سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :3

1971 هالا

غزل 6

طرح:بهار آئي گلستانن کي ويو دورِ خزان وسري

 

لڳي دل قفس سان اهڙي جو ويو آ آشيان وسري

ڏسي ماحولِ خاموشي وئي طرزِ فغان وسري

 

اوهان جي بزم جا آداب جيئڻ هت ڪٿي ڏيندا

اسان کي وئي تمنائي حياتِ جاودان وسري

 

رههِ محبوب جي خارِ مُغيلان تي قدم رکندي

وئي مجروح دل کي آرزوئي ڪهڪشان وسري

 

خوشا قسمت سخي اهڙي جي در سوالي بنيو آهيان

ويا دنيا جهان جا مهربان نامهربان وسري

 

ڪڏهن زندان ڪڏهن صحرا ڪڏهن سوري کي سينگاريو

حصوِل منزلِ جانان لا ويو آ آستان وسري

 

پڇو ڪهڙي خبر ٿا يار مون کان دل ڦُرائڻ جي

اميدِ سُود ۾ اڪثر ويندو آهي زِيان وسري

 

هي ڦٿڪي تهجي در تي پيو سويلا ڪُون تنهجو بسمل

اي منهجي جان ويو توکي آ شايد نيم جان وسري

 

اتي هڪ خسته پا جو حال ڇا اي چارهه گر ٿيندو

جو ميرِ ڪاروان کي جت وڃن ٿا ڪاروان وسري.

 

چمن وارئو ٻڌايو هي حقيقت آ يا خوش فهمي

”بهار آئي اوهان کي ڪئن ويو دورِ خزان وسري“

 

بنيا ايرا ۽ غيرا بوالهوس ماري آهن مالڪ

اصل جن آبياري ڪئي اُهي ويا باغبان وسري

 

گل و گلشن اوهان جي جا محافظ اسان ئي آهيون

وڃن ڇو ٿا اسان پارا اوهان کي پاسبان وسري

 

ائين ڪوٿي سگهيو ٿي بي حسي باغن ۾ هِئن ايندي

”بهار آئي گلستانن کي ويو دورِ خزان وسري.“

 

نه مدت کان ٽڙيو گل آ نه ساقي کان ملي مئي ٿي

بهارُن ۾ به مون کي ويو آ رنگِ گلستان وسري

 

وري طوفان سامهون ٿيڻ جي سنبت آ ڇا نادان؟

اڳي به وڙهندي توکي وِيو هُيو ڪوهِ گران وسري

 

رخِ جانان جڏهن ڀي ٿيو اڳيان اغيار ئي مليا

جڳهه دلبر آ بدلي يا ويم ڪوئي بتان وسري

 

عمر گذري جو صحرائي گرم ۾ آ منهجي گهمندي

تهجي ديوار جو سايو ويو ٿم اي زمان وسري

 

ڏنو اهڙو مزو اڄ انتظارِ يار آ دل کي

مگن آهيان هجر ۾ ويو اٿم دنيا جهان وسري

 

غزالي نيڻ رشڪِ ماهه جهڙي ممتحن آڏو

اسان پارن عشاقن کي وڃن ٿا امتحان وسري

 

نگاهِ ناز سان دل جا مون کي جي راز تو بخشيا

اُهي ڪجهه ياد آهن يا ويا ٿئي رازدان وسري

 

غزل ۾ ناز تون ڀي ڪتب آڻين ٿو اکر ڌاريان

لطيفي شاهه وٽ رهندي به وئي توکان زبان وسري

 

1983-2-13

قطع

مههِ ڪامل ٽهجي چانڊاڻ جا چارا ته ڏسون

توسان جي شام ملهائن سي ستارا ته ڏسون

انجمن آهي حليفن ۽ حريفن سان ڀريل

ڪهڙا ٿو ڪير ڪري ڪنهن ڏي اشار ته ڏسون
هالا 1983

هالا 1973

غزل 7

طرح:اڄوڪن يار يارن جي وفا تي ڀروسو ڪونهي

 

جهانِ عشق ۾ لفظِ وِفا تي ڀروسو ڪونهي

ادائي حسن جي رسمِ وفا تي ڀروسو ڪونهي

 

دنيا وارن ۽ دنيا جي وڻي نَهه نَهه به هن کي ٿي

مگر مسڪين مونجهڙي جي ها تي ڀروسو ڪونهي

 

اِهي منهجا ئي هٿ ۽ پير مون تي شاهديون ڏيندا

خدا ڄاڻي ٿو پنهجي دست و پا تي ڀروسو ڪونهي

 

مون خاطي کي نه ڏسجان بنده پرور پاڻ کي ڏسجان

خطا جو گهر آهي انسان خطا تي ڀروسو ڪونهي

 

آهيان مان مُلتجي حاصل ٿئي لالڻ جي لالائي

دنيا جي عارضي رنگِ حنا تي ڀروسو ڪونهي

 

پَلي ڇڏ مارئي تون سُوسُ اڄ پنهجن پنهوارن جو

عُمَرَ جي قيد ۽ بند جي بِداتي ڀروسو ڪونهي

 

اڳي ڪهڙو وفا جو صنم سان تعلق رهيو جو چئَون

اڄوڪن يارَ يارن جي وفا تي ڀروسو ڪونهي.“

 

جو ڏسجي مُنهن ۾ موسيٰ ۽ اندر ابليس جهن جو آ

اهڙي شيطان صفت جي مرحبا تي ڀروسو ڪونهي

 

فقيرن جو جتي ويساهه کڄي ويو شاهه تان آهي

اُتي مردِ سخي جو پڻ گدا تي ڀروسو ڪونهي

 

مسيحا منهن ڏيکاري اڌ مئل پنهجو جياري وڃ

مريضِ دل کي درمل ۽ دوا تي ڀروسو ڪونهي

 

ڪڏهن ڏسندي ڏين تاڪيو ڪڏهن در ٿا ڇڏن کولي

حسينن، نازنينن جي رضا تي ڀروسو ڪونهي

 

لَهي اُڀري اڃا پيو هت چوڻ هئن نامناسب آ

اڄوڪن يار يارن جي وفا تي ڀروسو ڪونهي

 

حسابن ۽ پلاندن ۾ گذاريون عمر ٿا پهجي

انهي جي لاءِ جو روزِ جزا تي ڀروسو ڪونهي

 

تنهجا ارمان ۽ سڀ حسرتون آهن اکن تي پر

مونکي اي زندگي تهجي بقا تي ڀروسو ڪونهي

 

اداسي نااميدي بي يقين ٿيندي يقيني جو

شهر جو شهر جي فرمان روا تي ڀروسو ڪونهي

 

تڏهن ناآشنائن کي ملي موقع ويو آهي

جڏهن اڄ آشنا جو آشنا تي ڀروسو ڪونهي

 

گهُري ماڻهن کان عزت ٿو ڊڄي دنيا جي ذلت کان

لطيفيِ ناز کي شايد خدا تي ڀروسو ڪونهي.

قطعات

موسم گل بنام گل آهي

دستِ گلشن جامِ گل آهي

عندليبانِ سخن گڏ ٿي چيو

بزمِ ياران شامِ گل آهي

--

پنهنجي ديرينا محبت جو ڀرم چاهيان ٿو

توسان جئن اڳ ٿي هليس دم به قدم چاهيان ٿو

مون کي مشڪوڪ نگاهن سان ڏسڻ ڇڏ هاڻي

توسان تجديدِ وفا تنهنجو قسم چاهيان ٿو

--

رنجشون دور ٿين اهڙي ڪا سبيل ٿئي

توسان حجت سان  نه ٿي اهڙي قال و قيل ٿئي

تنهنجي آئينِ وفا جو مان گنهگار سهي

رحم لازم آجي مجرم کان ڪا اپيل ٿئي

13 فيبروري 1983ع

 

هالا

غزل 8

طرح:ڏٺم جو يار جو جلوو ٻيا ديدار ويا وسري

 

حسينن جا حسينن کي آهن اطوار ويا وسري

ره ورسمِ محبت جا طريقيڪار ويا وسري

 

محبت پئي وڪامي اڄ زر و دينار جي بدلي

دلن جا سَر و سَر سودا سٽا واپار ويا وسري

 

جياپو جن جو هو جڳ ۾ فقط هڪڙي جهلڪ تهجي

مسيحا ڪئن اُهي توکي سندءِ بيمار ويا وسري

 

ڏسي مئخاني ۾ ميلا لڳل سڌڙين شرابن جا

پراڻا توکي اي پيرِ مغان مئخوار ويا وسري

 

پڇين اسباب ٿو گوشه نشيني جا ته ٻڌ همدم

ڏٺم جو يار جو جلوو ته ٻيا ديدار ويا وسري

 

جڏهن هو شاهِ خوبان منهن جي سامهون مُنهن مقابل ٿيو

صنم جي حسن جي شاهي ڏسي اختيار ويا وسري

 

تراريون تير دلبرکڻ نوان نيڻن جا هَڻُ نيزا

دلِ مجروح کي آهن اڳيان آزار ويا وسري

رکون ڇا رنجشون توسان ڀلا ڪهڙيون ميارون ڏيون

سڄڻ سائين تهجي آئي سڀئي تڪرار ويا وسري

 

مٺا تهجي رضا تان مون ڪيون صدقي سندم مرضيون

اچڻ لا جي ڪيم اڳ ٿي اهي اسرار ويا وسري

 

ڇڏيا جي گهُور سان گهايل ڪري پنهجي گهِٽن ۾ تو

پيل بسمل اُهي توکي پسِ ديوار ويا وسري

 

وئي مانوس ٿي دل هاڻ آ صحرا نوردي سان

بهارون ياد ڇا رهنديون گل و گلزار ويا وسري

 

صنم ڏانهن دل ٻڌي آيس ٻڌائڻ حال دل ٻيهر

جڏهن هو روبرو آيو وري هڪوار ويا وسري

 

وري پئي اڄ ڪري نئين سِر توکي ايلاز ۽ منٿون

دلِ بيوس کي شايد تنهجا هو انڪار ويا وسري

 

ڪو اهڙو جلد بازي جو اچي ويو دور آ اڄ ڪلهه

فڪر ۽ سوچ جا آچار ۽ ويچار ويا وسري

 

شناسن ناشناسن کي سڏائين پاڻ وٽ ٿو پر

لطيفي ناز جهڙا يار خوش گفتار ويا وسري
 

هالا

غزل 9

طرح:

مئڪده ۾ مئڪشن روئي ڏنو

صاحبِ طرح: ساقي هالائي

 

هجر ۾ هيڻن هڏن روئي ڏنو

جان بهَ لب ٿي جانبن روئي ڏنو

 

بزم آرائيون نه اڄ ساڳيون رهيون

چئي چراغِ انجمن روئي ڏنو

 

بي ثباتي باغِ عالم جي ڏسي

بلبلن خارن گلن روئي ڏنو

 

ڇا ٻڌايا گرميءَ مهرِ شباب

وصل جي شب جان وتن روئي ڏنو

 

هن جا ڪرمن تي ڪرم جاري ڏسي

منهجي ڪرتوتن ڪُڌن روئي ڏنو

 

عشق ۾ منصورُ جِئَن ڦاهي چڙهيو

رڙ ڪري دار و رَسن روئي ڏنو

 

هجر جي شب ضبطِ گريه ۾ ڪَٽِي

صبح جو مون جانِ من روئي ڏنو

 

صنم جي صدمن ۾ جئن ئي دل ٽٽي

ساڪنن سان مُسڪنن روئي ڏنو

 

دردِ دل سان دلربا ڪئي تعزيت

هم وطن سان هم وطن روئي ڏنو

 

ڪم ظرف کي جام جئن ساقي ڏنو

مئڪده ۾ مئڪشن روئي ڏنو

 

لَبَ لبن سان جئن مليا محبوب جا

فرطِ مسرت ۾ لبن روئي ڏنو

 

چؤديوارون چادرون لرزان ڏسي

دعويءِ حفظ و امن روئي ڏنو

 

اُت سڻائي صاحبِ تقدير ڪئي

جت مقدر جي لِکيَنِ روئي ڏنو

 

لب رکي ساقي جڏهن پياريون پِڪون

مَئي صُراحي ساغرن روئي ڏنو

 

جئن ئي هُن ناوڪ نظر جي دور ڪئي

دل جي زخمن ۽ ڦٽن روئي ڏنو

 

مرڻ منهن جي تي کليو پَهجن مگر

رت جي پياسي قاتلن روئي ڏنو

 

پاڻ ڏاڍن سان اڙائي پاڻ کي

نازَ نيڻن بي چَيَنِ روئي ڏنو

 

غزل 9 الف

طرحي غزل:

رشڪِ جنت اچي ويو نظر جي اڳيان

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ هالا

 

دل نذر تي ڇو نه هن جي گهرجي اڳيان

”رشڪِ جنت اچي ويو نظر جي اڳيان“

 

ڇو نبضون تَپاسي ٿو ٻانهون ڏَنڀين

درد آهي طبيبا جگر جي اڳيان

 

سور دنيا جا ٻيا سڀ سٺا سون مگر

ڪونهي چارو ڪو دردِ جگر جي اڳيان

 

کڻ خماريل نظر هڻ تون ڀالا ڀري

جوڙي رکندس مان دل کي جگر جي اڳيان

 

ويندو هردو مان تيرِ نظر پار ٿي

دل کي پويان رکان يا جگر جي اڳيان

 

تُرندا هڪ درد ۾ ڪي هزارين جگر

درد توري رکان جي جگر جي اڳيان

 

ٿيندا پرزا پوي جي پهاڙن مٿان

درد ايڏو آ منهنجي جگر جي اڳيان

 

غم سان گهارڻ آ مهجي جگر جو جگر

لکَ جگر بي جگر هن جگر جي اڳيان

 

ڪنهن به واعدي جي شب هو نه آيو نظر

ڪئين گذر ٿي ويون راتيون نظر جي اڳيان

 

رِيس ڪهڙي اکن سان ڪنديون بارشون

ڪيئي دريا ٽميا چشمِ تر جي اڳيان

 

ناز نظرِ عنايت ٿو سمجهان اها

تير تو جو هَنيو آ جگر جي اڳيان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org