سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :8

(١٣)

ڪالھھ بھ مڪم ڪانگ، نيڻين وسائي مينھن،

مرغ نھ موٽي آئيو، ڪيان ھاڻي ڪيئن،

ذلف چوي گوندر منجھھ، گذريم سارو ڏينھن،

اِنھيءَ ارمان ۾، منھنجو جھري پيم جيءُ،

شل نياپو نينھن، قبول پويم پرينءَ کي.

(١٤)

پکي تھ مڙيئي پکي، پر سوين مٿس نانء،

سي ڪيئن چون ڪانءُ، جن ڏٺو ھنج کي.

(١٥)

وڃ اڏامي تون، پکي پاس ھنجن جي،

ذلف الفت جا، جِتِ موتي چڻن جي،

پٺيان انھن جي، لڳ تھ لھين لعل تون.

(١٦)

صورت سھڻي سيد دا، منھن مبارک نوري سانڏا ھوت حضوري،

نيڻين وسندا اکيان دي وچ، دلبر ناھين دوري سانڏا ھوت حضوري،

عاشقان دي دل اندر دا، سڄڻ اِھو سروري سانڏا ھوت حضوري،

رک حب ھميشه ذلف فقيرا، جو سيد سانڏا نوري، سانڏا ھوت حضوري.

”عشق نامھ“

(١)

عاشق الله کئون، دم نھ ٿِين ڌار،

”ونحن اقربُ“ ويجھڙو دوست ڏٺائون دلدار،

”فذکروني اذکرکم“ اٿن اھائي پچار،

”واِن الله لمع المحسنين“[1] وٿي ناھي وار،

ظاھر باطن ذلف چوي ھو ھو تن تنوار،

جاڏي ڪن نھار، تاڏي پسن پرينءَ کي.

(٢)

عاشق الله کئون، پري رھن نھ پل،

ڏيئي عشق اجل، مئا مونتو مام ۾.

(٣)

عاشق الله کئون، ٿِيا ڪڏھن ڪين جدا،

ذلف علي چئي اندر ۾، اٿن ياد خدا،

ڪري جان فدا، پِرين ڏٺائون پاڻ ۾.

(٤)

عاشقن الله کي، سڃاڻي ڪيو سجود،

پھريائين پنھنجي نفس کي، نيست ڪيائون نابود،

وري وڃائي ڇڏيائون پنھنجي خوديءَ کي خود،

چوي ذلف فقير ھو حق سدا موجود،

ملين پوءِ معبود، پِرين پنھنجو پاڻ ۾.

(٥)

عاشقن الله ريءَ، سري نھ ڪا گھڙي،

راتيان ڏينھان رڙي، وقت گذارن گوندر ۾.

(٦)

ھڪ تھ اٻٽ آڌيءَ جو، ٻي آڳ ٻري پئي عشق جي،

پوءِ ڪيئن ڇڏيان پچار، جو تن ۾ تار ھڪ جي،

قول ڪيم ”قالو بلى“ اتِ سھي بات سچ جي،

”اِھدنا الصراط المستقيم“ ھيءَ راھھ ڏٺم حق جي،

ڳجھي ڳالھھ لڪ جي، مام پروڙيم من ۾.

(٧)

لڪيم گھڻو ئي لوڪ ۾، پر عشق ڪيم ظاھر،

سا ڪڍيم ٻاھر، جا اندر ھيم جيءَ ۾.

(٨)

ھڪ خبر مون، ٻِئي خبر ربَ کي،

ڪھڙي خبر جڳ کي، جو مون مٿان ڇا گذري.

(٩)

عشق وارو آھي، اِئين ھن جڳ ۾،

جِيئن مست اٺ وڳ ۾، ظاھر ٿِئي ذلف چوي.

(١٠)

وڃان آنءُ ڪاڏي، ڪيان ھاڻي ڪيئن،

جو ڏينھون ڏينھن، ٿا ساڙن سور سرير کي.

(١١)

اندر جن جي عشق جا، اولانبا اٿن،

سي تھ سورن منجھھ سڙن، سئو سئو ڀيرا ڏينھن ۾.

(١٢)

ڪارائيون جيئن ڪپين، ريءَ ڪونجيءَ ڪلف کي،

تيئن توريءَ ذلف کي، ٿا سپرين سور ساڙين.

(١٣)

ياد ڪندي يار کي، اڄ پيم نيڻ وسي،

مان نھ روئندي ڏسي، موٽن منھنجا سپرين.

(١٤)

پلي ڪيئن پليان، جو پلي نھ سگھان پاڻ،

جيڏو ئي جھليان ھاڻ، تھ بھ دل نھ رھي دوست ريءَ.

(١٥)

پلي ڪيئن پليان، جو پلي نھ سگھان پاڻ،

ٿِين ٿِيون رتوڇاڻ، اکيون مون عجيبَ لئي.

(١٦)

ڏينھن لنگھي ويا ڪيڏا، تھ بھ نھ آئين تون،

مري ويندس آئون، دلبر تنھنجي درد ۾.

(١٧)

سگھو موٽج سپرين، دير م لاھج دوست تون،

ھتي بَنايم ھوت مون، تڪيو تو لئي تن ۾.

(١٨)

اڄ دم آھھ پِرين صبحا نھ ھوندو ساھھ،

جانبَ ھن جِياپي تي، ناھي مون ويساھھ،

الفت ڪري ذلف سان سپرين تون لئون لاھھ،

اڱڻ منھنجي آءُ ڀري پير پِريت جا.

(١٩)

گڏ ھيم ڪالھھ، اڄ آھن پِرين ڏور،

اِھو اٿم سور، جانبَ جي جدائيءَ جو.

(٢٠)

وساري ڪيئن وساريان، جو وسري ڪين سگھن،

ساري سپريان کي ٿا ويتر سور وڌن،

اڃان بھ ياد پون، جانبَ منھنجي جيءَ ۾.

(٢١)

اکيون عاشقن جون، سدائين نشي نينھن ۾،

ذلف وسائن بُوندون، ڏھاڙي ڏيھھ ۾،

ھارن لڙڪ موتن جھڙا، محبت سندي مينھن ۾،

ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏينھن ۾، اوتِن آب اکيون.

(٢٢)

سدا اٿن اميد، پِرينءَ کي پسڻ جي،

اکڙين منجھان روئڻ جي، عادت وڃي ڪين ڪي.

(٢٣)

ويھي ٻاھر ولھھ تي، سياري سرد ۾،

ذلف ڪيم ڪيھان، دلبر ڪارڻ درد ۾،

روئي اکيون رت ۾، ڀريم ڪارڻ پِرينءَ جي.

(٢٤)

سي عاشق چوان نھ آنءُ، جي ڏينھان پنڌ پڇن،

آنءُ مڃان انھن کي، جي راتيان ڏينھان رڙھن،

لوڪ سڀوئي سمھين پوي ھو پورن منجھھ پون،

اوجاڳائي ڪن، اٿي آڌيءَ راتِ جو.

(٢٥)

ھيٺ مٿي اوري پري، نظر آيم نور،

ذلف اکين اڳيان ھو، دوست نھ آھي دور،

مونکي عشق انھيءَ جي، مست ڪيو مخمور،

جنھن جانبَ جلائي طور، وڌو پنھنجي جمال سين.

(٢٦)

ڪج ڪنارو ڪوڙ کئون، سچا ووڙج سچ کي،

محبَت سندي مچ ۾، گھڙ تھ ٿِئين گھوٽ تون.

(٢٧)

ڪڏھن تھ اکين آڏو ھو ڪڏھن تھ دلبر دور،

پسان پيشاني پِرينءَ جي، ڪڏھن تھ نور ئي نور،

ڇا ٻڌائيان ذلف فقير محبت جو مذڪور،

ڪڏھن تھ سکن منجھھ، ڪڏھن تھ سور ئي سور،

ڪڏھن تھ چورئي چور، ھينئڙو منھنجو ھوت لئي.

(٢٨)

اِئين تون نھ وڃاءِ، ڏينھن پويان ڏينھڙا،

ساري سپريان کي، نيڻين نير وھاءِ،

پِريان کي پرچاءِ، پائي پانڌ ڳچيءَ ۾.

(٢٩)

سي تھ عاشق چوان آنءُ، جن راتيان تار الله سين،

ڌڻيءَ سندو نام، جن وسري ڪڏھن ڪين ڪي.

(٣٠)

سي تھ عاشق چوان آنءُ، جن راتيان تار الله سين،

اکڙين منجھھ آرام، ڪڏھن اٿن ڪين ڪي.

(٣١)

سي تھ عاشق چوان آنءُ جن راتِيان تار الله سان،

اٺئي پھر اندر ۾، ڪن باتِيون بيپرواھھ سان،

پل پل پڪارن پِرينءَ کي، چارئي پھر چاھھ سان،

سي ذلف فقير ساھھ سان، دم دم سارن دوست کي.

(٣٢)

سڪ جنھين جي سينن ۾، سڙيا وتن سي،

ڪين مرن سوليءَ تي توڙي چڙھيا وتن سي،

لوڪان ذلف فقير چئي، لڙيا وتن سي،

اکر انھيءَ الف سان، اڙيا وتن سي،

گھڙيا وتن سي، محبت سندي مھراڻ ۾.

(٣٣)

سڪ جنھين جي سينن ۾، سي تھ ھارن ويٺا لڙڪ،

خوشي ڪڏھن ڪين ڪي، نڪي اٿن مرڪ،

تن کي آھي عشق، فنا ڪيو فقير چئي.

(٣٤)

سڪ جنھين جي سينن ۾، سي پوئتي ڪين ورن،

ڪري ڪشالا ڪوھھ جا، ھو جبل جھاڳن،

اتي پير پائن، جِتِ وڃي نھ وڍيل ريءَ ڪو.

(٣٥)

پنڌ ڪج پرينءَ ڏي، ساڻ م ڪوئي کڻج،

ناتا ٽوڙي لوڪ کئون، پري پرانھون ڀڄ،

صبحا ۽ سنجھھ، جال اڪيلو عشق ۾.

(٣٦)

پنڌ ڪج پرينءَ ڏي، کڻ م ڪوئي نال،

پنڌ بنا پرينءَ سين، ملڻ اٿئي محال،

اتي وڃي جال، جِتِ ھو ريءَ ناھھ ھي.

(٣٧)

پنڌ ڪج پرينءَ ڏي، کڻ م ڪوئي ساڻ،

ٿيندئي روح رھاڻ، ھيڪڙائيءَ ۾ ھڪ سان.

(٣٨)

جِئين جِئين ڏور رھن، تِئين تِئين پيارا لڳن،

جانب جي جدائي جا، محبت مچ ٻرن،

جيرا جگر بُڪيون، سورن منجھھ سڙن،

ذلف چوي منھنجا پِرين اوري شال اچن،

مون سان محبَ ملن، تھ وڃن ڏکڙا ڏور ٿي.

(٣٩)

آيل عشق مون کي، اتي آھي نيو،

جِتي ڪم نھ ٻِيو، ريءَ اورڻ الله جي.

(٤٠)

آيل عشق مون کي، نيو آھي اتي،

جانبَ ريءَ جِتي، نيڻن ڏٺو ڪين ڪي.

(٤١)

اتي آھي نيو، آيل عشق مون،

جتي تون ھي تون، ٻڌم لاتِ لطيف جي.

(٤٢)

ٻڌي تند تنبُور، پيم پِريان جا پور،

اندر ذلف فقير چئي، نيھن ڪيا ناسور،

ٿِيا سوايا سور، لاتِ ٻڌي لطيف جي.

(٤٣)

مرشد تو مٿان، وسي خدائي نور،

چئي ذلف فقير، سبق سيکاريئي سور،

سڻائي تند تنبُور، عشق جاڳايئي اندر ۾.

(٤٤)

ڏينھن تھ مڙيئي ڏينھن، پر اصل اٿئي راتِ،

پرينءَ جي پرچاءَ لئي، جي ڪرين تون تاتِ،

تان پوءِ ذلف فقير تون، ھيءَ وائي ڪريج واتِ،

تھ تون ھين تون تون ھين تون سڻي لطيفي لاتِ،

پِرھھ ڦٽي پِرڀات، ڏج اوجاڳا اکين کي.

(٤٥)

ڪا مون سار لھيج تون، دو جڳ جا ڌڻي،

آس پڄائيج تون، مالڪ پنھنجي مھر سان.

(٤٦)

اندر ماتام من ۾، ٻاھر ڪڇ نھ پڇ،

جنھن لئي اٿم لڇ، اچن اوري منھنجا پِرين.

(٤٧)

ڪيان ڪيئن نھ ووءِ ووءِ، ڪري درد دانھون،

مان نھ سڻي آھون، دوست وري مون دل جو.

(٤٨)

پاڻ ڄاڻي پاڻ کي، ڀينر آنءَ ڀلياس،

نھ تھ پنھون ھوند ھياس، ”ونحن“ منھنجي وجود ۾.

(٤٩)

عشق وارن جي آنءُ، ڪيھي ڪيان پچار،

نيڻين وھائي نار، اجاري ويا اندر کي.

(٥٠)

جن کي عشق اِلاھي، تن ڪھڙو ڏوھھ ثواب،

لاھي سڀ حجاب، پِرين ڏٺائون پاڻ ۾.

(٥١)

جن کي عشق اِلاھي، سي تھ راتو ڏينھن رڙن،

جي اندرون آھھ ڪڍن، تھ جبل جلائن جوش ۾.

(٥٢)

جن کي عشق اِلاھي سي تھ ٻارڻ ٿي ٻريا،

لوڪن ليکي چريا، پر سياڻا ھن سنسار ۾.

(٥٣)

جن کي عشق اِلاھي، سي تھ پارس ٿِيا پاڻ،

ھو گسيا جنھين ساڻ، سون ڪيائون تن کي.

(٥٤)

دلبر مون کان ڌار تون، جانبَ ٿئين جاڪون،

توريءَ تن من ۾، طلبَ وڌي تاڪون،

سور سمايا ذلف چئي، فقير فراقون،

سينين اندر سپرين، ڪيا سڪ سوراخون،

آءُ اڱڻ تي تھ، پون محبت جون ماڪون،

اندر منجھھ اوطاقون، جاني جوڙيم جيءَ ۾.

(٥٥)

ڪھڙي ڳالھھ چوانءِ توکي، پِرين آنءُ پنھنجي،

خبر اٿئي ساري، ھيءَ جا حقيقت منھنجي،

تھ ذلف علي جي من ۾ آھي تاتِ تنھنجي.

(٥٦)

مٺو نالو مالڪ جو، مٺو نام الله،

جي سھي پڇي صلاح، تھ اور سدائين اِسم سان.

”سارنگ“

(١)

ڪڏھن تھ جھڙ فڙ مينھڙا، ڪڏھن تھ اڇو آسمان،

رنگيءَ رنگ ڪيا، جوڙي دوجھان،

ڪڏھن تھ ڪک پن بھ چري ڪين ڪي ڪڏھن تھ وري طوفان،

ھن جي انت بَحر جو آ، پتو ڪنھن کي ڪان،

سڀيئي ڪم سبحان ڪيا، ”ڪن فيکون“ سان.

(٢)

ڪڏھن تھ جھڙ فڙ مينھڙا، ڪڏھن تھ رڻ ئي رڻ،

ڪڏھن تھ ڪجھھ نھ آسمان تي، ڪڏھن خوب کوڻ،

ڪڏھن تھ ڪجھھ نھ پٽن تي ڪڏھن تھ ڌڻ ئي ڌڻ،

ڪڏھن تھ وڻ ئي وڻ، ساوڪ سڄي سنڌ ۾.

(٣)

ڪڏھن جھڙ تھ ڪڏھن مينھن، ڪڏھن چنڊ تھ ڪڏھن تارا،

اِھي سڀ نظارا، آھن ھڪ ئي آسمان ۾.

(٤)

جانب منھنجي جيءَ ۾، آنءُ تان پاڻ نھ ڄاتو،

دلبر ڪرائي درشن، ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏينھن ۾،

صورت ڪري ڪڪرن جي، ڪڏھن اچن مينھن ۾،

ڪڏھن ساوڻ سيءَ ۾، ھن جي موسم سڀڪا.

(٥)

رنگي تنھنجا رنگ، عجب عجيب آھن،

ڪڏھن ساوڪ نھ ٿئي، تھ ڪڏھن ساريون ڪن سنگ،

ڪڏھن ويڙھي ورين ذلف جي تھ ڪڏھن وسين جھر جھنگ،

ڪڏھن ملھار مينگھھ، تھ ڪڏھن نھ ڪڪر قربُ جا.

(٦)

اکيون منھنجيون ڀرجي، ھر ھر اچن اِئين،

آھن آسمان تي، ڄڻ ڪارا ڪڪر جِئين،

وسيو پون تِيئن، مندائتي مينھن جِيان.

(٧)

جِيئن جِيئن بُوندون وسن، تِئين تِئين نيڻ ٽِمن،

جانب جي جدائي ۾، ڳوڙھا روز ڳڙن،

اِھي اکيون ذلف فقير چئي ڪڏھن ڪين رڪن،

جيسين پِرين نھ پسن، تيسين آب ھارينديون اکيون.

(٨)

راتِ گذاريم گوندر ۾، نيڻين وسائيندي مينھن،

مٿان اڀريم ڏينھن، تھ بھ آب نھ رڪيم اکين مان.

(٩)

سڄڻ سارو ڏينھن، ھتِ روئان ويٺو رت فڙا،

سک نھ ڏٺم سپرين، توسان لائي نيھن،

وسائج ذلف مٿان، ڪو ميلاپ جو مينھن،

الا ڪريج ائين، تھ سکيا ماڻيون ڏينھڙا.

(١٠)

اوري اوري آءُ تون، ھي آھون سڻي،

سوال ڪيانءِ ٿو سپرين، ھادي ھٿ کڻي،

وسائج ذلف مٿان، ڪا قرب جي ڪڻي،

اگھائج عرض فقير جو، تون پرور پاڪ ڌڻي،

ھتي نيھن ھڻي، ھڏڙا مون ھيڻا ڪيا.

(١١)

اکڙين وس ڪيام، موٽيا نھ منھنجا سپرين،

ويتر نيڻ ٽِميام، ساريندي سڄڻن کي.

(١٢)

اڄ وري آسمان تي، ڪڪر نظر آئيا،

واحِد وسائيا، مينھڙا ملڪ ملير تي.

(١٣)

اڄ وري آسمان تي، کوڻا خوب لڳا،

منھنجا چاڪ چڪيا، ساريندي سڄڻن کي.

(١٤)

اڄ وري آسمان تي، کوڻ لڳا ھن خوب،

مان نھ اچن محبوبَ، موسم ڏسي مينھن جي.

(١٥)

جاٿي ڪاٿي جاني، مون کي نظر ۾ آيو،

واحد مون تي وسايو، مٿان مينھن ميلاپ جو.

(١٦)

تنھن مٿان مھر جو، سدا وسي مينھن،

ذلف فقير جنھن جو، آھي نبيءَ سان نيھن،

سو نھ ڏسي ڏينھن، سورن سندو سنسار ۾.

(١٧)

جڏھن ڪڏھن سپرين، مونکي تنھنجي سار سنڀار،

مينھن وسائن ٿِيون منھنجون، ھي اکيون مينگھھ ملھار،

لڙڪن سندا لار، ٿا نيڻ وھائن ذلف جا.

(١٨)

ڳوڙھن مٿان ڳوڙھا پيا، ڳڙيو ھتِ ڳڙن،

مندائتي مينھن جِيان ٿيون، اکيون ھتِ ٽِمن،

منھنجا پرين ذلف چوي اوري شال اچن،

مون ڏانھن ورن، تھ وڃن ڏکڙا ڏور ٿي.


[1]   ”۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي.“ (سورة العنڪبوت، آيت:٦٩)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org