نظم مير مرتضيٰ ڀٽو
هرڪو هن دنيا اندر مهمان آهي دوستو
زندگي خالق
جي
پر احسان آهي دوستو
ڪو فقير اهي ته ڪو سلطان آهي دوستو
بهرحال انسان هر انسان آهي دوستو
ڪنهن ڪيو هي قوم جو نقصان آهي
دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
نوجوان غنوا ٿي بيوه جنهن جو صبح و شام ويو
بچن تي آئي يتيمي جن جو سک آرام ويو
حڪم رانن جي مٿان بيشڪ اچي الزام ويو
هُئي حڪومت ڀيڻ جي
۽
ڀاءُ ٿي قتلام ويو
حادثي
تي جڳ سڄو حيران آه دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
آهيون حيران ڀيڻ جي ڀاءُ
سان
محبت کي ڏسي
قاتلن لئه ڪجهه نه سوچڻ پهجي طاقت کي ڏسي
شرم ٿيو شيطان کي اهڙي حڪومت کي ڏسي
رت روئڻ تي دل ٿي چاهي هن حقيقت کي ڏس
زيڊ اي ڀُٽي جو گهر ويران آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
ٿيندو رهندو آ بپا مارڻ مرڻ دنيا اندر
انتقامي ڪاروائن ۾ پوڻ دنيا اندر
ڀاءُ پياري کان سوا ڪهڙو جيئڻ دنيا اندر
آهي مشڪل وير دشمن کان وٺڻ دنيا اندر
ڳالهه ڪا منهن سان چوڻ آسان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
ماءُ جيجل جهن جي جئري ئي مري ويئي ادا
هوش هنکي ڪهڙو هوندو ٿي چري ويئي ادا
جهن جي هر ارمان تي واري وري ويئي ادا
حسرتن جي دنيا گوندر ۾ ڳري ويئي ادا
ٿيو جيئڻ مشڪل مرڻ آسان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
حالانڪ محشر تلڪ هو ياد ٿيو دنيا اندر
پر مري مظلوم پوءِ جيئرو ٿيو دنيا اندر
حڪمران ٿي هرڪو جڳ ۾ شاد ٿيو دنيا اندر
هڪ ڀُٽي مسڪين سان بيداد ٿيو دنيا اندر
ورنه هر هڪ درد جو درمان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
بدنصيب آهي اها جنهن قوم جا ليڊر ڪسن
قابو ڪوٽن منجهه ڪڙهن جي جرم
ڦاهيءَ تي چڙهن
مسلمان هوندي به ڪي دنيا ۾ ڪافر ڪوٺجن
راهه هلندي مرتضيٰ جهڙا جوان ضايع ٿين
آهي آزادي يا هي زندان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو اَرمان آهي دوستو
*
هَئي پراڻي پي پي تنهجا واعدا سڀ الوداع
روٽي ڪپڙي ۽ مڪان جا ڀروسا سڀ الوداع
هر طرح ڪم ڪار جا ڪوڙا ڏٽا سڀ الوداع
چار ديواري ۽ چادر جا قصا سڀ الوداع
هر طرف اخلاق جو فقدان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
واعدا لک ٿيا مگر هڪڙو به پورو ڪونه ٿيو
مفت ويا سڀ ووٽ ۽ ڪوڀي اجورو ڪونه ٿيو
قوم جو هر ڪم اڃا آهي اڌورو دوستو
ڪو ذرو پُرزو ڪٿي ليڪن سمورو ڪونه ٿيو
الٽو سڀ انجام جو عنوان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
ليڊرن جا هر طرح وارا نيارا ٿي ويا
قوم جو رت چوسي چوسي ٻوٿ ڪارا ٿي ويا
خُون مسڪينن جو پيئندڙ سڀ متارا ٿي ويا
سخت مشڪل ۾ غريبن جا گذارا ٿي ويا
هڪ وڏيرن جو وڏو طوفان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
ليڊرن جي ڳالهه ڪهڙي نظر کان گم ٿيو وڃن
بند بنگلن ۾ ۽ اهلِ شهر کان گم ٿيو وڃن
ڪٿ غريبن سان ملڻ جي خبر کان گم ٿيو وڃن
سڀ اليڪشن کٽڻ کان پوءِ نظر کان گم ٿيو وڃن
اهڙي ليڊر جو اصل کان مان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
جي غريبن جو نه ٿيو ڪو ڪم ته پوءِ ڇا ٿي پيو
زخم مِلت لئه نه آ مرهم ته پوءِ ڇا ٿي پيو
مرتضيٰ جهڙا جي ٿيا بيدم
ته پوءِ ڇا ٿي پيو
بي نظير آهي وزيراعظم ته پوءِ ڇا ٿي پيو
ملڪ جو والي فلاڻو خان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
ناز بس
ڪر
ناز هي ڀي وقت هو گذري ويو
هي شريفن لاءِ ڏاڍو سخت هو گذري ويو
بي نظيران جو هو جيڪو بخت هو گذري ويو
مغز
رئسن جو هو ڏاڍو مست هو گذري ويو
خوش هجي شل ملڪ پاڪستان آهي دوستو
مرتضيٰ جي قتل جو ارمان آهي دوستو
*
نظم امين فهيم صاحب 1959
لکيو مون هي جنهن جي مدح ۾ پنو آ
سو ممدوح منهجو هتي روبرو آ
خداوندِ خوبي عجب خوبرو آ
هتي هر زبان تي سندس گفتگو آ
فهم ۽ ذڪا جو مٿس خاتمو آ
عجب هم نشينو منهنجو ماهرو آ
*
پڇو ٿا ڇا ڪهڙو سندم مهه جبين آ
اسم آشڪارا سندس ئي امين آ
اٿم ناز ان تي عجب نازنين آ
پڇائي اچي هت لڌو مون پرين آ
رهي مونکي جنهن جي سدا جستجو آ
عجب هم نشينو منهجو ماهرو آ
*
جڏهن ڀي امين کي مون پارا ڏسن ٿا
سندس منهن ۾ سهڻا نظارا ڏسن ٿا
جڏهن ڀي پيارن کي پيارا ڏسن ٿا
خوشيون عيد جون هو خدارا ڏسن ٿا
سراپا مسرت محب
مُوبَمُو
آ
عجب هم نشينو منهجو ماهرو آ
*
سڄڻ کان مون
جيسين
به
پي
ڌار گهاريو
اهو وقت سارو مون بيڪار گهاريو
ڦٽيل دل پي فرقت ۾ بيڪار گهاريو
جدا ٿي مون جنهن گل کان بيڪار گهاريو
گلستانِ محفل ۾ اڄ ان جي
بوءِ
آ
عجب هَم نشينو منهجو ماهرو آ
*
حسين سڀ جڏهن حسن هن جو ڏسن ٿا
مٿس ناز و انداز قربان ڪن ٿا
ڪي پرپٺ ئي دم دوستيءَ جو ڀرن ٿا
اچي روبرو نت قدم ڪي چمن ٿا
هي حسنِ
زمانه سندءَ آبرو آ
عجب هم نشينو منهجو ماهرو آ
*
هزارين اسان جهڙا حيران آهن
پسڻ لا پرين جي پريشان آهن
اهي ڪهڙا دنيا ۾ انسان آهن
سڄڻ منهن جا جن تي مهربان آهن
اسان سان ته هر دم سڄڻ جنگ جُو
آ
عجب هم نشينو منهجو ماهرو آ
*
بيان شان ڪهڙو ڪيان جانِ مَنَ جو
سدا ناز آ هو حسنن سڀن جو
حسن آهي اهڙو سندم سيمتن جو
ڏسو هت به آهي صدر انجمن جو
سدائين لطيفي سڄڻ سرخرو آ
عجب هم نشينو منهجو ماهرو آ
*
نظم بي نام محبوب
1961
ڪري لک بره جا تو بيمار ڇڏيا
سٽي سوَ وڇوڙي جا آزار ڇڏيا
وساري سڀئي قول اقرار ڇڏيا
اچڻ جا سان وٽ تو سڀ وار ڇڏيا
پڙهي ڦيڻا مونتي تو منٺار ڇڏيا
ڪري منهن جا تو ير ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
نگاهون جڏهن تنهجو مون سان مليون ٿي
ڏسي جان دل ٻئي سي گڏجي ٺريون ٿي
نه ڪپڙن ۾ پنهجي خوشي مان ٺهيون ٿي
مٺا ڪئن هي توکي نه ڳالهيون وڻيون ٿي
منهن جا تو ته لاهي ليکا يار ڇڏيا
ڪري منهن جا توير ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
پڇو دل کان ڇاهي ٻڙي تو ڪيو آ
پٿر سان مٿو پنهجو ڇوڙي هنيو آ
پنهل سان جڏهن منهجو ناتو لڳو آ
قضا جو ته مينهن ڪئن نه جيڏيون وٺو آ
توڪل تي ٻيڙا مون هڪوار ڇڏيا
ڪري منهن جا توير ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
منهنجي توسان پيارا جا سنگت بڻي آ
۽ سنگت سان گڏ پڻ عقيدت بڻي آ
ايڏي يار توسان هي الفت بڻي آ
مان سمجهان ٿو مون لا ڪا جنت بڻي آ
مقدر جا کولي تو در يار ڇڏيا
ڪري منهن جا تو
يَرَ
ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
کڻي نيڻَ مئنوش سُرڪي گهُري پيو
پيئڻ لا پياسي هي ماندو مري پيو
عقل جون اڃا مست ڳالهيون ڪري پيو
مگر ڄام ساقي عدوءَ لاءِ ڀري پيو
سُتيءَ
لاءِ سڪائي تو مئخوار ڇڏيا
ڪري منهن جا تو
يَرَ
ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
مٺو محب ويٺو هتي روبرو آ
ملڻ جي انهي سان منهجي آرزو آ
ڪجي ڇا جو ويٺل صنم وٽ عدو آ
ازل کان ئي جنهن جي طبع اڻ سَهو آ
وڃائي جنهن آهن ته پرڪار ڇڏيا
ڪري منهن جا تو
يَرَ
ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
لطيفي جي ٻڌ ڪئن مٺا رات گذري
وئي رات واپس ۽ پرڀات گذري
سنجهي کان آ دل تي ڪنهن جي لات گذري
خموشي ۾ تنهجي وائي وات گذري
دنيا جا سڀئي ڪم مون دلدار ڇڏيا
ڪري منهن جا تو
يَرَ
ڌنڌا ڌار ڇڏيا
*
نظم واعظ
ناحق موالين کي نه ناصح ستاءِ تون
ڇا تنهجو ٿا بگاڙيون واعذ ٻڌاءِ تون
توکي جو ڏک ڏنوسون سراسر سُڻاءِ تون
بي دل ٿي اهلِ دل تي نه حيلا هلاءِ تون
پنهجي به ڪجهه اندر جُهڪي
جهات پاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
هردم رکين زماني جي عيبن تي
تون
نظر
هرگز نه توکي پنهجي برائن جي آ خبر
دائم ڦرين ٿو پيٽ جي خاطر تون دربدر
ڪوڙهيا رڳو تون ڪُوڙَ ڪٽين ٿو اٺئي پهر
افعال پنهنجا ايڏا نه وحشي وڃاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري عادت
مٽاءِ تون
*
ڪجهه هوش ڪر نه مفت تون مستن جي ڪر گلا
ڇڏ عيب گوئي احمق ڪر ياد ڪجهه خدا
حرفت هلائي پنهنجي
ٿو جاني ڪرين جدا
عادت اٿئي ڪني متان کائين ڪٿي کَلا
جيڪر ڀلو گهَرين ته هي بدعت مٽاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
ڪر پيٽ پوڄا پنهجي شڪم
جا
مريد تون
ڇالا ڪرين ٿو ٻين جون خوشيون خريد تون
رک ياد دل ۾ دائم ختمو ۽ عيد تون
دانگي ۽ ديڳڙي تي ئي رک پنهجي ديد تون
بس مال مفت کائي شڪم کي سڄاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
مستن سان مفت وير هي آهين ڪٿان
سکيو
ساڙو سدائين پيار سان دل ۾ تو ڇو رکيو
محبت جو تو مزو نه اي چهٻر ڪڏهن چکيو
غيبت گلا جو تڏهن
تو
روغن ٿئي مکيو
اک کول انڌا عقل تان پردو هٽاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
هيڪر وري چنوئين تو نڀاڳا مُنجهي
نه مر
ٻي جو مٺو جي گهرندين ته ٿيندين تون دربدر
ڪنهن جو ڏسين جي عيب ته ڀي ڪر تون درگذر
بس بندگانِ حق سان تقاضا ڪڏهن نه ڪر
جيڪر نه سمجهندين ته وڃي ڌوڙ پاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
رب سان اٿئي جي پيار ته دنيا ۾ پيار وٺ
ڇڏ ناز سک نياز محبت جو پار وٺ
ناهيئي جي نقد دل ۾ ته ڪنهن کان اڌار وٺ
ڀائين ڇُٽان غمن کان ته ڪو غمگسار وٺ
پڙهه نينهن
جي نماز نه گوڏا گساءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون
*
وٺ هي لطيفي ناز جي تون واعذا صلاح
رستو اهوئي وٺ جنهن مان حاصل ٿئي فلاح
ٻيڙي پيار واري جو محڪم اٿئي ملاح
جلدي قدم ڄماءِ ڇٽي ويندئي
سنجهه
صباح
دنيا فنا آ وقت نه ڪٽڙو وڃاءِ تون
واعظ
تون
حسد واري هي عادت
مٽاءِ تون |