٥- ذلف چئي ھن زمين تي، ڀلو ميان، آھيان اوھان جي
آڌار وو يار،
مونکي سڌي واٽ ڏيکار.
ٿلھھ:
ڪم ايندئي سوئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
١- ڪڍيج ڪٽ قلب منجھاران، داغ سڀيئي ڌوئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٢- آخر فنا جو ٿيندين تون، ھتِ رھندو ڪين ڪوئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٣- اور اٺئي پھر الک سين، منھن مونن منجھھ ڏيئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٤- جھين ووڙيو وجود منجھھ، خبَر تھين کي پيئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٥- جي رازق ڪاڻ رلي ويا، مان لھي ويا سيئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٦- پِرين تنھن کؤن پل م پري، جلي جانبَ ڪاڻ جوئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
٧- ريجھائج رحمان کي، تون ذلف فقير چئي روئي،
تون حرف پڙھيج ھڪوئي.
ٿلھھ:
يار ملو مئين نال،
ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.
١- تيڏي ڪارڻ مئيڪون مٺڙا، سڪندي ٿيڳئي سال،
ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.
٢- درشن ڪراءِ دوست مئيڪون، سڻ ميڏا ھڻ سوال،
ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.
٣- رلندي رلندي راھان دي وچ، حال ٿيڳئي بيحال،
ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.
٤- آکي ذلف فقير تيڏي مئيڪون، پيار ڪيتا پائمال،
ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.
ٿلھھ:
آھي
عبداللطيفرح آھي عبداللطيفرح،
سنڌ جو سائين الا سنڌ جو سائين الا.
١- تنھنجي ڀِٽ تي رحمت، بادل بوندون وسن،
ٿر بَر لاڙ اتر جا، لوڪ لڙي اچن،
سڀڪو اِئين چوي، ڀيڄ ڀِٽائي الا،
سنڌ جو سائين الا.
٢- ٿي وئي مان واري، ھيءَ سنڌڙي سونھاري،
آيو شاھھ ڀٽائي، ٿي وئي باغ بَھاري،
گل ٽِڙيو جو، سچل سائين الا،
سنڌ جو سائين الا.
٣- سانئيم سدائين، ڪرين سنڌ سڪار،
آباد عالم ڪرين، دوست مٺا دلدار،
آھي ذلف فقير کي، واتِ وائي الا،
سنڌ جو سائين الا.
ٿلھھ: مرشد ڪامل اِھڙائي ھووي، جنھن وچ نور نظر
آوي،
جنھن وچ نور نظر آوي سائين جنھن وچ نور نظر آوي.
١- سبق پڙھاوي اِسم ذاتي دا، ڪفر ڪاٽي سائين وچ
ڇاتي دا،
الله الله ذڪر ذاتي دا، طالب نون اِھا رمز سڻاوي.
٢- مرشد ڪامل مريد صادق، رھندي غرق ڏونھين وچ
وحدت،
اِھو بھ ڪم ڪريندا قدرت، طالب نون مطلوب ملا وي.
٣- لھر دنيائي درياھھ ماريندا، جِتي نھ ڪوئي تار
تريندا،
اتي بھ مرشد پار ڪريندا، طالب نون لنگھھ ڪنڌي
رساوي.
٤- اول اندر نون پاڪ ڪري، خودي وڏائي نون خاڪ ڪري،
آکي ذلف فقير دل صاف ڪري، پير اسانڏا قلب ھلاوي.
ٿلھھ: بِرھھ ڪيو بيساھھ الا،
ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.
١- سڪ سڄڻ جي سمھڻ نھ ٿي ڏي،
لڳي جھوري ھن جيءَ جڏيءَ کي،
اندر چيريم چاھھ،
ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.
٢- ھو تان ھليا مونکي ماري،
سورن منجھھ سرتيون ساڙي،
بِرھھ جي ٻاري باھھ،
ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.
٣- ھيڻا ٿِيا ھن منھنجا ھڏڙا،
مان نھ سڻي ٻاروچو سڏڙا،
وات ۾ ووءِ ووءِ آھھ،
ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.
٤- پــيل
پھاڙن
منجھھ
آھيان،
آسرو ذلف فقير نھ لاھيان،
شال ملائيندو الله،
ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.
ٿلھھ: گم آھيون گم آھيون،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
١- نڪي راتِ نھ ڪو ڏينھن، نھ صبحا نھ سنجھھ ميان،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
٢- نڪو غم نڪي خوشي، نھ اھنج نھ سھنج ميان،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
٣- نڪو وڻ نھ ڪي رڻ، نڪو جھر جھنگ ميان،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
٤- نڪي پکي نڪو پِڃرو، نھ ٻِيو ڪو ھنج ميان،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
٥- ذلف فقير عشق نيو اتِ، نھ ڪا سوچ نھ سمجھھ
ميان،
ڪنھن دنيا منجھھ ميان.
ٿلھھ: آنءُ ڪيئن پاڻ لڪايان، آنءُ ڪيئن پاڻ
لڪايان،
جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.
١- يا تھ آنءُ عشق آھيان،
ڪيئي جوان جلايان،
جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.
٢- يا تھ آنءُ اکــر آھيان،
ڪيئن پاڻ پڙھايان،
جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.
٣- يا تھ آھيان ساڳيو آنءُ،
ڪھڙا خيال ويڙھايا،
جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.
٤- يا
تھ
آھيان
آسمان،
بادل بُوندون وسايان،
جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.
ٿلھھ: عشق تنھنجي وو مٺڙا مست مونکي ڪيو،
مست مونکي ڪيو.
١-
ڪوئي
چوي ٿو چريو آ، ڪوئي چوي ٿو کريو آ،
اڻ ڄاڻ ماڻھن سان، ناتو اچي اڙيو.
٢-
نڪائي
مون لئي راتِ آ، نھ ڪائي مون لئي ڏينھن آ،
بي خبر مونکي ھتڙي، بِرھھ تنھنجي ڪيو.
٣- ياد تون ھين سدائين، من منھنجي ۾ آھين،
توريءَ رھيو نھ آھي، اندر ۾ ڪو ٻيو.
٤- ذلف فقير چئي آڙاھھ ڏيئي وئين مونکي،
قرب ڪباب تنھنجي، مٺڙا مونکي ڪيو.
ٿلھھ: آخر اٿئي توکي ڇڏڻو وو يار،
ھتي آھين تون ڪي ڏينھن ٻھ چار.
١- ڪر ياد تون ھردم نام خدا جو،
جنھن جي اڳيان آھي بيھڻو وو يار.
٢- ايڏي نھ ڪر تون وڏائي بَندا،
اٿئي مٽيءَ منجھھ ملڻو وو يار.
٣- ڪير بھ ڪين رھندو ھتڙي،
آھي سڀ ڪنھن کي فنا ٿيڻو وو يار.
٤- چئي
ذلف
فقير
زماني
۾،
توکي ھميشه ناھي رھڻو وو يار.
ٿلھھ: آنءُ جيئين آھيان تئين،
مونکي عشق ڪيو آ اِئين.
١-
مون
ڪعبو آھي قلب ڪيو،
مون تن کي آھي طواف ڪيو،
مون سجدو ڪيو آ ھئين،
مونکي عشق ڪيو آ اِئين.
٢- مون پنھنجو پاڻ کي پاڻ سڃاتم،
جيءُ اندر ۾ جھاتي پاتم،
مون يار ڏٺو آ اِئين،
مونکي عشق ڪيو آ اِئين.
٣- مون ڪوئي چوي چانڊوڪي،
مون ڪوئي چوي اونداھي،
آنءُ راتِ م آھيان ڏينھن،
مونکي عشق ڪيو آ اِئين.
٤-
مون
ذلف فقير سمجھي سوئي،
دوئي ڪڍي دل مئون جوئي،
ناتو اڙائي نينھن،
مونکي عشق ڪيو آ اِئين.
ٿلھھ: آنءُ راتيون ڪيئن نھ جاڳان،
تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.
١- پنڌ ڪري پرينءَ ڪاڻ،
جبَل ڪيئن نھ جھاڳان،
تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.
٢- جانبَ جي جدائيءَ ڪيا،
دل اندر منجھھ داغان،
تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.
٣- جت ھڻي ويا جائي پائي،
قرب سنديون ھتِ ڪاتان،
تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.
٤- ذلف فقير چئي روئڻ آھھ،
ڀينر منھنجي ڀاڳان،
تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.
ٿلھھ: سي لوڪان ڪين لڙيا،
جنھن جو پيچ پرينءَ سان.
١- وڃڻا سي ويا، روڪڻ سان ڪين رڪيا،
جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.
٢- ٻاري آڳ اندر ۾، سورن منجھھ سڙيا،
جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.
٣- وحدت جي واديءَ ۾، گھيرو ٿي گھڙيا،
جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.
٤- ڏونگر ڏوري ذلف فقير چئي، عشق جي چاڙھي چڙھيا،
جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.
ٿلھھ: رسي ويوم ڪالھھ وو رسي ويوم ڪالھھ،
راڻو مون کان جيڏيون، رسي ويوم ڪالھھ.
١- ھيو تھ ڏينھن ڪالھوڪو ميان، پر مون لئي گذريم
سال،
جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.
٢- ڪيئن ڪريان وو ڪاڏي وڃان الا، جيئڻ ٿيوم جنجال،
جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.
٣- سوڍي
سوا
سڃ
ٿي
الا،
ڪاڪ
ٿيوم
ڪنگال،
جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.
٤- ڪوئي مينڌرو مون سين ملائي ميان، مٿان گھوريانس
مال،
جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.
٥- ووڙيم جنھن لئي ذلف فقير چئي الا، مولى
ملائيندو شال،
جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.
ٿلھھ: آنءُ ڪيئن جيئري رھان – ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
١- ڪات وھائي ڪنڌ تي، ڌار سسي ڌڙ ڪيان – ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
٢- پرينءَ ڪارڻ راھن منجھھ، رت اکين مؤن رئان، –
ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
٣- ڪاھيندس ڪيچ ڏانھن، واپس ڪيئن آنءُ وران– ڙي
ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
٤- اھڙي جيئڻ کان پوءِ جيڏيون، زھر پيالو پيئان–
ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
٥- محبت سندو مچ مچائي، سورن منجھھ سڙان– ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
٦- ذلف فقير چئي ٻاروچن لئي، ٻارڻ ٿي آنءُ ٻران–
ڙي ڀينر،
جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.
ٿلھھ: ڏير ھليا ويا ڏور الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
١- ھئي ھئي ڪيان ھاءِ ھاءِ، ڏيئي ويا ايڏو سور
الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
٢- جت وٺي ويا جانب جيڏيون، ڀينگ ڪري ڀنڀور الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
٣- ساھھ ڪري ويا سوگھو سرتيون، نيڻين کڻي ويا نور
الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
٤- ڏيئي ويا ڦٽ فراق جا، نيھن سندا ناسور الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
٥- ھوتن ريءَ ذلف
فقير
چئي،
سري
نھ
ھتڙي
مور الا،
پنھون وٺي ويا پاڻ سين.
ٿلھھ: ڪيان ڪيئن نھ تن جون،
عمر آنءُ پچارون.
١- روئي رڙي تن اباڻن لئي،
آنءُ ڪڍان ڪيئن نھ پارون.
٢- واحد وسائيا مينھڙا تھ ھوندا،
نھاريندا خوشيءَ منجھھ پٽن تي پنھوارون.
٣- ساري سومرا تن سنگھارن کي،
ڪيان ڪيئن نھ آنءُ ڪوٽن ۾ ڪو ڪارون.
٤- چئي ذلف فقير سانگيئڙا نھ وسرن،
من منھنجي ۾ پون ياد مارون.
ٿلھھ: ڪين ڪيان تنھنجو پٽ لوئيءَ مٽ،
ادا ڙي عمر ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.
١- ساھھ صدقي ڪيان سانگين لئي،
ھي ساري جان ۽ جند،
ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.
٢- قسمت آندا ڪي ڏينھڙا ھتِ،
ملير
منھنجو
ھنڌ،
ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.
٣- شال سانگيئڙا سک ۾ ھجن،
مارون
منھنجا
مالوند،
ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.
٤- زنجيرن ۾ ذلف فقير چئي،
ڀلي جڪڙجي سنڌ سنڌ،
ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند. |