”ڪلام“
ٿلھھ:جوڳيءَ کي وئي وقت ٿيو،
دل منھنجيءَ کي ڪري مست ويو.
١- محبت جون ڪي مرليون وڄائي،
درد ڀريا ڪي ٻول ٻڌائي،
مونکي روئائي رت ويو.
٢- ڏونگر جا ڪي گس ٻڌائي،
مونکي راھن منجھھ رلائي،
منھنجِي منجھائي مت ويو.
٣- ”قالو بَلى“[1]
ذلف فقير تون پاڙج،
ڪيل قول تون ڪين وسارج،
سامي سڻائي ”الست“[2]
ويو.
ٿلھھ:
منھھ مونکي اھي پنھوارن جا پيھا،
ڪين ٿا وسرن، مارون ياد پون.
١-
سکيا سانگيئڙا سارو ڏينھن پئي،
واريءَ تي راندون ڪن،
مارون ياد پون.
٢- ساريندي ساڻيھھ کي سومرا،
اڀري سج لھن،
مارون ياد پون.
٣-
منھنجي نيڻن مئون اباڻن لئي،
ڳوڙھا روز ڳڙن،
مارون ياد پون.
٤-
سوگھو منھنجو ڪيو سنڌ سنڌ آھي،
ذلف، زنجيرن،
مارون ياد پون.
ٿلھھ: آنءُ تھ لڙھي وڃانءِ ٿو لالڻ،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
١-
پار اڪاريو مونکي پِرين اوھان، نا تھ ويندس آنءُ
رھجي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
٢- لھرن پويان لھرون لڳن ٿِيون، مھر کپي مونکي
تنھنجي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
٣- جي تو ڪين پچاريو پِرين، ويندس آنءُ گم ٿي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
٤- تون ئي آڌار منھنجو آھين، ڪانھي ٻِي واھھ
ڪنھنجي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
٥- پار پراھون پھچڻ ڪا، ناھي ڳالھھ سھنجي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
٦- مون ذلف فقير تي تون پِرين، ڪج ڪا ٻاجھھ
پنھنجي،
ڪج ڪا مالڪي منھنجي.
ٿلھھ: سک ٽوٻن واري تار وويار،
متان گوتا کائي گم ٿين وويار.
١- ڇولن پويان ڇوليون اِيندئي،
لھرون لڳندئي لک ھزار وويار،
متان گوتا کائي گم ٿين وويار.
٢- ڌڌڪا ڪري ٿو درياھھ اڳيون،
ھميشه ٿي ھوشيار وويار،
متان گوتا کائي گم ٿين وويار.
٣- نيڻن منجھان نير وھائي،
ڪر پِريان جي تھ پچار وو يار،
متان گوتا کائي گم ٿين وويار.
٤- ذلف چئي وٺ راھھ رھبر جي،
تان تون پھچين ھن پار وو يار،
متان گوتا کائي گم ٿين وويار.
ٿلھھ:
ڪجھھ بھ ڪونھي ھتي،
سڀ ڪجھھ آھي اتي.
١-
جيڪي آھي جاڳ ۾،
سو تان ناھي ستي،
سڀ ڪجھھ آھي اتي.
٢-
ھليو وڃ تون اوڏانھون،
جوڳين جاءِ جِتي،
سڀ ڪجھھ آھي اتي.
٣-
ڇو تون ذلف فقير چئي،
در در رلندو وتين،
سڀ ڪجھھ آھي اتي.
ٿلھھ: ڪالھھ بھ ڳوڙھا ڳڙيا وو يار،
اڄ بھ وسن ٿِيون اکيون الا.
١- جيرا جِگر بُڪيون الا ميان،
سورن منجھھ سڙيا وو يار.
٢- ڦٽيا پير تھين جا ھوندا،
جي عشق جي چاڙھي چڙھيا وو يار.
٣- تون نھ آئين سپرين الا ميان،
ولر ڪونجن جا وريا وو يار.
٤- ساري توکي سپرين الا ميان،
سج بھ ڪيئي لڙيا وو يار.
٥- سک نھ ڏسندا ذلف فقير سي،
عشق ۾ جيڪي اڙيا وو يار.
ٿلھھ: پنھنجو آھين پاڻ پِرين،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
١- ”اِن الله على کل شيءِ قدير“[3]
فرمان آھي فرقاني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
٢- ويساھھ ڪيم تو ھڪ تي، ٻِي ذاتِ نھ ڪا اِنساني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
٣- ”ونحن اقرب“ مون منجھھ، تنھنجي آھي نشاني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
٤- شان مٿاھون آھي تنھنجو، مٽ ناھي ڪو ثاني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
٥- ”الست“ چئي ارواحن کي، روح وڌئي جِسماني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
٦- ”قالو“ ذلف فقير ڪھيوسين، سر ڪري سبحاني،
تون جاٿي ڪاٿي جاني.
ٿلھھ:
دلڙي توکي پڪاري وو يار،
دلڙي توکي پڪاري.
١-
ڇپِرن منجھھ ڇڏي وئين مونکي،
غمن منجھھ گڏي وئين مونکي،
ڳڻتِن منجھھ تون ڳاري وو يار.
٢-
يار تون مونکي يگانو ڪري وئين،
دلبَر تون ديوانو ڪري وئين،
محبت ۾ تون ماري وو يار.
٣-
پنھنجو پاڻ تون يار پلي وئين،
ڏاڍو مون کان ڏور ھليو وئين،
جام جدائي پياري وو يار.
٤-
ذلف جي جيءَ ۾ جاءِ ڪري وئين،
بِرھھ سندي تون باھھ ٻاري وئين،
سورن منجھھ تون ساڙي وو يار.
ٿلھھ:
مون ٿي واڪا وس ڪيام،
شل اڳتي اگھن اديون.
١-
ڪرم ڪندو پاڻ پِرين،
مون منجھھ آھن منديون،
شل اڳتي اگھن اديون.
٢- اٿم آس الله ۾،
منھنجون بخشيندو بَديون،
شل اڳتي اگھن اديون.
٣-
ذلف فقير چئي منھنجون پڪارون،
ڪن پِريان کي پونديون،
شل اڳتي اگھن اديون.
ٿلھھ:
اٿِي ڪر تون تِياري ھاڻي ھلڻ جي،
ڇڏي ھي زمانو ھزارين ھليا ويا.
١-
ھٿين خالي آيا، ھٿين خالي ھليا،
ڇڏي بي بَقا کي، بَقا ڏانھن لڏيا،
جِتي پنھنجا پکڙا، جوڳن ٿي اڏيا،
ڇڏي آستان اھي بِھ ھليا ويا.
٢-
ويا جي تھ موٽي، وري ڪين آيا،
ڇڏي ڏيھھ سي تھ، لاڏاڻا لڏي ويا،
اھي پنھنجا ھڏڙا مٽيءَ ۾ گڏي ويا،
رھي مرد مانجھي ھزارين ھليا ويا.
٣-
ذلف فقير چئي، ڪر ياد ربّ کي،
اِيندئي ڪم نام مولى جوئي اڳتي،
ٻنيون ٻارا دولت سڄي ساري جڳ کي،
ڇڏي ھي زمانو ھزارين ھليا ويا.
ٿلھھ: تون پاڻ آھين پرڏيھي،
تنھنجو لوڪن سين ڪم ڪيھي.
١-
ڪانڌي پوريندئي قبر منجھھ،
مٿان لتون ڏيئي.
٢-
وڃين ملندين مٽيءَ منجھھ،
جاءِ تنھنجي آ جيھي.
٣-
جيءُ ھيڪڙائي سين جوڙي،
دوئيءَ
کي
ڪڍ
ڌوئي.
٤-
لڙڪ وھائي نيڻن مئون تون،
راتو
ڏينھان
روئي.
٥-
جيڏانھن جوڳي پنڌ ڪري ويا،
چارو
وٺج
سوئي.
٦-
ذلف فقير چئي واٽ وٺيون وڃ،
رھھ نھ ھتي تون ويھي.
ٿلھھ: جوڳي جوءِ ڇڏي،
ويراڳي ويڙا وطن پنھنجي.
١- آديسي دانھون دردن جون ڪري، ويڙا وات وڏي،
جوڳي جوءِ ڇڏي.
٢- ڳجھو ڳالھائي لوڪ سين، ساميئڙا تھ سڏي،
جوڳي جوءِ ڇڏي.
٣- اندر منجھھ الفت جا، ويڙا آکيرا تھ اڏي،
جوڳي جوءِ ڇڏي.
٤- سامي سفر پورو ڪري، ويڙا لاھوتي تھ لڏي،
جوڳي جوءِ ڇڏي.
٥- ويراڳي وجود کي، ذلف فقير چئي، ويڙا مٽيءَ
منجھھ گڏي،
جوڳي جوءِ ڇڏي.
ٿلھھ: اٿي اِلاالله سين اور، دل کي ڌوءِ،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
١- مڻيو محبت سندو، تون سدائين ويٺو سور،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
٢- اتي الک ريءَ ٻِيو، ڪم نھ ايندئي ڪوءِ،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
٣- ھڪ ڏھاڙي ھي، ڇڏيون ويندين لوءِ،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
٤- ويل ويندئي گذري، ڪندين تون ڇا پوءِ،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
٥- ذلف فقير چئي راھن منجھھ، راتيان ڏينھان روءِ،
قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.
ٿلھھ: آنءُ تو درئون ڪاڏي وڃان، تو در ڪين ڇڏيان،
تو در ڪين الا، تو در ڪين ڇڏيان.
١- ”وحده لاشريڪ له“ توسان ڪين گڏيان،
تو در ڪين ڇڏيان.
٢- پکو پاسي تو پِرينءَ جي، اچي آنءُ اڏيان،
تو در ڪين ڇڏيان.
٣- ھردم ذلف فقير چئي، توکي ئي تھ سڏيان،
تو در ڪين ڇڏيان.
ٿلھھ:
ڪھڙا قصور ڪيتا جاني، جو منھن نھ ڏکايئي جاني،
ڪيڏي سال گذر ڳئي ھن، جو منھن نھ ڏکايئي جاني.
١- ميڏي جيري جِگر جلندي،
اک ڏيکڻ لئي سڪندي،
تِيڏي صورت سبحاني،
جو منھن نھ ڏکايئي جاني.
٢- اِٿان ھر ڪوئي مرويندا ھئي،
اِٿان ڪوئي نا رھندا ھئي،
دنيا دلبر ھئي فاني،
جو منھن نھ ڏکايئي جاني.
٣- آءُ
اڳڻ
فقيران
دي،
چمان تِيڏي مٽي پيران دي،
ڪر ذلف تي مھرباني،
جو منھن نھ ڏکايئي جاني.
ٿلھھ: جاٿي ڪاٿي تو لئي دلبر پرين ٿي ڪيم پڇائون،
روئي تو لئي راھن ۾، ڏاڍيون ڪيم ٿي دانھون.
١- ڀلا ڪھڙي ڳالھھ ڪري رسي وئين تون مونکان پيارا،
موٽي آ مون ڏي مٺڙا، ڪيئي ڇو مونکان ڪنارا،
بس توکي ريجھائڻ لئي، ڪيان ٿو پيو رٿائون.
٢- رت ڪين رھيو مٺڙا، سورن ۾ سڙي وياسون،
ڏينھن ڏاڍا او مٺڙا، گوندر ۾ گذارياسون،
ڪجھھ ڪريو رحم روح ۾، سڻي منھنجون ھي صدائون.
٣- چوي ذلف مونکي تنھنجي، وڇوڙي ڇڏيو رلائي،
سک نھ ڏٺم او سپرين، فقير دل ڦاسائي،
ڳڻتن آھي وو ڳاريو، موٽ مٺا مون ڏانھون.
ٿلھھ:
حال ھيڻو ٿيو، آءُ مون ڏي پِرين،
نا تھ ويندس مري، ڳڻتن ۾ ڳري.
١-
سپرين ٿو ورين، ڪڏھن مون ڏي مٺا،
روز راھون نھاريان روئي رڙي.
٢-
عشق تنھنجو ٿو منھنجو ماس کائي،
رڳن ۾ نا رھي رت جي ڪا ذري.
٣-
ذلف کي تنھنجي جاني جدائيءَ جھوريو،
سڪ تنھنجيءَ ۾ ويو جِسم سارو سڙي.
ٿلھھ:
تنھنجي سونھن جي تعريف ڪيان ڪھڙي،
تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي،
مونکي ماري ڇڏيو تنھنجي حسن ھڻين.
١- ڪو ڪيڏو کڻي سينگار ڪري،
توڙي ويس وڳا ڀل ڪو پھري،
ڪو ٺاھي پاڻ کي ڪيڏو کڻي،
تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.
٢- ثنا تنھنجي ڪيان ٿو، راتو ڏينھان،
پنھنجي نيڻن مئون وسائي مينھان،
روز تو لئي ويھان ٿو روئي رڙي،
تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.
٣- جڏھن بازار بِرھھ ۾ ٿو نڪرين،
ڪيئي ذلف فقير جھڙا قتلام ڪرين،
اِھڙو منتر مٺڙا ٿو منڊ ھڻين،
تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.
ٿلھھ: منزل تو پرانھون وو يار،
ويھھ نھ تون اورانھون ھمٿ ھاري الا.
١- اٿئي پريان پار جا، ڏونگر ڏورانھون وو يار،
منزل تو پرانھون وو يار.
٢- سوچي وٺ سفر ۾ ميان، آئين تون ڪيڏانھون وو يار،
منزل تو پرانھون وو يار.
٣- واٽ اھائي وٺيج ميان، جانب آھھ جيڏانھون وو
يار،
منزل تو پرانھون وو يار.
٤- روئي ذلف فقير راھن ۾، ڪج دردن جون دانھون وو
يار،
منزل تو پرانھون وو يار.
ٿلھھ: ڪين اچي ٿو آرام وو يار،
توريءَ مٺڙا زھر زمانو آ.
١- ساھھ سدائين سڪي تو لئي الا، ڪڏھن اِيندين
اڱڻ تي ڀلا،
ساريان پئي صبح شام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.
٢- ڇو وئين ڇاڪاڻ ڇڏي وئين، مئيءَ کي پاڻئون
ڌار ڪري وئين،
ڪر ڪو اچڻ جو انجام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.
٣- ڪھڙي رمز ڪري رلائين ٿو، فقيرن وانگي يار
ڦيرائين ٿو،
ماريم تنھنجي مام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.
٤- ذلف فقير تنھنجي فراق ۾ آھي، وساري ويھڻ
توکي مناسب ناھي،
قرب ڪيم قتلام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.
ٿلھھ: آنءُ تھ ڀليو وڃانءِ ٿو يار، مونکي سڌي واٽ
ڏيکار،
متان ٿِيان گمراھھ ڀلو ميان منھنجي ڪر ڪا پچار وو
يار.
١- اوکيءَ محل آھين تون ڀلو ميان، منجھيل جو
مددگار وو يار،
مونکي سڌي واٽ ڏيکار.
٢- تو جيان ترس نھ ڪنھن کي ڀلو ميان، بَديون
بَخشين بخشڻھار وو يار،
مونکي سڌي واٽ ڏيکار.
٣- اکڙيون اوھان جي آسري، ڀلو ميان، ڪجھھ مون
ڏانھن تھ نھار وو يار،
مونکي سڌي واٽ ڏيکار.
٤- آخر ايندس اوھان ڏي ڀلو ميان، ھتي ڏينھن ٻھ چار
وو يار،
مونکي سڌي واٽ ڏيکار.
|