سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :12

ذلف فقير جي ٽيھھ اکري

الف: الف الله آديسيئڙا ھو سدائين سارين،

ويراڳي واحِد کي ھڪ ويل نھ وسارين،

ڪيل قول پنھنجا ٿا پوربي پاڙين،

”اِھدنا الصراط المستقيم“[1] جي ٿا راھھ سڻائين،

”وحده لاشريڪ له“[2] جو آلاپ اٿارين،

ڏاتار سي ڏورين، سارن پيا سبحان کي.

 

ب:  بي ئون باري بيپرواھھ کي ٿا ساميئڙا سڏين،

ڪڏھن قيام رڪوع ۾ تھ ڪڏھن سجدي ۾ سارين،

”الحمد“[3] پڙھي عشق ۾ ٿا، ”قل ھو الله“[4] ڪمائين،

نيت نماز گذارين، سارن پيا سبحان کي.

 

ت:   تي ئون تسبح تن جي ٿا سڪ منجھان سورين،

ڪاپڙي قلبِ کي ٿا جوڳي جِيارين،

اندر اِسم ذاتِ کي ٿا آديسي اورين،

”ولاتـکن من الغافلين“[5] غافل نھ گذارين،

پِريان پڪارين، سارن پيا سبحان کي.

ث:  ثي ئون ”ثوابَ الدنيا وحسن ثوابِ الاخِرةِ“[6] اجر لڌائون،

ڏوري فرقان منجھھ ھيءَ آيت ڏٺائون،

”لقد من الله علي المؤمنين“[7] احسان ڪيائون،

مان چڱو ماڻيائون، سارن پيا سبحان کي.

 

ج:   جي مئون جيءُ جبَار سان سي جوڳيئڙا جوڙين،

آديسي اندر ۾، ٿا مقصد کي ماڻين،

”اِن رحمت الله قريب من المحسنين“[8] قادر ڏي ڪاھين،

ماڻڪ سي ميڙين، سارن پيا سبحان کي.

 

ح:    حي ئون حسن حبيبَن جو ٿا سامي پسن سونھن،

”ادعوا ربّکم تضرعا وخفية“[9] ھوت لڌائون ھيئن،

پائي منھن مونن ۾ ٿا نانگا نڀائن نينھن،

ويراڳين ورونھن، سارن پيا سبحان کي.

 

خ:  خي ئون خوف خداءِ جو دل اندر ڌارين،

اٺئي پھر ذلف فقير ھنجون سي ھارين،

”اِن الذين يبَلغون رسالاتِ الله ويخشونه“[10] پيغام پڄائين،

جوڳيئڙا جاڳائين، سارن پيا سبحان کي.

د:      دال ئون دوستِ بِنا ھوت جي ٻِيو خيال نھ ڪو آڻين،

ھيٺ مٿي اوري پري ھادي ھڪ ڄاڻين،

”اِن الله کان عليما خبِيرا“[11] آيت سان اورين،

دم غافل نھ گذارين، سارن پيا سبحان کي.

 

ذ:  ذال ئون ذڪر الله جو ٿا پوربِي پچائين،

سري خفي روحِي ٿا قلبِي ڪمائين،

نفي اِثبات سان ذلف چوي ھو ضربُ لڳائين،

آديسي اندر ۾ ٿا دم کي منجھائين،

”يذکرون الله قياما واقعودا“[12] انھيءَ منجھھ آھين،

شريعت طريقت حقيقت معرفت جي ٿا منزل کي ماڻين،

چارئي چِتِ لائين، سارن پيا سبحان کي.

ر:           ري ئون راتون ڏينھان سنياسي سارن پنھنجي ربَ کي،

”الا بِذکر الله تطمئن القلوبُ“[13] ڏين قرار قلبَ کي،

رکي تانگھھ طلبَ سي، سارن سبحان کي.

ز:          زي ئون زاھد عابِد عارف ٿا اِھا راھھ ڏسن،

جاڏي راھھ رسول جي تاڏي پير پائن،

”ومن يطع الله ورسوله يدخله“[14] ٿا فرمان مڃن،

اندر عشق الله سان من ۾ ميم اٿن،

ڪلمي ساڻ ڪوٺِن، سارن پيا سبحان کي.

س: سين ئون سير سمونڊ جو سدا سنياسن،

ھيرا موتي ھزارين ٿا لکئين لعل لھن،

”يخرج منھما اللؤلوءُ والمرجان“[15] ٿا منجھائي نڪرن،

چوي ذلف فقير ھو ڏوري ٿا ڏسن،

پارس پاڻ لھن، سارن پيا سبحان کي.

 

ش: شين ئون شان بَيان خدائي ڪن تعريف تمام،

پڙھن ويٺا ويراڳي ھي قادر جو ڪلام،

”منھم مغفرةً واجرا عظيما“[16] آين اِي انجام،

وٺي ڌڻيءَ جو نام، سارن پيا سبحان کي.

 

ص: صاد ئون صبح سنياسين کي ٿا سنجھي پور پون،

ھيئڙي منجھھ ھو تن لئي ٿا محبَت مچ ٻرن،

اندر آڳ عشق جي جِيرا جوش جلن،

الله الصمد[17]، جو ٿا ورد ويراڳي ڪن،

”واذکرو الله کثِيرا“[18] آھي جيءَ ۾ جوڳيئڙن،

ٿا محبَت منجھھ رھن، سارن پيا سبحان کي.

 

ض: ضادئون ضرورت نفساني ٿا خواھش پاڻ پلين،

آڻي خِيال اندر ۾ ٿا سپريان کي سڏين،

”مقام ربه ونھي النفس عن الھوى“[19] ھي ڄاڻ پيا ڄاڻين،

سامي پنھنجي سرير ۾ ٿا سڌن کي ساڙين،

نانگا نفس نھوڙين، سارن پيا سبحان کي.

 

ط: طوئي طريقت تن ۾، ٿا معرفت کي ماڻين،

شوق شريعت سندو، ھو دل اندر ڌارين،

حقيقت جي حال سان، ٿا روح رلائين،

”ونعم اجرالعاملين“[20] ٿا ڪامل ڪمائين،

پھھ چڱو پاڙين، سارن پيا سبحان کي.

 

ظ: ظوئي ظاھر باطن ذلف چوي حق سڃاتو تن،

”اِن الله کان على قل شيءِ شھيدا“[21] ٻِيو غير نھ ڄاتو تن،

جوڳي پنھنجي جيءَ ۾ ٿا نانگا نھارن،

ھو مشاھدو ماڻين، سارن پيا سبحان کي.

 

ع:    عين ئون عبادت منجھھ سدا سي سنياسي آھين،

قادر اڳيان ڪاپڙي، ٿا ڪنڌ جھڪائين،

”التّائبُون العابِدون“[22] ٿا توبَھھ تنوارين،

پانڌ ڳچيءَ پائين، سارن پيا سبحان کي.

غ:  غين ئون غم گوندر منجھھ فنا ٿيا في الحال،

پاڻ وڃائي پاڻ کي پاڻ ڪيائون پائمال،

”لاخوف عليھم ولاھم يحزنون“[23] ھي حاصل ڪيائون حال،

ٿيا لاھوتي لعل، سارن پيا سبحان کي.

 

ف: في ئون فنا اِسم ذاتِ منجِھھ آديسي آھين،

دم دم منجِھھ مولى دم غافل نھ گذارين،

”والله يحِبّ المحسنين“[24] لئون اتي لائين،

ٿا پرور کي پوڄِين، سارن پيا سبحان کي.

 

ق:     قاف ئون قربُ ڪمائين، سي تھ ڪامل پنھنجي قلبَ ۾،

”ونحن اقربُ اِليه من حبْل الوريد“[25] ھو ڄاڻن رڳ رڳ ۾،

ووڙي پنھنجي وجود منجھھ ھوت ڏٺائون حبَ ۾،

جوڳيئڙا جڳ ۾، سارن پيا سبحان کي.

 

ڪ: ڪاف ئون ڪارڻ ھڪ الله جي ٿا جوڳئڙا جاڳن،

اٿن آڌيءَ راتِ جو ٿا سک ۾ ڪين سمھن،

”ومن اليل فتھجّد بِه نافلة لک“[26]، پيا ھو پڙھن،

واحد اڳيان ويراڳي، ٿا جوڳيئڙا جھڪن،

آھي فطرت فقيرن، سارن پيا سبحان کي.

لام:          لام ئون ”لئو لاڪ لما خلقت الافلاڪ“[27] ھي جڳ بَڻيو جنھن لاءِ،

سو ساراھيل سپرين مٺو مير محمد ' آھھ،

لٿي جنھن جي شان منجھھ ھي عرشئون آيت آھھ،

”وانڪ لعلى خلق عظيم“ چيو خالق اِئين خداءِ،

سڻي سنياسي سرھا ٿِيا ھي سيد جي ساراھھ،

چئي شڪر الحمدالله، سارن پيا سبحان کي.

 

م:   ميم ئون محبَت منجھھ محو ٿِيا جوڳئڙا جالين،

اندر آڳ عشق جي ٿا ماتم مچائين،

”الذين ينفقون في السرآءِ“[28] ڏک سک ۾ گھارين،

جوڳيئڙا جِيءُ جلائين، سارن پيا سبحان کي.

ن:   نون ئون نيھن ڪيا ناسور تِن آديسين اندر ۾،

ٻرن مچ محبَت جا تن جوڳيئڙن جِگر ۾،

”اِن الله مع الصابِرين“[29] ثابِت ڏٺائون صبر ۾،

آديسي اندر ۾، سارن پيا سبحان کي.

و:     واو ئون وحدت ڏانھن وريا ڪثرت منجھان منھن موڙي،

ھيڪڙائيءَ منجِھ ھڪ ٿِيا ٻِيا خيال خوديءَ جا ٽوڙي،

”اِن الله وتر يحِبّ الوتر“[30] جيءُ انھيءَ سان جوڙي،

من پِرينءَ ڏانھن موڙي، سارن پيا سبحان کي.

ھھ:    ھي ئون ھليا پٺِيان ”حق“ جي سچِي ڪري سڌ،

”وان الذين آمنوا اتّبعو الحق من ربِھم“[31] ھي پوربِن سندا پنڌ،

ھو ھاديءَ لئي ھر ھنڌ، سارن پيا سبحان کي.

 

لا:  لائون لاشڪ ٿِيا لاھوتي مڃِي ھڪ الله،

معبُود سوئي مالڪ ھو بَاري بي پرواھھ،

”اِنما ھو اِله واحد“[32] ٻِيو ناھي انھيءَ سواءِ،

سامي صبُح مساءِ، سارن پيا سبحان کي.

 

الف: الف الله آديسين جي ھو سدائين آھي ساڻ،

”واِن الله مع المؤمنين“[33] پئي سامين آھي سڃاڻ،

وڃن ڪين ڪاڏي ھو ذلف فقير ھاڻ،

جوڳين ڏٺو جيءَ ۾ پِرين آھي پاڻ،

ڪيائون روح رھاڻ، سارن پيا سبحان کي.

 

ي:    ي ئون ”يھدي الله لنوره من يشآءُ“[34] ھي ھاديءَ ھدايت،

ڪين ٻاجھھ ٻاجھاري تن مٿان عنايت،

جي جھڪيا جانبَ اڳيان ڪري جان فدايت،

حاصل ڪيائون حضور منجھان راھھ روحانيت،

آھي آديسين عبادت، سارن پيا سبحان کي.

ٽيھھ اکري

ا: الف الحمدلله عاشق پڙھيو ٿا پڙھن،

سڀ تعريف سبحان جي مخلوق منجھھ ڏسن،

سواءِ ھڪ جي ٻِيو سڀ ڪوڙ سمجھن،

جھاتي پائي ڇاتيءَ ۾ ٿا اکر اچارن،

اھڙي ريتِ سندن، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ب: بِيئون باھھ برھھ جي ٻاري سٺائون تپش تابُ،

ويھي واٽن تي نيڻين وھايئون آبُ،

ڪڙھيا ٿي قلب منجھھ لبَن ھڻي لعابَ،

ڪسي ٿي ڪبابُ، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ت: تيئون تن ۾ سدا سپريان جي تاتِ،

ويساھھ ڪن ھڪ تي ٻي نھ مڃن ذات،

راتِ ڪري ڏينھن ڏينھن کي ڪن راتِ،

وائي ڪري واتِ، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ث:  ثي ئون ثبوت سنياسيءَ سڃاڻ جو اھو آھي،

ظاھر زيب نھ ذلف چئي سنگت سونھن ناھي،

وسنديءَ کي ڇڏي ٿو بَرن ۾ ڪاھي،

ويران وسائي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

ج:  جيم ئون جوڳي جوءِ منجھھ آھي ڄڻ ناھي،

پنھنجو پاڻ کي ڪجھھ نھ ڀائي،

سپريان جي سوز ۾ جيءُ جلائي،

ھنگلاج ھنگلاج ڪري ڪوھھ ڏانھن ڪاھي،

وک وڌائي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ح: حي ئون حيران ھردم پرينءَ ڪاڻ رھي،

ساري سنسار جا وتن سور سھي،

ذلف الفت لئي وڃائي ويٺا وھي،

جانبَ جي جدائيءَ ڇڏيو ڪات سين ڪھي،

صبر منجھھ رھي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

خ:    خي ئون خوشي ڪين ڪي وڌو جدائيءَ جھوري،

ذلف سڄي زندگي گوندر منجھھ گذاري،

پنھنجو پاڻ کي ڳڻتن منجھھ ڳاري،

سپريان ساري، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

د:     دال ئون دردن دل اندر، ڪيا سورن سوراخون،

ڪڙھن قلوب منجھھ ٿا چِڪن چاڪون،

ووڙين وجود منجھھ ٿا دلبر جون ٿاڪون،

ڪري اندر اوطاقون، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ذ:     ذال ئون ذات ربيءَ سين، ٻِيو ڪين گڏيائون،

”وحده لاشريڪ له“ پڙھي پڙھيائون،

”قل ھوالله احد الله الصمد“ اڪيلو مڃيائون،

راز ربيءَ جو ووڙي لڌائون،

ڳجھھ، ڳولھيائون، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ر:  ري ئون راھھ وٺي ربي نانگا نروار ٿيا،

جاٿي رضا رب جي تا ٿي پنڌ پيا،

رکي پير پھڻين ڏوري ڏونگر ڏکيا،

ٿي بِرھھ ڪاڻ بُکيا، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ز:  زي ئون زارئون زار روئي ھنجون ھاري،

اکر الف جو اندر منجھھ اچاري،

چئي ذلف فقير دليئون دود دکائي،

لوڪان پاڻ لڪائي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

س: سين ئون سدا سوز منجھھ آديسي آھي،

ٻاري آڳ عشق جي جيءَ جلائي،

فڪر فراق ۾ نيڻين لڙڪ ھاري،

روئي رت فڙا ڏونگر ڏوري،

”مونتو قبل انتمونتون“ قول اِھو پاڙي،

مرڻئون اڳ ماري، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ش: شين ئون شڪر شڪرانو الک در ڪھي،

ڏکيا سکيا ڏينھڙا سر تي سھي،

جوت جلائي جانبَ لئي وڃائي وھي،

گونگو گذارين ڪنھن کي ڪين ڪھي،

گوندر منجھھ رھي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ص: صاد ئون صاف ڪري سينو ڪڍي غير گمان،

”اِن الله على کل شيءِ قديـــر“[35] سڀ منجھھ سبحان،

چئي ذلف فقير اِي الک سندو فرمان،

پڙھي منجھھ قرآن، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ض: ضاد ئون ضعيف ٿِيا ذلف چئي ڪري پھاڙئون پنڌ،

رڳن رت سڙي وين سڪي سنڌ سنڌ،

وڃي پھتا اتي جاٿي جانبَ ھنڌ،

گھوري جان جِند، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ط:    طوئي طمع ڪين ڪي نڪي طلبئون طام،

پيتئون پرينءَ ھٿان جدائيءَ جو جام،

ڏيئي بُک بَدن کي ڪين ڪيئون آرام،

مچائي من ماتام، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ظ:  ظوئي ظاھر باطن ڪن پيا ذڪر ذاتي،

نانگا مارن نفس کي ھڻي لااله ڪاتي،

پائي جيءَ جھاتي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ع:  عين ئون عشق اھڙو ئي اندر منجھھ اٿاري،

پنھنجو پاڻ کي سورن منجھھ ساڙي،

ذڪر ڪري ذاتي اندر الف اچاري،

سپريان ساري، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

غ:   غين ئون غافل آديسي ڪڏھن ڪين گذاري،

سدا پِريان پار ڏي نيڻين نھاري،

چئي ذلف فقير ڳوڙھا ڳاڙي،

اندر اجاري، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ف:  في ئون فڪر فراق منجھھ گھارن گوندر سندا ڏينھڙا،

ساري سپريان کي نيڻين وسائن مينھڙا،

آڙاھھ ٻاري عشق جو اندر آديسيئڙا،

جلائي جيءُ جوڳيئڙا، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ق:  قاف ئون قلب منجھھ ڪعبو ڪاپڙين ڪيو،

سجدو ڪري سپريان تن طواف ڪيو،

مڪو مدينو تن دل اندر ديکيو،

ھر ھر الک اڳيان جوڳي وڃي جھڪيو،

”وحده لاشريڪ له“ پِرتئون پڙھيو،

اِئين آکيو، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

ڪ: ڪاف ئون ڪڇن پڇن ڪين ڪي سدا سنياسي،

فقير فراق ۾ اھي عاشق آديسي،

ٿي پِرت جا پِياسي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ل:  لام ئون لاھوتي لوڪئون پري ويا پرانھون،

چئي ذلف فقير ڏيھھ ڇڏي ڏورانھون،

ڪري درد دانھون، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

م:  ميم ئون ماڻھن کئون لاھوتي آھي لنھوارو،

جبل جاکوڙين ڇڏي جڳ سارو،

روشن ڪري روح کي ڪڍي ڪٽ ڪارو،

سڌو وٺي چارو، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ن:  نون ئون ننڊون ڪن ڪين ڪي نانگا نينھن لائي،

پچن پڄرن پل پل آديسي عشق اڙائي،

ڪري ھاءِ ھاءِ، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

و: واو ئون ويا ويراڳي سارو ڏيھھ ڇڏي،

ويران وسائي سپريان سڏي،

ديرو دردن جو اندر منجھھ اڏي،

غمن منجھھ گڏي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ھھ:    ھي ئون ھمٿ ھاديءَ جي سين جبَل جھاڳي،

ڪن پنڌ پھاڙ جا ڪشالا ڪاٽي،

ڪري درد دانھون ڪن واڪا واتين،

نيڻين نير اوتي، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

لا:  لائون لئون لائي لاسين ٻيو سڀ وساري،

نزديڪ ٿِيا نينھن کي نيڻين نير ھاري،

اکر الف جو اندر منجھھ اچاري،

قرب ڪاڻ ڪو ڪاري، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

الف: الف   الک   در   آديسي   وڃي    پيش    پيا،

پائي پانڌ ڳچيءَ منجھھ اڀي بيٺا،

پسي صورت سپريان کلي خوش ٿِيا،

سور سڀيئي تن جا سيئي ساب پيا،

ڪري ترڪ دنيا، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

 

ي:  ي ئون يارن سين ھڪ ئي ھڪ ٿِيا،

”فذکروني اذکرکم“ پِرتئون پڙھيا،

ذڪر ڪري ذلف چئي فقير ٿِيا،

وچئون وھم ويا، پيرو لڌئون پرينءَ جو.

ٽيھھ اکري

ا: الف اڌ رات جو آديسي اٿن،

”وفي انفسکم“ وجود ووڙن،

چئي ذلف فقير سکيو ڪين سمھن،

ڏيئي منھن مونن، اورن پيا الک سين.

 

ب: بي ئون بَدن جي ڪين ڪيائون پرواھھ،

سامي سرد گرم سھن سر مٿانھن،

چئي ذلف فقير محبت منجھانءُ،

نھاري اوڏانھن، اورن پيا الک سين.

 

ت: تي  ئون  تمام  ھيڻو  ڪيائون  حال،

سامي سڙي پاڻ ٿِيا پائمال،

انھن جي عشق جي قيل نھ قال،

چئي ذلف فقير ويجھو ٿي وصال،

پسي جانبَ جو جمال، اورن پيا الک سين.

 

ث: ثي ئون ثمر سور بنا ٻيو ڪين کڻن،

اندر رھاڻ ربَ سين چپ نھ چورن،

ھلن اوڏانھون جيڏانھون رند رڙھن،

”اِياڪ نعبُد واِياڪ نستعين“ پل پل پڙھن،

وڃي پار پھچن، اورن پيا الک سين.

ج:  جيم ئون جانب ڪارڻ جوڳي جلائي جان،

تن کي شوق شڪار ڪيو نيھن نشان،

”مونتوا قبل انت مونتو“ ماڻيائون مقام،

”قالو“ پاڙيو ڪاپڙين ”الستي“ انجام،

نانگا وٺي نام، اورن پيا الک سين.


[1]  ”اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.“ (سورة الفاتحھ، آيت: ٥)

[2]  ”اڪيلو، ان جو ڪوبھ شريڪ ناھي.“ (سورة الزمر، آيت: ٤٥)

[3]  ”ساراھھ“ (سورة الفاتحھ، آيت: ١)

[4]  ”چئو تھ اھو ا^“ (سورة الاخلاص، آيت: ١)

[5]  ”۽ غافلن مان نھ ھج“ (سورة الاعراف، آيت: ٢٠٥)

[6]  ”پوءِ ا^ کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٤٨)

[7]  ”بيشڪ ا^ مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٦٤)

[8]  ”بيشڪ ا^ جي ٻاجھھ ڀلارن کي ويجھي آھي.“ (سورة الاعراف، آيت: ٥٦)

[9]  ”پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو.“ (سورة الاعراف، آيت: ٥٥)

[10]  ”جيڪي ا^ جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن.“ (سورة الاحزاب، آيت: ٣٩)

[11]  ”ڇو تھ ا^ ڄاڻيندڙ خبر رکندڙ آھي.“ (سورة النساء، آيت: ٣٥)

[12]  ”جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر ا^ کي ياد ڪندا آھن.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٩١)

[13]  ”خبردار ا^ جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن.“ (سورة الرعد، آيت: ٢٨)

[14]  ”۽ جيڪو ا^ ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو.“ (سورة النساء، آيت: ١٣)

[15]  ”انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.“ (سورة الرحمان، آيت: ٢٢)

[16]  ”۽ وڏي اجر جو ا^ انجام ڏنو آھي.“ (سورة الحجرات، آيت: ٢٩)

[17]  ”ا^ بي احتياج آھي.“ (سورة الاخلاص، آيت: ٦)

[18]  ”۽ ا^ کي گھڻو ياد ڪريو.“ (سورة الجمعة، آيت: ١٠)

[19]  ”جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حضور ۾ روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سڌ کان جھليائين.“ (سورة النازعات، آيت: ٤٠)

[20]  ”۽ ڪمائيندڙن جو اجر چڱو آھي.“ (سورة آل عمران، آيت: ١٣٦)

[21]  ”ڇو تھ ا^ سڀڪنھن شيءِ تي حاضر آھي.“ (سورة النساء، آيت: ٣٣)

[22]  ”اھي توبھھ ڪندڙ عبادت ڪندڙ.“ (سورة التوبة، آيت: ١١٢)

[23]  ”نڪو کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اھي غمگين رھندا.“ (سورة البقره، آيت: ١١٢)

[24]  ”۽ ا^ ڀلارن کي دوست رکندو آھي.“ (سورة آلعمران، آيت: ١٣٤)

[25]  ”۽ اسين ڏانھس سندس ساھھ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون.“ (سورة ق، آيت: ١٦)

[26]  ”۽ ڪجھھ راتِ جو ان (قرآن) سان تھجد پڙھھ جو اِھا تو لاءِ زياده عبادت آھي.“ (سورة بني اسرائيل، آيت: ٧٩)

[27]  ”اي پيغمبر جيڪڏھن توکي نھ خلقيان ھا تھ ھيءَ زمين ۽ آسمان نھ پيدا ڪيان ھا.“ (حديث قدسي)

[28]  ”جيڪي ڏک سک ۾ ا^ ڪارڻ خرچيندا آھن.“ (سورة آل عمران، آيت: ١٣٤)

[29]  ”ڇو تھ ا^ صابرن ساڻ آھي.“ (سورة البقرة، آيت: ١٥٣)

[30]  ”ا^ ھڪ آھي ۽ کيس ھيڪڙائي وڻندڙ آھي.“ (حديث)

[31]  ”۽ مؤمنن پنھنجي پالڻھار جي سچي دين جي پيروي ڪئي.“ (سورة محمد، آيت: ٣)

[32]  ”ان ھڪ ا^ کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نھ آھي.“ (سورة النحل، آيت: ٥١)

[33]  ”۽ بيشڪ ا^ مؤمنن ساڻ آھي.“ (سورة الانفال، آيت: ١٩)

[34]  ”ا^ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پنھنجي نور سان سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.“ (سورة النور، آيت: ٣٥)

[35]  ”ڇو تھ ا^ سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.“ (سورة النور، آيت: ٤٥)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org