تعارف
ذلف علي فقير ولد فقير حاجي رحمت الله مگسي، ھدراڻي، سال ١٩٧٠ع
۾، ڳوٺ دوست علي مگسي تعلقو قمبر علي خان، ضلع
قمبر شھداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو. ھن وقت قمبر علي خان ۾
سڪونت پذير آھي.
سندس طبيعت جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي تصوف ڏي رھيو. عشق اِلاھي جي
ستي کيس پنھنجي والد گرامي کان ئي ملي ھئي. اِھوئي
سبب آھي جو پرائمري پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي
تعليم سان سندس دل ڪانھ لڳي ۽ درويشن جي صحبت جو
متلاشي رھيو.
حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي درگاھھ تي گھڻو
اچڻ وڃڻ سان کيس دلي قرار مليو ۽ ان کي پنھنجو
روحاني پيشوا بنايائين ۽ کيس صوفيانھ شاعري ڏي
لاڙو پيدا ٿيو. اھڙيءَ ريت شاعريءَ وسيلي توحيد،
رسالت ۽ الله سان محبت جو پيغام عام ڪرڻ شروع
ڪيائين.
سندس ٽيھھ اکريون ۽ سارين پيا سبحان کي“ ڪتاب پڻ شايع ٿيل آھن.
سارين پيا سبحان کي ۽ ھي ڪتاب ”اندر منجھھ الله“
سندس صوفيانھ شاعريءَ جو مجموعو آھي. سندس شاعريءَ
۾ الله واحد وحده جي ھيڪڙائي مرڪزي خيال آھي، جا
بجا قرآن شريف جون آيتون بھ شعرن ۾ سموھيون اٿس.
جنھن مان ھن جو قرآن شريف ڏي گھرو لاڙو ۽ مطالعو
معلوم ٿئي ٿو.
ذلف علي فقير، جھڙو فڪر ۽ خيالن ۾ فقير آھي تھڙو ظاھر ۾ بھ فقير
نظر ايندو. ظاھري طور سلطان الفقرا، حضرت سخي
سلطان محمد اصغر علي صاحب رحمة الله عليه درگاھھ
حضرت سخي سلطان باھو رحمة الله عليه جو دست بيعت
آھي.
اسان جي دعا آھي تھ شال الله پاڪ ھن نوجوان جي اندر پنھنجو عشق
اڃا وڌائي، ۽ ھن جو ھي پورھيو ساب وجھي، کيس
پنھنجي بارگاھھ ۾ شرف قبوليت عطا ڪري. آمين
خادم العلماءُ
علامھ مولانا مفتي
١ اپريل ٢٠٠٧ع
فقير عبدالرحمان تنيو صاحب
خطيب جامع مسجد مدينھ
ضلع قمبر علي خان
سڃاڻپ
اسان جي نظر ۾ ڪنھن سنڌي نوجوان جو ھي پھريون ڪتاب
آھي، جنھن ۾ عشق ۽ حقيقي محبت جو ايڏي زور شور سان
اپٽار ڪيو ويو آھي، جو دل لڏيو وڃي ۽ وجدان سوز
ساز سان ڀريو وڃي. نوجوانيءَ جي حالت ۾ اھڙي بي
قرار دل جي سعادت وڏو انعام آھي، جنھن تي صاحب
ڪلام مبارڪن جو مستحق آھي، ڪتاب پڙھڻ سان معلوم
ٿئي ٿو تھ ذلف علي فقير صاحب سلوڪ جون ڪافي منزلون
طئي ڪري چڪو آھي، دل چاھي ٿي ھو سلوڪ جي انھن
درمياني منزلن ۾ ئي رھي، تان تھ ھو اسان کي عشق ۽
محبت جي رمزن کان آشنا ڪندو رھي ۽ سوز درون پيدا
ڪرڻ جو ذريعو بڻبو رھي ۽ بي چين طبيعت مان سندس
انھيءَ جھڙو ٻيو ڪلام بھ جڙي تيار ٿئي. سندس ڪلام
لطف الله قادري، قاضي قاضن، حضرت مخدوم محمد زمان
لنواري، مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي ۽ ڀٽائي جي ڪلام
جون سڪون لاھي ٿو ۽ انھيءَ رنگ ۾ رنگيل آھي ۽
وجدان ۾ اھي ئي ساڳيا جذبا پيدا ڪري، محبوب حقيقي
سان محبت جو ساڳيو مچ ٻارڻ جو ذريعو بڻجي رھيو
آھي.
ڪافي عرصي تائين شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري
عام ماڻھن ۾ اھي احساسات پيدا ڪندي رھي آھي، پر
ھينئر شاھھ جي ٻولي جي مشڪل ھئڻ سبب شاھھ جي شعرن
کي سمجھڻ ڏکيو ٿي پيو آھي. جنھن ڪري شاھھ جي شاعري
جي موسيقيت جو لطف تھ حاصل ڪري سگھجي ٿو، پر سندس
شاعري جا عوامي اثرات مشڪل آھن، اھڙين حالتن ۾ ذلف
علي فقير جو ڪلام اھا اميد ڏياري ٿو تھ عين ممڪن
آھي تھ سندس ڪلام ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين اھو خال
پورو ڪري ۽ محبوب حقيقي سان محبت جي جوت جلائڻ ۾
اھم ڪردار ادا ڪري.
محمد
موسى ڀٽو
حيدرآباد سنڌ
پيش لفظ
چند اشعار پيش ٿو ڪيان، پنھنجي پياري مرشد ۽
روحاني پيشوا سيدنا حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي
رحمة الله عليه جي مان ۽ شان ۾، شال رب العزت
پنھنجي بارگاھھ عاليھ ۾ قبول ۽ مقبول فرمائي. آمين
(١)
ٻڌي تند تنبور، پيم پريان جا پور،
اندر ذلف فقير چئي، نيھن ڪيا ناسور،
ٿِيا سوايا سور، لاتِ ٻڌي لطيف جي.
(٢)
مرشد تو مٿان، وسي خدائي نور،
چئي ذلف فقير، سبق سيکاريئي سور،
سڻائي تند تنبور، عشق جاڳايئي اندر ۾.
(٣)
پچڻ وارو پچي الا، جِتِ جلڻ وارو جلي،
فيض مون فقير کي، تاٿئون شال ملي،
جاٿي جام ھلي، سدا لال لطيف جو.
(٤)
ڀِٽ ڌڻيءَ جي در تئون، مونکي ڪا جا لڳي ھير،
سلو ڦٽو سڪ جو، منھنجي اندر منجھھ اڪير،
آھيان ذلف فقير، ديوانو تنھن در جو.
(فقير ذلف علي)
١ ذلف علي فقير
مگسي سينيٽري اسٽور قمبر علي خان
غلام عمر مگسي نزد جناح باغ
ضلع قمبر علي خان
مھاڳ
ھڪ سنڌي نوجوان جو فڪر انگيز ڪلام
اسان جي نظر ۾ ڪنھن سنڌي نوجوان جو ھي پھريون ڪتاب
آھي، جنھن ۾ عشق ۽ حقيقي محبت جو ايڏي زور شور سان
اپٽار ڪيو ويو آھي، جو دل لڏيو وڃي ۽ وجدان سوز
ساز سان ڀريو وڃي. نوجوانيءَ جي حالت ۾ اھڙي بي
قرار دل جي سعادت وڏو انعام آھي، جنھن تي صاحب
ڪلام مبارڪن جو مستحق آھي، ڪتاب پڙھڻ سان معلوم
ٿئي ٿو تھ ذلف علي فقير صاحب سلوڪ جون ڪافي منزلون
طئي ڪري چڪو آھي، دل چاھي ٿي ھو سلوڪ جي انھن
درمياني منزلن ۾ ئي رھي، تان تھ ھو اسان کي عشق ۽
محبت جي رمزن کان آشنا ڪندو رھي ۽ سوز درون پيدا
ڪرڻ جو ذريعو بڻبو رھي ۽ بي چين طبيعت مان سندس
انھيءَ جھڙو ٻيو ڪلام بھ جڙي تيار ٿئي. سندس ڪلام
لطف الله قادري، قاضي قاضن، حضرت مخدوم محمد زمان
لنواري، مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي ۽ ڀٽائي جي ڪلام
جون سڪون لاھي ٿو ۽ انھيءَ رنگ ۾ رنگيل آھي ۽
وجدان ۾ اھي ئي ساڳيا جذبا پيدا ڪري، محبوب حقيقي
سان محبت جو ساڳيو مچ ٻارڻ جو ذريعو بڻجي رھيو
آھي.
ذلف علي فقير جي ڪلام جي وڏي خاصيت اھا آھي تھ ھن
پنھنجي شعرن ۾ قرآن مجيد جون سوين آيتون ڪوٽ ڪيون
آھن، جنھن سان سندس الاھي ڪلام سان ذوق شوق ۽ محبت
جو اندازو ٿئي ٿو. ذلف علي فقير اڄوڪي نوجوان جو
اھو ماڊل انسان آھي، جنھن کي ڏسي ۽ جنھن جو ڪلام
پڙھي، ماديت جي بدران روحانيت ۽ محبوب حقيقي سان
تعلق جڙي ٿو.
ذلف علي فقير جي قرآن سان محبت ۽ تعلق کي ڏسندي،
رشڪ محسوس ٿئي ٿو. موجوده دور جيڪو عام طور تي
قرآن کان دوري جو دور آھي ۽ تصوف جي نالي تي
اڀرندڙ فقيرن کي تھ ماڳھين قرآن سان ڪو تعلق ئي
ناھي رھيو، اھڙي دور ۾ پنھنجي ڪلام کي قرآني آيتن
سان سينگارڻ بلڪ قرآني آيتن کي بنياد بنائي، ڪلام
جوڙڻ، اھو قرآني فڪر کي عام ڪرڻ ۽ ڦھلائڻ ۽ نئين
انداز ۾ پيش ڪرڻ جي بھترين ڪوشش آھي، جنھن لاءِ
ذلف علي فقير اسان سڀني جي طرفان تحسين جو مستحق
آھي.
موصوف جي ڪلام ۾ مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي ۽ شاھھ
عبداللطيف ڀٽائي جو جيڪو رنگ، اسلوب ۽ نمونو ملي
ٿو، سوز ساز، ڪيفيتون ۽ وجدان کي متاثر ڪرڻ جي
جيڪا قوت موجود آھي، سوال ھي آھي تھ موجوده دور جي
ھڪ نوجوان درويش شاعر جي ڪلام ۾ ايڏي قوت جو ڪارڻ
۽ راز ڇا آھي؟ ان جو بنيادي سبب اھو آھي تھ جڏھن
ڪو باصلاحيت فرد پنھنجي دل ۽ دماغ جون سموريون
قوتون نفس کي الله جي مرضي ۽ اختيار ۾ ڏيڻ جي نصب
العين ۾ صرف ڪري ٿو تھ نفس جي قوت ڪمزور ٿيڻ لڳي
ٿي ۽ فرد جي نفسيات، وجدان ۽ دماغ تي صبغة الله
(الله جو رنگ) غالب ٿئي ٿو. نفس جي قوت کي الله جي
تابع ڪرڻ جي نتيجي ۾ فرد تي الله جي پاران معارف ۽
حقائق جو اھڙو نزول ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، جو فرد خود
حيران ٿي وڃي ٿو، اھڙو فرد جيڪڏھن فطري طور تي
شعرو شاعريءَ سان لڳاءُ رکندڙ آھي تھ ان جي ڪلام ۾
آفاقيت پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ڪلام مرده دلين جي
زندگيءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿو. پر اھڙي شاعر تي خدا
جو اھو فيضان ھاسيڪار نھ ٿو ٿئي، بلڪ ھو سالن جا
سال رياضتون ۽ مجاھدا ڪري، جڏھن پاڻ کي فنا ڪري ٿو
۽ مسلسل خدا جي راه ۾ نفس کي ذليل ۽ پائمال ڪندو
رھي ٿو تھ ان کان پوءِ الله جي پاران اھا نعمت ملي
ٿي. ذلف علي فقير جي ڪلام ۾ لازوال قوت ۽ آفاقيت
جو بنيادي سبب اھوئي آھي.
ذلف علي فقير جي شاعري سراپا سوز ۽ محبت آھي. سڄي
ڪتاب ۾ ھن سالڪ جي، پنھنجي محبوب سان جدائي جي
فراق ۽ ميلاپ جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ انھن ڪاوشن
دوران سندس حالت زار ۽ سندس قلب جي گھراين ۾ پيدا
ٿيندڙ خوشي جي پاڪيزه جذبن جو نقشو جنھن
خوبصورتيءَ سان ڇڪيو آھي، اسان جي جديد سنڌي شاعري
ان جو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آھي. ذلف علي فقير کي
الله تعالى قلب سليم (پاڪيزه دل) جي دولت سان
نوازيو آھي. ھو شاعريءَ ذريعي ماڻھن ۾ حقيقي محبوب
سان محبت جو والھانھ جذبو پيدا ڪرڻ چاھي ٿو. سنڌ
جي نوجوانن لاءِ سندس شاعري فڪر انگيز، روح پرور ۽
انقلاب آور آھي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو تھ ھو ذھني ۽ وجداني طور تي اھڙي مقام تي
آھي، جتي محبوب جي مشاھدي، ذڪر ۽ سندس ذات ۾
فنائيت کان سواءِ زندگي ۾ ڪو ڪم ۽ مقصد باقي ناھي،
جڏھن ڪو شاعر اھڙي مقام تي پھچي ٿو تھ محبوب حقيقي
جي طرفان ماڻھن ۾ پاڪيزه محبت جي درد ۽ فڪر کي عام
ڪرڻ لاءِ مٿس شعر الھام جي حيثيت سان ذھن جي نقش
تي تري اچن ٿا، سندس ھيٺين شعرن ۾ پڙھندڙ پاڻ
محسوس ڪندا تھ سندس شاعري جديد سنڌي شاعريءَ کان
جوھري طور تي مختلف آھي.
اڄ اسان جو اديب ۽ شاعر مقصديت، لازوال وجداني
قوتن جي حقيقت، دل جي جوھري مطالبن ۽ گھرجن کان
ناآشنا آھي. سندس ذھن تي ماديت، مادي حسن ۽ جنس جو
جذبو سوار آھي. اھڙا اديب ۽ شاعر جيڪي حسن اعلى جي
حسن جي ڪرڻن کان محروم ھجن ۽ پاڪيزه لطيف احساسن
جي دولت کان اڻ واقف ھجن ۽ جيڪي خود فڪري انتشار،
ڊپريشن، مايوسي ۽ مادي حسن جي عذاب ۾ گرفتار ھجن،
اھڙا شاعر ۽ اديب سماج کي اھڙوئي فڪر ۽ پيغام ڏئي
سگھن ٿا، جنھن سان معاشري ۾ فڪري انتشار وڌي ۽
ماديت جا جرثوما عام ٿين ۽ بي يقيني جي ڪيفيت پيدا
ٿئي، بدقسمتيءَ سان اسان وٽ گذريل ٽن چئن ڏھاين ۾
گھڻو ڪري اھڙوئي ادب ۽ شاعري وجود ۾ آئي آھي. اھڙي
صورتحال ۾ نوجوان شاعر ذلف علي فقير جي شاعري سنڌي
نوجوانن ۽ سنڌي معاشري لاءِ وڏي پيغام جي حيثيت
رکي ٿي ۽ کين مايوسي، بي يقيني ۽ اضطراب جي ڌٻڻ
مان ڪڍي، يقين، اعتماد ۽ انقلابي ولولي سان سرشار
ڪري، زندگيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اڀاري سگھي
ٿي.
ذلف علي فقير جي شاعريءَ ۾ اھو پڻ پيغام آھي تھ
محبوب حقيقي جو عشق درد ۽ غم اھڙي عظيم دولت آھي،
جنھن سان ٻيا سمورا غم، فڪر، ڏک، سور ۽ جملي
پريشانيون دور ٿي وڃن ٿيون، انھيءَ ھڪڙي غم ۾
غلطان ٿيڻ کان پوءِ مادي دنيا جا غم ۽ مطالبا اھڙا
خصيص نظر اچن ٿا، جو فرد تي ھن دنيا کان ھزارين
دفعا وڌيڪ حسين ۽ پاڪيزه زندگيءَ جا حصا ظاھر ٿيڻ
لڳن ٿا ۽ ھو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو تھ کيس محبوب حقيقي
جي طرفان مٿس پاڪيزه احساسات جي اھڙي دنيا روشن
ڪئي وئي آھي، جنھن ڪري سندس ھيءَ زندگي جنت جو
نمونو بڻجي وئي آھي. ذلف علي فقير اسان کي اھڙي
پاڪيزه زندگي ڏانھن سڏي رھيو آھي، جنھن کي قرآن ۾
حياة طيبھ چيو ويو آھي. من عمل صالحا من ذکر
اوانثي وھو مومن فلنحيينه حياة طيبھ (جيڪو شخص
صالح عمل ڪري، اھو مرد ھجي يا عورت، اھو صاحب
ايمان پڻ ھجي تھ اسين اھڙي شخص کي ھن دنيا ۾ ئي
پاڪيزه زندگي (جيڪا خوف حزن کان محفوظ ھجي) عطا
ڪريون ٿا.)
ذلف علي فقير جي زير نظر شعرن ۾ فراق جي دردناڪ غم
جي اھڙيءَ طرح اپٽار ڪئي وئي آھي، جو سچي محبت جي
احساسن ۽ رمزن وارن فردن لاءِ سندس شعر محبوب جي
واٽ ۾ تيزيءَ سان سفر ڪرڻ ۽ انھيءَ سفر ۾ مشڪلات
کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿا. ھر صوفي
شاعر جي شاعري محبوب سان فراق ۽ وصال جي مرڪزي
نڪتي جي چوڌاري گھمي ٿي. انھيءَ مقصد لاءِ ھو مادي
حسن لاءِ فنائيت جو مظاھرو ڪندڙن جي زندھ ڪردارن
کي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٿو، جيئن
مولانا رومي، شاھھ ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾
ان جا مثال موجود آھن. حقيقت ۾ صوفي شاعر محبت جي
اھڙن پيچن ۾ وڪڙجي وڃي ٿو جو ان لاءِ زندگي نالو
ئي پاڪيزه محبت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ جو آھي. ان
کان سواءِ زندگي موت آھي، بلڪ ان کان بھ ھزار دفعا
وڌيڪ بدتر آھي. صوفي شاعر جي فراق جا غم ۽ اذيت جا
احساس ايڏا تھ شديد آھن، جو محبوب جي ياد، ذڪر ۽
مشاھدي کان سواءِ سندس جيڪي لمحا گذرن ٿا، اھي
سندس دل کي اذيت ۽ غمن جي اٿاه جذبن سان سرشار ڪري
ڇڏين ٿا. پر غمن ۽ دردن جي اھا زندگي پڻ ھن کي ان
ڪري محبوب آھي، ڇاڪاڻ تھ محبوب حقيقي سان مستقل
ميلاپ جو طريقو اھوئي آھي. محبوب فراق جي اذيتن
سان مسلسل دل تي وار ڪري، سالڪ کي اھڙو تھ پڪو ۽
مضبوط بنائي ٿو، جو ھو ماسوى (ٻين سڀني) کان آزاد
ٿي، صرف ۽ صرف محبوب جو ٿي وڃي ٿو.
صوفي شاعر جڏھن ھڪ دفعو اھڙي لذيذ زندگيءَ کان
آشنا ٿئي ٿو تھ سندس تمنا ٿئي ٿي تھ ڪاش الله جي
مخلوق انھيءَ پاڪيزه ۽ حقيقي محبت جي راز کان آشنا
ٿئي، تاتھ سندس مادي زندگيءَ جي سمورن غمن کان
نجات ملي ۽ انساني سماجي سچي محبت جي جذبن جو زنده
نمونو بڻجي وڃي. ذلف علي فقير جي شاعري اڄ جي
مايوس نوجوان لاءِ آب شفا جي حيثيت رکي ٿي.
ذلف علي فقير محبت جي راه ۾ سالڪ جي حالت زار جو
نقشو پڻ سٺو چٽيو آھي. چوي ٿو تھ:
سڪ جنھين جي سينن ۾، سڙيا وتن سي،
ڪين مرن سولي تي، توڙي چڙھيا وتن سي.
سڪ جنھين جي سينن ۾، سي تھ ھارن ويٺا لڙڪ،
خوشي ڪڏھن ڪين ڪي، نڪي اٿن مرڪ.
سڪ جنھين جي سينن ۾، سي پوئتي ڪين ورن،
ڪري ڪشالا ڪوھ جا، ھو جبل جھاڳن.
الله جي واٽ جو پانڌيئڙو جڏھن سڪ، محبت ۽ حقيقي
عشق ذريعي دل کي غيرن کان پاڪ ڪري، ان کي محض
محبوب جو آکيرو ۽ مرڪز بنائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو تھ
کيس شيطان ۽ نفس جون اندروني قوتون اھڙيءَ طرح
حملو ڪري ڏين ٿيون ۽ رستو روڪڻ لڳن ٿيون، جو سالڪ
حيران ۽ پريشان ٿيو وڃي، ڪڏھن ڪڏھن تھ نفس جون
اٿاھ قوتون ۽ شيطان پنھنجن سمورن لشڪرن سان سالڪ
تي اھڙيءَ طرح ڪاه ڪري ڏين ٿا، جو سندس دل ۽ ذھن
جي يڪسانيت ٽٽيو وڃي ۽ سمورن ڪوششن جي باوجود
محبوب جي تات ۽ ذڪر جون حالتون بند ٿيو وڃن، اھڙي
حالت ۾ سالڪ ائين محسوس ڪري ٿو، ڄڻ مٿس قيامت ٽٽي
پئي آھي، ڇاڪاڻ تھ انوار الاھي جي بند ٿيڻ سبب
سندس زندگي بيڪار ۽ لاحاصل ٿيڻ لڳي ٿي. شيطاني ۽
نفسي قوت جا اھي حملا سالڪ لاءِ روزمره جو مسئلو
آھن، پر جيئن جيئن ھو انھيءَ سفر ۾ اڳتي وڌندو رھي
ٿو، تيئن تيئن مٿس نفسي ۽ شيطاني قوتن جو زور ۽
غلبو گھٽجندو رھي ٿو. پر جيئن تھ ھو انوار الاھي
ذريعي حسن جي اھڙي لازوال ڏيکن جو مزو ماڻي چڪو
ھوندو آھي، جن ڏيکن جو مادي انسان تصور بھ نٿا ڪري
سگھن، ان ڪري جيئن ئي شيطاني يا نفسي حملن يا
دنياوي ڪمن سبب يا محبوب حقيقي پاران سندس تربيت
خاطر ڪجھھ دير لاءِ انوار جي نزول جو سلسلو روڪيو
وڃي ٿو تھ ھو پنھنجي مٿان فراق، درد ۽ غمن جا پھاڙ
ڪرندو محسوس ڪري ٿو. اھڙي حالت ۾ سندس وجدان مان
جيڪي شعر ظاھر ٿين ٿا، ان مان سندس باطني حالت جو
پوري طرح نھ سھي، پر ھلڪو ڦلڪو اندازو ضرور لڳائي
سگھجي ٿو. ذلف علي فقير جي مٿين شعرن ۾ اٿاه درد،
اضطراب ۽ محبوب لاءِ بي چيني جو پس منظر اھوئي
آھي. |