آڱريون جاڳو، تڙڦي وڃو تند تي!
جيڪي ساريون، راتڙيون، ڪڍن اوجاڳو،
صبح سڀاڳو، گونجي تن جي گيت سان.
_
اُٿو اِرتيون آڱريون، گهايل پنڇيءَ جان!
لڇي لونءَ منجهان، صدا ڦهلي ساز ۾.
_
اُڀري اچن ساز مان، اکين اوسيڙا،
هن دکياري ديس جي، پراڻي پيڙا،
ڪري اوهيڙا، رتو وسي رات تي!
_
تڙڦي اٿي تار، واڪا ڪري وڄ جان،
جئن ڪي ڪڪر واءُ ۾، تيئن وڇوڙيل يار،
اڀري تن جي سار، صدا بڻجي ساز مان!
_
تڙڦي اُٿي تار مان، سو سارو طوفان،
جنهن ۾ گذريل دؤر آ، ڦاٽل سڙهه سمان،
اڄوڪو انسان، جنهن جا تن تني پيو.
_
تڙڦي اٿي تار مان، سُڀان جو سپنو،
جنهن ۾ ڇپر ڇانوَ ٿي، پيار ڪري پاڇو،
ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو، ساڻي ٿي ساڻيهه ۾.
_ _
وائي
اٿي اوريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
وسو، وسو ماڪ جان گلڙا موريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
سکن سان سنسار جي، تند نه توريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
متان ڏڪڻي ڏاڍ کان، چنگ نه چوريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
انوکي آواز تي، گهر تڙ گهوريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
سڳو ڪوئي سور جو، سدا سوريو ڙي!
جيئڻ به ٽي ڏينهڙا.
چارڻ پنهنجي چنگ کي، سانڍج ساهه جيان!
وسن ڪونه ميان! سدا سانوڻ مينهڙا،
چارڻ، پنهنجي چنگ کي، سانڍج ساهه جيان!
تيسين پوڄ پيان، جيسين صدا ساز ۾.
_
تاس نه ٻجهي تند مان، اڄ ڪي پوڄ پيار،
منهنجو جيءُ جيار، چارڻ پنهنجي چنگ سان!
_
جان چورين تان چورِ، چنگ به ٻه ٽي ڏينهڙا،
سانگو لاهي ساهه جو، چارڻ گهر تڙ گهور،
جر ٿر جهوريءَ جهور، پوئين پهر الاپ سان.
_
رات وڪائون ڏات، ڳڻي جيئڻ ڏينهڙا،
ڪانئر ڪوي ڏيهه جا، لوٺي تن جي لات،
موت نه تنهنجي مات، سوڀ اڳي پوءِ سچ جي.
_
روڳي راڳي ڏيهه جا، ڪوڙهه اندر ڪيئان،
شال نه ڏسان ڏينهن جو، جوٺ چئي جيئان!
وهسي وهه پيئان، ساٿ نڀائي سچ سان.
_
جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، ڪهڙو ڪوڙ چوان!
مرڪي مچ پوان، ساٿ نڀائي سچ سان.
_
لِکڻ ناهه لَکڻ، جي تون ڪوُڙ ڪمائئين،
ٻن پوي وهه گاڏئون، ماکيءَ ميٺ مکڻ!
توڙي پيد پکڻ، ٻول ٻرائي سچ جا.
_
جي تو ڏٺو ڏيهه ۾، انڌو ٿي انياءُ،
منهنجي ليکي تون به آن، اَنيائيءَ جو ڀاءُ،
تنهنجو سهج سڀاءُ، ڏڍ انوکو ڏاڍ جو.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، وايون واچوڙا!
ويا ويا واءُ ۾، جهائين ۽ جهوڙا،
ڪارڻ سان ڪوڙا، ساٺ رچائن ساز جا.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، واڪن تي واڪا،
چڙهندو ويس چوٽيين، ڏاڪن تي ڏاڪا،
لُنءَ لنءَ لياڪا، ڳالهيون تنهنجون ڳائڻا!
_
چارڻ تنهنجي چنگ مان، اڄ جو ٻولَ ٻُريا،
مون سي ڏٺا اوچتو، هو جي ڦيڻ ڦريا،
ڪيڏو ڦٽ ڪُريا، جهوٻا آيا جيءَ ۾!
_
چارڻ تنهنجي چنگ مان، ڏني ڏاهه ڏکنِ،
آنڌيءَ وانگر اُريا، هو جي پاهه بُکنِ،
ڪاني جيئن ڪکن، ڳالهيون تنهنجون ڳائڻا!
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، جهالا جهونجهارن،
هو جي ٻريا ٻول ۾، ٻڌا مون پارن
ڀيڄ ڀنيءَ تارن، وڙهندي ڏٺا ويڙهه ۾.
_
چارڻ تنهنجي چنگ مان، باهه لڳائي بيت،
ڪنڌ، ڪهاڙيون، کيت، ڇا چڻڪو چت ۾!
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، آرڻ جا اڌما،
ڪوپا، ڪنڌ، ڪٽاريون، راتين جو راڙا،
ٻول ٻريا ڇا ڇا، جاجڪ تنهنجي جيءَ مان!
_
چارڻ تنهنجي چنگ کي، ويڄن جهڙو وس،
واڍوڙن جي واٽ کان، تنهنجن گيتن گس،
جاجڪ توتي جس، ميڙيئه فٽ فراق جا!
_
جي تون ڏڪين ڏاڍ کان، هيئين آڻي هول،
اڳتي اويساهه سان، ٻڌندا چارڻ ٻول،
آءُ ڀلائي ڀول، سڻي سوريءَ سڏڙا!
_
هي جي گل گرنار جا، تن ۾ آگِ سماءِ،
هڪڙي سر مان ڇا وري، در در سين لڳاءِ!
اهڙو رنگ رچاءِ، ڏيهه سڄو ئي ڏانُ ڏئي.
_
چمڪيو واڄي وڄ سان، ساري رات رتول،
وسيو سانوڻ مينهن جئن، ٻارڻ ٻاري ٻول،
آگ هئي انمول، گهر گهر گهوريو جندڙو.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، لوئڙيارن لڙڪ،
تون ئي تن مي کڙڪ، ڳجها ڳوڙها ڏيهه جا.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، لويون ليڙون ليڙ،
چاڪ سڀن جي چت جا، سڀني چڳن چيڙ،
پيڙهيءَ پيڙهيءَ پيڙ، ٻُري تنهنجي ٻول ۾.
_
چارڻ تنهنجي چنگ مان، گهورن گهائل گهوٽ،
هو جي واريا ديس تي، مڙس الا اڻموٽ،
ڪيري ويا ڪوٽ، سورهيه سر جي سٽ سان.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، پيڙهين جا پڙلاوَ،
هن دکياري ديس جا، گهرا گوندر گهاوَ،
سارا تتيءَ تاوَ، سارا پيرن پرڪڻا.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، صدين جا سڏڪا،
آڌيءَ جا اڊڪا، ننڊ نهوڙيل راتڙيون.
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، اوندهه ۾ آهون،
هن دکياري ديس تي، ڪاهن تي ڪاهون،
درديليون دانهون، روز لتاڙيل لوءِ جون.
_
چارڻ تنهنجي چنگ مان، چيهه ڪيا چمڪا،
سدا سانوڻ مينهن جئن، وسين ويروتار،
پوءِ به تو لئه يار، اُڃ اسان جي ايتري!
_
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، وارياسي تي وڻ،
بينون سانوڻ بوند ۾، هيٺ ڌنارن ڌڻ،
ڳائيندي تون ڳڻ، ڇا ڇا ڳڻي ڳائڻا!
_
تنهنجيءَ تند تنبيريا! ماريو آهي مون،
جئن ٿو ڳائين تون، ڪئن ٻيو ڳائي سنڌ کي!
_
تنهنجو موت نه موت، جي تون سُرَ لاِءِ سِرُ ڏئين،
فاني ٿئي ٿو فوت، تون ته امر آن راڳيا!
_
ڪيڏي ڪاري ٻاٽ، ڍول! لٿي آ ڍٽ تي،
نه ڪو تارا اڀ ۾، نه ڪا ڏيئي لاٽ،
او شل جرڪي جاٽ، چارڻ تنهنجي چنگ سان!
_
ڏيهي! سچ سڪار، اڄ جو ويو ڏيهه مان،
ڪلهي ڪونهي ڪينرو، پيو ڏات، ڏڪار،
ڪوري ڪير ڪپار، ملهه مهانگو ماڻهپو!
_
چارڻ چڪين ماڳ، چنگ نه چڪي شال!
ڀورا تنهنجا ڀال، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏيهه سان!
_ _
آءٌ اِئين اسٿر، جئن هو تارو اڀ ۾
آءٌ ائين اسٿر، جئن هو تارو اڀ ۾،
تو در پهتس ديسڙا، گهوري پنهنجو گهر،
تون ڀيڻي، تون ڀر، هانءُ نه منهنجو هيکلو.
_
تون جو ڏيهه ڏري وئين، ڏسي ڏکيو پنڌ،
آءٌ هلان ٿو هيکو، ڪوري پنهنجو ڪنڌ،
هيءُ نه منهنجو هنڌ، ڀل ته مران مان ماڳ ۾!
_
ساٿي منهنجا سک جا، ڇڻندڙ پپل پن،
ڏوران ڏسن ڏک ۾، مور نه آڻن من،
مان ئي تسا تن، مان ئي پنهنجو پنڌڙو.
_
ٻيهر آءٌ اڪيلڙو، ۽ اونچي ديوار!
ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،
هينئان مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو!
_
آءٌ اڪيلو، اُڀ کان اوچي آ ديوار،
اڀري منهنجا گيت تون، شايد پهچين پار،
ها، پر پو به پڪار، متان ڏاڍ ڏري پوي!
_
کڄي منجهان کڏ، ور ور ڪريس کڏ ۾،
ڇا تو ڀانيان رڪ جا، منهنجا ڀڳل هڏ؟
ڪيسين رڳو سڏ، وراڻيندس واهرو؟
_
ڌرتي! مون کي ڌير ڏي، منهنجي ڀيڻ نه ڀاءُ،
ٽڪر ٽاڪي ڪيترا، موٽيو آهيان ماءُ!
پٿر ۾ پڙلاءُ، ڪهه ڄاڻان ڪيسين رهي!
_
مٿو مٽيءَ مٿ، مينڍا رتل رت سان،
ڌرتي! مون کي ڇا مليو، پئي ڪينر پٿ؟
تون ئي ڪاٿو ڪٿ، ڏنڀ مليا جي ڏيهه جا!
_
تيڏو ڳورو ڳٽ هو، جيڏو اوچو ڳاٽ،
آيس آءٌ اچاٽ، موٽي توڏي مائڙي!
_
چڪن پيا چنگ مان، ڌرتي! منهنجا چاڪ،
مرون رت پياڪ، ڪڏهن ويندا ڏيهه مان؟
_
پرجهي، پير سنڀال، دک ڌٻڻ آ وائڙا!
ڀورا! تنهنجي ڀال، ڪيئي ڪارڻ ڏيهه جا!
_
متان ڀائين هيکلو! صديون توسان ساڻ،
رهي رهندو ڪيترو، مدائيءَ جو ماڻ؟
پائي پنهنجو پاڻ، آءُ امرتا اوڏڙو!
_
پيڙا ۾ پيهي، ڌرتيءَ اُڀَ سمائيين،
ڏک ولوڙيئه ڏاهه ۾، ڏيهي پرڏيهي،
جندڙي تو جيهي، سکن ڪئن سامائبي!
_
ٻيهر توکي جندري، جي ڪنهن مام ملي،
ڇا تون ساڳي پيار جي، ايندين ڪونه ڳلي؟
دک به ديس بلي، سک به ان جي ساٿ سان.
_
ٻيهر توکي جندڙي، ملي جي ڪنهن مان،
توتي ايندا ڪونه ڄڻ، آزاديءَ الزام؟
ڪينر آڇي عام، چڙهندين ساڳيءَ چيئن تي.
_
چارڻ ڀلي چيئن کي چاهي نه چاهي،
ناتو سوري سڏ جو ازل کان آهي،
متان ڪو لاهي، آزاديءَ مان آسرو!
_ _
وک وڇوڙي واڳئين
هي جي کڙيون کوهه تي، ٻانهن پائي کنج،
ڏسي، روئڻ هارڪيون، سنجيل گهوڙن سنج،
هر هر ڇڪي هنج، چمين پنهنجا ٻارڙا،
_
رتو رنيون رات، جهونجهارن جون جوئڙيون،
گهوڙن مٿي گهوٽ ٿا ڪٿي ٻڌن بات!
وهاڻيءَ پرڀات، ويا ڪارڻ ڪوڏيا.
_
هئه هئه وني ون، ڳجها ڳوڙها گهٽ ۾،
سڏ لنوائن ساٿ جا، پر ڪئن ڪونڌر ڪن!
ڇڏي نڪتو ڇن، پهتو آرڻ اوڏڙو.
_
گهٽڪن ڳوڙها گهٽ ۾، اکين آرتي اون،
’مون وٽ گهارين ڇو نه؟ ڇو ٿو ڇڏين ڇانورو؟‘
_
’ڇو ٿو ڇڏين ڇانورو، اڳتي آرهڙ اس،
’گهوڙا اندر گس، مٿان ٽانڊا اڀ جا!‘
_
’مٿان ٽانڊا اڀ جا، تتو رائو، روهه،
’تنهنجا پير رڪاب ۾ مور نه تو ۾ موهه،
’هي منهنجو ئي ڏهه، جو مان ور تنهنجي وني!‘
_
ڳوڙهن آليءَ چڳ کي، هر هر هٽائي،
وني چنبڙي واڳ کي، ٻيهر ٻاڏائي،
پيرن وڌائي، مينديءَ رتا هٿڙا.
_
مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
سڀني ڏنا ويڻ، ويندڙ ويندا ئي رهيا.
_
ڇاتيءَ رکي ڇپ جا ويا ٿي ويندڙ،
ڏوراپا ڏيندڙ، تنهن کي سمجهن ڪينڪي.
_
آرڻ آتي مڙس جي، ڇپ جيان ڇاتي،
هن جي ڳوڙن ڳيت ۾، ڪنهن جهاتي پاتي؟
اڳتي لئه آتي، وک وڇوڙي واڳئين.
_ _
تون ڇا ڄاڻين اوپرا
مارو منهنجيءَ ڀونءِ جا، ڏاڙهيءَ ڀنڀا ڀاڳ،
شال نه تڪي اوپرو، هي جو ڍوڍو ساڳ!
آونگ لاهي آڳ، وچ ورهائن پاٽ ۾.
_
تو نه ڏٺي آ اوپرا، لوئڙيارن لوءِ،
جيسين ڪنڌ نه ڪپجي، ڇڏن جوُءِ نه جوءِ،
ويجهو وڃ م ووءِ، تن ڏي اڊي اک سان!
_
تو نه ڏٺي آ اوپرا، ڪنڌ ڪهاڙي راند،
وڏا وير ملير جا، توڙِي پاندي پاند،
شال هجي هيڪاند، گڏجن جانٺا جيئڙا!
_
تون ڇا ڄاڻين اوپرا، گهوڙن ڳاڙها گهر،
جن نه پرائي پيءُ کان، منجهان آرڻ موٽ،
رکي ڳچيءَ ڳوٽ، ڍاري کيڏن ڍٽ ۾!
_
تون
ڇا ڄاڻين اوپرا، تن جي لوئيءَ لڄ!
هي جي منهنجون ماريون، منهنجيءَ ڌرتيءَ ڌڄ،
ڇڻي پنهنجا ڇڄ، ان اجارن باک ۾.
_
تون ڇا ڄاڻين اوپرا، مور نه منهنجا مٽ!
صديون چمڪي سج کان سرس ڀٽائيءَ ڀٽ!
جهڙي ڪَتيءَ چٽ، تهڙي آرهڙ ڏينهڙين.
_
تون ڇا ڄاڻين اوپرا، ٿر جي ولين ٿڌ!
تنهنجي سوچيل سرڳ کان، منهنجي وستي وڌ،
منهنجيءَ ڪُنيءَ رڌ، جي تون سائون چکئين!
_
تون ڇا ڄاڻين اوپرا، منهنجي ڇپر ڇاٽ،
ساڏ وهين تي صبح جو، مهڪي ٿي جا ماٽ!
هيءَ جا منهنجي جاٽ، تنهن جا ڪارڻ ڪيترا.
_
تون ڇا ڄاڻين اوپرا، ڳنڍيون جي ڳنڍير!
منهنجي ملڪ ملير، ڳجهه پريان جي ڳالهڙي.
_ _
رومڙ ڪئي رات ڦٽيل مرونءَ وانگيان
رومڙ ڪئي را، ڦٽيل مرونءَ وانگيان،
س کي پنهنجي ساهه جي، هر ڪنهن اجهي تات،
پهچي جان پرڀات، چئه ڪو آهي آسرو؟
_
رومڙ ڪئي رات، ماڻهو پکن هيرئان،
تنديءَ ۽ طوفان جي، هر ڪنهن اجهي تات،
مرونءَ ڪيو مات، ساهس ساري ڏيهه جو.
_
هو اوندهه جي اوٽ ۾، سج اُڻي ٿو ڄار،
تيسين سهسائي وڃون، پيون مرونءَ وار،
آف! هي انڌوڪار، اف! هي راڱا رات جا. |