سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :4

(١٥٩)

آءُ پِرين پِيارا، حال ڏسيج ھيئي،

روئان پيو رت ڦڙا، ھتِ واٽن تي ويھي،

سال لنگھي ويا ڪيئي، تھ بھ نھ آئين تون پِرين.

(١٦٠)

پر آھيان پريشان، اڳئي کان بھ اڳرو،

درد منھنجي جي دوا، ڪنھن بھ ڪئي ڪان،

ديس ڇڏي پرديس ۾، جي ھتي آيس آنءُ،

ويتر وڌي سور ويا، جيجل منھنجي ماءُ،

دعا ڪريجان دل سان، صبح توڙي شام،

تھ من اچي ڪو آرام، ذلف علي چئي اندر ۾.

(١٦١)

سوچيان تھ سوچ نھ ھلي، جي لوچيان تھ پِرين پري،

اِنھيءَ ارمان ۾، ٿو ذلف فقير ڦري،

تھ دوست ملڻ کان اڳئي، متان موت ماري،

اندر باھيون بِرھھ جون، ٿو ٻارڻ مچ ٻري،

دلبَر ڌاران دلڙي، ٿي ڳڻتِن منجھھ ڳري،

الله شال ڪري، تھ ملان وڃين محبوبَ کي.

(١٦٢)

جاني مونکي جھل، نان تھ ڪرندس آنءُ ڪنن ۾،

آھي تن ۽ من ۾، فڪر اِھوئي فقير کي.

(١٦٣)

مٺا منھنجي وس ۾، جي ھجين ھا يار تون،

تھ ڪين ڪيانءِ ھا پاڻ کان، پِرين ڪڏھن ڌار مون،

پر ڇا ڪيان دلدار تون، جو وس ۾ ناھين منھنجي پِرين.

(١٦٤)

جو دم توکؤن ڌار پرين، سودم جيءُ جنجل ۾،

ويئي روح راحت منھنجي، ھتِ ڪين اچي قرار پِرين،

نيڻ وھن ٿا ذلف جا، جيئن وھن پيا نار پرين،

دوست مٺا دلدار پِرين، ھتِ گھاريان پيو غمن ۾.

(١٦٥)

ڌڪارين يان ڪوٺِين تون، آھيان تنھنجي وس ميان،

کڻي نيڻ نرميءَ سان، ڪجھھ مون ڏانھن بھ تھ ڏس ميان،

الفت ڏيئي ذلف کي، تون پِرين نھ ھاڻي رس ميان،

رمز پنھنجي ڏس ميان، ھن فراقي فقير کي.

(١٦٦)

ووڙيندي ورھھ ٿيا، تھ بھ نھ گڏيم توکي،

خبَر پئي پوءِ مونکي، تھ مون ۾ آھين تون پِرين.

(١٦٧)

روئان ۽ ڌوئان، دل جا داغ دل ۾،

سالم ٿي سڄڻ وٽ، نام تھين جو نيان،

شل ادبَ ساڻ انھيءَ در، پيش وڃين پوان،

ھي دل حاضر ڪيان، ھلي تنھن حضور ۾.

(١٦٨)

بَندا ۽ گندا، تھ بھ آھيون تنھنجا،

ڍڪج تون ڍوليا، منديون مير منھنجا،

توکان لڪندا ڪين ڪي، عيبَ ثوابَ ڪنھنجا،

آھن پيش پنھنجا، تو وٽِ حال حبيبَ ھي.

(١٦٩)

ڇڏ فنا جي فڪر کي، ڪر بَقا جي باتِ تون،

ڇڏ نڀاڳيءَ ننڊ کي، ڪر ھتي ڪا تاتِ تون،

ھيءَ حياتي ڏينھن ڪي، ڪر اٿي فڪراتِ تون،

ذڪر ڪمائي ذلف چئي، نفس کي ڪرماتِ تون،

ھيءَ گذارج راتِ تون، دل سان سانڍي سڄڻ کي.

(١٧٠)

دل مئون درد ۽ غم، ويو وڇوڙو ڏور ٿي،

”ونحن اقرب“[1] مليو مونکي، آھي منجھھ جسم،

ذلف پڙھيو سون پِيار منجھھ، ”فذکروني اذکرکم“[2]

تھ دلبر ھڪ بِھ دم، پري ناھي پاڻ کؤن.

(١٧١)

ڏٺو جنھن جھاتي، جيءَ اندر ۾، پائي،

ڪري ھاءِ ھاءِ، سو تھ فنا ٿيو فقير چئي.

(١٧٢)

ماريا ڪيئي موت، پر عشق نھ مري موت سان،

من جِنھين جو ھوت سان، سي تھ جيئرا ھوون جڳ ۾.

(١٧٣)

تو وٽئون سڀڪوئي، پِني پيو پاڪ ڌڻي،

موٽي نھ خالي ڪو بھ، تو وٽان سئين ھڻي،

ڀري جھول کڻي، رازق اچن رزق جا.

(١٧٤)

راھن ۾ ڇو رلين پيو، ڪم تنھنجو ھتِ ڪيھي،

نظر اچئي اھوئي، جي اکيون اڙائين الف ۾.

(١٧٥)

پاڻ ڄاڻيان پاڻ کي، آھيان الائي ڇا،

شي آھيان ڪا، جھين ملان تھين سليان.

(١٧٦)

پاڻ ڄاڻيان پاڻ کي، آھيان ڇا الائي،

ڀول م تو ڀلائي، آنءُ تان تنھنجي سامھون.

(١٧٧)

پاڻ ڄاڻيان پاڻ، آھيان الائي ڇا،

سدا تو ھي ساڻ، آھيان آنءُ اڪيلو.

(١٧٨)

جانب جڏھن ڪڏھن، تو منجھھ آھي سدا موجود،

واحِد اٿئي ھيڪڙو، ٻِيو نھ ڪوئي معبود،

وڃ نھ ڪاڏھين ذلف فقير، تون ووڙي ڏس وجود،

سمجھي ڪج سجود، صاحب ربّ ستار کي.

(١٧٩)

اٿي آڌيءَ راتِ جو، چڙھان ڪيئن چاڙھي،

آھيان سورن ساڙي، تون ھادي ڏيج ھمٿ ڪا.

(١٨٠)

توريءَ آنءُ سپرين، ھتِ ڪھڙي ڪيان عيد،

نيڻين وسائي بوند، ھتِ روئان پيو رت ڦڙا.

(١٨١)

روز نھاري راھون، تڙپن پيون اکيون،

سمھڻ ڪين سکيون، روئن پيون رت ڦڙا.

(١٨٢)

ڏھاڙي ڏسن، اکيون انھيءَ پار ڏي،

ٿِيون ويچاريون وسن، اڻ مندائتي مينھن جِيان.

(١٨٣(

سڪ تھ سڄڻ يار جي، تون جيءَ اندر ۾ جوڙي،

لوڪان منھن موڙي، لڙي وڃج لوءِ کان.

(١٨٤)

جانبَ لئي ھن جوءِ ۾، جيئري جليا جي،

وڃين مليا سي، جن نيھن اڙايو الف سان.

(١٨٥)

اديون الله ۾، مون وڏو آسرو آھي، اِجھي ايندم ڪاھي،

اڀي عرض ڪيام جي، پانڌ ڳچيءَ ۾ پائي، اِجھي ايندم ڪاھي،

فضل ڪندو فقير تي، مولى محب ملائي، اِجھي ايندم ڪاھي،

ھاديءَ ريءَ مون جيڏيون، ٻي واھھ نھ ڪا آھي، اِجھي ايندم ڪاھي.

(١٨٦)

جڏھن اچن ياد پِرين، تھ پون نيڻ وسي، من اچن حال ڏسي،

ھئي ھئي ڪيان ٿو ھاڻي، جو ساجن ويو آ رسي، من اچن حال ڏسي،

جيئري ذلف فقير چئي، ھتِ ويو آھيان ڪسي، من اچن حال ڏسي،

پوءِ ساھھ منھنجو ڀل وڃي، شال پِرينءَ کي پسي، من اچن حال ڏسي.

(١٨٧)

ڪوئي مست ملنگ آکي، ڪوئي مجنون جاني، لوڪ آکن ديواني،

ھڪ يار سجن دي ڪارڻ، مارن لک لک طعني، لوڪ آکن ديواني،

نيھن نچايا ناچو وانگي، گلي گلي وچ گاني، لوڪ آکن ديواني،

اندر ساڏي ذلف فقيرا، عشق ڪيتي آستاني، لوڪ آکن ديواني.

(١٨٨)

لئون توسان لائي پِرين، عجب رنگ ڏٺاسون،

ڪاٿئين ملان تھ ڪاٿئين موالي، تھ ڪاٿئين ملنگ ڏٺاسون،

ڪاٿئين ساز تھ ڪاٿئين سروز، تھ ڪاٿئين چوريندي چنگ ڏٺاسون،

ڪاٿئين نجومي تھ ڪاٿئين ڍارا، تھ ڪاٿئين ٺڳيندي ٺڳ ڏٺاسون،

توکي تلاشيندي زماني ۾، ذلف جھرجھنگ ڏٺاسون.

(١٨٩)

پِرين آپ لڪ ويندا ھئين، اسان ڪون آکين ڳولھھ،

دوست تيڏي ڏيکڻ لئي، مئين ڦرندا وتان گول،

ڪر ذلف نال ملجول، متان فراق وچ فقير مر وڃي.

(١٩٠)

يار وسندا نال تيڏي، تون ووڙيندائي ڪٿي، ھڪ نام پڪا تون دل تي،

جھاتي پاوچ ڇاتي اندر، جانب رھندئي جِٿي، ھڪ نام پڪا تون دل تي،

جوئي ملسئي جاڳ دي وچ سو نھ ملسئي ستي، ھڪ نام پڪا تون دل تي،

ربّ راضي ٿيندا ذلف فقير جو راتيان ڏينھان ڪتي، ھڪ نام پڪا تون دل تي.

(١٩١)

نھ ڪنھن پير جو نھ فقير جو، نھ ڪنھن وليءَ جو،

جِتِ قدم عليءَ جو، اتِ نھ پھچي ڪو ٻيو.

(١٩٢)

امر ٿيو الله جو، نھ تھ ڪنھن کي ڪھڙي طاقت ھئي،

رضا مڃين رباني، ڪيائين جان فدايت ھي،

ذلف شھادت حسينڻ جي، ڏسي رنا سڀ ڏيھھ ۾.

(١٩٣)

توکي ساري سپرين، منھنجي اکين آندو آبُ،

تون ئي مون لئي سڀڪجھھ آھين، پر دنيا مون لئي خوابُ،

ناھي ڏوھھ محبت ۾، سمجھي ڪيوسون ثوابُ،

توڙي ذلف ٿِيان ڪبابُ، تھ بھ در نھ مٽِيان دوست جو.

(١٩٤)

ھڪ دل درد ھزار، ڪاڏي پوءِ وڃان،

سوين سور سليان، جي پڇن مون کان پِرينءَ جا.

(١٩٥)

دل دماغ ۽ پردا، سڀ سورن ۾ سڙي،

ويا سڀيئي عشق منجھھ، ٻارڻ ٿئي ٻري،

ذلف چوي ڪيم ڪيھان، راھن منجھھ رڙي،

اِجھو ماءُ مري، ڏيندس دم درد ۾.

(١٩٦)

سور ٿِيڳيا سنسار سڄا، پِرين نھ ويڙھي ورندي، نا دل ٺرندي،

ڏينھن ڏھاڙي ميڏي، غمان دي وچ گذرندي، نا دل ٺرندي،

سينا سڙيا سوز وچون، ٻارڻ پيا ٻرندي، نا دل ٺرندي،

آکي ذلف فقير فراق وچون، جيءُ ميڏا پيا جھرندي، نا دل ٺرندي.

(١٩٧)

ظاھر ڪافر باطن مؤمن، آھي اِنھيءَ منجھھ اوٽ،

جِسم وڏو ئي ڪوٽ، جي ڀڃِين تون ڀورا ڪرين.

(١٩٨)

ظاھر ڀِتِيون بَنگلا، باطن ۾ بازار،

شھر سڄو ئي سون ٿئي، جي تون ڪرين نھار،

سؤدو کڻج سور جو، پرورسين تون پار،

حاسد وچان حسد جي، ڪندا ڪين قرار،

تان تون پاڻ نھار، اندر منجھھ الله ڏي.

(١٩٩)

پاڻ مڃائڻ پاڻ کي، اِھو ڪم ڪمينن جو،

آھي ڪم اصيلن جو، جي راضي رھن ھر حال ۾.

(٢٠٠)

متان ڪرين ڪا، ڀلي اھڙي باتِ،

جنھن سين ملاقاتِ، ساجن ڪرئي ڪين ڪي.

(٢٠١)

جي ڀليا سي رليا، ڪين لڌائون واٽ،

گھڙيا انھي گھاٽ، جو پِريان ڪنون پري ٿيا.

(٢٠٢)

الف نھ ڪيائون اکن ۾، ٿا ھيڏي ھوڏي وڃن،

جِئين مکيون منجھھ ھون، گمراھيءَ جي گند ۾.

(٢٠٣)

ھي جي راتِيون، پِرينءَ ڪاڻ رئن،

تھ اکيون مان لھن، اڳيان تنھن عجيبَ جي.

(٢٠٤)

ساري راتِ رنم، ساجن توکي ساري،

مون کي ٿِي ماري، جانبَ تنھنجي جدائي.

(٢٠٥)

راتِڙيءَ جي ڀر ۾، ايندم، پوءِ پِرڀاتِڙي،

سائي ٿيندم ساعتِڙي، جو محبَ ايندين من ۾.

(٢٠٦)

راتِڙيءَ جي ڀر ۾، آئي سا پِرڀاتِ،

ھاءِ ڪيم ھيھاتِ، جو راتِ گذاريم غفلت ۾.

(٢٠٧)

اندر منجھھ الله، پِرين پسيج پاڻ تون،

نيئي ڪج نگاھھ، جو سپرين تنھنجي سامھون.

(٢٠٨)

آديسين کي عشق، آھي پِڻ ازل کان،

ميان تون مزمل سان، راتِ گذارج رنگ ۾.

(٢٠٩)

ساجن سئين سئين وار، ساريانءِ توکي سرير ۾،

دم دم منجھھ دلدار، وساريانءِ نھ ويرم ۾.

(٢١٠)

پھرين ڏينھن پرواز، جي نھ ڪيئي جڳ مان،

تان پکي پوءِ شھباز، جھٽي ويندئي جوءِ مان.

(٢١١)

ڪي جي ڪڍي ڇڏين تون، خِيال خوديءَ جا،

تِھان پوءِ گڏين تون، من پنھنجي محبوبَ سين.

(٢١٢)

ڪي جي ڪڍي ڇڏين تون، خوديءَ سندا خِيال،

تان پوءِ ھيرا لعل، حاصل ڪرين حضور مان.

(٢١٣)

رنگينن سين رھي، جو مون رنگ لڳوم،

الفت اِئين ذلف سين، جِيئن سئيءَ منجھھ سڳوم،

وچان ڀِتِ ڀڳوم، ٿِياسون نزديڪ نينھن کي.

(٢١٤)

جائي رمز روميءَرح جي، سائي باتِ ڀِٽائيرح،

تِنھين جي آ تن ۾، وحدت جي وائي،

”وحده لاشريڪ له“ ھر ھنڌ ھيڪڙائي،

معرفت مٺائي، جي چکي ويا چاھھ ۾.

(٢١٥)

باھورح چئي بِيا[3]، تھ بھ نھ آئين تون ميان،

سڏن مٿي سڏڙا، ڪري پيو اڃان،

تھ توکي آنءُ ڪيان، ”تارسانم روز اول باخدا“.[4]

(٢١٦)

ھر ھر تنھنجو نام، دلبَر منھنجي دم ۾،

خوشي توڙي غم ۾، وسرين ڪين وجود مان.

(٢١٧)

سنجھي اِيندم سي، سڄڻ ساريم جي،

ڪندا مون سين ڪي، راتِيان روح رھاڻيون.

(٢١٨)

نڪي درد دل ۾، نڪي سور سرير،

اندر ناھي اڪير، ٻاھر ٻوليون ڪي ٻِيون.

(٢١٩)

ٻاھر ٻوليون ڪي ٻِيون، دل ۾ دغا بازي،

تنھين مٿان راضي، ڪڏھن بھ ٿِئي ڪين ڪي.

(٢٢٠)

ٻاھر چمڪي چنڊ جيئان، اندر اوندھھ آھھ،

تون م تنھن سين لاءِ، ناتو ڳنڍي نينھن جو.

(٢٢١)

مجازيءَ موھي وڌا، ڪي ھڻي منتر منڊ،

جِيئن ظاھر چمڪي چنڊ، تِئين باطن اوندھھ آھھ سو.

(٢٢٢)

ٿِيا گھڻا گمراھھ، مجازيءَ ۾ موھجي،

جِسم ڇڏي اِسم ڏي، ڪين ڪيائون ڪاھھ،

سا نھ پاتئون راھھ، جا روحاني ربّ جِي.

(٢٢٣)

جا روحاني ربّ جي، سا نھ پاتئون راھھ،

ويتر ٿِي گمراھھ، غافل ٿيا غير ۾.

(٢٢٤)

آھي سورج سامھين، جِئين سورج مکي گل،

تون م تنھين کؤن ڀل، جو اندر آفتاب ٿِئي.

 

(٢٢٥)

آھي آفتابَ ڏي، جِئين گل سورج مکي،

تون بھ تنھن کؤن سکي، ڪج پيشاني پِرينءَ ڏي.

(٢٢٦)

جي اکيون ڪرين اوڏھين، تان سورج آھي سوئي،

ڪين آھي ڪوئي، جي لااله سين لائين تون.

(٢٢٧)

مئا ملن ڪين ڪي، جڳ سين وڃين جيئن،

تون ڀِي ٿِي وڃ تِيئن، موتو قبل انت موتو.

(٢٢٨)

اڏي آکيرا ويا، جي ويھي پنھنجو پاڻ،

ڪين پين ڄاڻ، تھ ڪي ڊھي ويندا ڊوھھ جا.


[1]   ”۽ اسين وڌيڪ ويجھا آھيون“ (سورة ق، آيت: ١٦)

[2]   ”تنھنڪري مون کي ياد ڪريو تھ آءٌ اوھان کي ياد ڪريان.“ (سورة البقرة، آيت: ١٥٢)

[3]   ”اچ“

[4]   ”تھ توکي پھچائيان مان پھرين ڏينھن خدا تائين.“ (حضرت سلطان باھو رح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org