪڏهن واري ۾ اچو وارن جي مٿان وارائي ڪبا

مون ناز کي اڄ ناشاد ڏسي ٿِي شاد اوهان ڀل زور لايو

ڀٽ شاهه

غزل 70

طرح:حقيقت ٻڌائڻ هري ڪين ڄاڻون

 

قدم بي قدر سان ڀري ڪين ڄاڻون

پرين جهڙو تهڙو ڪري ڪين ڄاڻون

 

نه دشمن کي ويجهو اچڻ ڏيون ڪڏهن ٿا

پري يارَ پنهجا ڪري ڪين ڄاڻون

 

سچن جي ڪيون ٿا غلامي فخر سان

دغا باز سان دم ڀَري ڪين ڄاڻون

 

هجي دل جو دلبر سدا اکن آڏو

رهڻ دلربا کان پري ڪِين ڄاڻون

 

نه پورا ٿين جي عمر ڀر اسان کان

غلط اهڙا واعدا ڪري ڪين ڄاڻون

 

عزيزن سوا پئي ٿِي گذري حياتي

پرين کان سوا پل سَري ڪين ڄاڻون

 

کُلي دشمني آ کُلي سڄڻ پائي

عدو سان به ٻيائي ڪري ڪين ڄاڻون

 

نيازي ۾ سر خود وڍي اڳيان رکبو

جبر آڏو سرکي ڌري ڪين ڄاڻون

 

ٿا همت سان پنهجي گذاريون حياتي

لڳڻ ٻي ڪَهِين جي لري ڪين ڄاڻون

 

عمر ڀر نه محتاجي ٻي ڪنهن جي ڪئي سون

هلڻ غير جي آسِري ڪين ڄاڻون

 

ببانگ دهل سچ آ چئبو سڀن کي

حقيقت ٻڌائڻ هري ڪين ڄاڻون

 

نه ڪم ظرفي ڪئي آ نه ڪم ظرفي سهبي

سودو عزت جو ڪري ڪين ڄاڻون

 

لطيفي جهڙا يارَ دل کي وڻن ٿا

سڄڻ ايرا غيرا ڪري ڪين ڄاڻون

ڀٽ شاهه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org