سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :11

ٿلھھ: ھر ڪا صورت آھيان مان آھيان، پنھنجو ئي آھيان پاڻ مان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

١- ”اِن الله على کل شيءِ قدير“ لکيم منجھھ قرآن مان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

٢- مون ڏسي پسي سوئي سگھندو، جوئي ڪڍي غير گمان ميان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

٣- صحيح ڄاڻ سڃاڻ تون مونکي، تو منجھھ منھنجو وٿاڻ ميان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

٤- نظر ۾ تارا ڪتيون اچان ٿو، پر آھيان ھڪ آسمان مان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

٥- ذلف فقير رڳن منجھھ ”ونحن اقرب“ سوچي سمجھھ، آھيان تنھنجي جسم ۽ جان مان،

تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان.

 

ٿلھھ: ڏونگر ڇو پيو ڏورين وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

١- پرين سندو آ پيرو تو منجھھ، ڇو ٿو گھمي وٺي گس وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

٢- ”ونحن اقرب“ رڳ رڳ ۾ ميان، تو منجھھ ٿاڪ اٿس وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

٣- اور اٺئي پھر الک سين تون، ڪڍي قلب منجھان تون ڪس وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

٤- ھاديءَ سندو حال حقيقت، معلوم ٿيندئي منجھس وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

٥- ذلف فقير چئي اکيون اکين منجھھ، ڏيئي تون تان پوءِ ڏس وو يار،

پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار.

 

ٿلھھ: درد لڳئي تھ ڪل پوئي،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

١- ”موتو قبل انت موتو“ جيئري موت ۾ مرين ھا تون،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

٢- مستن وانگي مجنونءَ وانگي، در در رلندو وتين ھا تون،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

٣- آڳ مچائي اندر ۾، سورن منجھھ سڙين ھا تون،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

٤- پرينءَ ڪارڻ راھن ۾، راتيان ڏينھان روئين ھا تون،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

٥- زھر ھٿن سين ذلف فقير چئي، پنھنجو پاڻ پيئين ھا تون،

ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون.

 

ٿلھھ:ھادي ٿي ھمراھھ،

ڏاڍي ڏونگر ڏکوئي آھيان.

 

١-  اوکو پنڌ پھاڙ جو آھي، ھمٿ ھلڻ جي مون ۾ ناھي،

ڏسي ڏکن ۾ اچج ڪاھي، پرينءَ تائين پنڌ پھچاءِ،

تنھنجي آڌار لڳي آھيان، ھادي ٿي ھمراھھ.

 

٢-   اھي بھ ڏينھن تھ ڏسبا ڪڏھن، منھنجو ڀاڳ ڀلارو ٿيندو تڏھن،

ملائيندو مولى محمد صھ جڏھن، ذلف ڪبو شڪر الحمد الله،

پئي تھ پرينءَ کي پڪاريان، ھادي ٿي ھمراھھ.


 

 

ٿلھھ: متان ٿيان گمراھھ، نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي،

متان ٿيان گمراھھ.

 

١- مھڙو مون ڏانھن محبوب ڪريو، نرميءَ ساڻ نگاھھ،

نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي.

 

٢- دنيا ڏاڍي ڌوڪي واري، پردو رکج پناھھ،

نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي.

 

٣- متان لڙھي وڃان لھرن ۾، آھي دڌڪي وارو درياھھ،

نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي.

 

٤- سڃ جي سفر ۾ ذلف فقير جو، ھادي ٿي ھمراھھ،

نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي.

 

ٿلھھ: گوندر ۾ پيو گھاريان، گوندر ۾ پيو گھاريان،

ايندو ڪڏھن، مون ڏي پرين الا ميان.

 

١- اٿي آڌيءَ رات جو، سپريان کي پيو ساريان.

٢- محبت جو مچ من منھنجي ۾، ٻارڻ پيو ٿو ٻاريان.

٣- پرينءَ ڪارڻ پاڻ کي، ڳڻتن منجھھ پيو ڳاريان.

٤- الا ذلف فقير چئي، قادر پيو ڪوڪاريان.

 

ٿلھھ: ڪڍ تون غير گمان، ھڪ ئي ھڪ ٿي پوندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

١- ويٺو اٿئي وجود ۾، جھاتي پائي ڏسندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

٢- ھرھنڌ ھادي اٿئي، ڪوبھ شڪ نھ ڪندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

٣- الست آکيو الک، ”قالو بلى“ قول پاڙيندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

٤- سر تي سور سھي، ڪنھن کي ڪين ڪھندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

٥- چئي ذلف فقير، پيالو پِرتِ جو پيئندين،

سپرين پوءِ تون پسندين.

 

ٿلھھ:   جي دل ۾ جھاتي پائي ويا،

سي پنھنجو پاڻ سڃاڻي ويا.

 

١-   ھو ھڪ جو نالو وٺي ويٺا، ٻيو سڀڪجھھ ھو وساري ويٺا،

ڪري ويساھھ ھڪ تي ھڪ ٿي ويٺا، سي پنھنجو پاڻ اجاري ويا.

 

٢-       مچائي مچ محبت جو پاڻ کي ساڙيائون، ڪري قول پرين سان اھو پاڙيائون،

جيئري موت ڏيئي پاڻ کي ماريائون، سي پنھنجو نينھن نڀائي ويا.

 

٣-   ھڪ پرينءَ سان لئون لاٿائون، ساري سنسار کي ڪوڙو سمجھيائون،

راھھ رباني کي ڄاڻي ورتائون، سي ذلف فقير سڏائي ويا.

 

 

ٿلھھ: من منھنجي ۾ ٿو مچ ٻري،

تنھنجي ڪارڻ يار.

 

١- جدائي جي لھرن منجھھ لڙھان پيو،

ھٿ تنھنجي آ تارڻ يار.

 

٢- جلائي تو جانب سيکاريئي،

جسم ڳارڻ يار.

 

٣- قابو ڪري قرب ۾ ميان،

ڏيئي وئين ٻارڻ يار.

 

٤- مناسب ناھي توکي مٺڙا،

ذلف فقير کي وسارڻ يار.

 

ٿلھھ: عشق اسان وٽِ اچ، ڀلي ڪري اچ،

تنھنجي آھي تات طلب ميان.

 

١- ٻيو سڀ ڪوڙو، سنسار سمورو،

ھڪ تون ئي تھ آھين سچ،

ڀلي ڪري اچ

 

٢- ڇيرون پھرائي، رڻن ۾ رلائي،

چيئي شاھھ بُلى کي نچ،

ڀلي ڪري اچ

 

٣-             باھھ بِرھھ جي تو ۾ آھي، ڇڏجانءِ ڪين فقير وسائي،

ذلف پروانو ٿي پچ،

ڀلي ڪري اچ

 

مولود شريف

ٿلھھ: ڪوبھ نھ ايندو ڪم سواءِ اتِ رسول جي،

سواءِ اتِ رسول جي محمد مير جي.

 

١- قيامت جو ڏينھن، آخر تھ ٿيندو،

نفسا نفسي جِتڙي سڀڪوئي ڪندو،

اتي ھوت حضور جي محمد مير جي.

 

٢- انھيءَ ڏينھن امت جون بَديون بَخشائيندو،

سٻاجھو نبي سائين اڙيا ڇڏرائيندو،

ڪندو جنھن ڏينھن پڇاڻو ھادي حشر ويل جي.

 

٣- وسراجا المنيرا، شان جنھن جو آھي،

سندن مٽ ڪو ثاني سھڻي نبيءَ جو ناھي،

اتي نيڻ پسندا نورن جي تھ نور کي.

 

٤- احمد پاڻھئين اڳ ۾، انھن ڏانھن اِيندو،

نبي سائين طھورا تن کي پِياريندو،

جھين جي اندر ۾ آھي ھتِ اڪير جي.

 

٥- ذلف فقير چئي، ڪين ڇڏيندو ڪنھنکي،

محشر ۾ محمد، ساڻ گڏيندو مونکي،

شفادار ٿِيندو سائين، اڳيان ربَ جليل جي.

(٢)

ٿلھھ:  اڳيان سوڙھي قبر انڌاري ٿئي، اتي ڪلر مٽي ۽ واري ٿِئي،

واري ٿئي وو الا توکي نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾.

 

١- صبح کان پوءِ، ڄاڻ ٿِئي سانجھي،

کڻندئي ميت، کي پوءِ ڪانڌي،

سج لٿي پوءِ، اونداھي ٿئي.

 

٢- سامي سوڙھي سخت عذاب ٿئي،

منڪر نڪير جو سوال جواب ٿئي،

اتي توبھھ توبھھ زاري ٿئي.

 

٣- ھڪ ڏينھن ٿِيندئي ماڳ مٽيءَ ۾،

ھوندئي جِسم ۽ جان مٽيءَ ۾،

آخر دنيا فنا ئي ٿئي.

 

٤- ذلف فقير تون، ڪين ڪمايئي،

سودو ثمر تون ڇو نھ وھايئي،

عمر اجائي گذاري ٿئي.

(٣)

ٿلھھ:  اٿي جاڳ بندا ڪجھھ تون، ھيءَ رات بھ کٽِڻي آ،

ھي راتِ بھ کٽڻي آ، پِرڀاتِ بھ ڦٽڻي آ.

 

١-      ڏس نور حضور جو تون، ڏينھن راتِ وسي ٿو پيو،

مٺڙي تھ محمد تي، صلوات بھ پڙھڻي آ.

 

٢-  جي ڪالھھ ڪمائي ويا، اھي جيئرا اڄ جوڳي،

تن ساميئڙن جي لئي، ڪا تاتِ بھ ڪرڻي آ.

 

٣-   جڏھن پڇندئي پڇڻ وارا، منجھھ ساميءَ ۾ توکئون،

اڳيان تھ ملائڪن جي، ڪا باتِ بھ ڪرڻي آ.

 

٤- جي اوري اِسم سان ويڙا، ويراڳي وجودن ۾،

چوي ذلف فقير تن کي، اتِ ڏاتِ بھ ملڻي آ.

(٤)

ٿلھھ:   ڪانگل ملڪ مديني تون اڏامي وڃِج،

مٺڙي محمد کي ھي سلام چئج،

سھڻي سيد کي... ... ...

 

١- ڏينھان روز ھتي توکي ساريان سڄڻ، روئي اکڙين مان ڳوڙھا ڳاڙيان سڄڻ،

تنھجي ھجر فراق ۾ گھاريان سڄڻ، ناھي منھنجي اندر ۾ آرام چئج.

 

٢- سڄي رات مونکي تنھنجي تانگھھ مٺا، منھنجي نيڻن کي آھي جاڳ مٺا،

تون وچ عربُ اسان جو سنڌ ماڳ مٺا، توڏي نتِ پيو نھاريان صبح شام چئج.

 

٣- پِرين توکئون پري منھنجي ڪان سري، اندر برھھ سندي پئي ٿي باھھ ٻري،

جڏھن توکي ڏسان تڏھن حيانءُ ٺري، آھيان عشق تنھنجي ۾ مست مدام چئج.

 

٤- پکي پيار منجھان، مديني ڏي ڪھي، مٺڙيون لاتِيون ڪري مٿان وڻن ويھي،

چئي ذلف فقير ھيءُ نياپو ڏيئي، سگھو موٽي وري مون ڏانھن اچج.

(٥)

ٿلھھ:  مٺو نام مولى جو اعلى اِھو ٿئي، الله الله الله چئو تون،

صبح شام سانجھي سڄي رات ساري، الله الله الله چئون تون.

 

١-        اِھو ربَ جو نالو ڏاڍو مٺو ٿئي، مٺو ٿئي ڀلو ٿئي سڀن کان سٺو ٿئي،

مصري ۽ ماکيءَ کان بھ مٺو ٿئي، الله الله الله چئون تون.

 

٢-          ڏسو شان احمد جو اعلى ڪيائين، زمين آسمان بھ نبيءَ لئي جوڙيائين،

لئولاڪ لما چِٽو چيائين، الله الله الله چئون تون.

 

٣-           نظر ھن جي ھرڪا شيءِ تي تھ آھي، ”ڪن فيکون“ چئي حڪم ٿو ھلائي،

رزق روز سڀ کي پيو ٿو رسائي، الله الله الله چئون تون.

 

٤-    ڪندو آھي ھردم بُرن تي ڀلائي، ڏاڍو سٻاجھو اٿئي ھو تھ سائين،

ثنا حمد چئو تون ربَ جو سدائين، الله الله الله چئون تون.

 

٥-       الست بِربَکم جڏھن مولى چيو ھو، ”قالو بَلى“ چئي انجام ڪيو تو،

پاڙج واعدو قول ڪيئي جو، الله الله الله چئون تون.

 

٦-       اِھو اِسم ذاتي ذلف فقير ٿئي، اِنھيءَ ۾ ئي دل ۽ روح کي راحت ٿئي،

”فذکروني اذکرکم“ فرمان ٿيو ٿئي، الله الله الله چئون تون.

 

ٿلھھ:  ميان منھنجي من ۾ آھين تون ائين،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

١- ”ونحن اقربْ“ ويجھڙو تون ھردم آھين ھيئن،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

٢- ڀلا وساري ويھي رھان، توکي آنءُ ڪيئن،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

٣- الست جي آواز کي، مون اتي ٻڌم ٿي اِيئن،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

٤- بَين المرءِ وقلبِه“[1] آيت ڏٺم ٿي اِئين،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

٥- توکي سانڍي ساھھ ۾، مون عشق ڪيم ٿي اِيئن،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

٦- ذاتي اِسم ذلف فقير پوءِ وساريان ڪيئن،

ساھھ رڳن ۾ جيئن.

 

ٿلھھ: اڏر پکيئڙا صبح سويري، ولر ھنجن جي وڃي وساءِ،

ولر ھنجن جي وڃي وساءِ تون، ولر ھنجن جي وڃي وساءِ.

 

١-        ڪيھي ڪريان آنءُ باتِ ھنجن جي، لااله، واري لاتِ ھنجن جي،

”اِلاالله“ اِثبات ھنجن جي، ذڪر ڪمائن ھو الله.

 

٢-      صحبت ھنجن جي آھي، نرالي، مٺڙي مٺڙي ڪن ھو ٻولي،

وڃي وسائج تن جي ٽولي، گھڻو نوازيو جن کي خداءِ.

 

٣-     ھيرا ھزارين لعل ھنجن وٽ، موتي ھزارين مال ھنجن وٽِ،

وڃي پکيئڙا پِراءِ ھنجن وٽِ، ٻِي در ڪين تون وو واجھاءِ.

 

٤-    جِتي ھنجڙا ٻوليون ٻولن پِيا، ذلف فقير چئي موتِيون چڻن پيا،

سو تون پکيئڙا ماڳ وسائج، جِتي ھنجن جي آھي جاءِ.

 

ٿلھھ: اھو تھ تو منجھھ آھي،

جنھن کي جاچِين جوءِ ۾.

 

١- ”ونحن اقربُ“ قرآن ۾ ڏس تون ورق ورائي،

اھو تھ تو منجھھ آھي.

 

٢- جدا توکئون وو جانب ناھي، ڪر نھ تون ھاءِ ھاءِ،

اھو تھ تو منجھھ آھي.

 

٣- ووڙي ڏس وجود کي، اندر تھ تو منجھھ ڇاھي،

اھو تھ تو منجھھ آھي.

 

٤- سامھون سدائين سپريان تنھنجي، ڏس تون جھاتي پائي،

اھو تھ تو منجھھ آھي.

 

٥- ذلف فقير چئي اٿئي تو منجھھ، وڃ نھ تون ڪاڏھين ڪاھي،

اھو تھ تو منجھھ آھي.

 

ٿلھھ: ديرا دلبر دل وچ لايا ھئي،

ميڏي تن من وچ تھ سمايا ھئي.

 

١- آڳ عشق دي اندر ميڏي،

جيري جگر جلايا ھئي.

 

٢-  ”ونحن اقربُ“ ھادي سانڪون،

فرقان وچ فرمايا ھئي.

 

٣- ڪڪر مٿان قرب دي ميڏي،

بِرھھ دي بُوند وسايا ھئي.

 

٤- آکي ذلف فقير الف دا،

مرشد سبق پڙھايا ھئي.

 

ٿلھھ: مون  سان  مٺا  تون  آھين،

ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪيئن ڪڏھن ڪيئن.

 

١- ڪڏھن باھھ ۾ تھ ڪڏھن پاڻيءَ ۾، ڪري لوھر لوھھ کي جيئن،

ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن.

 

٢- ڪڏھن نھ ڪڪر قربَ جا، ڪڏھن محبَت سندا مينھن،

ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن.

 

٣- ڪڏھن کلائين خوش ڪري، ڪڏھن روئائين راتو ڏينھن،

ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن.

 

٤- فڪر ۾ ذلف فقير کي، وڌو آ تنھنجي نيھن،

ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن


[1]   ”الله آدمي جي ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ھوندو آھي.“ (سورة الانفال، آيت: ٢٣

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org