ح: حي ئون حبَ پِريان جي آين چِتِ چڙھي،
سپريان جي سوز ۾ ساميئڙا سڙي،
چئي ذلف فقير ڳوڙھا پين ڳڙي،
”بَلى من اسلم وجھه ِلله وھو محسن“[1]
ڪري ڪن ڪاپڙي،
اڳيان رازق ربَ جي نانگا پيا نوڙي،
روئي ۽ رڙي، اورن پيا الک سين.
خ: خي ئون خِيال خوديءَ کئون ڪاپڙي ڪٽي،
نانگا مارن نفس کي سارو ڏينھن سٽي،
منھن ٻِين کئون مٽي، اورن پيا الک سين.
د: دال ئون دڳ وحدانيت واري واٽ وٺي،
جِتِ لاھوتِين لنگھھ گھمن سا گھٽي،
ڪري سڀ ڦٽي، اورن پيا الک سين.
ذ: ذال ئون ذوق شوق ذڪر سين ڪري ڪاپڙي،
ٻاري آڳ عشق جي سارو ڏينھن سڙي،
چئي ذلف فقير گھڙي گھڙي،
حرف ھڪ پڙھي، اورن پيا الک سين.
ر: ري ئون رڳ رڳ منجھھ ھو ڪين آھھ پري،
”ونحن اقربُ اِليه من حبل الوريد“ ويساھھ ڪري،
چئي ذلف فقير سامين ڪين سري،
اندر ڌيان ڌري، اورن پيا الک سين.
ز: زي ئون زخم تن کي ٿِيا ڦٽ فقير،
لڳن ڪاتي قربَ جي جيءَ کي ٿِين جھير،
ٻيھر ٻاڻ وري تن کي لڳن تير،
راتو ڏينھن رڙن نيڻين وھائي نير،
اندر اِھا اڪير، اورن پيا الک سين.
س: سين ئون سڪ سڄڻ جي اٿن ساھھ پساھھ،
ھردم اندر منجھھ اورن ھو الله،
ڪين رھن گمراھھ، اورن پيا الک سين.
ش: شين ئون شعلا عشق جا اندر آديسين،
سارو ڏينھن سامي گوندر ۾ گھارن،
”لقد خلقنا الاِنسان في کبَد“[2]
ڪارڻ سورن،
چئي ذلف فقير جوڳيئڙا جلن،
عشق شمع تي پتنگ ٿي پچن،
ٻارڻ ٿي ٻرن، اورن پيا الک سين.
ص: صاد ئون صفت سبحان جي لاھوتيءَ لبَن،
”سبْحان ربِي الاعلى“[3]
پيا ھو پڙھن،
سامي وسائي سڃ رازق ڪاڻ رلن،
پوئتي ڪين ورن، اورن پيا الک سين.
ض: ضاد ئون ضائيھ وقت ويراڳي ويھن ڪين واندا،
ڪاھن پريان پار ڏي پيرين پيادا،
پڙاپائي ڳچيءَ منجھھ ٿِيا ساميئڙا سادا،
پرينءَ پسڻ جا اٿن اندر منجھھ اِرادا،
وڃي ھيڪاندا، اورن پيا الک سين.
ط: طوئي طريقو صوفين جو سامين ڪيو اختيار،
وڃن ڪين وجود کئون ٻاھر ٻي پار،
سدا اٿن سيني منجھھ سپريان جي سار،
تن ۾ اِھا تار، اورن پيا الک سين.
ظ: ظوئي ظاھر مٽيءَ منجھھ بَڀوت بيراڳي،
اندر ڪيائون اجرو جانبَ ڪارڻ جاڳي،
چئي ذلف فقير جيئري وجود جوڳي،
وڃائي ويراڳي، اورن پيا الک سين.
ع: عين ئون عشق سندي آڙاھھ منجھھ پرينءَ ڪاڻ
پڪا،
چھرا تن آديسين جا ٿِيا فقير ڦڪا،
ڪاٺيءَ جِيان ڪاپڙي ٿِيا سنھا ۽ سڪا،
لاھوتي لڪا، اورن پيا الک سين.
غ: غين ئون غرق وحدت منجھھ ويراڳي ٿِيا،
”ونحن اقربُ“ ويجھو مالڪ سين مليا،
رازق سين رليا، اورن پيا الک سين.
ف: في ئون فنا فڪر ڪيو ڪاپڙين،
واحِد ڪارڻ وڃي ٿا ويراڳي وڍجن،
ذڪر کئون ذرو فارغ ڪين رھن،
”الاّ اِن اوليآءَ الله لاخوف عليھم ولاھم يحزنون“[4]
آيت آين،
خوف نھ آھي انھن، اورن پيا الک سين.
ق: قاف ئون قلبَ منجھھ باھھ بِيراڳين ٻري،
ذڪر ريءَ ذلف اندر ڪين ٺري،
جانبَ ڪارڻ جوءِ ۾ جوڳين جيءُ جھري،
ووءِ ووءِ وات ڪري، اورن پيا الک سين.
ڪ: ڪاف ئون ڪاپڙي راتو ڏينھان ڪتي،
وقت وڃائن ڪين ڪي ساميئڙا ستي،
ويا ويراڳي ذلف فقير اتي،
جوڳيئڙا جِتي، اورن پيا الک سين.
ل: لام ئون ”لآاله اِلاالله“ ريءَ ٻيو ڪين مڃن،
جيڏانھن جوڳي ٿا، نيڻ کڻن،
چئي ذلف فقير سوئي ٿا ڏسن،
”اِن الله على کل شيءِ قدير“[5]
پِرين پسن،
”واِن الله لمع المحسنين“[6]
سوئي ساڻ اٿن،
ڪاڏي ڪين وڃن، اورن پيا الک سين.
م:
ميم
ئون
”محمد الرسول الله“ ڪلمو ڪاپڙن،
ظاھر زباني ۽ دل ۾ دؤر ڪن،
فرمان الله پاڪ جو لاھوتيءَ لبَن،
”ورفعنالک ذکرک“[7]
ڪھيو ڪريمن،
صلواتون سيد مٿان، پيا ھو پڙھن،
عشق انھيءَ منجھھ ٿا سنياسي سڙن،
چئي ذلف فقير ڪاپڙي ڪڙھن،
بِرھھ بيراڳين، اورن پيا الک سين.
ن: نون ئون
نفس کي نانگن ڪيو نعبود،
پِرين لڌائون پاڻ منجھھ ووڙي وجود،
چئي ذلف فقير سامين ڪيو سجود،
چئي حق موجود، اورن پيا الک سين.
و:
واو
ئون
”وتواصوا بِالصبْر“[8]
ھاديءَ سندو حڪم،
پڙھن ويٺا ويراڳي دل ۾ دم دم،
سھن ويٺا ساڻيھھ ۾ ساميئڙا ستِم،
ٿي صم م بُکم، اورن پيا الک سين.
ھھ: ھي ئون
ھو ھو ھيئڙي منجھھ ھنڊائي،
وائي ويراڳين ٻي ڪا ناھي،
نيڻ پنھنجا نانگا اتِ اڙائي،
رت رئائي، اورن پيا الک سين.
لا: لائون
”لاشريڪ له“ ھو آھي ھڪوئي،
تنھن سان ڪين ڪي گڏيائون ڪوئي،
ھر ھنڌ ھادي سپرين آھھ سوئي،
چئي ذلف فقير رازق ڪاڻ روئي،
دل کي ڌوئي، اورن پيا الک سين.
الف: الف
اٿلائي
اھو
واحِد
ڪارڻ
ورق،
جنھن ۾ جانبَ جي ثنا جو سبق،
ورد کئون واندا رھن ڪين پلڪ،
حرف پڙھي ھڪ، اورن پيا الک سين.
ي: ي ئون
ياد ھميشه ھو وساريائون ڪان،
”يذکرون الله قياما وقعودا“[9]
ساريائون سبحان،
”فاِن الله غفور رحِيم“[10]
ٿِين مٿاھون مھربان،
ريجھائي رحمان، اورن پيا الک سين.
سرائڪي ڪلام
ٽيھھ اکري
ا: الف- الله دي نال ڪران، شامل شريڪ نھ ڪوئي
سانڏا رب ھڪوئي،
”قل ھو الله احد الله الصمد“[11]
ھويا ظاھر ذات اھوئي سانڏا ربَ ھڪوئي،
ڀل ڳئي سڀ ساري لوڪ، جي ڄاڻن غير ڪوئي، سانڏا رب
ھڪوئي،
”ونحن“ وسندا نيڻين سانڏي ذلف فقيرا سوئي، سانڏا
رب ھڪوئي.
ب: بي- بات بِرھھ داھو يا ھو، ھردم سانڏا الله ھو،
الله ھو دي نال اسانڏا ساھھ پساھھ بھ ھو يا ھو،
عشق حقيقي مليا مئڪون، ھردم سانڏا الله ھو،
دل پڙھيا تِئي دل کليا ذلف فقير اِھو اِسم الله دا
الله ھو.
ت: تي- تڏھان تھ رب نون مليا، جڏھان ذاتي اِسم
ڪمايا رب نون پايا،
دم دم دي وچ اِسم الله دا، سيني وچ سمايا رب نون
پايا،
”الا من اتي الله بِقلبِ سليم“[12]
جو ڪم اسانڏي آيا رب نون پايا،
اِسم الله دا ذلف فقير جڏھان اندر سانڏي آيا رب
نون پايا،
ھرجا ھر ھنڌ ذاتِ اِلاھي نور نظر وچ آيا رب نون
پايا.
ث: ثي- ثنا ھڪ ذات رب ھويا، فنا ھڪ ذات وچ ھويا،
بَقا حاصل ھميشه دا، ھويا، ھڪ ذات ھڪ ھويا،
”ذوالجلال والاِکرام“[13]
سراسر اِي بھي سچ ھويا،
اول آخِر باقي ھميشه ھو دا ذاتِ ھڪ ھويا.
ج: جيم- جي آيا الف اندر وچ، بي نھ رھيا باقي اِسم
الله ڪافي،
اندر ٻاھر ھويا ظاھر ذات الله دا ذاتي اِسم الله
ڪافي،
”وکفى بِاالله وکيلا“[14]
بيشڪ ھويا باقي اِسم الله ڪافي،
وحدت والا پِيالا ذلف فقيرا سانون پِلايا ساقي
اِسم الله ڪافي.
ح: حي- حق آيا ڳيا باِطل محمد پاڪ آيا ھئي ”لااله
الاالله“ جو لايا ھئي،
شاھھ علي جو شيري خدا تلوار اٺايا ھئي، ”لااله
الاالله“ جو لايا ھئي،
ڪفر ڪنون تنھن ڪاٽِيا فتح خيبر وچ پايا ھئي،
”لااله الاالله“ جو لايا ھئي،
شاھھ حسين جو وچ ڪربَل دي سجدي سيس ڪپايا ھئي،
”لااله الاالله“ جو لايا ھئي،
ذلف فقيرا سبق اِھو سڀ محمد پاڪ پڙھايا ھئي،
”لااله الاالله“ جو لايا ھئي.
خ: خي- خدا والي ولي الله لاخوف سدا رھندي اِسم
الله ڪمائندي،
لاخوف والي عارف ڪڏھان غمگين نھ رھندي اِسم الله
ڪمائندي،
لاخوف عليھم ولا ھم يحزنون“ ڪلام الله جو پڙھندي
اِسم الله ڪمائندي،
دوست خدا دي ذلف فقيرا وحدت دي وچ رھندي اِسم الله
ڪمائندي.
د:
دال-
دوجھي راھھ نھ ول ڳئي، جڏھان يار ڏتئي ڏيکاري،
دڳ مليا توحيدي ڏوجھي دڳ دنيا ئي وسر ڳئي،
محبت مچ مچايا، سانڏي جيري جِگر جل ڳئي،
عشق کوليا در ذلف فقير اسان انھي در وچ لنگھھ ڳئي.
ذ: ذال- ذڪر ڪمايا ھونٽ نھ ھليا تڏھان تھ عارف
ھويا اِسم ڪمايا،
وجود جو سارا وحدت دي وچ زبان جو بَند ھويا اِسم
ڪمايا،
دم دم دي وچ اِسم الله دا الله ھو سمايا اِسم
ڪمايا،
ذاتِ اِلاھي ذلف فقيرا ظاھر ظھور جو ھويا اِسم
ڪمايا.
ر: ري- ربُ ربُ سڀڪوئي آکي پر سوئي سڃاڻي ربُ، جي
ڪوئي ڄاڻي ربُ،
ربُ دي خاطر راھان دي وچ رلندي ھن سڀ، جي ڪوئي
ڄاڻي ربُ،
ربُ رسول ڪريم سڻايا جو آيا وچ عرب، جي ڪوئي ڄاڻي
ربُ،
جنھن پڙھايا امت نون اول ڪلمھ طيبُ، جي ڪوئي ڄاڻي
ربُ،
ربُ آپ اِيوين فرمايا ”ونحن اقربُ“،جي ڪوئي ڄاڻي
ربُ،
رب سانڏي ذلف فقير آکي وسندا وچ قلب، جي ڪوئي ڄاڻي
ربُ.
ز: زي- زمانا خاڪ ھئي سارا، فنا لئولاڪ ھئي سارا،
بَقا ھڪ ذات ووھي جو، ھميشه پاڪ ھئي سارا،
نبي ڪي نور سي روشن اِي بِھي الاڪ ھئي سارا،
خدا کو سب سي بھتر وو محمد پاڪ ھئي پِيارا.
س: سين- سک ڳئي سڀ سانڏي، جڏھان اندر آڳ مچيندا
جِگر جليندا،
واءُ لڳا وڇوڙي دا، مئڪون راھان وچ رليندا، جگر
جليندا،
ھيڻا سانڏا ھڏ ھڏ بِرھھ بيحال ڪريندا، جگر جليندا،
ذلف اسانڏي اکيان دي وچ، خون وھيندا، جگر جليندا،
ڇٽي فٽ فقير آکي، نينھن ناسور ڪريندا جگر جليندا.
ش: شين- شمس قمر وچ تاب نھ ڪوئي تاب ھئي عشق دا
اعلى محبوب جِنھان دا مولى،
حسن دا ھادي نور دا جلوا طور تجلي والا، محبوب
جِنھان دا مولى،
ھرجا ھرھنڌ حاضر ناظر قائم ڪرسي والا، محبوب
جِنھان دا مولى،
امر ڪيتا ارواحان نون وو الست آکڻ والا، محبوب
جِنھان دا مولى،
ظاھر باطن ذلف فقيرا نور ھئي سانڏا الا، محبوب
جِنھان دا مولى.
ص: صاد- صورت سھڻي سيد دا، منھن مبارک نوراني،
سارا سبحاني،
”ورفعنا لک ذکرک“[15]
آيت آسماني، سارا سبحاني،
حق دا ڪلمھ سيد پڙھايا سانون ظاھر زباني، سارا
سبحاني،
مليا گھوٽ محمد ذلف فقيرا ميڏا دلبر دل دا جاني
سارا سبحاني،
ض: ضاد- ضروري ذڪر ڪريندي عاشق اِسم الله دا، ذاتي
ذڪر مولى دا،
اِي ذاتي ذڪر ھميشه ڪرندي عاشق اِسم الله دا، ذاتي
ذڪر مولى دا،
اکيان دي وچ سوئي وسندا ذاتي اِسم الله دا، ذاتي
ذڪر مولى دا،
ھرجا ھر ھنڌ نور دا جلوا صورت اِسم الله دا، ذاتي
ذڪر مولى دا،
ذڪر تِنھان نون ذلف فقيرا ھردم اِسم الله دا، ذاتي
ذڪر مولى دا.
ط:
طوئي-
طور تجلي آيا عرشئون، ھادي حسن ڏکايا، اي فرمايا،
”الله نور السمٰوٰتِ والارض“[16]
نور نظر وچ آيا، اي فرمايا،
ھرجا ھرھنڌ مئي وومئي، حاضر ناضر ھويا، اي فرمايا،
”لم يلد ولم يولد“[17]
فرمان جو آيا، اي فرمايا،
ظاھر باطن ذلف فقيرا آپ ئي آپ سمايا، اي فرمايا،
ظ: ظوئي- ظاھر باطن ھو الله عين الله، قل ھو الله،
عاشق ڏيکن ذاتِ الاھي ھو الله، قل ھو الله،
دم دم دي وچ اِسم الله دا ھو الله، قل ھو الله،
عاشق پڙھندي ذلف فقيرا ھردم اِسم الله، قل ھو
الله.
ع: عين- عشق لڳا مئيڪون اھڙا، خبر نھ پيم ڪاءِ،
الحمدلله،
سينا سڙيا سوز وچون، بِرھھ ٻاريم باھھ، الحمدلله،
اول ڏٺم آپ دي وچ جانب دي جاءِ، الحمدلله،
صورت ڏيک سائين دا ھر ھنڌ ھر جاءِ، الحمدلله،
آکيم، ذلف فقير آکي، سبحان الله، الحمدلله.
غ:
غين-
غير ڳيا دل صاف ھويا، اِسم الله جو پڙھيا، تڏھان
تھ صوفي بَڻيا،
نفس شيطان پليت دي نال راتيان ڏينھان لڙيا، تڏھان
تھ صوفي بَڻيا،
پير مغان جو سبق پڙھايا پل پل دي وچ پڙھيا، تڏھان
تھ صوفي بَڻيا،
نال الله دي ذلف فقيرا عشق اسانڏا اڙيا، تڏھان تھ
صوفي بَڻيا.
ف: في- فقير ڪڏھان دلگير نھ ھوندا اِسم الله جو
پڙھندا، دل سالم ھويا جھندا،
دل سالم والي فقيران نون، ھئي موليٰ پاڪ بھي
ملندا، دل سالم ھويا جھندا،
”وحده لاشريڪ له“ توحيد وچ ھئي رھندا، دل سالم
ھويا جھندا،
ذڪر الله دا ذلف فقيرا ھردم پيا پڙھيندا، دل سالم
ھويا جھندا.
ق: قاف- قرب دي ڪوڙڪي اڏي، دل فاسايئي دلبر،
داڻا ڏتئي درد دا، مٺا مئيڪون سڏي،
بَند ٿِيڳئي جِسم جان آکي ذلف ميڏي،
واڪي ڪتم وڏي، پِڇي فقير فاسڻ دي.
ڪ: ڪاف- ڪيوين ڪران ڪيڏي وڃان، جيوڻ ٿِيڳيا
جنجالي، بِرھھ ڪيتا بيحالي،
روندي عمر گذاريم سڪندي ٿيڳئي سالي، بِرھھ ڪيتا
بيحالي،
دور ڳيا ميڏا دلبر ھڻ نھ ميڏي نالي، بِرھھ ڪيتا
بيحالي،
ناڪوئي خط ناخبر نا ڪوئي احوالي، بِرھھ ڪيتا
بيحالي.
ل: لام- لوڪ سوين ٽوڪ ڪريندي اِھي سڀ اڻ ڄاڻي مولى
ڄاڻي،
عشق اسانون ايوين ڪيتا تڏھان تھ من ماڌاڻي، مولى
ڄاڻي،
جِنھان درد لڳئي دل وچ سانون سوئي سڃاڻي، مولى
ڄاڻي،
آکي ذلف فقير رھي دلبر ميڏا راضي لوڪان دي نھ
ڪاڻي، مولى ڄاڻي.
م: ميم- محمد نام مٺا ھئي مٺا محمد اِسم، مئيڪون
رب دا قسم،
محمد دا شان اندر قرآن دي وچ ھئي سيد ذات اتم،
مئيڪون رب دا قسم،
”واِنک لعلى خلق عظيم“[18]
ھئي سورت قلم، مئيڪون رب دا قسم،
اتي نھ ويندا ڪوئي جِتي محمد دا قدم، مئيڪون رب دا
قسم،
جي محمد نھ آوي ھا نھ پيدا ٿي ھا آدم، مئيڪون رب
دا قسم،
نھ ”ڪن فيکون“ آکي ھا مولى نھ بُت بَـڻي ھا جِسم،
مئيڪون رب دا قسم،
نھ خانا ڪعبھ ھووي ھا نھ بيت الله پاڪ حرم، مئيڪون
رب دا قسم،
نھ عرش ڪرسي ھووي ھا، نھ لوھھ و قلم، مئيڪون رب دا
قسم،
نھ ھوران پريان ھوون ھا نھ بھشت جھنم، مئيڪون رب
دا قسم،
نھ مڪا مدينا ھووي ھا نھ آب حيات زم زم، مئيڪون رب
دا قسم،
ھڪ احمد دي ڪارڻ ذلف فقيرا رب ڪيتا سڀ ڪرم، مئيڪون
رب دا قسم.
ن: نون- نال اِسم دي دم نون چاوڻ دوست ريجھاوڻ،
اِسم ڪماوڻ،
اي ڪم عاشق اوھي ڪرندي جھڙي راتيان ڏينھان روئڻ،
اِسم ڪماوڻ،
سون بَڻيا او سارا جھڙا پارس لوھھ نون لاوڻ، اِسم
ڪماوڻ،
من وچ مکڻ آيا تنھن دي جنھن دا مليا کير سبائڻ،
اِسم ڪماوڻ،
”فذکروني اذکرکم وشکروالي ولاتکفرون“[19]
پِريت نون پاوڻ، اِسم ڪماوڻ،
راز ماھي دا ذلف فقيرا لئون لئون دي وچ لاوڻ، اِسم
ڪماوڻ.
و: واو- ويران تنھا دا تن من ھويا جِنھان ذاتي ورد
نھ ڪيتا،
اِي جِسم جو سارا بُت بَڻيا، جِنھان غير دي نال
پِريت ڪيتا،
غير جنھان دي اندر آيا تنھان شرڪ الله دي نال
ڪيتا،
غير ڳيا تان حق ھويا جنھان وحدت نال واپار ڪيتا،
اِي اِسم ذاتي ذلف فقيرا سانڏا بَدن باغ بَھار
ڪيتا.
ھھ: ھي- ھوت اسانڏا ھرجا ھر ھنڌ، جاءِ نھين ڪوئي،
خالي ھئي واحِد سانڏا والي،
والي دي در آيا جوئي ڳيا نھ ڪوئي خالي ھئي واحِد
سانڏا والي،
”والله الغني وانتم الفقرآءُ“[20]
ھن صاحبَ در سوالي ھئي واحِد سانڏا والي.
لا:
لا-
”لم يلد ولم يولد“ سوئي عين الله سبحان الله،
ھر جا ھر ھنڌ ذات اِلاھي اِسم الله سبحان الله،
سبحان الله، دا ورد ھميشه ھو الله سبحان الله،
ذڪر باري دا ذلف فقيرا اِسم الله سبحان الله.
ء: الف- اِسم الله دا اِي دل اندر عاشق صحي سڃاڻن،
الف نون ڄاڻن،
الف جو اِسم الله دا ذاتي، اول آخر ماڻن، الف نون
ڄاڻن،
الف الله تِئي ميم محمد سالڪ صحي سڃاڻن، الف نون
ڄاڻن،
نال اکيان دي ڪرن نظاري دل وچ ديداڙاون، الف نون
ڄاڻن،
الف دي عاشق ذلف فقيرا ھردم الف ڪماون، الف نون
ڄاڻن.
ي: يي- ياد رکيا ھڪ الف نون، بي بات جنھان ناڪيتا
ڀر پيالا وحدت پيتا،
وحدت دي وچ ووھئي رھندي جنھان ورد الله دا ڪيتا،
ڀر پيالا وحدت پيتا،
ھستي دي وچ مستي آيا، بازي جنھان ني جيتا، ڀر
پيالا وحدت پيتا،
اِي زمانا ذلف فقيرا ترڪ جِنھان ني ڪيتا، ڀر پيالا
وحدت پيتا.
|