غزل 25
طرح:
ڪيل واعدو سڄڻ پورو ڪرڻ آسان ڪونهي ڪو
دلِ بيمار جو ديدار ري درمان ڪونهي ڪو
پريشان حال جو پِريَنِ سوا پُرسان
ڪونهي ڪو
نڀائڻ دوستي يڪ طرفه
مُنهجي
وس نه هئي ورنه
اسان کان ٿيو شڪسته پيار جو پيمان ڪونهي ڪو
محبت فطرتِ اِنسانَ
جو لازمُ جزو آهي
جو آهي عشق کان آري اُهو انسانُ ڪونهي ڪو
ضرورت شڪريي
جي
ناهه ڪنهن خدمت عيوض مونکي
بجا آڻڻ ڪو پنهجو فرض هي احسان ڪونهي ڪو
جڏهن نا آشنا ٿيو دردِ دل کان آشنا منهجو
دل بِيوس کي بس ان ڏي رهيو ارمان ڪونهي ڪو
ٻنهي طرفن جي نيت ۾ جڏهن گڙ ٻڙ ٿئي ٿي پوءِ
”ڪيل واعدو سڄڻ پورو ڪرڻ آسان ڪونهي ڪو“
شرڪ آ
بي زباني ڪڇڻ تي هت ڪفر جا فتوا
زماني ۾ انهي کان سخت ٻيو زندان ڪونهي ڪو
ڏيڻ وارو اٿئي ريسارو ڏاڍو خيال ڪر مڱڻا
جهڪي هر گهر جي چانهٺ تي سندس سوڀان ڪونهي ڪو
ڳجهان ڳجهه ڏي جو سائل کي سخي جو هٿ اهو چئبو
ڏيکاري ڏيهه کي جيڪو ڏجي سودان ڪونهي ڪو
جي سمجهِي سيج سوري کي هڻن ٿا دار تي نعرا
اڃا ملندا اُهي غازي ملڪ ويران ڪونهي ڪو
ذرا زحمت نظر کي ڏيو ته قدمن ۾ ملي ويندو
مڪانِ ناز اي دلبر خطِ سرطان ڪونهي ڪو
ڀٽ شاهه
غزل 26
طرح:
اهي روئندي ڏٺم جيڪي ڪنارن تي وڃي پهتا
صاحبِ طرح: احسن الهاشمي
صنم جا قول آخر انتظارن تي وڃي پهتا
عشاقي نيڻ خالي رهه گذارن تي وڃي پهتا
اهو مظلوم جي آهن ۽ دانهن جو اثر آهي
سڏايو جن سهارو سي
سهارن تي وڃي پهتا
شروع ۾ دردِ دل جو ڪو بلو توکان نه ٿيو دلبر
ڏنل چند درد تهجا اڄ هزارن تي وڃي پهتا
دمِ آخر مليو ديدار جو دارون مسيحا کان
شڪر ٿيو بي قراري دَمَ قرارن تي وڃي پهتا
اکين کي ڪئن ڀلا آرام ملندو سبزه زارن مان
سِڪايل نيڻ جي توبِن
نظارن تي وڃي پهتا
نشو ديدارُ دلبر جو ئي نيڻن لائي ڪافي ٿيو
غزالي چشم ڏسندئي خمارن تي وڃي پهتا
ماهِ ڪامل جي
هڪڙي
جهلڪ
جي ديدار لاءِ
عاشق
ڪري ڪئين مرحلا طيءِ رهه گذارن تي وڃي پهتا
سُکائن سان سڄڻ آيو مرادون ٿيون سڀئي پوريون
ڏيڻ پيرن تي پڙ عاشق مزارن تي وڃي پهتا
چکي مئي واعذن ڀلجي هُئي
هڪ ڏينهن موالن سان
پڇي گس مئڪده جا سي اوتارن تي وڃي پهتا
جڏهن ڀي طرح ڪا مشڪل ٿوري آئي مشاعري لا
تخئيل شاعرن جا اختصارن تي وڃي پهتا
سڏائي ڀر جهلا جن پاڻ کي رهبر ٿي چَوِرايو
اُهي اڄ پيروڪارن جي پَنارن
تي وڃي پهتا
پچي جي عشق جي آتش مان نڪتا لال ٿي عاشق
سي دريا دردَ جا جهاڳي دَيارن تي وڃي پهتا
حسن جي بي نيازي جو فهم ادراڪ آ جن کي
سي ميڇون اکن جون سمجهي اشارن تي وڃي پهتا
نشانِ پاءِ دلبر تان جسم جان کي ڇڏيم گهوري
عمر جا سور ۽ ڏکڙا قرارن تي وڃي پهتا
سڄڻ جي وعدهِ فردا تي بي چينيون ختم ٿي ويون
اميدون آسرا سڀ اعتبارن
تي وڃي پهتا
سرِ بازار عاشق جي صدا کي سمجهي رسوائي
پيامِ عاشقان اڄ ڪلهه اشارن تي وڃي پهتا
ڪي بزمون آمريت جون ڇڏي اڄ ڪلهه زمان وارا
سٺو ٿيو آدميت جي ادارن تي وڃي پهتا
رکي طوفانَ سان ياري رهڻ گرداب ۾ خوش ٿا
”اهي روئندي ڏٺم جيڪي ڪنارن تي وڃي پهتا“
زهي قسمت سچا ٿي خواب سڀ وسريل لطيفي جا
صنم جي خواب گاهن ۽ خمارن تي وڃي پهتا
هالا
غزل 27
طرح:
اسان جون اميدون اوهان جا بهانا
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
چوان ناز و انداز ڇا دلبرنا
”اسان جو اميدون اوهان جا بهانا“
سدا يادگارِ ستم طور رهندا
اسان جا جگر دل اوهان جا نشانا
اصولن جي خاطر ڪروڙين ڪُسي
ويا
وٺي جان هڪڙي ڪندين ڇا زمانا
عجب آ عجيبن جي طرزِ محبت
ڪڏهن والهانه ڪڏهن ناصحانا
ڇڏيو اهلِ دنيا محبت اسان لا
اوهان جون زمينون اوهان جا زمانا
نه دنيا نه دولت نه لشڪر نه شاهي
محبت کي گهرجن وفا جا خزانا
وفا ڀي جفا ڀي عطا ڀي سزا ڀي
اڌوري محبت اڌورا فسانا
محبت نه رهندي ته ڪجهه ڀي نه رهندو
محبت هلائي ٿي سڀ ڪارخانا
نه ڳِٽڪار ڌُتڪار
سان پيار هلندو
ڳچيءَ هار گهرجن ڳراٽن جا ڳانا
محبت نه
آ
ناز هر ڪنهن جي وس جي
آ
هتي مرد گهرجن قلندر يگانا
هالا ڪاليج
غزل 28
طرح:
ان سنگدل جي دل ۾ اميد آهِ گهر ڪبو
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
دل پاره پاره ٿيندي ٽڪرا جگر ڪبو
ان سنگدل جي آڏو تحفو نذر ڪبو
قربان سندءِ اشاري
تي
برق و شرر ڪبو
حاضر حڪم تي آڻي شمس قمر ڪبو
دلبر جي دل تي آه و رسا سان اثر ڪبو
آه و فغان جو ان ڏي روان نامبر ڪبو
جيڪر هجي قبول نه هي سجدهِ حقير
آخر
جبين
کي يار جو ئي سنگِ در ڪبو
حيلا هزار ديدهءِ پرنم ڪندو ضرور
”ان
سنگدل جي دل ۾ اميد
آهي گهر ڪبو“
ساٿي خوشي جا سڀ ويا رنج ۾ ڇڏي
ساٿي نه هاڻ ڪو به صفا عمر ڀر ڪبو
هوندو شريڪِ بزم لطيفي ضرور اڄ
جُرمن
کي ان جي يارَ صفا درگذر ڪبو
ڀٽ شاهه
غزل 29
طرح:
جڏهن قربان ٿيڻو پيو تڏهن پروانا ياد آيا
صاحبِ طرح: طالب الموليٰ
ڏسي سامهون سڄڻ کي سجدهءِ شڪرانا ياد آيا
زهي قسمت جو دانائن کي اڄ ديوانا ياد آيا
ڪندو پوءِ ڪير ذڪرِ خير نادانن
جو دنيا ۾
اوهان کي بزم ۾ جيڪر فقط فرزانا ياد آيا
ڀَري چشمن جا ساغر
ٿي
پيارا پيار سان پياري
اُهي مستن کي مستي جا ڀريل پئمانا ياد آيا
وري اهلِ جنون سان ذڪر ڪنهن ڇيڙيو بهارن جو
وري وحشت پسند يارن کي اڄ ويرانا ياد آيا
نه بنگلن ماڙين تي عاشقن جي ڪا پوي ٿي تَڪَ
ڏيا ٽمڪن ٿا جت الفت جا سي خسخانا ياد آيا
ڪيم قربان دل جون حسرتون جيڪي حبيبن تان
دلِ مضطر جا يارن کي ڏنل نذرانا ياد آيا
نه ٿو وسري شبينو مونکي ساقي جي هٿن وارو
بچيل ڍڪ رات وارا صبح سان نيرانا ياد آيا
نه قطرو ملندو هو ڪم ظرف کي ڪڏهين به محفل ۾
اي ساقي اڄ اها محفل اهي پئمانا ياد آيا
هميشه ئي حبيبن جي هٿان ٿي آ شفا منهجي
دلِ بيمار کي ڪڏهين نه حڪمت خانا ياد آيا
اسان خود آهيون پروانا اسان وسريل هئاسين پر
”جڏهن قربان ٿيڻو پيو تڏهن پروانا ياد آيا“
سڄڻ جي بند ڪاڪل ۾ رهيس هم رُتبئه
ڪاڪل
زلف جا طائرِ دل کي سي بنديخانا ياد آيا
رُليس راهن اندر ٿي دربدر مان دلربا خاطر
وري تقدير جا دل
کي
سي دام و دانه ياد آيا
رهيو پرواني جو نالو سدا ايثار سان گڏ آ
”جڏهن قربان ٿيڻو پيو تڏهن پروانا ياد آيا“
مٺي محبوب جي نالي وٺڻ سان هڏڪي
بند ٿي وئي
عجب بيمارِ الفت کي هي حڪمت خانا ياد آيا
نه ٿيو اغيارَ جي ظلم و ستم جو ڪو اثر دل تي
رنا سين رت مگر جت دوستن طعنا
ياد آيا
فرق مقتل ۽ محفل جو ختم ٿيو دستِ قاتل سان
ادائي قتل ۾ اندازِ معشوقانا ياد آيا
صبح تائين شمع ٻرندي پري کان گهورجن بيٺا
مُٺل مطلب پرستي جا ڪئين پروانا ياد آيا
جتي زنجير جي جهنڪار جو آواز ٿي ڪن پيو
اُتي دل کي ٿي دينِ حق جا ڪجهه ديوانا ياد آيا
ٿين ٿا دل جي لئه ڪي دوست ڀي اسباب وحشت جو
جي حالِ غيرڪن ٿا سي وري يارانا ياد آيا
ڏسن محبوب تي پيا آنچ پوءِ ڇا جي وفاداري
شمع ٻرندي مرن جيڪي اهي پروانا ياد آيا
ڪرم پنهن جا ڪيا ڪو جهن مٿان رانجهن آهن ريجهي
نگاهِ نازنين کي ناز جا نذرانا ياد آيا
نه هرگز ڪنهن به هستي جو اثر اي ناز ٿيو دل تي
فقط مستي اندر ڪجهه رازدان مستانا ياد آيا
غزل 30
طرح:آبرو
منصور بخشي دار کي
ڇيڙين ڇو ٿو ديدءِ خُون بار کي
ڪرڻو ڪو گلپوش ٿئي ڪوه سار کي
ٽاري ٿو واعدو ڪري جو وار کي
ڪهڙي عزت تنهن ڏني اقرار کي
جانبن کان پئي ڪري جانب جدا
ڪهڙي مُنهن سان محترم چئون دار کي
دار اڄ ڀي آ نشاني ظلم جي
آب ڇا منصور بخشيو دار کي
ٿو ڪري هت عشق اعلانِ شڪست
ڏيو مبارڪ حسن جي سرڪار کي
پاڻ ڪيرائي وڃي قدمين ڪريس
ويو اچي قرار آ قرار کي
پنهن جي قسمت کي نه جاڳائي سگهي
سڀ ميارون ديدهِ بيدار کي
ٿيو گريبان چاڪ دامن تار تار
چئو متاعِ حسرتِ ديدار کي
سودي بازي جي نه قائل آهي دل
ڇو پڇان پوءِ مصر جي بازار کي
ناهه جو شوقِ جنون راحت پسند
ڇا ڪبو پوءِ سايهءِ ديوار کي
تنهنجي انڪارن سان دل وندري پئي
ڇو ٿو ورجائين وري اقرار کي
زندگي جون تمنائون ٿيو پري
ٿيون ٿا سامهون صاحبِ اختيار کي
رهبرِ راههِ وفا سان گڏ هلي
طي ڪيون ٿا منزلِ دشوار کي
منهجي ڪَڍَ آهن دنيا جون گردشون
ڇو بزم مان
ٿو
ڪڍين لاچار کي
اي هجومِ شوق توقف ڪر ذرا
دم کڻڻ ڪو دم ته ڏي بيمار کي
نِينَهن نِيَرَ کي اجاريو آ سدا
”آبرو منصور بخشي دار کي“
رفعتِ ذوقِ نظر جي نظر سان
پرکڻو آ حسن جي معيار کي
پائي سرمون جوهرِ ادراڪ جو
ڳولهڻو آ گوهرِ ڪردار کي
شَهَه ڏيڻ لا ناصَحِ بد ذوق کي ...
ساڻ کڻ تون رند خوش اطوار کي
هئن نويدِ بخششِ عصيان ڏيئي
ڪر نه تون شرمندو مون بيڪار کي
حسنِ انداز بيان ڏاڍو وڻيو
آ سلامي خوبيءَ گفتار کي
رخ تعُين ڪرڻ لاءِ ڀي هر گهڙي
ڏسڻو پوندو آ نگاهِ يار کي
سوئي صحرا نيٺ نينديون وحشتون
ڇا ڪندا اهلِ جنون گلزار کي
تو اڳيان جانانِ جان جانِ بهار
ناهه وقعت ڪا گل و گلزار کي
آبرو منصور بخشي يا وَتئين
ناز ڇڏ تاريخ لا تڪرار کي
نازَ چئي نادِ علي مشڪل ۾ سڏ
هر گهڙي تون حيدرِ ڪرار کي
غزل 30 الف
عمر سڀ سندم اشڪباري ۾ گذري
گهڙي بس وصل جي بهاري ۾ گذري
صبح جي اچڻ جو ڏنو قول دلبر
سڄي رات منهنجي تياري ۾ گذري
عجيبن جي آڏو حياتي اسان جي
هميشه آهي انڪساري ۾ گذري
ڪڏهن ڪين سنڀران وصل جي گهڙي ڪا
عمر منهنجي آ انتظاري ۾ گذري
ڪيان ڳالهه ڪهڙي سندم زندگيءَ جي
”غمن ۾ ڪڏهن غمگساري ۾ گذري“
خوشي سان گذاري سڄڻ پيو مگر هت
لطيفي جي شب آه و زاري ۾ گذري |