(٥٦)
اڳيان در الله جي، توبھھ ڪجي زاري،
شيطان کي ھامان کي، نمرود ۽ فرعون کي ذلت ڏنائين
زاري،
قادر ربّ قھار وٽِ، توبھھ ڪجي زاري،
زاري ڪجي ذلف فقير، سڄي عمر ساري،
”قل اللھم مالڪ الملڪ“[1]
سو تھ بيشڪ آھي باري،
ڪا ٻاجھھ ڪري ستاري، اسان جي تھ عملن تي.
(٥٧)
جِئين گھڙو پاڻيءَ بِنا، ٺلھو آھي ٺِڪر،
تِئين خالي کوکي جِيان، جِسم آھي اِسم ريءَ.
(٥٨)
جِسم آھي اِسم ريءَ، خالي کوکي جِيئن،
تِيئن ڪلر آھي قلبَ تي، محبت بِنا مينھن،
”ربّنآ اتمم لنا نورنا واغفرلنا“[2]
نور ڀائيان سو نينھن،
ظاھر باطن ذلف چئي، آڏو آھي اِيئن،
دلبر منھنجي ديدن ۾، چنڊ بيٺو آ جِيئن،
پوءِ ڪنڌ ورائيان ڪيئن، معرفت جي تنھن ملڪ مان.
(٥٩)
تون ساھھ ۾ تون پساھھ ۾، تون آھين منھنجي نگاھھ ۾،
تون آھين مون منجھھ اِئين الا، جِيئن چانڊوڪي آ
ماه ۾،
تِيئن تنھنجو اِسم نگاھھ ۾، مونکي آھي ذلف فقير
چئي.
(٦٠)
ھڪ اِسم ٻيو جِسم، عشق نھ چوي اِئين،
ھي وڃي تان ھو ٿئي، باقي ٻيو نھ وھم،
ظاھر باطن ذلف چوي، اِھو پڻ علم،
دل جي تنھن دفتر تي، فقير چئي فھم،
پوکج تون پيارا، کڻي خيال اِسم،
جڏھن ويندئي مند موسم، تھ پوءِ پِٽِيندين پاڻ تون.
(٦١)
ھڪ چوان ٻيو نھ ڪيان، اِيءَ پِڻ اڌوري باتِ،
جي چوڻ ساڻ چريا، ٿي ھا ملاقاتِ،
تھ سڀڪو پسي ھا پِرينءَ کي، رھي نھ ڪا فڪراتِ،
”ياَٰيـّھاالذين آمنوالم تقولون مالا تفعلون“[3]
آئي پِڻ آياتِ،
ذلف عمر گذري وئي، چئي چئي سائي باتِ،
قادر ڪھيو قرآن ۾، ”وعملو الصالحاتِ“[4]
پر تنھن کي ملي ذاتِ، جن عمل ڪيو اِنھيءَ تي.
(٦٢)
جيئن جيئن جِسم ۾، ڪندين منجھھ قرار،
تيئن تيئن روح کان، ٿيندين ڌارئون ڌار.
(٦٣)
جيئن جيئن جِسم کي، جي ٿا ڪن نابود،
تيئن تيئن سڄڻ سامھان، سي ٿا ڪن سجود.
(٦٤)
جيئن جيئن جِسم کي، پاليو جنھين پاڻ،
سي نا ڪن سڃاڻ، ”وفي انفسکم“ وجود ۾.
(٦٥)
ظاھر ڇڏي باطن ۾، جي ٿا راھھ لھن،
”وفي انفسکم افلاتبصرون“[5]
اندر اجارن،
سيئي پاڻ پسن، موتي پنھنجي من ۾.
(٦٦)
پڙھي پرجھيم پاڻ، مون جا پنھنجي من ۾،
تھ موتِن سندي کاڻ، آھي نانءُ الله جو.
(٦٧)
کڻي نيڻ کپاءِ تون، اندر اِسم ذاتِ ۾،
وٺي ويھج نانءُ تون، ڏينھان ۽ منجھھ راتِ ۾،
ڪج نظارو نور جو، ذلف فقير تنھن ذاتِ ۾،
من جي تنھن محلاتِ ۾، اِسم ديکج انھيءَ جو.
(٦٨)
سڄڻ تنھنجي سڪ جا، مونکي پل پل پون پور،
آءُ اکن جا نور، تھ سڪون لھن سالن جون.
(٦٩)
ڍولا ڪر سؤلا، مون لئي منھنجا ڪم،
تھ کڻا نھ خالي دم، توبِن منھنجا سپرين.
(٧٠)
تون سائين آنءُ ٻانھون، منھنجو ھلي نھ ڪوئي وس،
کڻي قلم ۽ مس، سڀ لکان تعريفون تنھنجون.
(٧١)
جي جلال الدين جو، تون فڪر رکين فھم،
”ماز قرآن مغز را بَرداشتِيم“[6]
ڀلي باتِ اتم.
”استخوان پيش سگان انداختيم“[7]
سندو ڪتن ڪم،
وڙھن وچڙن پاڻ ۾، کائن ھڏا ھردم،
معرفت واري ملڪ ڏي، ٿا ڪامل ڪن قدم،
سا پڻ ڳالھھ اھم، ماڻيو جنھين مغز کي.
(٧٢)
جي جلال الدين کي، پڙھي ۽ پرجھن،
مطلب پورو پنھنجو، سيئي ٿا لھن،
”مثنوي ما دڪان وحدت است“
[8] ٿا عارف اتِ وڃن،
درس ڪيو دل ۾، اِھو آھي عاشقن،
معرفت سندا من ۾، ھو موتي ٿا ميڙن،
ستارن جي سونھن ۾، ٿا چنڊ جيان چمڪن،
مٿان آھي جن، رنگ چڙھيو روميءَ جو.
(٧٣)
رمز روميءَ کان ٿِئين تون، اي اگر جي آشنا،
تان ٿِئين تون قلبَ وارو، باصفا ۽ باصفا،
نفس نادان کي سڃاڻي، باخدا ٿِي باخدا،
ذلف ٿي پئو زلف تون، محبوبَ جي چھري صفا.
(٧٤)
مري ٿِج مٽي تون، جيئري ھن جھان ۾،
”مونتو“[9]
واري مام ۾، پسڻ آھي پِرينءَ جو.
(٧٥)
جي فڪر منجھھ فنا ٿِئين، تان ڪين وڙھندئي وير،
پوءِ جاٿي رکندين پير، تھ ڪنڊا لڳندئي ڪين ڪي.
(٧٦)
انھيءَ کؤن الله، پل بھ ناھي پري،
جنھين جي نگاھھ، سدا آھي سيني ۾.
(٧٧)
لڙي لوڪن کؤن، تون پاسي ڪج پاڻ،
تھ ٿِيئي روح رھاڻ، ھيڪڙائيءَ منجھھ ھڪ سان.
(٧٧)
باطن منجھھ ميراڻ، ٻاھر پوشاڪان،
اِھي اوطاقان، خالي ھن خزاني کان.
(٧٨)
جوئي مزو من ۾، سوئي ناھي تن ۾،
جوئي مزو ان ۾، سوئي ناھي پن ۾.
(٧٩)
اندر ٺڳيون ٺاھھ جون، ٻاھر ڌڻي ڌڻي،
اھڙا خيال کڻي، ڪين اگھندين اوڏھين.
(٨٠)
اڃان تون اڻ ڄاڻ ٿي، گذاريئي غفلت ۾،
ڪين پيئي پاڻ کي، سپريان جي سڃاڻ،
سنجھي رھين سمھين تون، راتِ نھ ڪيئي رھاڻ،
ذلف چئي پاڻ پنھنجو، ڪين پروڙيئي پاڻ،
ھو تھ ھيئي ساڻ، پرتو نھ ڄاتو پِرينءَ کي.
(٨٢)
ڪٿِ سمنڊ ڪٿِ درياھھ، پر اصل آھي پاڻي،
جي تون سھي سڃاڻي، سمجھي اِنھيءَ سٽ کي.
(٨٣)
سمنڊ تھ آھي سوئي، پر لھرون ھڻي لک،
پوئي پوءِ پرک، جي سمجھين اِنھيءَ سٽ کي.
(٨٤)
پاڻ ۾ اٿئي پاڻ، متان ووڙڻ وڃين،
ھر ھنڌ ھڪ ئي ھڪ ٿئي، متان ٻِيو مڃين،
جي تون ڀِتِ ڀڃين، تھ ساڳيو ڏسين سپرين.
(٨٥)
سڀ منجھھ آھي پاڻ پِرين، ٻيو تان ڪوئي ناھھ،
غير نھ ڪوئي ڀاءِ، جو ھادي وسي ھيڪڙو.
(٨٦)
سڀ ڪجھھ پنھنجو پاڻ ۾، ڏونگر ڇو ڏورين،
جي تون پاڻ پروڙين، ”ونحن اقربُ“[10]
ويجھڙو.
(٨٧)
جھڙ ۾ تارا جِئين، ڍڪجي وڃن آڪاش ۾،
تِئين عشق آئي وسوسا، دٻجي وڃن حواس ۾،
پوءِ گل ڦل ٿِين گھاس ۾، معرفت واري مينھن سان.
(٨٨)
ڪي ڪمائن الف کي، دل جي تنھن دفتر ۾،
ڀلا ڀاڳ تن جا، جي ٿِيا اِنھيءَ فڪر ۾،
آڌيءَ راتِ اورن پيا، ذلف فقير ذڪر ۾،
نور تِنھين جي نظر ۾، آھي نانءُ الله جو.
(٨٩)
جِنھين ديکيو دل ۾، اِسم جي اِسرار کي،
ٻيو نھ پڇن پار سي، جي ھر دم وڃن حضور ۾.
(٩٠)
اِسم ذات اندر ۾، جِن ڄاتو تِن پاتو،
سندو ساھھ پساھھ ۾، ڳنڍيو جن ناتو،
ڏينھان ۽ منجھھ راتو، پرتا وڃين پِرينءَ سان.
(٩١)
مٽي ٿِيان مان ملڪ جي، جيڪر عربيءَ ڄام جي،
ھلن حاجي مون مٿان بھ، صبح توڙي شام جي،
قربان وڃان تنھن قدمن تان، گسي کڻن گام جي،
ذڪر ڪن پيا ذلف چئي، ڏس نبيءَ جي نام تي،
صلواةُ وسلام جي، پڙھندا وتن پيار مان.
(٩٢)
تون اِسم آنءُ جِسم، تون پاڪ آنءُ پليت،
ملڻ مون لئي آ مشڪل تنھنجو، جي ملان تھ ڪھڙيءَ
ريتِ،
”لاتقنطوا“[11]
توڪل کڻي، اِن پر ڪيم پِريت،
ھڪ ڏينھن ٿيندم جِيت، جو محب اِيندين من ۾.
(٩٣)
ساري سنسار ۾، آ سپرين تنھنجي سرداري، آ منھنجي
توبھھ زاري،
جنھن کي جاڏي ڦيرائين، آ تنھنجي خود مختياري، آ
منھنجي توبھھ زاري،
ڪنھن کي ٻوڙين ڪنھن کي تارين، آھين بيشڪ تون ئي
باري، آ منھنجي توبھھ زاري،
ڇا چوان مان ذلف فقير، سڀ تنھنجي وس اختياري، آ
منھنجي توبھھ زاري،
اول آخر دوجڳ منجھھ، آھي تنھنجي پروردگاري، آ
منھنجي توبھھ زاري.
(٩٤)
جيجل دعا ڪريو مونکي، تھ محب اچن منھنجا،
ديدار ڪرائن ذلف کي، ويھي جي ويجھا،
تھ جيجل آنءُ تنھنجا، پير چمان ھتِ چاھھ ۾.
(٩٥)
جيجل منھنجي جيءُ ۾، آھي لطيفي لاتِ، ٻِئي نھ آھي
باتِ،
ڪھي ڇڏيو تنھن قرب ائين، جيئن ڪنڌ وھي وڃي ڪاتِ،
ٻِئي نھ آھي باتِ،
چئي ذلف فقير منھنجي تن ۾، اِھائي آھي تاتِ، ٻِئي
نھ آھي باتِ،
جاڳان ويٺو جانب لئي پِرھھ ڦٽي پِرڀاتِ، ٻِئي نھ
آھي باتِ.
(٩٦)
پچڻ وارو پچي الا، جِت جلڻ وارو جلي،
فيض مون فقير کي، تاٿئون شال ملي،
جاٿي جام ھلي، سدا لال لطيف جو.
(٩٧)
ڀِٽ ڌڻيءَ جي در تئون، مون کي ڪا جا لڳي ھير،
سلو ڦٽو سڪ جو، منھنجي اندر منجھھ اڪير،
آھيان ذلف فقير، ديوانو تنھن در جو.
(٩٨)
تو در ڪھي ڪستو، آيس آنءُ کڻي،
ڏي تون راھھ رستو، مون ڀليءَ کي ڀِٽ ڌڻي.
(٩٩)
تن کي تون نھ ٻڌ، جن جي ٻولي ٻي،
جوڙج پنھنجو جيءُ، ھيڪڙائي منجھھ ھڪ سان.
(١٠٠)
ھر ھنڌ ھادي تون ھين تون، ٻِيو نھ چوان آنءُ،
وٺي تنھنجو نانءُ، واحد ويٺو آھيان.
(١٠١)
آھين پنھنجو پاڻ تون، توکي ورتم ڄاڻي،
توکي سوئي سڃاڻي، جو ڪڍي غير گمان کي.
(١٠٢)
ھڪ ئي ھڪ آھين تون، پوءِ ڪيئن ڪھان ڏون،
پڙھي ڏٺو جي مون، ”وحده لاشريڪ له“[12]
(١٠٣)
جھڪيا ملڪ مولى جا، جڏھن ھاديءَ چيو ھڪ وار جي،
”ونفخت فيه من روحِي“[13]،
جي امر کان ڪيو عزازيل انڪار جي،
ذلت ڪيس ذليل، پوءِ واحِد ربّ قھار جي.
(١٠٤)
جي ڏمر جي تھ توبَھھ زاري، جي راضي ٿي تھ رنگي،
مھر تنھن مٿان ذلف فقير چئي، توڙي رھي وچ جڳي،
جو مولى ڪنون منگي، سو ملي تنھن ماڻھونءَ کي.
(١٠٥)
ھي جي نفس ڪارو ڪتو، ڀؤنڪيو ٿو ڀؤنڪي،
وڃان ويجھو جانب جي، مونکي روڪيو ٿو روڪي،
لٺِ ھئين مانس ”لا“ واري جا مرشد ڏني مونکي،
پوءِ ڪؤنڪي ڪؤنڪي، زبُون ٿي ويو ذلف چئي.
(١٠٦)
اِئين نھ فقيري ٿئي، جِئين ڪرين تون،
سڄيون راتيون ذلف چئي، سمھي پوين تون،
مئين مئلن جيان، ڪيئي ھان نھ ھون،
تڏھان تھ تون، پسين ڪين پرينءَ کي.
(١٠٧)
اِئين نھ الله وارا ھوون، جِئين تون وچ ويڙھي،
رسين ڪين ربّ کي، تون پنھنجو پاڻ پروڙي،
ناحق رولي ڇڏيئي لوڪ کي، گمراھيءَ ۾ لوڙھي،
کاڌئي مال مريدن جو، ميڙي ۽ سيڙي،
جيءَ ۾ جاءِ جوڙي، اِبليس ويٺو ٿئي اندر ۾.
(١٠٨)
ويھھ نھ ويساھھ ڪري، تنھنجو اڳتي آستانو،
ڦاس نھ فقير تون، ڏسي زيب زمانو،
دلبر ڪارڻ ديوانو، ٿي ووڙ وڻڪار کي.
(١٠٩)
آنءُ تھ آھيان پرڏيھي، منھنجو اٿم ماڳ اڳتي،
گذاريندس ڪي ڏينھڙا، واٽن تي ويھي،
ڪوڙي دنيا ڪوڙو چرخو، پرکي ڏٺم پيھي،
منھنجو ڪم ڪيھي، جو ڦاسان ھتِ فقير چئي.
(١١٠)
ووڙي جي ڪوئي، مونکي عمر ساري،
جي آنءُ نھ ڏيان ڏيکاري، تھ ھو ڀي لڀي ڪين ڪي.
(١١١)
جي ڪڍين غير من مؤن، تھ صاف ڏسين مون،
”وحده لاشريڪ له“[14]
کي پاڻ پڙھي ڏس تون،
تھ ھڪ ئي ھڪ آھيان، ڪئن ٿو ڪھين ڏون،
ڀليل آھين تون، آنءُ تان تنھنجي سامھون.
(١١٢)
توکؤن پري آنءُ، ھڪ پل بھ پري ناھيان،
جي تون چاھين مون کي، تھ آنءُ بھ توکي چاھيان،
”فذکروني اذکرکم“[15]
فرقان ۾ ٿو فرمائيان،
ذلف آنءُ تھ آھيان، تنھنجي رڳ رڳ منجھھ ميان.
(١١٣)
سوئي ھيڏي سوئي ھوڏي، سوئي اٿئي نال،
جي وڃائين وجود منجھان، خوديءَ وارو خيال،
چئي ذلف فقير پوءِ جانبَ سندو ھي جمال،
ھر ھنڌ ربّ جلال، پيو ڏسندين پاڻ تون.
(١١٤)
سوئي وڻ سوئي رڻ، سوئي باغ سوئي بَھاري،
سوئي زاغ سوئي ماري، سوئي پِڃرو سوئي ڄاري.
(١١٥)
صورت سڀ سپرين، آنءُ تان پاڻ ناھيان،
چئي ذلف فقير، پوءِ ڪيڏانھون ڪاھيان،
جاڏي نظر ڦيرائيان، تاڏي پنھنجو پاڻ پرين.
(١١٦)
آنءُ تھ ناھيان آنءُ، جو آھين تون ھين تون،
سدائين ذلف جي، ٿو وسين وجودئون،
ڪين ڪھان ڏون، جو ھڪ ئي ھڪ ڀائيان.
(١١٧)
مان تھ آھيان ان جو، جوئي ناھي مان،
جنھن ۾ ھون نھ ھان، آنءُ تھ آھيان ان جو.
(١١٨)
مان تھ ناھيان مان، پوءِ ڪيئن چوان مان،
مون منجھھ ھو سمايو الا، سپرين آھي مان،
آنءُ تان ھن سان، وار نھ رھيو وٿي ڪو.
(١١٩)
ھر ھنڌ مان ئي مان، آھيان پنھنجو ئي پاڻ،
ڪنھن کي راحت روح جي، تھ ڪنھنجي من ماڌاڻ،
ڪنھن کي رلائيان رڻن ۾، تھ ڪنھن کي پاليان پاڻ،
ڪنھن کي ماريان تھ ڪنھن کي ساڙيان، تھ ڪنھنکي
رتوڇاڻ،
ڪنھن کي خوشي خوب ڏيان، تھ ڪنھن کي اکين منجھھ
آلاڻ،
ڪڍان نھ ڪنھن جي ڪاڻ، جا وڻي سا- مان ڪيان.
(١٢٠)
ڏيئي اِثبات اندر ۾، جڏھن ”لا“ ۾ ٿِيم غرق،
تھ ظاھر باطن ذلف چئي، ھو ڏٺم حق،
مسجد توڙي مندر ۾، مون نظر آيم ھڪ،
جڏھن لاٿم شڪ، دوئيءَ وارو دل مان.
(١٢١)
ڏينھان ڏسين ٻِين کي، جاڳين نھ پاڻ راتِيون،
ھنيئي ڪين ڪاتِيون، اھڙي نفس نڀاڳ کي.
(١٢٢)
سڀڪو سمھي سنجھي جو، ڪي ڪي جاڳن جوان،
سيئي چوان پھلوان، جي نوائن نفس کي.
(١٢٣)
ھوتان اٿئي ھينئڙي، جي تون جھاتي پائين،
اندر اِسم ذاتِ ۾، جي تون نيڻ اڙائين،
تھ پير نھ ڪاڏھين پائين، جي سيني ڏسين سپرين.
(١٢٤)
جاڪون منھنجي جيءَ منجھھ، بِرھھ باھھ ٻاري،
ٿِيا نيڻين نير جاري، سک نھ ڏٺم سپرين.
(١٢٥)
پلڻ پنھنجو پاڻ، پڄي م توکئون،
لاھوتي لوڪئون، پلي ويا پاڻ کي.
(١٢٦)
تون تان ڀائج گھٽ، پنھنجو پاڻ کي گھٽ،
سو تان آھي ڄٽ، جو پڏائي پاڻ ويو.
(١٢٧)
ڪوڙو تون ڪوڙيون رٿون، ڪوڙا تنھنجا اِرادا،
ڏيکاريئي منجھھ ڏيھھ ۾، ڪپڙا ڪري سادا،
کارائين ٿو کاڌا، چڱا چوکا نفس کي.
(١٢٨)
ڪوٺي ڪج قريب تون، پرور پِرين پِيارا،
ھادي ھيڪڙائيءَ وارا، ربّ ڏيکارج راھھ تون.
(١٢٩)
الا تو آسري، لڳم آنءُ ڌڻي،
مولى مون کڻي، پار ڪريج ڪنن مان.
(١٣٠)
سپرين ئي سپرين، ناھي ڪو ٻِيو،
جي تون پاڻ ليئو، اندر پائين عشق مان.
(١٣١)
اٿئي اندر منجھھ ھو، سدائين سوئي،
ووڙين تون جوئي، سو تان سپرين تو ۾.
(١٣٢)
بِسم الله جي بَرڪت سان، کلي پيا خزانا،
جي دل ۾ ھئا دوستو، اندر آستانا،
ظاھر ٿِي پيا ذلف چئي، صفا سورھن آنا،
”فذکروني اذکرکم“[16]
آھي محبت جي معنى،
کولي ڏس خداءِ جو، ھي ڪتابُ قرآنا،
”الابِذکرالله تطمئن القلوبُ“[17]
آھي راحت روزانا،
عاشق اِسم ذاتِ ۾، ٿِيا پچِي پروانا،
جي دل سان ديوانا، ڪن ذاتي ذڪر الله جو.
(١٣٣)
ڏسي صرافن وٽِ، زيور لک ھزار،
آڻي ذلف فقير چئي، ڪن ڳچيءَ سندا ھار،
پر پارس پائدار، ڪو ڪو لڀي ھن لوءِ ۾.
(١٣٤)
آنءُ بَندو آھيان گندو، تون سھڻو تون ستار،
مون بُڇڙو ۽ بَدڪار، ميٽ مندايون منھنجيون.
(١٣٥)
ڪڍي ڇڏ تون قلبَ مان، دوئيءَ واري داغ کي،
اٿي ذلف فقير تون، ڇڏي ننڊ نڀاڳ کي،
روئي چئج راڳ ڪي، تون ھين تون تنبور سان.
(١٣٦)
وڏائيءَ کي وڃائي تون، سک نياز ۽ نوڙت،
فڪر فراق اصل کان ئي، آھي فقيرن جي فطرت،
وڃين پئو وچ وحدت، ذڪر منجھھ ذلف چئي.
(١٣٧)
ياديون اجارن اندر کي، جي پوني پِريان جا پور،
ياديون ڪارو ڪٽ ڪڍي، ڪن ٿيون نسورو ئي نور،
ياديون دلبر يار جون، دوئيءَ کي ڪن ٿيون دور،
ذڪر منجھان ضرور، پتو پوندئي پِرينءَ جو.
(١٣٨)
قادر پنھنجي قدرت، ھلائي ٿو سڀڪنھن تي،
رازق پنھنجو رزق، کارائي ٿو سڀڪنھن کي،
چئي ذلف فقير ڪنھنجو، محتاج نھ ڪرائي ڪنھن کي،
ستار سائين سڀڪنھن کي، ٿو پالي پاڪ ڌڻي.
(١٣٩)
ميان ڪج مون سان، ڪا اھڙي عنايت،
جنھن ۾ جھالت، وڃي منھنجي وجود مان.
(١٤٠)
دوئيءَ وارو دل مئون، ڪڍي ڪوري شڪ تون، دل تي اکر
لک تون،
عاشق پڙھھ تون الف کي، ڪري غير غرق تون، دل تي اکر
لک تون،
پنو ورائي پِرت جو، سندو سور سبق تون، دل تي اکر
لک تون،
پوءِ مشاھدو ماڻئين، ٿي ھيڪڙائيءَ ۾ ھڪ تون، دل تي
اکر لک تون.
(١٤١)
جي عشق ٿِئي شمع، تھ تون ٿيءُ پروانو،
اٿئي موت بَھانو، مر تھ ملين محبوبَ کي.
(١٤٢)
سڀڪجھھ ويم وسري، جڏھن عشق ڏني ڏيکاري،
علم رھجي اِتي ويو، جڏھن حرف پڙھيم ھڪ واري،
ذلف ھن زماني کان، مون بِرھھ ڪرائي بيزاري،
شوق ٻاريم شمع دل ۾، تان اندريون وئي انڌاري.
(١٤٣)
اکڙيون ھڪ وار جي، پِرينءَ کي پسن،
تھ ٻي در ڪين ڏسن، ديدون اڙائي دلبر ۾.
(١٤٤)
سڙي سورن ۾، منھنجي عمر وئي اجائي،
ذلف گذري وئي زندگي، ڪل نھ پئي ڪائي،
جانبَ جي جدائي، جھوري وڌم جيءَ کي.
(١٤٥)
توڙي روئان توڙي رڙان، ڪيان ھائي ھائي،
سگھي نھ ڪوئي ڊاھي، جو لکيو لکڻ واري.
(١٤٦)
رضا ربانيءَ کؤن، منھن ڪيئن موڙيان،
لکيو پئي لوڙيان، جو قادر قلم وھائيو.
(١٤٧)
عشق نيو آرام، سارو ڏينھن ڏکن ۾،
آ من اندر ماتام، توبِن منھنجا سپرين.
(١٤٨)
ويندا وھم نڪري، تون جانبَ جڏھن ملندين،
مرڪي جڏھن کلندين، تھ درد ويندا دور ٿي.
(١٤٩)
لوڪ ڇڏي سارو، سپرين ڇڏ م تون،
مولى مٿان مون، پردو رکج پانڌ جو.
(١٥٠)
ووءِ ووءِ اٿم واتِ، جانبَ ڪارڻ جيڏيون،
راحت اچي م راتِ، ڏينھن بھ گذري ڏک ۾.
(١٥١)
اڄ آھن ڏور پِرين، گڏ ھيم ڪالھھ،
چئي ذلف فقير، موٽي ملان شال،
سڪندي جنھن لئي سال، گذاريم گوندر ۾.
(١٥٢)
سرڪي ملي سوز جي، ٻاھر ڪيئن ٻوليان،
ڏيئي چپِ چپن کي، گونگو ٿي گذاريان،
ھي سر سارو گھوريان، جنھن ڏنو پيالو پِرت جو.
(١٥٣)
روئندڙ رت اکيون، رھن ڪين رڪي،
لوڪان لڪي، ڳوڙھا ڳاڙن ٿِيون ڳجھھ ۾.
(١٥٤)
روڪيو م روڪيو، ماڻھون مون م روڪيو،
چاھي توھين ٽوڪيو، آنءُ نھ رھندس ان ريءَ.
(١٥٥)
عاشق وڃن معشوقن ڏي، ڪڏھن ڪين رڪن،
توڙي لک لڳن، مھڻا مٿن لوڪ جا.
(١٥٦)
ڪج پنھنجي لاءِ ڪجھھ ميان، جيسين آھين جيئرو،
سفر ٿيندئي پورو، تھ ملندين پوءِ مٽيءَ ۾.
(١٥٧)
وڃ م پِرين پري، جو توريءَ ڪين سري،
جيءُ منھنجو ھتِ جھري، جانبَ تو جدائيءَ ۾.
(١٥٨)
پرين تو پسڻ لئي، مون وڏا وس ڪيام،
وٺي گس گھميام، ڏونگر سندا ڏيھھ ۾.
|