(٢٢٩)
سچو ناھيان سپرين، مون منجھھ ڪيئي ڪوڙ،
”اِن الاِنسان لفي خسر“[1]
پيم جا پروڙ،
تھ مون منجھھ عيبَ اروڙ، تون پردو رکج پاڻ ڌڻي.
(٢٣٠)
تون سڄڻ سامھون آءُ، دوست منھنجي دل جا،
مون کي تنھنجو نانءُ، راتِيان ڏينھان روح ۾.
(٢٣١)
نڪي گھر ۽ ٻار، نڪي وڻي وجود،
ساجن تنھنجو سجود، مٺو ڀائيان من ۾.
(٢٣٢)
ناسوتان نيئي، لايو جن لاھوت،
تن اکين ڪيو قوت، ذاتي اِسم ذلف چئي.
(٢٣٣)
دانھون ۽ آھون، تو در منھنجا سپرين،
ميان موٽي آءُ تون، سڻي ھي صدائون،
مون ٻڌيون ھن ٻانھون، ڪا ٻاجھھ ڪريج ڪريم تون.
(٢٣٤)
تون م تن سين لاءِ، جن ۾ وفا ناھھ،
تون تنين سين لاءِ، جي سچا رھن سچ سين.
(٢٣٥)
پاڻ پروڙج پاڻ کي، ڇڏي سارو لوڪ،
تون ڪا پوکج پوک، جا سنگ جھلي سڀاڻي.
(٢٣٦)
پٽ ئي آھي پٽ، ڏسان نھ ڪا وسندي،
جاٿي آنءُ پنھنجي، ڪا چِڻنگ ٻاريان چاھھ مئون.
(٢٣٧)
ڏسين جي تون، ھر جا ھر ھنڌ حق،
تھ لھي وڃئي شڪ، دوئيءَ وارو دل مئون.
(٢٣٨)
جيڏانھن ڪيان ديد، تيڏانھن تون ھين تون،
اکڙين ڪئي آ عيد، ساجن تنھنجي سونھن سين.
(٢٣٩)
جيئري جلي جبل ۾، روئي ۽ رڙي،
پرينءَ ڪاڻ پچيج تون، سورن منجھھ سڙي،
ويھھ نھ ڪا گھڙي، ڪر ڪا ھاڻ ھلڻ جي.
(٢٤٠)
جن ۾ ھمٿ ناھھ ڪا، تون ھمٿ ڏيج ڌڻي،
”اِياڪ نعبُد واِياڪ نستعين“[2]
سائي سٽ پڙھي،
چئي ذلف فقير، راھن منجھھ رڙھي،
پِرينءَ پيرو کڻي، ڪاھي وڃن ڪيچ ڏي.
(٢٤١)
لاڙو ڪج لاڙو، تون لوڪن کئون لاڙو،
ڇڏي سو پاڙو، وڃين جال اڪيلو عشق ۾.
(٢٤٢)
ڪڏھن وڃن ڏور پِرين، تھ ڪڏھن ملن مون سان،
حال سليان ھي ڪنھن سان، جانبَ جو ھتِ جيڏيون.
(٢٤٣)
جاڪون سي جدا، سرتِيون ٿِيا مون سيڻ،
تاڪون منھنجا نيڻ، رڪيا ڪين روئڻ کان.
(٢٤٤)
سدا آھي سپرين، تو منجھھ ھو موجود،
”وفي انفسکم افلاتبصرون“[3]،
ووڙي ڏس وجود،
چئي ذلف فقير، تون سڃاڻي ڪج سجود،
تھ تو منجھھ ئي موجود، پاڻ ئي آھي پاڻ پرين.
(٢٤٥)
مان تھ ناھيان مان، جو تون ئي آھين مان،
اچي ويٺين وجود ۾، لڪي تون لوڪان،
جي ڀڃي ڀِتِ وچان، تان ساڳيو آھين سپرين تون.
(٢٤٦)
آھيان الائي ڇا، جو پتو پنھنجو ناھھ،
اندر ڪوئي آھھ، جو ٻولي ٿو ٻاھر ۾.
(٢٤٧)
سمجھي اِنھيءَ سخن کي، ھجي ڪو ماھر،
ھو تھ آھي ظاھر، پر پردي منجھھ پاڻ ٿئي.
(٢٤٨)
ڏٺم ڏينھان راتِ، جي جھاتي پائي جيءَ ۾،
تھ ھو ھو سندي ذاتِ، حاضر آھي ھيئين ۾.
(٢٤٩)
ڪي تون پاڻ اڙاءِ، اکيون ٻئي الف ۾،
ڳجھا اِنھيءَ ڳجھھ ۾، پاڻ وڃي تون پاءِ،
لوڪان تون لڪاءِ، تھ راز پروڙين رمز ۾.
(٢٥٠)
اکن منجھھ الله، جِن ڏوري ڏٺو ڏک سين،
سي ڪيئن رھن سک سين، جي گھارن پيا گوندر ۾.
(٢٥١)
اک نھ اٽِڪي اتھين، جاٿي جانبَ جاءِ،
سا آڻيان آنءُ ڪٿانءِ، جا پسي پيشاني پِرينءَ جي.
(٢٥٢)
جي ھو ملي ھن سين، تان مطلب ٿِئي پورو،
ڪين ٿِئي اڌورو، آدم اِنھيءَ الله سان.
(٢٥٣)
اول نام الله جو، ساراھيان سيد کي،
”واِنک لعلى خلق عظيم“[4]
اعلى چوان احمد کي،
پڙھان صلواتون ساري مٺي مير محمد تي،
”وحده لاشريڪ له“[5]
چوان ھڪ احد کي،
سجدو ڪيان صمد کي، جو مالڪ آ مخلوق جو.
(٢٥٤)
وڏي وڏائيءَ وارو، ھو ھادي ھڪ الله،
جو سدائين جيئرو، ھو قائم ”قل ھو الله“[6]،
”اِن الله کان عليا کبِيرا“[7]
ھو واحد وڏو آھھ،
سڀڪنھن مٿان مولى ھو باري بيپرواھھ،
راتو ڏينھن جھڪاءِ، اڳيان ڪنڌ ڪريم جي.
(٢٥٥)
سو سڀوئي سچ ٿئي، جيڪي منجھھ قرآن،
ناھي شڪ تنھن ۾ ڪوبھ، ڏس پڙھي الف لام،
صاف ڪج تون قلب کي، ڪڍي غير گمان،
وحدت ورق ورائي، پڙھھ ذلف فقير فرقان،
اِسم اعظم انھيءَ منجھھ، اٿئي اعلى نام،
تن سڃاتو سبحان، جن عمل ڪيو انھيءَ تي.
(٢٥٦)
”ڪن“[8]
چئي ڪل جوڙيائون، ”فيکون“ سان فرمائي،
صورت سوين سپرين، ھو باري پاڻ بڻائي،
”والله الغني وانتم الفقرآءُ“[9]
صاحب سوئي سڻائي،
انھيءَ در آھي، محتاجي مخلوق جي.
(٢٥٧)
”ڪن“ چئي ڪل جوڙيائين، فرمائي ”فيکون“،
موسى ۽ فرعون، ھو پيدا ڪري پاڻ ٿو.
(٢٥٨)
”ڪن“ چئي ڪل جوڙيائين، فرمائي فيکون سان،
جوڙي جوڙ رڳن ۾ جِسم ۽ جان سان،
ظاھر ڪيائين زمين تي، ”ونحن“ واري نشان سان،
مالڪ وڏي مان سان، اعلى ڪيو آدم کي.
(٢٥٩)
قادر ”ڪن فيکون“ سين، سڀئي سبحان،
احمد ڪارڻ عربيءَ جي، ھي جوڙيائين جھان،
مٿان محمد مير جي، لاٿائين فرقان،
پاڻ ڪيائين پيدا، ھي زمين آسمان،
ماڻڪ موتي پارس ھيرا، ياقوت ۽ مرجان،
سمجھھ سالڪ صحيح ڪري ونحن وارو نشان،
”لقد خلق نا الاِنسان في احسن تقويم“[10]
مٿانھن ڪيائين مان،
جِسم جوڙيائين جان، اعلى ڪري آدم کي.
(٢٦٠)
قادر ”ڪن فيکون“ سين سڀ خلقيا پاڻ الله،
ڪاٿئين سمنڊ تھ ڪاٿئين سڪي، ڪاٿئين ٻيڙن مٿان
ملاح،
لھرن پويان لھرون لڳن پر آھي ھڪ درياھھ،
ذلف حقيقت منجھھ ھو، باري بيپرواھھ،
ڪاٿئين راھھ ڏيکاري، تھ ڪاٿئين ڪري گمراھھ،
آيت آئي اِھا ”وتعز من تشآءُ وتذل من تشآءُ“،[11]
باري ھو بادشاھھ، جا ڪري ساتِئين ٿِئي.
(٢٦١)
ڪاٿئين پٽ ئي پٽ، تھ ڪاٿئين وري ساوڪ،
رنگيءَ رنگ ڪيا، مٿي ڀون مالڪ،
ذلف چوي اِھا آھي، قادر جي قدرت،
ڪيائين ”ڪن فيکون“ سان، جڳ جي جوڙجڪ،
ھئي ازل کان احمد تي اِھا ربَ جي رحمت،
جو اعلى عبديت، ڪيائين ڪل مخلوق کان.
(٢٦٢)
پاڻ ئي پاڻ ڊاھي ھو، پاڻھين پاڻ بَڻائي،
”يرسل السماءَ عليکم مدرار“[12]
واحِد مينھن وسائي،
ذلف چوي ھو حِڪمت وارو پاڻھين پٽ پسائي،
”ويجعل لکم جنت“[13]
ھو باري باغ بڻائي،
”ويجعل لکم انھٰرا“[14]
واحِد نھرون وھائي،
”ويجعل القمر فيھن نورا“[15]
چنڊ تارا چمڪائي،
”ويجعل الشمس سراجا“[16]
سائين سج اڀاري،
قادر ”ڪن فيکون“ چئي ھادي حڪم ھلائي،
واحِد وڏائيءَ وارو ھو اِھڙو ئي آھي،
سا ڪري جا چاھي، اِلاھي پنھنجي امر سان.
(٢٦٣)
پاڻ ملائي پاڻ سين جانب جنھن کي گھري،
”يدخِل من يشآءُ في رحمتِه“[17]
قادر ڪرم ڪري،
ڪاٿئين ڊاھي ڪاٿئين ٺاھي ڪاٿئين ماري ڪاٿئين
جياري،
ذلف چئي جا وڻي واحِد کي سائين سا ڪري،
ڪاٿئين تار تاري، تھ ڪاٿئين لوڙھي وجھي لھرن ۾.
(٢٦٤)
ڪاٿئين ڪيئن تھ ڪاٿئين ڪيئن، واحِد پيو ٿو وسي،
ڪاٿئين پرچي پرين پِيارو، تھ ڪاٿئين ھو ٿو رسي،
”وتعز من تشآءُ وتذل من تشآءُ“ ڪاٿئين راھھ ڏسي،
ڪاٿئين مت کسي، قادر ڪري گمراھھ ٿو.
(٢٦٥)
ڪانھي پرواھھ ڪنھن جي، تنھن باري بيپرواھھ کي،
”يھدي الله لنوره من يشآءُ“[18]
جا وڻي الله کي،
ذلف چوي اھي عابِد ٿيا جي ويا رباني راھھ ڏي،
باقي گھڻا گمراھھ سي، ٿِياريءَ ھدايت ھاديءَ جي.
(٢٦٦)
ھوندا ھميشه سکيا، جي ھاديءَ کي ھتِ ياد ڪن،
اٿي ويٺي واحد کي، جي ويرم نھ وسارن،
ذڪر ذاتي ذلف چوي جيءَ ۾ آھي جن،
اجر لڌو الله وٽِ تن بيشڪ ڀلارن،
”اِن الابْرار لفي نعيم“[19]
اتِ آھي جاءِ انھن،
سي تھ نانگا نعمتن، ساڻ نوازيا نور سين.
(٢٦٧)
ھيڪڙائيءَ منجھھ ھڪ ٿِئي، ڇڏي ٻِئي پچار،
دم دم دلبر دوست کي، تون سڪ منجھان پيو سار،
ڪج ھميشه ھيئڙي منجھھ، ھو ھو جي ھونگار،
”الابِذکر الله تطمئن القلوبُ“[20]
ايندئي قلب قرار،
ذڪر ڪري ذلف چئي، اندر کي تون اجار،
ويرم ڪين وسار، پرين پياري دوست کي.
(٢٦٨)
ٻئي راھھ ڇڏي، تون ھڪ ئي واٽ وٺيج،
”ونحن اقربُ“ ويجھڙو، پِرين سو پسيج،
اندر ”اِلاالله“ سين، ڪفر کي ڪٽيج،
”اِن بَعض الظن اِثم“[21]
سينو صاف ڪريج،
روئي رت اکين مئون، ھنجون روز ھاريج،
ماري پنھنجي من کي، ميڻ مثل ڪريج،
اٺئي پھر اِئين، اونڌھي ڪنڌ اوريج،
جيءَ کي جياريج، ذڪر سين ذلف چئي.
(٢٦٩)
اٿِئي ويٺي جن کي، آھي ياد الله،
دم دم سارن دوست کي سي ذلف ساھھ پساھھ،
يــٰآيھاالذين امنوا اذکروا الله ذکرا کثِيرا“[22]
آيت انھن لاءِ،
”وسبِحوه بُکرةً واصيلا“، ڪن سائينءَ جي ساراھھ،
لائق سوئي حمد جي، ھو باري بيپرواھھ،
واحد وسئي ھيڪڙو، ھو ھادي ھڪ ھر جاءِ،
سندن مٽ ڪو ناھھ، مالڪ تنھن معبود جي.
(٢٧٠)
جنھن جو ربُ تنھن جو سڀ، سڻج اِي تنوار،
ڪج پِريان جي پچار ”فذکروني“[23]
فرمان تي،
(٢٧١)
اکيون ٻئي الله ڏي، جوڙي رکيون جن،
اڳيان آھي تن، سدائين نور نظر ۾.
(٢٧٢)
اکيون عاشقن جون، آھن سدا پر نور،
ڏسن ھوت حضور، چؤطرف چئو فير ٿيون.
(٢٧٣)
عاشق ڀائن ڏينھن، پر اوندھھ آھي عام لئي،
لوڪ سنجھي ئي سمھين رھي، ھي نڀائن نيھن،
اوتِن آبُ اکين مئون، جھڙ ڦڙ وسي جِيئن،
جي چاھين پسڻ پرينءَ کي، تان پوءِ ڪج تون اِيئن،
سٽ مٿانھون جِيئن، شاعر لکيو شعر ۾.
(٢٧٤)
اوندھھ آھي عام لئي، پر عاشق ڏسن اڇائي،
ثنا سپريان جي، ڪن پريان جي پاڪائي،
”ومن الليل فاسجد له وسبّحه ليلا طويلا“[24]
آيت پڙھن اِھائي،
سي ذلف فقير صبح تائين، ڏسن نور خدائي،
جن کي عشق اِلاھي، سي تھ راتِ گذارن رنگ ۾.
(٢٧٥)
کٽِيو تن خوبُ، جي اٿيا آڌيءَ راتِ،
توجھھ سٽي سينن ۾، ڪن خفيءَ ڏانھن خيالات،
ضرب لڳائي ذلف چئي، ڪن ذڪر نفي اثباتِ،
پِرھھ ڦٽي پِرڀاتِ، اھي عاشق رنگيا رنگ ۾.
(٢٧٦)
جاٿي ڪاٿي ھو ڌڻي، ھوريءَ ناھي ھي،
”الرحمٰن علي العرش استوى“[25]
سڀ طاقت انھيءَ جي،
”اِن الله على کل شيءِ قدير“[26]
ھو ھر ھنڌ ھڪ ھادي،
ٻيو ڪين آھي ڪي، ذلف سواءِ سپرين جي.
(٢٧٧)
الله تھ آھي اوري، پر تون پاڻ سڃاڻ،
”من عرف نفسه فقد عرف ربّه“[27]
تو سان آھي ساڻ،
ٿيءُ نھ تون اڻ ڄاڻ، الڳ سمجھي الله کي.
(٢٧٨)
مون منجھھ تون موجود، ازل کئون ئي آھين،
جاڏي تون فيرائين، آءٌ تان امر تنھنجي.
(٢٧٩)
ھر ھنڌ ھادي تون، آءٌ ڪيڏانھن پوءِ ڏوريان،
جيڏانھن نظر فيريان، تيڏانھن تون ھي تون.
(٢٨٠)
لڙي لوڪن کئون، تون وٺج واٽ ھيڪڙائي،
تھ وڃئي ٻِيائي، ٻاھر نڪري من مئون.
(٢٨١)
اندر اجرو تن جو، نڪي دل منجھھ داغ،
ذلف جن جون رڳون، ڪن راتو ڏينھان راڳ،
”وحده لاشريڪ له“ جو اندر مچائن آڳ،
ڀلا تن جا ڀاڳ، جي ويا وحدت وچ ۾.
(٢٨٢)
اکيون ھير م ننڊسين، اٿي جاڳ جوان،
ساري تون سبحان، ڪي ڪمائج پاڻ لئي.
(٢٨٣)
سچو تون سبحان، ۽ سچو پِڻ فرقان،
جن آندو ٿي ايمان، سي پِڻ سچا ٿي ويا.
(٢٨٤)
سچو تون سبحان، ۽ سچو پڻ فرقان،
”لااله الاالله“[28]
۾، ڪو ناھي شڪ گمان،
”محمد الرسول الله“[29]
چئي آندائون ايمان،
ٿيا من ۾ مسلمان، ڪلمو پڙھي پاڪ تي.
(٢٨٥)
آيو احمد عرش مان، ڪلمون پڙھائڻ پاڪ،
ھي سڄو لئو لاڪ، رنگجي ويو رنگ ۾.
(٢٨٦)
آيو احمد عرش مان، ڪلمون پڙھائڻ پاڪ،
”لااله الاالله محمد الرسول الله“ جو اٿاريائين
آلاپ،
امر ڪيائين عليءَ کي جو پنجتن آھي پاڪ،
مڃي حڪم حيدر اٿيو وٺي وحدت واٽ،
ھڪدم ڪيا ڪفر جا جنھن بُت ڀڃي حلاڪ،
صورت سھڻو سيد آ، پرين پيشاني پاڪ،
ٿِيا مست سوين مشتاق، ذلف علي چئي عشق ۾.
(٢٨٧)
آيو احمد عرش مان، ڪلمون پڙھائڻ پاڪ،
نبي سائين نوراني، پھري لٿو پوشاڪ،
احسان ڪيو احمد تي ڏس ڪيڏو الله پاڪ،
جو ھي سڄو لئولاڪ، سٽيائين سيد لئي.
(٢٨٨)
آيو احمد عرش مان، ڪلمون پڙھائڻ شاھھ،
بُت ڀڄي ڪفر جا ٿِيا تنھن مھل تباھھ،
حڪل ڪري حيدر، جڏھن اٿِيو علي شاھھ،
امر ساڻ الله، فتح ڪيائين خيبر کي.
(٢٨٩)
آيو احمد عرش مان، ڪلمون پڙھائڻ شاھھ،
چھرو چوڏھين چنڊ جيان، صورة مثل ماه،
مٽ انھيءَ محبوب جو، ڪو ذلف علي چئي ناھھ،
”وسراجا المنيرا“[30]
احمد جو لقب اعلى آھھ،
ساراھيان سيد کي گھڻو، چوان شڪر الحمدالله،
جو آندائين عرش منجھان، ھيءَ روحاني راھھ،
وحده لاشريڪ له“ ھڪ احد آھي الله،
جو قائم ”قل ھوالله“ صمد سدائين ھيڪڙو.
(٢٩٠)
محمد کي معراج تي، جڏھن قريب ڪوٺيائين،
”وحده“ واحد کي تڏھن ويندي چيائين،
”فکان قابَ قوسين اوادنى“[31]
ويجھو ڏٺائين،
”لاشريڪ له“ چئي پرور کي پوڄيائين،
نوڙي نياز ڪيائين، اڳيان ربَ ڪريم جي.
(٢٩١)
”سبحٰن الذي اسرى بِعبْده“[32]
سيد مٿان ستاري،
جنھن رات ٿيو معراج، سا راتِ ھئي ڀلاري،
”ليلا من المسجِد الحرام“[33]
آھي وڏي تعظيم واري،
”ليلا من المسجِد الاقصا الذي بــٰرکنا حوله“[34]
جنھن جي چوڌاري،
برڪت رکي رب پاڪ، اھو بيشڪ آھي باري،
ڏني ڏيکاري، مولى پاڪ محمد کي.
(٢٩٢)
شريعت سندي واٽ، جي راھھ رسولي وٺن،
فرض واجب سنتون، جي نفل نمازون پڙھن،
حق حقيقت تار طريقت، معرفت ماڻين انھن،
”فلھم اجر غير ممنون“[35]
اتِ سي ٿا مان لھن،
جي قلب منجھھ ڪمائن، ذڪر ذاتي ذلف چئي.
(٢٩٣)
جن کي عشق الله جو، سي ننڊون ڪين ڪن،
اٿي آڌيءَ راتِ جو، اھي تھجد پيا پڙھن،
”ومن اليل فتھجّد بِه نافلة لک“[36]
ڪھيو ڪريمن،
چوي ذلف فقير جي جانب اڳيان جھڪن،
احد احمد وٽ اھي ٿا مٿانھون مان لھن،
ڏينھن م ڏکيو ڏسن، حشر ويل حِسابَ ۾.
(٢٩٤)
احمد اچيج تون، آھن عيبَ گھڻا،
ذلف کي ڍڪيج تون، مصطفى مھرسين.
(٢٩٥)
ڌڻي تنھنجي ساراھھ، ڪڏھن بھ ڪانھ کٽي،
سمنڊ توڙي درياھھ، ڪو مس بَڻائي لکي.
(٢٩٦)
ڌڻي تنھنجي ساراھھ، ڪڏھن بھ ڪا نھ کٽي،
وڻ سڀيئي سنسار جا، ڪو قلم بڻائي لکي.
(٢٩٧)
ڌڻي تنھنجو نام، مٺو ڀائيان من ۾،
سدائين سبحان، تون ھين تون آ تن ۾.
(٢٩٨)
ڌڻي تنھنجو نام، مٺو ڀائيان من ۾،
صبح توڙي شام، تسبي پڙھان تن ۾.
(٢٩٩)
ڌڻي تنھنجو نام، مٺو من ۾ ڀائيان،
کنڊ مصري ماکيءَ کان بِھ، چڱو ڪري چاھيان.
(٣٠٠)
جاٿي ڪاٿي تون ڌڻي، واحد تنھنجي وڏائي،
خالق تنھنجي خدائي، مالڪ مٿان ملڪن جي.
(٣٠١)
تون سخي سردار، اسين محتاج آھيون،
رازق پنھنجي رحم سان، تون پالين، پالڻھار،
”يآيھاالناس انتم الفقرآءُ اِلي الله“[37]
ڏيندڙ تون ڏاتار،
زمين منجھان ذلف چئي ان ڪري اپار،
اِلاھي ڏين تون اناج جا ھارن کي ھنبار،
سائين تون ستار، رزق رسائين سڀن کي.
(٣٠٢)
ھو سخي سردار، اسين محتاج آھيون،
ڏيندو پنھنجي گنج مان، جھول ڀري جبار،
”لاتقنطوا من رحمة الله“[38]
آھيون اميدوار،
خالي موٽائيندو ڪين ڪي سائين رب ستار،
گھڻو ئي ڏيندو غفار، فضل ساڻ فقير چئي.
(٣٠٣)
سخيءَ ڏنا تِن سوالن کي، ھيرا ۽ موتي،
سئين ھڻن جي سنجھي جو، آڌيءَ راتِ اٿي،
ذلف ھن وٽ ڪابھ ڪين آھي ڪا کوٽي،
ويا لعل وٺي، جي آيا در انھيءَ جي.
(٣٠٤)
ڇڏي ننڊ نڀاڳ جي، آڌيءَ اٿي اور تون،
سڪ منجھان پيو سور تون، تسبي پنھنجي تن جي.
(٣٠٥)
ڏينھان سجاڳ سڀيئي، پر راتيان جاڳن ڪي،
سک ۾ نھ سمھن سي، جي لڇن پيا پرينءَ لئي.
(٣٠٦)
ھادي ھيڪڙائيءَ جي، صدقي تون ستار،
واسطي محمد مير جي، طفيلي تنھن يار،
مون کي گم غفار، ڪج واحِد پنھنجي وحدت ۾.
(٣٠٧)
واحِد پنھنجي وحدت ۾ ڪج مونکي گم غفار،
تھ ڪيان تنھنجي پچار، اٺئي پھر اندر ۾.
(٣٠٨)
سي نھ پھتا پار، جي پڏائي پاڻ ويا،
ٻڏڻا سي تھ ٻڏي ويا، ڪين تريا تار،
وڃائي وجود کي جن ڪئي پريان جي پچار،
ڪڇيائون ڪڏھن ڪين ڪي تن جو ٿيو يار،
ذڪر ڪري ذلف چئي ڪيائون قلب قرار،
تات رکي تن ۾ وڃي پھتا انھيءَ پار،
حاصل ڪيائون حضور منجھان ھيرا لعل جھوار،
ڏات ڏنو ڏاتار، اِھڙن اٻوجھن کي.
(٣٠٩)
راھھ ڏيکارج ربَ، توکي پسند آھي جيڪا،
اِھڙي واٽ نھ ٻي ڪا، جھڙي راھھ تو ربَ جي.
(٣١٠)
راھھ ڏيکارج ربَ، جيڪا توکي پسند آھي،
تھ وڃان آنءُ ڪاھي، ھن سورن جي سنسار کان.
(٣١١)
جن کي عشق اِلاھي، سي تھ ننڊون ڪين ڪن،
ساري سبحان کي، اھي آڌيءَ رات اٿن،
پير ڊگيري پنھنجا، سک ۾ ڪين سمھن،
ذلف اھي عاشق چوان جي راتيان رت روئن،
منھن ڏيئي مونن ۾، جي الف سان اورن،
اندر اولانبا عشق جا، دونھان دکائن،
ھو ٿا ھوت لھن، واحد پنھنجي وجود ۾.
(٣١٢)
ياد ڪج ڪريم کي، تون تن اندر تمام،
ذڪر ساڻ ذلف چوي، ڏج اندر کي آرام،
ھيڏي ھوڏي جاڏي ڪاڏي، سوئي ٿئي سبحان،
”واذکر اسم ربّک وتبَتل اِليه تبْتِيلا“[39]
آيو ھي فرمان،
ھڪ طرفو ٿيءُ تون، وٺي ڌڻيءَ جو نام،
چڱيءَ طرح اوڏانھن، متوجھھ ٿيءُ مولى ڏي.
|