(١١)
وھندڙ وچ درياھھ منجھھ مالڪ آھيان مون،
جي تارين تون، تھ لڙھان ڪين لھرن ۾.
(١٢)
وھندڙ وچ درياھھ منجھھ، ڪاڏي ڪاھيان آنءُ،
جاڏي ڪاڏي پاڻي، جر وھي پيو جام،
وڏو آسرو ذلف چوي، مون کي ڌڻيءَ سندو نام،
رسائيندو رحمان، قادر پنھجي ڪرم سان.
(١٣)
وھندڙ وچ درياھھ منجھھ، مالڪ آھيان مون،
صبحا سنجھھ منھنجي، ھڪ من ۾ تون ھين تون،
ٻِيو نھ آھي مون اوھان ريءَ ڪو آسرو.
(١٤)
وھندڙ وچ درياھھ ۾، ڇو نھ وھي پاڻي،
جنھن جو ربُ ساڻي، سو نھ لڙھي لھرن ۾.
(١٥)
وھندڙ وچ درياھھ ۾، سو نھ ڪڏھن ٻڏي،
جنھن کي ڌڻي سڏي، ٻاھر اڪاري ٻاجھھ سين.
(١٦)
آنءُ تان آھيان، وھندڙ وچ درياھھ ۾،
آھم آس الله ۾، مان تاري مون پرين.
(١٧)
وھندڙ وچ درياھھ ۾، اھي تار پيا ترن،
سي تھ ڪڏھن ڪين ٻڏن، جنھن جو عشق الله سان.
(١٨)
اوکيءَ توڙي سئوکيءَ ۾، ڪين ڇڏجانءِ مون،
منھنجو آھين تون، آنءُ بھ آھيان تنھنجو.
(١٩)
جي لوڙھين تھ لڙھي وڃان، جي تارين تھ تران،
بيھارين تھ بَس يا الا، جي سورين تھ سران،
وس تنھنجي آنءُ، ذلف، علي چئي آھيان.
(٢٠)
اِلاھي تنھنجي عميق ۾، ھن اڻ کٽ نعمتون،
بيشڪ تنھنجي بَحر ۾، ھن ربَ رحمتون،
ورائي ورق فرقان ۾، پڙھي ڏٺاسون،
تھ آھين تون ھين تون، توريءَ ٻيو ناھھ ڪي.
(٢١)
ھڪ تھ سير سمونڊ جو، ٻِيا جڏا ھن جھاز،
ضعيفن جو ذلف چئي ھو ڌڻي وڏو ڪارساز،
”الله الصمد“[1]
بي نياز، ٻيڙا لنگھائيندو ٻاجھھ سين.
سر رامڪلي
(١)
ڪري توڪل ھليا جي جوڳيئڙا جبار ڏي،
سي ساميئڙا ستار کي، رسيا ھڪ ئي راتِ ۾.
(٢)
الله راضي انھن کان، اھي بھ راضي ربَ کان،
ڇٽا اھي سڀ کان، جي ريڌا پنھنجي ربَ سان.
(٣)
الله راضي انھن کان، اھي بھ راضي ربَ کان،
”رضي الله عنھم ورضو عنه“[2]
گڏيا اھي احد سان،
سامي سي صمد سان، جوڳي ھن جنت ۾.
(٤)
سي جوڳي ھن جنت ۾، جي ھادي ڀائن ھيڪڙو،
سدا رھن سنياسي، اندر اِسم ذاتِ ۾،
”جنت تجري من تحتِھا الانھر“[3]
اِنھيءَ آيات ۾،
اجر لڌائون چڱو ڀلو باريءَ جي ھن باتِ ۾،
راضي ڪيائون ربَ کي ذلف فقير فڪراتِ ۾،
”وعملوا الصالحات“[4]
۾، ٿيا ڪامل اھي ڪاپڙي.
(٥)
راھھ رباني وٺي، ويا جي اِنسان،
ھوندا ھميشه جيئرا، اھي جوڳي ٻئي جھان،
”ولاتقولوا لمن يقتل في سبِيل الله“[5]
سي تھ مئا ڪڏھن بھ ڪان،
ذلف علي ٿيو انھن تي ربَ سندو احسان،
”فلھم اجرغير ممنون“[6]
ماڻيائون مان،
تن کي سبحان، گھڻو ئي نوازيو نور سين.
(٦)
ڀلا تن جا ڀاڳ، جي ڪمائي ويا ڪالھھ،
ھيرا موتي ھنن وٽِ ھزارين ھئا لعل،
ونڊي ورھائي ذلف فقير جوڳي ويڙا جال،
”لاخوف عليھم ولاھم يحزنون“[7]
انھن سندا احوال،
لنگھي وين سال، تھ بھ جيئرا ھن جڳ ۾.
(٧)
راتو ڏينھان جن کي، آھي رڳن ۾ اِھو راڳ،
سري خفي روحي، ڪن ذڪر نفي اِثبات،
ذلف چوي اھي عاشق جي ڌوئن دل جا داغ،
ڀلا تن جا ڀاڳ، جي اِسم ڪمائن ڪاپڙي.
(٨)
ڪري ترڪ دنيا کي، تون تن ۾ رکج تات،
تون ھين تون طلبَ ۾، پيو لنوج اِھا لات،
ھو ھو ھادي ھيڪڙو، تون وائي ڪريج وات،
زاريءَ ساڻ ذلف چئي، روئي گذارج رات،
”قد افلح المؤمنون“[8]
ماڻج ملاقاتِ،
جوڳين سندي ذاتِ، اِئين ريجھايو ربَ کي.
(٩)
ھن ھن کئون پري، سامي آھن سي،
ڪجھھ نھ ڄاڻن ذلف فقير سواءِ ھڪ جي،
باتِ نھ ڪن بي، ريءَ آديسي الف جي.
(١٠)
ڪوڙن کئون ڪٽي، تون سچن سان جيءُ جوڙ،
وڃي ذلف فقير چئي ڪي سچا سامي ووڙ،
تن کئون ناتو ئي ٽوڙ، جي ٻڏن منجھھ ٻيائيءَ ۾.
(١١)
ڪوڙا آھن ڪيئي، گھڻي منجھھ گھڻا،
ساڻيھھ ۾ سھڻا، ڪي ڪي ماڻڪ موتي.
(١٢)
وڌي ويو وير، محبت رھي نھ ماڻھن ۾،
ذلف چوي زماني ۾، ڪيئون ڪيئن سير،
ڪنڊا لڳن لوءِ ۾، جاٿي رکئون پير،
ڍنگر ٿي پيا ڍير، ٿا وچڙن واٽھڙن کي.
(١٣)
اندر ھڪڙي ٻاھر ٻِئي، سو نھ سچو سامي،
تنھن ۾ بھ آ خامي، جوئي غرق گمان ۾.
(١٤)
سامي پٺيان سچ جي، ڪوڙ نھ ووڙن ڪڏھن،
جِتِ ٻجھن ٻگھا، ھنج نھ وڃن اوڏھين،
ذلف جاچِن جوءِ منجھھ، موتي جڏھن ڪڏھن،
تِھان پوءِ تڏھن، ھو ھنج سڏجن ساڻيھھ ۾.
(١٥)
طام نھ طلبن سي، سدا بِيراڳي بُک ۾،
ڏھاڙي ڏک ۾، سک نھ ساميئڙن کي.
(١٦)
سنياسي سبحان کي، سنجھي جو سارين،
پوربي ٿا پاڙين، ”قالوبلى“ واري قول کي.
(١٧)
آديسي الله سان، پوربي ھن پورا،
ڇڏن ڪين اڌورا، احِڪام الله پاڪ جا.
(١٨)
جوڳين وڃائي وجود جي، ھميشه ھستي،
ٿِئي فقير فريا، برھھ گھماين بَستي،
ذلف چئي زبون ڪري، نيھن سيکارين نيستي،
پوءِ منجھائي مستي، اندر اٿِين عشق جي.
(١٩)
ھڪ پڙھن ٻِيو ڪڙھن عاشق چئجن اِي،
باقي بي ۽ تي، منجھھ، گھڻائي ڀلجي ويا.
(٢٠)
الف پڙھي عشق ۾، ڇڏ باقي بي تي ڪاف،
ٿِي صوفي تون صاف، دل سان مڃي ميم کي.
(٢١)
نڪي بيراڳين بي، نڪي جوڳين جِيم،
من ۾ رکي ميم، الف پڙھيائون عشق ۾.
(٢٢)
نڪي بِيراڳين بي، نڪي جوڳين جيم،
ڪاپڙن ڪريم، لڌو لاھوتين ”لا“ سين.
(٢٣)
نڪي بِيراڳين بي، نڪي جوڳين جِيم،
جھڙو ڏسن الف کي، تھڙو مڃن ميم.
(٢٤)
الف الله کي، سنجھي اٿي سار تون،
ڇڏي ننڊ نڀاڳ جي، غافل ٿي نھ گذار تون،
اکيون کڻي الله ڏي نتِ نتِ نھار تون،
ڪي ڳوڙھا ويھي ڳاڙ تون، روئي رت اکين مئون.
(٢٥)
الف اکر عشق ۾، جيڪي ئي پڙھيا،
ڀڄي بي کئون سي، لاھوتي لڙيا،
ڏونگر سندي چاڙھي، وڃي چوٽ چڙھيا،
سي سڀيئي ذلف فقير سورن منجھھ سڙيا،
وڃي اتِ اڙيا، جِتِ ھوريءَ ناھھ ھي.
(٢٦)
ڪنڌ نوائي قلبَ ڏانھن، سامين ڪيو سجود،
اندر ڏٺائون الله کي، من ۾ ساڻ موجود،
اول آديسي ذلف چوي نانگا ٿِيا نعبود،
پوءِ ويراڳين وجود، گڏجي وحدت ۾ ويو.
(٢٧)
جوڳين جاڳايوم، نا تھ ھيس ننڊ ۾،
اکر اِھو الف جو، سامين سمجھايوم،
ڪري دؤر دل ۾، پِرتئون سو پڙھيوم،
تِھان پوءِ ٿِيوم، پسڻ مون پِرين جو.
(٢٨)
ڪڏھن سکيا ڪين ڪي، سي ساميئڙا سمھڻ،
پِرائي آيا آڌوتِي، اھي جوڳيئڙا جاڳڻ،
چوي ذلف فقير، آڌيءَ راتِ اٿڻ،
منجھھ مراقبي ويھڻ، آھي عادت انھن جي.
(٢٩)
وڃ ويراڳين وٽ تون، وک وڌائي گام،
جِت جوڳيئڙا جام، سدا پِيارن سوز جو.
(٣٠)
ھو تان ويڙا ويراڳي، ووءِ ووءِ وات ڪندي،
تون تان سمھندي، رات گذاريئي غفلت ۾.
(٣١)
جوڳين جيءُ جبار سان، جبار پري م جوڳين کان،
ھي ڀِي مليا ھن سان، ھو ڀِي گڏيو ھنن سين.
(٣٢)
جوڳي گھڻا ھن جوءِ ۾، پر سچو ڪو سامي،
وئي راتِ روئندي، تن ويراڳين وھامي،
ذلف ڏوري ويا ڏونگر، ھادي ٿِين حامي،
باقي گھڻا آرامي، ننڊون ڪندا نڀاڳ جون.
(٣٣)
سامي ويٺو سار تون سدائين سبحان کي،
سنجھي اٿي پاڙ تون، ”قالو بَلى“ انجام کي،
صبح سنياسي تون، راضي ڪج رحمان کي،
پوءِ پڙھائج تون، سبق اِھوئي عام کي،
تھ مولى سندي نام کي، ڪڏھن ڪين وسار جو.
(٣٤)
سامي ويٺو سار تون، سدائين سبحان،
من پنھنجي کي مار تون، ”الاالله“ اِثباتِ سان.
(٣٥)
سدائين سبحان کي، جي ياد ڪن قلبَ ۾،
تن کئون وسري ڪين ڪي ھو ياد رھي رڳ رڳ ۾،
اھي ذلف فقير عاشق چوان، جي قدم وڌائن اڳ ۾،
رھن ڪين جڳ ۾، وسن لامڪان تي.
(٣٦)
جوڳي ڳولھن ڳجھھ کي، جا نھ خبر عام،
اٿن چپ چپن ۾، صبح توڙي شام،
ذلف چوي اھي آديسي، ڪڇن ڪڏھن ڪان،
سامين سندي مام، ڪو پروڙي ڪاپڙي.
(٣٧)
سامي ھن سمونڊ جو، صفر ڪري ويا توڙ،
ذڪرسين ذلف چوي، پين پاڻ پروڙ،
وڃي ڪيائون وصال، جانبَ سين جوڙ،
خفيءَ سين کوڙ، ويا ويراڳي پار ٿي.
(٣٨)
خفيءَ سين کوڙ، ويا ويراڳي پار ٿِي،
جيڏانھن لوڪ لڙن، تيڏانھن م لڙيا ھي،
الف بِنا ذلف چوي، ٻولي نھ ڪيائون ٻِي،
وٺي واٽ ھيڪڙي، ھو ھاديءَ سان ھڪ ٿِيا.
(٣٩)
آديسين الله سان، ھي جوڳين ٻڌا ٻول،
”قالو بَلى“ وارو قول، ڪيائون اتي ڪريم سان.
(٤٠)
آديسي الله لئي، سي راتيان رت روئن،
”وحده“[9]
چئي وجود ۾، ٿا پلپل پڪارن،
”لاشريڪ له“[10]
چئي ٿا، ھادي ھڪ مڃن،
دل جا داغ ڌوئن، آديسي تنھن الف سان.
(٤١)
آديسي الله کئون، سي غافل ڪين رھن،
فرمان ”فذکروني“[11]
جو ٿا پلپل ۾ پاڙن،
سدا من ۾ اٿن، ذاتي ذڪر الله جو.
(٤٢)
جوڳي ھن جوءِ ۾، تون ڪنھن کي ڪين ڏکاءِ،
سڀڪنھن ساڻ وڃي، تون پيچ پريت جو پاءِ،
محبت رکي من ۾، تون ناتو نينھن نڀاءِ،
”المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده“[12]
حديث آھھ،
تھ دستن سين نھ دکاءِ، نھ ظاھر چئي زبان سين.
(٤٣)
ھيءَ حياتي دنيا جي، آ ٺڳيءَ سندو ٺاھھ،
جي دنيا منجھھ اڙي ويا، سي نھ رسيا راھھ،
”يايھا اِلاِنسان ماغرک بِربِک الکريم“[13]
آکيو ائين خداءِ،
تھ توکي مون کان ڪاءِ، شيءِ ڪھڙيءَ ٺڳيو.
(٤٤)
ھيءَ حياتي دنيا جي، آ ٺڳيءَ سندو سامان،
ويا ويراڳي نڪري جي، ڇڏي ھي جھان،
”وماالحيوةُ الدنيآ اِلامتاع الغرور“[14]
فرمايو رحمان،
”سابِقوا اِلى مغفرةِِ من ربِکم وجنة“[15]
انھن لئي انعام،
تن عرش مٿان مڪان، آھي جاءِ جنت ۾.
(٤٥)
اندر الله تھ ٻاھر ھو، جي لنون اِھا لاتِ،
سنجھي سمھن ڪين ڪي، جي رانول اٿڻ راتِ،
ذلف فقير فڪر ۾، جي اورن اِسم ذات،
پرھھ ڦٽي پرڀاتِ، اھي عاشق رنگيا رنگ ۾.
”ڪانگل“
(١)
موٽي ڪانگ اڏام، سگھو طرف سيد جي،
چئج تنھنجو نام، وٺيون ويٺو آھيان.
(٢)
موٽي وڃ تون ڪانگ، اڏري عربَ پار ڏي،
سڻي سانجھيءَ ٻانگ، نياپا چئج نبيءَ کي.
(٣)
نياپا چئج نبيءَ کي، تون پکي پِيار منجھان،
سائين سار لھيجا، حشر ويل حِسابَ ۾.
(٤)
ڪانگل قريبن کان، مون ڏي آڻج موٽ،
تھ ڪھڙي حالي سپرين، گھارن منھنجا گھوٽ،
ظاھر ڪري ذلف چئي، چڙھي ٻڌائج چوٽ،
تھ آڻي ڏيانءِ اکروٽ، نيزا پِستا نينھن جا.
(٥)
ڪانگل قريبَن کان، مون ڏي آڻج موٽ،
تھ مٺو لولو مانيءَ جو، صفا کارايانءِ سوڪ،
مٿان گھوريانءِ نوٽ، جي خبر آڻي خير جي.
(٦)
ڪانگل پريان کي، تون ائين وڃي ڪھيج،
وساري ڪيئن ويھي رھين، تون سپرين سار لھيج،
مون ڏانھن مٺا ذلف چئي، تون واپس وريج،
پکي پيار منجھان، تون اڏامي وڃيج،
ھي پيغام پڄائيج، سنيھو منھنجي سڄڻ کي.
(٧)
مديني جا گھوٽ، تو لئي ساھھ سڪي ٿو سدائين،
ورھھ ٿِيا وڇوڙي کي، ڪر مٺا محمد موٽ،
ذلف چئي مون ضعيف جو، حشر ۾ ڪجانءِ تون اوٽ،
دوزخ کي ڏجانءِ ڪوٽ، آھيون تنھنجي آسري.
(٨)
ساريان ٿڌڙا ساھھ کڻي، مٺي محبوب کي،
محمد محمد چئي، اچي قرار قلوبَ کي،
سواءِ سپرين جي ٻي وائي نھ وڻي وجود کي،
چارئي پھر ذلف فقير، پڙھان پيو درودڪي،
راحت ڏيان روح کي، نالو وٺي نبيءَ جو.
(٩)
نسورو ئي نور، آھي پِرينءَ سندي پيشاني،
اچي جنھن عربَ ۾، ڏسي راھھ رباني،
ذلف علي چئي ڪھڙي ڪيان، ثنا آنءُ سبحاني،
جنھن نور نبي نوراني، پيدا ڪيو پيغمبر کي.
(١٠)
محمد تنھنجي نانءَ تان، مان تھ صدقي وڃان،
”لااِله الاالله محمد الرسول الله“ صد بار پيو
چوان،
توکي بيشڪ نبي، مان تھ نور ڪري مڃان،
ساري زندگي ذلف چئي، تنھنجو نوڪر ٿي رھان،
تنھنجو نانءُ وٺي ويـھان، منجھھ مراقبي مٺڙا.
(١١)
محمد اعلى سڀِن کان، محمد مٺو نام آ، جنھن مٿي
فرقان آ،
سج چنڊ تارن کان بھ وڌ روشن تنھن جو نام آ، جنھن
مٿي فرقان آ،
”وسراج المنيرا“[16]
سيد جو ڏس ڪيڏو اعلى شان آ، جنھن مٿي فرقان آ،
تنھن ڪامل کي ڪلھن تي، نبوت جو نشان آ، جنھن مٿي
فرقان آ،
ازل کان ئي احمد تي ٿِيو ربُ گھڻو رحمان آ، جنھن
مٿي فرقان آ،
عربي ويو عرش مٿان جِتي ساروئي سبحان آ، جنھن مٿي
فرقان آ،
معراج ڪيائين مولى جو جِتي ”سدرةُ المنتھى“ مقام
آ، جنھن مٿي فرقان آ،
ذلف فقير پڙھھ ساري صلواتون جو وڏو محمد جو شان آ،
جنھن مٿي فرقان آ.
(١٢)
بيھان تو در دلبر، سڻي سانجھيءَ ٻانگ،
ٿِيا ذلف فقير اندر منجھھ، دردن سندا دانگ،
مون کي صبحا تائين سپرين تنھنجي آھي تانگھھ،
ڪالھھ بھ مڪم ڪانگ، روئي رت اکين مئون.
|