سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :6

(٣١٣)

عقل م اتِ ھلي حاجت ناھي سمجھھ جي،

خبر انھي خالق کي صبحا ۽ سنجھھ جي،

ذلف پوي پروڙ تڏھن، راتِ ڏينھن جي رمز جي،

ڳالھھ پريان ڳجھھ جي، جنھنکي سڻائن سپرين.

(٣١٤)

الف الله عاشقن جي اندر ۾ آھي ھو سندي ھونگار،

اٺئي پھر انھن کي آھي پرينءَ سندي پچار،

”عارفان دردمي دو عيد کنند“[1] اي روميءَ جو اشعار،

تھ عارف عيدون ڪن ٿا، دم دم ۾ دو وار،

اندر الله تھ ٻاھر ھو دوس اٿن دلدار،

ذلف علي چئي عشق ۾، ھي ظاھر ٿيو اظھار،

تھ چؤطرف چئوڌار، آھي منھن محبوب جو.

(٣١٥)

ڪري ترڪ دنيا کي، تون اندر پائج جھاتي،

اِسم الله جو تون، ذلف ڪمائج ذاتي،

يار وسئي ٿو ڇاتي، ٻاھر ووڙج ڪين ڪي.

(٣١٦)

مون منجھھ عيب اپار، مون منجھھ ڏوھھ ڏاتار،

”اِن الله غفور حليم“[2] تون ھادي بُردبار،

تون باري بخشڻھار، ميٽ مدايون منھنجون.

(٣١٧)

ڏسي ڏوھھ ڏاتار، تون مولى ڏيج معافي،

ڪارڻ مون لاءِ ڪافي، آ نظر تنھنجي ڪرم جي.

 

(٣١٨)

ثواب نھ مون منجھھ سائين، ڪيم گناھھ ڪيئي،

ڏينھڙا گذاريم غفلت منجھھ واٽن تي ويھي،

قادر ڪج ڪرم تون، حال ڏسي ھيئي،

توبھھ ڪيم زاري، ھتِ راتو ڏينھان روئي،

ھاڻي سٻاجھا سائين، تون معافي ڏيج مھر سان.

(٣١٩)

ثواب نھ مون منجھھ، سائين، ڪيم ڪيئي گناھھ،

ميٽ مندايون منھنجيون، تون باري بيپرواھھ،

”واِن تغفرلھم فاِنڪ انت العزيز الحکيم“[3] معافي ڏيج الله،

چوي ذلف فقير تون باري تون بادشاھھ،

مونکي ياالله، رک تون پردي منجھھ پناھھ ۾.

(٣٢٠)

ھو مالڪ آنءُ بَندو، ھو پاڪ آنءُ گندو،

ذلف منھنجي حال تي، رازق رحم ڪندو،

مونکي رب رکندو، پردي منجھھ پناھھ ۾.

(٣٢١)

آنءُ بَندو گندو، تون مالڪ تون معبود،

جڏھن ڪڏھن جھڪي، سپرين ڪيانءِ سجود،

آھين تون موجود، مالڪ منھنجي من ۾.

(٣٢٢)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، مولى مونکي معافي،

”وجه ربّڪ ذوالجلال والاِکرام“[4] تنھنجي ذات رھندي باقي،

مون لئي آھي ڪافي، نظر تنھنجي ڪرم جي.

(٣٢٣)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، معافي مون کي رحيم،

ڪافي آھي ڪريم، نظر تنھنجي ڪرم جي.

(٣٢٤)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، معافي مونکي جبار،

سائين رب ستار ميٽ مندايون مھر سان.

(٣٢٥)

عيب ڍڪي تون ڏيج، معافي مونکي مولى،

آھين سڀ کان اعلى، افضل گھڻو الله تون.

(٣٢٦)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، معافي مونکي مولى،

ڍڪي تون ڍولا، رک پردي منجھھ پناھھ ۾.

(٣٢٧)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، معافي مونکي اِلـــٰه،

ھادي ھو الله، ميٽ مندايون منھنجون.

(٣٢٨)

عيبَ ڍڪي تون ڏيج، معافي مونکي وھاب،

تون ھين تون تواب، باري بَخشڻھار گھڻو.

(٣٢٩)

عيبَ ڍڪيندو منھنجا سڀيئي، پرور پانڌ وارو،

خالق وڏي کاند وارو، فضل ڪندو فقير تي.

(٣٣٠)

تون ھين تون طلبَ ۾، آھي رڳن سندو راڳ،

قادر بِنا قلبَ ۾، ٻي ذلف نھ ڪائي باتِ،

”ونحن اقربُ“ ويجھڙو آھي رب سندي ذاتِ،

”يذکرون الله قياما وقعودا“[5] مون اٿي ويٺي تاتِ،

وائي اِھا وات، ھو ھو منھنجي من ۾.

(٣٣١)

تون ھين اعلى سڀن کان، تون ھين ڳجھو راز،

تون ھين الله اول ۾، تون ھين، ”الست بِربِکم“ آواز،

”وکفى بِالله وکيلا“[6] تون ھين ڪار ساز،

عيبَ ڍڪي تون ڍولا، نالائقن کي نواز،

ھي نوڙت ۽ نياز، قبول پنھنجي ڪرم سان.

(٣٣٢)

تون ھين ڪاتِب ربُ ڪريم، تون ھين لکڻ وارو،

اِلاھي تنھنجي امر ۾، ھي ھلي جڳ سارو،

جيڏانھن ڪرين اِشارو، آنءُ تان امر تنھنجي.

(٣٣٣)

ھيئن نھ وڃاءِ حياتي، ريءَ پسڻ پِرينءَ جي،

ذلف اِيندئي اوچتي، مٿان مماتي،

جيءَ اندر جھاتي، پاءِ تھ پسين پرينءَ کي.

(٣٣٤)

ويھھ نھ ويساھھ ڪري، تنھنجو اڳتي آستان،

ھتي ڪي ڏينھڙا ذلف علي چئي آھين تون مھمان،

”کل نفس ذآئقة الموتِ“[7] اِيندئي اجل انسان،

صبحا جسم جان، ھوندئي ھڏ مٽيءَ ۾.

(٣٣٥)

جي سينو ڌوئي صاف ڪرين، تان نور ڏسين نظر ۾،

رھھ ھميشه تنھا تون، فقيري اٿئي فڪر ۾،

راحت ملندئي روح کي، ذلف فقير ذڪر ۾،

جِسم جان اندر ۾، اور سدائين اِسم کي.

(٣٣٦)

راضي ڪجي ربَ کي، ٻِيو نھ ڪجي ڪم،

نالو ھڪ الله جو، وٺي ويھجي دم دم،

دل ساڻ اِسم، سانڍي رکجي ساھھ ۾.

(٣٣٧)

الا مون آوارا، اِرادا مٽيج تون،

ٻِئي راھھ کئون، قادر ڪٽيج تون،

ذلف کي سڏيج تون، پرور ڌڻي پاڻ ڏي.

(٣٣٨)

مٺو نالو مالڪ جو، مٺو نام الله،

جي سھي پڇي صلاح، تھ اور سدائين اِسم سان.

(٣٣٩)

سيئي رسيا ربَ کي، جن دنيا کي ڪيو ترڪ،

فارغ رھيا ڪين ڪي، ذڪر کئون ھڪ پلڪ،

ذلف ڪمايائون ذاتي، اِسم الله جو ھڪ،

ٿِيا گم ۽ غرق، سدا وحدت منجھھ سي.

(٣٤٠)

مرشد ڏنو مون کي، سبق سمجھائي ھي،

تھ الف بِنا ذلف تون، ٻولي ڪج نھ ٻِي،

مارج پنھنجي نفس کي کڻي خنجر ھي،

لااله ريءَ ٻيو، ڪين اٿئي ڪي،

اِلاالله سين، ڪج اڌو اڌ اِنھيءَ کي.

(٣٤١)

اِئين آھي اِئين، مون دل اندر دلدار،

چئي ذلف فقير، جِئين چڙي اندر لار،

محب مٺو منٺار تِئين آھي تن ۾.

(٢٤٢)

اٿي آڌي راتِ جو، ڪج پِرينءَ سندي پچار،

اِئين نوائج نفس کي، جِئين لوھھ ڪٽن لوھار،

ڌمڻ وانگي دل ڪري، تون ٻارڻ تنھن منجھھ ٻار،

سل ڪڍي سينين کي، ڪج اندر آرئون پار،

ڪم ڪريج اِھو، تون ذلف فقير ھڪ وار،

من پنھنجي کي مار، کڻي وڏاڻ وحدت جو.

(٣٤٣)

جي اٿئي درد دل ۾، تھ دنيا کان ٿي دور،

دوست بِنا ذلف چئي، ٻيو ياد نھ ڪر تون مور،

رھھ محبَت ۾ مسرور، تھ دڳ لھين دوست جو.

(٣٤٤)

سي صوفي سچ ٿِيا، جن سڃاتو حق کي،

پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، ذلف پين پرک جي،

الف پڙھيائون عشق ۾، سندو سور سبق جي،

ٿِيا گم غرق سي، سدا وحدت منجھھ سي.

(٣٤٥)

الف اڙيوم اندر منجھھ، ٻئي باتِ نھ رھي ڪاءِ،

سڀڪجھھ ويوم وسري، جڏھن جانبَ ڪئي جاءِ،

ذلف چوي قادر در ڪيم شڪر الحمدالله،

جيءَ ۾ جھاتي پاءِ، ڪيم، درشن دوست جو.

(٣٤٦)

ٻاھر ٻولي ٻي نھ ڪا، اندر الف اڙاءِ،

فرمان ”فذکــُروني“ جو، تون من ۾ ساڻ ملاءِ،

حڪم ھاديءَ جو، تون ھئين ساڻ ھنڊاءِ،

خالص ٿي ٻاڏاءِ، تھ ٻاجھارو ملئي ٻاجھھ سين.

(٣٤٧)

ٻِئي آھي راھھ بيڪار، ريءَ راھھ ھڪ جي،

اھو دڳ توحيدي، ملي نھ ريءَ سڪ جي،

فقير فراق ۾، نيڻين ھارن لڙڪ جي،

ڪارڻ عشق جي، ڪن ڪشالا ڪوھھ جا.

(٣٤٨)

ڪوھھ نٿا ڏسو، توھين جسن ۾ جلال،

”وفي انفسکم افلاتبْصرون“[8] اندر اوھانجي لعل،

پاڻ پروڙي حال، پِرين پسيجو پاڻ ۾.

(٣٤٩)

ڪوھھ نٿا ڏسو، توھين جسن ۾ جبار،

”ونحن اقربُ اِليه من حبْل الوريد“[9] اندر اوھانجي يار،

سائين ربُ ستار، پاڻ ئي اٿو پاڻ ۾.

(٣٥٠)

سمجھي غير گمان ۾، ٿِيا گھڻائي گمراھھ،

ھو تھ آھي الله، وحده واحِد ھيڪڙو.

(٣٥١)

اکين آڏو سپرين، ڏور نھ آ ڏاتار،

نيئي تون نھار ”وفي انفسکم“ وجود ۾.

(٣٥٢)

ھڪ پل بھ پِرين مون کان، جانب جدا ناھھ،

”ونحن اقربُ“ ويجھڙو ھو سپرين سدا آھھ،

جانبَ سندي جاءِ، ”وفي انفسکم“ وجود ۾.

(٣٥٣)

جوئي ووڙين جوءِ ۾، سوئي تو وٽِ آھھ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ، تھ ساڳيو ڏسين سپرين.

(٣٥٤)

جوئي ووڙين جوءِ ۾، ساڻ اٿئي سوئي،

ڪين اٿئي ڪوئي، الله ريءَ تو اندر ۾.

(٣٥٥)

ھو آھي پاڻ الله، ٻِيو نھ آھي ڪوئي،

آھي پاڻ پنھنجو ئي، اندر اِنھيءَ آدم جي.

(٣٥٦)

ھو آھي پاڻ الله، جاڏي ڪاڏي ھڪ،

ڪڍي ٻيو تون شڪ، ھادي ماڻج من ۾.

(٣٥٧)

جيڏانھن ڪريان نگاھھ، تيڏانھن منھن محبوبَ جو،

سپريان جي سونھن جي، ڪھڙي ڪجي ساراھھ،

ذلف علي چئي چؤطرف، ھو ھادي ھڪ الله،

”ولله المشرق والمغربُ فاينما تولوا فثم وجه الله“[10] آيت اِي گواھھ،

سي پِڻ ٿيا گمراھھ، جن نھ ڄاتو پِرينءَ کي.

(٣٥٨)

ڪوڙا ٿِيندين ڪوڙ منجھھ، گمراھيءَ ۾ غرق،

ڪڍي ڇڏ تون، تن مان، شيطاني شرڪ،

”ولھم عذاب اليم بِما کانوا يکذبُون“[11] ورائي ڏس تون ورق،

ڪڍي فير فرق، ھڪ دل ٿِيءُ ھوت سان.

(٣٥٩)

پاڻھئين مولى ملڪ جو، ھو پاڻھئين ربُ رحمان،

پاڻھئين ظاھر زمين تي، پاڻھئين مٿي آسمان،

پاڻھئين ”ڪن فيکون“ چئي، جوڙيائين جڳ جھان،

پاڻھئين والي ”وحده“ پاڻھئين سو سلطان،

پاڻھئين ڏمر جي ڏاتار ھو پاڻھئين پاڻ مھربان،

پاڻھئين مٿان عرشن جي، ھو پاڻھئين حڪمران،

”وکان الله على کل شيءِ مقيتا“[12] پاڻھئين پاڻ نگھبان،

سڀوئي سو سبحان، ٻولي ٻولج ٻِي نھ ڪا.

(٣٦٠)

اندر پليتي تن ۾، ٻاھر ڊوڙين ۽ ڊڪين،

مير نھ ڪڍيئي من مئون، وئين مديني مڪي،

سجدو سھي ڪري نھ ڄاتئي، گوڏا گسائي ٿڪين،

جي سچي حبَ رکين، تھ ڪعبو تنھنجي قلبَ ۾.

(٣٦١)

پِرين آنءُ پسان، تون پردا ڪر پاسي،

اڳي بھ گڏ ھاسي، الست جي انجام ۾.

(٣٦٢)

سي سراپا سون ٿِيا، قلبُ جن جو ڪيميا،

”الابِذکر الله تطمئن القلوبُ“[13] اِنھي پھھ پيا،

اندر الله تھ ٻاھر ھو اِنھيءَ رنگ رچِيا،

ڪڍي غير قلبَ مان، سي صوفي صاف ٿِيا،

ذلف فقير ذڪر ۾ جي محو منجھھ رھيا،

سي تھ حق ئون ھڪ ٿِيا، جي مئا مونتو مام ۾.

(٣٦٣)

بِرھھ جي بازار مان، وکر سو وھاءِ تون،

ھيرا ھزارين موتي، دل سان ديکجانءِ تون،

آيت ھيءَ اندر ۾، پڙھي پرجھجانءِ تون،

”ھو الله الذي لااله الا ھو“[14] سان دم کي ھلائجاءِ تون،

ذلف فقير ذڪر کي، قلبَ ۾ ڪماءِ تون،

وڃِين لعل وھاءِ تون، جي آھن سراپا سون سي.

(٣٦٤)

اکيون منھنجون اِسم تنھنجو، ڳالھھ مڙيائي ڳجھي تو رمز اِھائي رکي،

اِسم پچائي جِسم منجھھ، روز پون جي رچي، تو رمز اِھائي رکي،

اچي وڃي الله ھو سان ساھھ رڳن ۽ ڳچي، تو رمز اِھائي رکي،

ذلف فقير فقر منجھھ، پاڻ پون جي پچي، تو رمز اِھائي رکي،

”فاِن  مع العسر يسرا اِن مع العسر يسرا“[15] اِي بات سراسر سچي، تو رمز اِھائي رکي.

(٣٦٥)

سا اک ڏاڍي سھڻي، جا اک اڙايم الف سان،

ڪمرو ٻريو قلبَ جو، جڏھن بِجلي ملي بَلبَ سان،

ٿِيو نظارو نور جو، جڏھن ذاتِ ملي وئي ذلف سان.

سر سامونڊي

(١)

ٽٻي ھڻ سمونڊ ۾، فر نھ ڪنارا،

لوچي لھيج تون، ھيرا لعل جھوارا،

اِھي زيور ذلف چئي، اٿئي قيمت وارا،

جِتِ اِيندئي انڌيرا، اتِ چمڪندئي چنڊ جِيان.

(٢)

سينو ڪج سمونڊ، تھ موتي پوني من ۾،

لڙھني لعل لھرن ۾، چمڪندڙ چنڊ جِيان.

(٣)

اِلاھي تنھنجي عميق ۾، ھن ھيرا ھزارين، موتي،

جي ڏورن سي ڏسن، خالي وڃن نھ موٽي،

ھتِ ڪانھي ڪا کوٽي، صاحب تنھنجي سمونڊ ۾.

(٤)

اِلاھي تنھنجي عميق ۾، ھن اڻ کٽ خزانا،

حاصل ڪن حضور مان، اھي پتنگ پروانا،

جي دل سان ديوانا، مارن دم محبت جو.

(٥)

اِلاھي تنھنجي عميق ۾، ھن اڻ کٽ خزانا،

”الله لطيف م بِعباده“[16] آيت فرقانا،

ڪوڙين شڪرانا، ڪندس آنءُ ڪريم جا.

(٦)

اِلاھي تنھنجي عميق ۾، ھن لکئين لعل جھوار،

بيشڪ تنھنجي بَحر ۾، ھن ھيرا موتي ھزار،

”لاتقنطوا من رحمة الله“[17] آھيون اميدوار،

سائين رب ستار، ڏي ڪا نعمت نور سان.

(٧)

اِلاھي تنھنجي عميق ۾ ھن ھيرا موتي ھزار،

جنھن کي تون جبار، نوازين پنھنجي نور سان.

(٨)

درياھھ تھ آھن دو، پر لکئين لھر لڳن،

مٺو کارو پاڻ ۾، گڏجي ٿا وھن،

”مرج البَحرين يلتقيان“[18] امر اِلاھي انھن،

”بَينھما بَرزخ لايبغيان“[19] وچان اوٽ اٿن،

”يخرج منھما اللؤلؤ والمرجان“[20] منجھائي نڪرن،

ذلف چوي اِھا آھي قدرت ڪريمن،

جو لھرن منجھھ لڙھن، اتِ ملھائتا موتي.

(٩)

اچا جبل جھاز، مٿن، سڙھھ سامان،

امر اِلاھيءَ جي سين ات ھلن عام جام،

”وله الجوار المنشئات في البَحر کالاعلام،[21]

اٿن سير سمونڊ جو، جِت موتي ھن مرجان،

ذلف چوي اھي لھرن منجھھ صبح توڙي شام،

وڏو ڌڻيءَ جو نام، جو ٻِيڙا لنگھائي ٻاجھھ سين.

(١٠)

لکئين لوڙھيا لکئين ٻوڙيا، ھادي ھن درياھھ،

مونکي تارج تون، اچي ياالله،

توريءَ ناھھ منھنجي، واحِد ٻي ڪا واھھ،

”اِھدنا الصراط المستقيم“[22] ربَ ڏيکارج راھھ،

چئي ذلف فقير تون ھادي ٿِج ھمراھھ،

نھ تھ ٿِي گمراھھ، لڙھي ويندس لھرن ۾.


[1]   ”عارف ماڻھو ھڪڙي دم ۾ ٻھ عيدون ڪن ٿا.“ (مولانا رومي رح)

[2]   [2]  ”ڇو تھ الله بخشڻھار بُردبار آھي.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٥٥)

[3]   ”۽ جيڪڏھن کين بخشين تھ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.“ (سورة المآئدة، آيت: ١١٨)

[4]   ”۽ اي پيغمبر تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو آھي ۽ نعمتن وارو آھي.“ (سورة الرحمٰن، آيت: ٢٧)

[5]   [5]  ”جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٩١)

[6]   ”۽ الله ڀرجھلو بس آھي.“ (سورة النساء، آيت: ١٣٢)

[7]   [7]  ”سڀڪو جيءُ موت جو مزو چکندڙ آھي.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٨٥)

[8]   ”۽ اوھانجي جِندن ۾ بھ پوءِ نٿا ڏسو ڇا.“ (سورة الذاريات، آيت: ٢١)

[9]   ”۽ اسين ڏانھس سندس ساھھ جي رڳ کان بھ وڌيڪ ويجھا آھيون.“ (سورة ق، آيت: ١٦)

[10]   [10]  ”۽ اوڀر ۽ اولھھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي.“ (سورة البقره، آيت: ١١٥)

[11]   ”۽ انھيءَ ڪري جو ھو ڪوڙ ڳالھائيندا آھن، انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.“ (سورة البقره، آيت: ١٠)

[12]   ”۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.“ (سورة النساء، آيت: ٨٥)

[13]   ”خبردار الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن.“ (سورة الرعد، آيت: ٢٨)

[14]   ”الله اھو آھي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نھ آھي.“ (سورة الحشر، آيت: ٢٢)

[15]   ”ڇو تھ بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.“ (سورة نشرح، آيت: ٥-٦)

[16]   ”الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي.“ (سورة الشورى، آيت: ١٩)

[17]   ”اوھين الله جي ٻاجھھ کان نااميد نھ ٿيو.“ (سورة الزمر، آيت: ٥٣)

[18]   ”ٻن دريائن کاري ۽ مٺي کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.“ (سورة رحمٰن، آيت: ١٩)

[19]   ”انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نھ ڪندا آھن.“ (سورة رحمٰن، آيت: ٢٠)

[20]   ”انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.“ (سورة رحمٰن، آيت: ٢٢)

[21]   ”۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز سڙھھ کنيل جبلن وانگر اچا الله جا آھن.“ (سورة رحمان، آيت: ٢٤)

[22]   ”اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.“ (سورة الفاتحھ، آيت: ٥)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org