هي جو ساگر سونهن، جو، انهيءَ کان انڪار!
ساکي پنهنجي وچ تي، تونئي پنهنجو ڄار،
سچو آ سنسار، جوٺ سندءِ ئي جيءَ ۾.
_
ڪيڏو توکي ڪؤ، آهي مايا موهه کان!
آڌيءَ اُرهه منڌ جا، جوٺا آهن، چؤ؟
ڀورا! تنهنجو ڀؤ، جاڙ اجائي جيءَ سان.
_
پٿر ۾ پڌرا ڪيا، هو جي ايلورا،
جي تون ڏسين جيئرا، ڀؤ ڇاجو ڀورا؟
نوان، نڪورا، آڌيءَ اُرهه منڌ جا.
_
ساري رات سڳنڌ ۾، ناريءَ ڪارا وار،
ڳچيءَ منجهه ڳراٽڙيون، پوڄا جهڙا پيار،
توکي نرآڪار، آڌوتيءَ ڇا آڇيو؟
_
ان کان وڌ ڪهڙي ملي، مُڪتي ماڻهوءَ کي؟
چپ ڪپيل انجير جان، اڀري اچن جي،
۽ امرت آڇي، ڪائي نار نهار ۾!
_
آنڌيءَ آئي انبڙيون، ٽيڪي ڪرن جيئن،
سندر ناري تيئن، سرڪي آئي سيج تي.
_
سندر ناري سيج تي، مايا نه سامي!
آئي اڏامي، ماکي ماکيءَ مک ڏي.
_
گوري سُتي سيج تي، رمندي رهي رات،
پرينءَ سان پرڀات، جوٺ نه آهي جوڳيا!
_
مايا ناهي ڇل، جي سمجهين سنسار کي،
ڏس تون ڪنهن جي پيار ۾، چت ڪري چنچل،
پورن هر هڪ پل، لڳندءِ پنهنجي پاڻ ۾!
_
سامي! هيءُ سرير، جئن مٽيءَ جو ماٽو،
رچي جي ريٽو ٿئي، مڌ منجهس گهاٽو،
ڳڻ پائي ڳاٽو، اڀري، اوچو اڀ کان.
_
سامي! جيئڻ جس، ناهي ڪوئي ’نانهه‘ ۾،
ڪام ديو جي سينڱ تي، ماکيءَ مکيون پس
ماڻهوءَ ڪهڙو وس، مُني ڦاٿا موهه ۾!
_
آيو ڦڳڻ ماس، ٽڙيون ٽانگر ٽاريون،
سڪي ٿو سڳنڌ لئه، سامي! منهنجو سواس،
گهوريو هي بنواس، سڀڪجهه آ سنسار ۾.
_
پايل پائي راڌڪا، ڇم ڇم اچي جي،
ڪوڪي بن جي باک ۾، ڪويل ڪدم
تي،
مڪتي ناهه مٿي، ڪابه انهيءَ کان ڪاپڙي!
_
مڇ گنڌا جو موهڻو، تاتي ڏس تون تن،
چنچل چندن واس ۾، ويڙهي جي تو من،
اهڙو اتم ڌن، ڪوبه نه آهي ڪاپڙي!
_
هي چندن جو تلڪ، يا سارناٿ تي چنڊ،
ناري! توسان منڊ، آهه اڳي کان موهڻو.
_
سندر ناريءَ سر مٿان، وهنجي ڇنڊيا وار،
جئن هرمل جي آگ مان، نڪري دونهين ڌار،
هينئن ٻي هٻڪار، آڌوتي اهڙي ڪٿي؟
_
جل مندر جئن جندڙي، ڏيئا ڏيئا پيار،
ويراڳي ويراڳ ۾، اهڙو ڪٿ اسرار!
اوندهه انڌوڪار، تياڳي تنهنجي تياڳ ۾.
_
نيڻن مرگهه نمائيا، سرڪي مٿان سيج،
ڪٿي ههڙي هيج، تياڳي تنهنجي تياڳ ۾!
_
2
سامي! هن سنسار ۾، هي ماڻهوءَ جو من،
پائي ماڻهوءَ پيار ۾، پنهنجو آتم ڌن،
پيار بنان پورن، ڪوبه نه آهي ڪاپڙي!
_
ڪوبه نه پرڏيهي، سامي هن سنسار ۾،
سڀ کان سندر ديوتا، آهي هيءَ ديهي،
پرجهي، ڏس پيهي پيارا! پنهجي پاڻ ۾.
_
ديهيءَ بنان آتما، اَڌوتي! ڇاهي؟
من به مٽيءَ مامرو، اڳتي ڪجهه ناهي،
هن سهڻي سنسار کي چار گهڙيون چاهي،
لاڳاپو لاهي، ويجهو وڃ وناس کي.
_
ماڻهوءَ منجهه وناس جو، ڏاڍو آهي ڏر،
چاهي ٿو ڪيڏو چريو، هجان هوند امر!
شال هجي هيءَ جندڙي، ڪوئي پوپٽ پر،
گهڙيءَ لاءِ گذر، جنهن جو گل گلاب تي.
_
ور ور اَويساهه سان، رات ڏٺم آڪاس،
هر شيءِ هن سنسار ۾، ٿيڻي آهي ناس،
ماڻهوءَ ڇاهي؟ ماس! ور هي جيئڻ ڏينهڙا.
_
متان ٻي جڳ ڪاڻ، موڙهل! هي جڳ وارئين،
انت اهو آ ساميا! هيءَ جا رک مساڻ،
ڇاڻي ويٺو ڇاڻ، ڪيهي وٿ وناس ۾!
_
مايا مڌ ڀري، سامي! وهه ويراڳ ۾،
اَڌوتي! اچڻي نه آ، وئي ويل وري،
موٽيو ڪير مري؟ ور هي جيئڻ ڏينهڙا!
_
آهه اجائي انت تي پنهنجي اداسي،
هر شيءِ هن سنسار ۾، آهي اَبناسي،
مٽيءَ سان مٽي ٿئي، موٽي هر ساسي،
ور سو جنهن واسي، پنهنجي سرت سڳنڌ سان!
_
مٽيءَ منجهه وشال، موٽي ٿئي جندڙي،
هن اونهي آڪاس ۾، جنهن جو انت نه ڪال،
ڪتين جو ڪمال، مٽي آڇي موت کي.
_
ماڻهوءَ مڪتي پريت ۾، اَجوکي آهي،
سامي! هن سنسار کي، جي ڪو ساڃاهي،
مور نه هو چاهي، پيد پوي، ڪو پريت تي.
_
3
غريبي گلزار؟ مينگها تنهنجي مت مئي!
ڏکن ڏڌي ڏيهه کان، اَڌوتي انڪار؟
ٻوڙو ٻجهڻهار، دانهن نه ٻڌي ديس جي.
_
هيءُ بکايل ماءُ جي، ٿڻن مٿان بار،
ڇا هي ابهم ٻارڙو، آهي مايا ڄار؟
انهيءَ کان انڪار، ڪيئن ڪيو تو ڪاپڙي؟
_
ڇا ڪوُڙي آ بُک ۾، ڪُکِ اندر ڪاني؟
جا هيءَ مايا آهه ڙي، پنڊيءَ تي ماني؟
آهي ناداني، جهيڙو انلئه جڳ ۾؟
_
اڙي او ويدانتي! انهيءَ کان انڪار،
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مٿان، هي جو اتيچار!
هي پڻ مايا ڄار، مون تي ڪڙا ڪوٽ جا؟
_
ڇا هي ڏاڍا ڏيهه جا، ڌرتيءَ جا ڌاڙيل،
جيڪي ماڻهوءَ رت سان، ڪن ٿا تيل ڦليل،
سڀ انهيءَ جا کيل، هو جو نرگڻ نانهه ۾؟
_
هي مايا جون ڳالهڙيون، ڳهلا نه سارين،
ڏينهن تتي ۾ مون جيان، ڏونگر جي ڏارين!
ٺپ تڏهن ٺارين، جڏهن جاڙ ڏري پوي.
_
4
هتي آ، هن جاءِ، سڀڪجهه آ هن لوڪ ۾،
پرمتڙيا، پرلوڪ لئه، وهي ڪانه وڃاءِ!
لنؤ انهيءَ سان لاءِ، جوٺ نه آهي جندڙي!
_
ڪجهه به نسوريءَ ’نانهه‘ ۾، ناهي اي سامي!
جوتيءَ مان جوتي جلي، کُٽي نه کامي،
هر هر اُجهامي، جرڪي پيئي جندڙي.
_
ڪنوٽيا، ڪن چير، آنگ ڀڀوتي ڪاپڙي،
ڳالهه مڙيوئي هڪڙي، ملان، پنڊت، پير،
ساڌو، سنت، فقير، جرٿر ڪيئي جيوڙا.
_
سامي! مون ڪيئي صديون، ٻڌي ساڳي بڪ،
جيءَ اچن ٿا جڪ، صدين کي ساڙي ڇڏيان!
_
هيءَ جا ڳنڍيري، چوسي اڇليئه ڳجهه جي،
جنهن تي ڏکيا ڏيهه جا، ڊُڪي ٿيا ڍيري،
وهه کان گهڻيري، سگهه وهاٽي ساهه جي.
_
ساڳي صورت عين کي، ساڳي صورت غين!
چرين پاتو چينُ، ڳهليون ڳولي ڳالهڙيون.
_
سامي! ماڻهوءَ جندڙي، سدا آ سنگرام،
ڪوُڙ ڪڏهن ڀي سچ کي، ڏيندو نه وسرام!
ناهي ڪوئي نام، جنهن ۾ جڳ سمائيو.
_
سچي مڪتي ميڙ ۾، آڇي ٿو انبوهه،
اونداهو اندوهه، تياڳي تنهنجي تياڳ ۾.
_
ماڻهوءَ ۾ آجو ٿيو، مٽيءَ جو مانڊاڻ،
پائي پنهنجو پاڻ، پهتو پنهنجي توڙ تي،
_
جاڙ مٽائي جڳ مان! ماڻهو شال جين!
پوپٽ پنک ٿين، سڀ جا سرها ڏينهنڙا!
_
سامي! هن کان ڪو وڏو، ناهي انتر گيان:
بنان ڪنهن ڀڳوان جي، اُتم آ انسان،
ماڻهو آهه مهانُ، پنهنجو ڀڳونُ پاڻ آ.
_
5
ساراهيان سنسار، سچو آ جو سونهن ۾،
جنهن جو انت نه آد آ، جنهن جو آر نه پار،
جنهن ۾ ٿو جنسار، مري روز امر ٿئي.
_
هي جا آد اَ سونهن ۾، سرجي پئي سونهن،
ڪنهن جي نانهه ورونهن، پورن آهي پاڻ ۾.
_
چتر، ڪوتا، مورتيون، سارا ماڻهوءَ ماڳ،
وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ٻاريون، سڀ ۾ ڪائي آڳ،
ڪيڏي جاڳ اَجاڳ! ڪيڏي ڄاڻ اَڄاڻ ۾!
_
ٻڌي بنان ٻڌ جي، ڳولي پئي پاڻ،
پرڪرتيءَ ۾ پرش جو، ڪٿي نه اُهڃاڻ،
ڀينگ به ڀريل ڀاڻ، آهي پنهنجي پاڻ ۾.
_
سامي! هن سنسار ۾، اَواهو انسان،
هيٺان انڌي اڀ جي، سدا سرگردان!
ماڻهو پو به مهان، نِڀُ انهيءَ کان ننڍڙو.
_
سامي! هر سنسار جئن، ناهي ڪو ستگر،
گائڪ بنا ڪونج ۾، آهي آدي سر،
ٻُڌي تانَ مڌر، جهومي پئي جندڙي.
_
سامي! هي سنسار آ، گوالي بن گوڪل،
پنهنجيءَ مڌر تانَ ۾، جهومي ٿو جل ٿل،
جمنا ساري جل، ڪوهه تڪين ٿو ڪنڌيون؟
_
سامي! هن سنسار ۾، تار نه آهي تر،
هن جو انت نه آد آ، ڪٿي ناهه ڪپر،
ائين آهه امر، سرجي پنهنجي پاڻ ۾.
_
جڙيو هي جنسار، آهي پنهنجي پاڻ مان،
ڪهه ڄاڻان ڪنهن ڳجهه مان، کڙيو کڙڻهار!
پاڻ منجهان پولار، اڀريو ڪنول وانگيان.
_
ڪنهن به نه جوڙي جوڙ، آهي هن جهان جي،
ڪنول پاڻ ٽڙي پيو، پهتو پنهنجي توڙ،
جر جي جيءَ ولوڙ، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙي هئي!
_
سامي! هن سنسار جو، انوکو اسرار،
آهي پنهنجو پاڻ ئي، ساکي سرجڻهار،
نوڙي نمسڪار، ڀورا! ڪر برهمانڊ کي.
_
برهما بن برهمانڊ کي، ڏٺو آهي جَن،
اڌر هوندي ڀونءِ تي، عجب آڌر تن،
ڏاها ڪونه ڏسن، اوني ساڻ اننت کي.
_
اوني کان آجا ٿيا، ڊاهي سارا ڊوهه،
تڳن پنهنجي توهه، گهوري اونهي اڀ ۾.
_
برهما بن بهرمانڊ کي، نوڙي سيس نماءِ،
۽ ماڻهوءَ جي پيار ۾، پنهنجي مڪتي پاءِ،
سڀ سان دک ورهاءِ، آجو ٿيءُ انبوهه ۾!
_
هو جو آگم گيان، سامي! تو سوچيو پئي،
ان کي پهچي پهچندو، ڪونه ڪڏهن انسان،
اَگم کان اڳتي اَگم، آهه سدا امڪان،
حيرت ۾ حيران، جيءُ سدائين جڳ ۾.
برهما_
هندو ديو مالا موجب ڪائنات جو خالق. برهمانڊ_
ڪائنات.
|