غزل
جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي!
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ،
هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
لالڻ! نوان لڪن ۾، نڪتا نياڻ آهن،
ايندا جتي لُڪن ۾، پانڌيئڙا پياسي.
هي شام جو مياڻي، هي سون رنگ پاڻي،
تڙ تي ٻه چار ڏيئا، نڙ تي ٻه چار لاسي!
منهنجي اڪير ڇا هي؟ هي چٽ چيت من ۾،
مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي.
جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي،
ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي!
نظم
سچ وڏو ڏوهاري آهي
روز اول کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهين زهر پياريو ويو آ،
ڪڏهين ڦاهيءَ چاڙهيو ويوآ،
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ:
ها، پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي!
جنهن جي من ۾ کاٽُ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو!
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آ!
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟
اڄ به وري هو فاشي ڪُتا،
مون کي قابو ڪن ٿا.
ڳورو ڳٽ وجهي ڳاٽي ۾،
هو ڪنهن اونهي سناٽي ۾
منهنجا گيت وجهن ٿا.
اوچي وڻ جئن مان اڀران ٿو،
اڀري تن تي هيٺ ڏسان ٿو،
هو ڪي ٽوهه لڳن ٿا!
مون وٽ جيڪو امرت رس آ،
تنهن تي وهه جو ڪهڙو وس آ!
گوندر گؤنچ ڦٽن ٿا.
پوءِ به هر هر فاشي ڪتا،
مون کي قابو ڪن ٿا.
جيل جي گيٽ تي جيلر ۽ قيديءَ جي وچ ۾ گفتگو
جيلر: سڀ جمع ڪرائي وڃڻو آ،
ڪجهه ڀي نه ڇپائي وڃڻو آ!
قيدي: ڇا لاءِ ڏئين ٿو هيئن تڙي؟
مون اڳ ئي لاٿي آهه گهڙي،
هان صاحب! وقت بيهاري ڇڏ،
هان ان جي چاٻي کاري ڇڏ!
جيلر: سڀ جمع ڪرائي وڃڻو آ،
ڪجهه ڀي نه ڇپائي وڃڻو آ!
قيدي: مان ڄاڻان ٿو قانون اهو!
انگريز بهادر جو ڌڌڪو
اڄ تائين تو ۾ آ صاحب!
اي ساڳيءَ ورديءَ جا صاحب!
هو گورو هو، تون ڪارو آن،
پر اهڙو ئي هتيارو آن!
مان اڳ به اندر آيو هان،
مان آزاديءَ ۾ ڄايو هان،
۽ آزاديءَ ۾ مرڻو هان،
مان تو وٽ ور ور ورڻو هان،
زنجير غلاميءَ جا جيسين
هن ديس مٿان آهن، تيسين
مان تنهنجي در تي ڌرڻو هان،
۽ توکان مور نه ڏرڻو هان،
مان توکي خوب سڃاڻان ٿو،
قانون به تنهنجو ڄاڻان ٿو،
مون سڀڪجه جمع ڪرايو آ،
۽ توکان ڪجهه نه ڇپايو آ،
ها، مون وٽ هڪڙي شيءِ آهي،
۽ مون سا جمع ڪئي ناهي،
انگريز ڊنا ها ان شيءِ کان
ايڏو ته ڏڪي ٿو، اي صاحب!
هر وقت بڪي ٿو، اي صاحب!
ڄڻ پنهنجيءَ مالي خوليا ۾،
تون ان کي جمع ڪندين ڇا ۾!
جا منهنجي سيني ۾ دل آ؟
ماحول ڪئي جا بسمل آ،
۽ جنهن ۾ منهنجيءَ ڌرتيءَ جي،
۽ انساني آزاديءَ جي،
ڪا تڙڦ سدائين رهڻي آ،
ها، مرندي تائين رهڻي آ!
نظم
پيڙا مان پڙلاءُ اچي ٿو،
سَروَم دُکَم دُکَم!
مرڪين ڇو ٿو اي مت موڙها؟
دک درياهه، ڪروڙين ڳوڙها،
جنهن ۾ روز ٻڏا ٻاڪارن،
هو جي هر هر ٿا هاڪارن،
هو جي تڙ هوڙاڪ ٻڌن ٿا،
مرڪي لاڄوبند ڏسن ٿا،
جن لئه لهرون ليئا ليئا،
ڏورانهين ٻارن ڏيئا،
تن کي تاڙي ڪن ڏسن ٿا،
روز ڀني ۾ ڀڻ جهڻ ڪن ٿا،
۽ پو هيءُ سماءُ اچي ٿو،
سَروَم دُکَم دُکَم!
تون چاهين ٿو پار وڃان مان،
پاڻي تارئون تار وڃان مان،
ڇو ته پراهون پار به آهي،
۽ اهڙو سنسار به آهي،
جت ڪا جوت پئي جهمڪي ٿي،
مرڪ ستارا ٿي ٽمڪي ٿي،
اڻ ٿيڻيءَ کي ڇو ٿو چاهين؟
روز ٻڏي ٻيڙي ٿو ٺاهين،
روز انهيءَ جا تن تنين ٿو!
ڇا تون مون کي ڪونه سڻين ٿو؟
توکي روز چتاءُ اچي ٿو،
سَروَم دُکَم دُکَم!
سَروَم دُکَم دُکَم: سڀڪجهه دک آهي. مهاتما ٻڌ جو
چتاءُ
مان نه آهيان سورداس،
پو به ڪنهن چنتامڻيءَ لاءِ
منهنجو من اداس.
نانگ کي نِوڙي ڪڏهن
مون نه آهي سمجهيو،
ها، مگر آئي جڏهن
سار هن جي پيار جي،
آ وئي سڌ ٻڌ ڀلي،
مون سڄي سنسار جي.
مان سڃاڻان ٿو پيو،
ور وڪڙ هن نانگ جا،
هي به ڄاڻان ٿو پيو،
ڪوبه ڪاريهر ڪکيو
وهه سهي ورلي بچي،
پو به آهيان مان ٻکيو
هن نسوري نانگ سان،
۽ پيو ڪوٺي چڙهان
ڪنهن سٽاڻي سانگ سان. . .
نوٽ: هنديءَ ٻوليءَ جي ڪويءَ سورداس لاءِ چيو ويو
آهي ته هن جي چنتامڻيءَ سان پريت هوندي هئي ۽ هو
هر رات هن جي گهر ويندو هو. هڪ رات ڏاڍو مينهن وسي
رهيو هو، چنتامڻي ڪڙو اندران بند ڪري ڪوٺي تي ستي
پئي هئي. هن ڪيئي سڏ ڪيا، پر ڪائي وراڻي نه آئي.
اوچتو هن نوڙي ڏٺي، جا ڪوٺي تان لڙڪي رهي هئي. هو
بي اختيار ان تي چڙهي، ڪوٺي تي پهتو ۽ پوءِ هن کي
معلوم ٿيو ته هو نانگ کي نوڙي سمجهي پيار جي انڌ ۾
مٿي پهتو هو.
ڇا تون مون کي ڪونه سڃاڻين؟
مرليءَ سان ڪيئي من موهي،
رڻ ۾ پهتو هان بن موهي،
تنهنجو رٿ هلايان بيٺو،
۽ توکي اتساهيان بيٺو،
جيسين سامهون سينڱ سڃن ٿا،
ڪڙ ڪڙ منهنجا ڪان وڃن ٿا.
لوڙهه لتاڙي منهنجا گهوڙا،
ڪن ٿا ويرين منجهه ولوڙا.
ڏس ڪيڏو گهمسان متو آ!
سارو کيتر رت رتو آ!
۽ مان بيٺو ساٿ نباهيان.
هونءَ ته مان سناٽو آهيان،
اونهيءَ ماٺ مها ساگر جي،
جنهن ۾ ڪيئي موتي سرجي
گيت ٿين ٿا، گيان ٿين ٿا،
ڇايا پٿ کان دور نين ٿا.
ڇا تو مون کي اڳ نه ڏٺو آ؟
اڳ منهنجو مارڳ نه ڏٺو آ؟
تو سان آءٌ نئين سر ناهيان،
آءٌ ڪرم جو ڪاڍو آهيان.
ڇاتون مون کي ڪونه سڃاڻين؟
هيءَ ڌرتي ساڳي ڪُنتي آ،
ها، هيءَ اڀاڳي ڪنتي آ!
هي اُن جي ڪُک مان پاپي آ،
هي ڪرڻ اڳي جان پاپي آ!
مان جو توکي گيان ڏيان ٿو،
۽ تنهنجو رٿو ان ٿيان ٿو،
توکي ور ور ٿو ويڙهايان،
توسان پويون ڀيرو آهيان.
پورو ٿيڻو آهه بکيڙو،
جنم جنم جو تنهنجو جهيڙو،
اٿ! اٿ! ترڇا تير اماڻيون،
پويون موت ڪرڻ جو آڻيون!
ڪوبه نه ڪر تون اونو ارجن!
آءٌ مران ماريان ٿو ارجن!
ڌنش ڌڪاريو تو ڇو ارجن؟
توکي ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو ارجن؟
اڄ زندان جي تنهائيءَ ۾،
مان ڳولي تڙڪا تارن جا،
سي دولهه بيٺو دور ڏسان،
جن دنگ ڀڳا ديوارن جا.
هن ات اڃايل ڌرتيءَ جا،
جن چپ چميا درياهن جان،
ٿي ڄڻ ته لهوءَ جا لال لڳهه،
جن وس ڪئي ويساهن جان.
پو زنجيرن جي کڙ کڙ تي،
مان پنهنجا پير نچايان ٿو،
۽ بيوس بندي خاني ۾،
ڪو گيت نئون مان ڳايان ٿو.
’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،
’اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،
’ڪجهه آهن منهنجون رت ڦڙيون،
’جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.
’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،
’جي آءٌ اجهامان اؤجهڙ ۾!
’مون گيت چيا پر شاعر جئن،
’مون عمر نه گهاري بڙ بڙ ۾.
’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،
’مون جو ڀي گيت چيو آهي،
’تنهن آزاديءَ جي رستي تي،
’هڪ لنبو ڪيو آهي.‘
ڪلهه ڇا نه ڪجاوا چمڪيا ها!
۽ ڏينهن تتي ۾ واريءَ تي،
ڇا جهاٻا جهوڙا جهمڪيا ها!
هو ڇم ڇم گهنگهرو گوڏن تي!
ڇا جهانءِ هئي جهونجهارن ۾!
ڪلهه تڙڪا تڙڪا توڏن تي!
هر وک تکيري تک ڏئي،
ڪيڏانهن نظر مان ترڪي ويا؟
ڪيڏانهن ويا هو ڏک ڏئي؟
اڄ واٽن تي واجهائن ٿا،
۽ سڃ سياپا واريءَ جا،
ٻين ڪرهن لاءِ ڪنائن ٿا!
ڪجهه ساٺيڪي مان ڪوس ڀريان!
ٻيا اوٺي ايندا اڃ کڻي،
ڪئن چئجي، ڪهڙي وقت، پريان!
اي ڌرتي! تنهنجا ڌاڃ ڌڻي،
هئن ڪيسين ڪاڻيارا رهندا،
۽ ڀنڊارن مان بُک کڻي،
هو ڪيسين دک پيا سهندا؟
انڌير نگر جي در در تي،
انياءُ تراڙو توري ٿو،
ٿي آزاديءَ جي وٿ ملي،
جي گهر تڙ ڪوئي گهوري ٿو!
هن مرڪ مهانگيءَ دنيا ۾،
مان ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان!
هن ڏاڍ ڏمر جي ويلا ۾،
مان ڪنهن کي ڪنهن کي ڏڍ ڏيان!
اڄ بات ٿئي ٿي گوليءَ سان،
مون عمر وڃائي ٻوليءَ ۾!
مان ڪهڙي منهن سان گيت وجهان
اي ديس! دکن جي جهوليءَ ۾؟
اڄ گيت اجايا ڀاسن ٿا،
اڄ مان به ملان ٿو ميڙي ۾،
ڇا پيارا نعرا گونجن ٿا!
جهونجهار وڌن ٿا جهيڙي ۾!
ڌاڃ: ان رگ ويد ۾ اَن لاءِ ”ڌانيه“ لفظ ڪم آندل
آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري ڌاڃ ٿيو آهي. لس
ٻيلي جي رزمي لوڪ شاعريءَ جي هڪ سٽ آهي:
”جي نه هئي نور دين، ته ڌرتي ڌاڃ ئي نه ڪري.“
سچ اها تارازي آهي،
جنهن ۾ هر ڪو ائن سمجهي ٿو
هن جو ئي پڙ ڀاري آهي.
نيائي ۽ انيائي ٻيئي
پنهنجي ليکي سچ چون ٿا،
شايد آهن سچ گهڻيئي!
ڪئن به هجي، پر مان ڀانيان ٿو
هي هڪ سچ ازل کان آهي،
۽ مان تنهن کي اپنايان ٿو:
هر ڪو پنهنجيءَ مانيءَ ڪارڻ،
پنهنجيءَ پياريءَ ڌرتيءَ ڪارڻ،
۽ پنهنجيءَ آزاديءَ ڪارڻ،
جڳ جڳ کان وڙهندو آيو آ،
۽ هيءَ ويڙهه سجائي آهي،
جنهن جندڙيءَ کي جرڪايو آ
۽ هيءَ ويڙهه سدائين هلندي،
جيسين سج اڀرندو رهندو،
ها، ها تيسين تائين هلندي. . .
جيسين مائون ٻار ڄڻينديون،
جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون،
جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون.
جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو،
مون ائن سمجهيو.
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.
اي دنيا ڀر جا محڪومو!
اي مظلومو!
جي محڪوميءَ مان ڪوبه ڇٽو،
مون ائن سمجهيو.
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.
ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،
جي هٿ لڏيا،
ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گهٽو،
مون ائن سمجهيو
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي. |