پبلشر جا ٻه اکر
جيئن هر ڳالهه جو وقت ٿئي ٿو، تيئن هر شيءِ جو، هر
ماڻهوءَ جو، ماڻهوءَ جي هر ڪم جو وقت ٿئي ٿو. ائين
ماڻهوءَ جي هر تخليقي شاهڪار جو به پنهنجو پنهنجو
وقت ٿيندو آهي. وقت جنهن ۾ اُهو اُپجي ٿو ۽ وقت
جنهن لاءِ اُهو اُپجي ٿو. پر ڪي ڳالهيون، ڪي شيون
۽ ماڻهن جا ڪي ڪم ائين بنهه وقتائتي هئڻ سان گڏوگڏ
ڪنهن ڏورانهين آئيندي لاءِ به هوندا آهن. شيخ اياز
جي هيءَ شعري تخليق، ”ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“، پڻ ائين
پنهنجي وقت جي تخليق آهي، ۽ اِن جو پنهنجو هڪ دور،
پنهنجو هڪ زمانو آهي، جنهن کي سمجهڻ پهريائين
ضروري آهي، ته جيئن اُن جي سماجي ڪارج ۽ ادبي عظمت
کي سمجهي سگهجي، ۽ اُن کان پوءِ ئي ايندڙ وقت لاءِ
اُن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهيو.
شيخ اياز جي شعر جو هيءُ پنجون مجموعو آهي، جو
پڌرو ٿي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ آيل سندن سڄو شعر
جيل جي اٺن مهينن جي وقت جي تخليق آهي، جڏهن پاڻ
”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ جا قيدي هئا. هيءُ وقت
پاڪستان ۾ ظالم ترين ۽ احمق ترين آمريت جي
عملداريءَ جو وقت هو. هيءُ اُهو دور ۽ نفسا نفسيءَ
وارو زمانو هو، جنهن جو تفصيلي ذڪر نه ڪجي ته چڱو.
عام سياسي افراتفريءَ ۽ مسلم بنگالا ۾ رتوڇاڻ ساري
ملڪ کي لوڏي ڇڏيو هو. اهڙو ماحول، اهڙي فضا، جيل
جي چوديواريءَ اندر مئي
1971ع
کان جنوري
1972ع
جي اٺن مهينن ۾ ”اياز“ هيءُ شعر رچيو.
سنڌي ادب جي دنيا لاءِ هيءَ هڪ خوشيءَ جي ڳالهه
چئي سگهجي ٿي، جو شاعر پنهنجي هن تخليق جي مهاڳ
لاءِ پنهنجي اُنهيءَ جيل جي وقت جي نوٽبڪ جا ڪي
ورق اسان کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن. اُهي اسين هن
ڪتاب جي پهرين
56
صفحن تي پيش ڪري رهيا آهيون انهن ۾ ڪي خيال ۽ تاثر
خود شاعر جا پنهنجا آهن (جيڪي ڊبل واڪ جي نشانين ۾
ڏنا ويا آهن)، ۽ ڪي سندس مطالعي ۾ آيل ڪتابن مان
ورتل يا ياد ٿيل آهن (_اُهي سنگل واڪ جي نشانين ۾
آندل آهن)، جيڪي هُن پنهنجي نوٽبڪ ۾ اُن وقت جي
حالتن ڏانهن پنهنجي داخلي ردعمل طور درج ڪيا آهن.
شاعر جي نوٽبڪ جا هي ورق اسان کي سندس من جي دنيا
۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ڏين ٿا. سندس من جي اُها
دنيا، جيڪا سندس هن تخليقي شاهڪار جي سِرجڻ ۽
تخليق ٿيڻ جي وقت جي دنيا هئي. شاعر جي نوٽبڪ جا
هي ورق نثر ۾ آهن، پر جيڪڏهن ڪو نثر پنهنجي ادبي
لطافت ۽ حسن آفرينيءَ ۾ شعر جي اوچاين کي ڇُهي
سگهي ٿو، ته هيءُ اُهو نثر آهي. ”اياز“ جي هن عظيم
شعري تخليق جي تعارف لاءِ اسان کي سندس نوٽبڪ جي
هنن ورقن کان بهتر ٻيو ڪو مهاڳ سوچ ۾ اچي نه
سگهيو. اسان کي اميد آهي ته محب وطن سنڌي اديب ۽
ادب شناس پڙهندڙ شاعر جي هن پنهنجي تعارفي مهاڳ کي
غور سان پڙهندا، ۽ ان جو مطالعو کين سندس هن املهه
شعري تخليق کي سمجهڻ ۽ ان جي تور تڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪري
سگهندو.
”اياز“ جي شعر جو چوٿون مجموعو، ”وڄون وسڻ آئيون“،
1973ع
۾ شايع ٿيو هو. اُن جي مهاڳ ۾ چيو ويو هو ته سندن
شعر جو نئون مجموعو، يعني هيءَ ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن
ڪري“، پريس ۾ موڪليو پيو وڃي. ارادو ته اهو ئي هو،
پر سنڌي ادب جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي، جو ان کي ڪو اهڙو
ڊگهيءَ نگاهه وارو ۽ حوصلي مند پبلشر ملي سگهي! ڪن
ٻن چئن ته ان کي ڇپائڻ لاءِ هام پڻ هنئي، پر واري
وٽيءَ تي مسودو کڻي، رکي رکي، وري وري موٽائي ڏنو.
کنيو انهيءَ لاءِ هئائون ته ڇپائينداسون، نالو
ٿيندو ۽ نفعو پڻ حاصل ٿيندو. پر سمجهجي ائين ٿو ته
مسودي جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ کين اُن جي ڇپائڻ جي
همت ڪانه ٿي سگهي. مسودي جي اهڙيءَ اوٽ موٽ ۾ پورا
ٻه سال ضايع ٿي ويا.
نيٺ هيءُ فرض ”سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ“
پاڻ تي هموار ڪيو، ۽ ائين سوسائٽي جي پهرينءَ
اشاعت طور هيءَ سنڌي ادب جي انقلاب آفرين پيشڪش
اوهان تائين پهچي رهي آهي.
جيئن ڪتاب جي فهرست ۾ ڏسندا، هيءُ مجموعو ٽن مکيه
ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:
(1)
بيت،
(2)
وايون، ۽
(3)
گيت، غزل ۽ نظم گڏ هڪ ڀاڱي ۾. بيتن ۾ پهريائين
يارنهن موضوع سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪلاسيڪي
عنوانن جا آهن. سورٺ، نوري، سسئي، سهڻي، ليلا،
مومل، موکي، مارئي، گهاتو، ڪيڏارو ۽ ڪاپائتي.
”اياز“ هنن ڪلاسيڪي موضوعن کي تصوف جي ڄاتل سڃاتل
رنگ ۽ رمز کان الڳ ڪري، جدا جدا، نئين فڪري روپ ۽
انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ”ساميءَ جي نالي
نوان سلوڪ“ پڻ، صدين کان ذهن تي ڇانيل مذهبي سوچ
جي عيوض، اسان کي فڪر جي نئينءَ ۽ بي خوف دنيا سان
روشناس ڪن ٿا. اُن کان پوءِ متفرقا بيت پيش ڪيل
آهن، جي پنهنجن الڳ الڳ عنوانن سان پڙهندڙن لاءِ
پنهنجي پنهنجي اهميت رکي سگهن ٿا. ان کان سواءِ هن
مجموعي ۾
29
وايون (ص، ص
312-295)،
۽ چار گيت، هڪ غزل ۽
12
نظم (ص. ص.
334-313)
آندل آهن، جن مان هر هڪ شيءِ، پنهنجيءَ جاءِ تي،
ادب ۽ فن جي پارکن وٽ املهه تحفو شمار ٿي سگهي ٿي.
”اياز“ جي هن نئين شعري مجموعي کي پيش ڪندي، جتي
اسان کي بيحد خوشي ۽ فخر ٿئي ٿو، اتي اُن جي اشاعت
کي اُن جي شان مطابق پيش نه ڪري سگهڻ تي اسان کي
گهڻو ڏک به ٿئي ٿو. نه اُن جو پنو سٺو آهي، نه ان
جي ڇپائي ايتري چڱي آهي، ۽ نه ان جو ٻاهريون گيٽ
اپ ۽ جلد ئي ايترو اوچو بنائي سگهيا آهيون. تنهن
هوندي به ڇهه رپيا في ڪاپي ان تي اسان جو خرچ اچي
چڪوآهي. ڪتابن وڪڻڻ وارا چاليهه سيڪڙي ڪميشن کان
گهٽ ڳالهه ڪانه ٿا ٻڌن. هڪ هزار ڪاپيون ڇاپرايون
اٿئون، ۽ ڏهه رپيا في ڪاپيءَ جي وڪري سان اسان کي
نفعو پائي به پلئه پوڻو ڪونهي. رڳو ملهائتو خرچ
نڪري اچي، ته به گهڻو ڪجهه ٿيو.
نئين سنڌي ادب جي اشاعت لاءِ، ۽ ڪسمپرسيءَ جي دنيا
۾ رهندڙ سنڌي اديبن جي قدرشناسيءَ ۽ همت افزائيءَ
لاءِ، املاڪ ۽ اختيار جا صاحب ڪجهه به ڪرڻ لاءِ
تيار نه آهن. چون ٿا ته پاڪستان آزاد آهي ۽ عوامي
جمهوري حڪومت اٿس. صوبي جي خيال کان سنڌ به چون ٿا
ته خودمختيار آهي ۽ ان جي حڪومت به اسان جي پنهنجي
آهي. پر سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن لاءِ ڪجهه به ڪين
ٿو ٿئي. ان سلسلي ۾ گهڻوڪجهه ٿيڻ گهرجي ۽ گهڻو
ڪجهه ٿي سگهي ٿو. پر ’ڪيئن ۽ ڪڏهن‘ جو مسئلو آهي،
جو ڪنهن کان حل ڪونه ٿو ٿئي، يعني ڪنهن کي توفيق
ڪانه ٿي ٿئي، جو ان پاسي ڪو پورو ڌيان ڏئي.
بهرحال، محب وطن سنڌي اديب ۽ دانشور، ملڪ جي املاڪ
۽ اختيار جي صاحبن جي هن مجرمانه غير ذميداريءَ ۽
بي قدريءَ جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجن محدود وسيلن
آهر، نه رڳو پنهجي قلم جي پورهئي ۾ مصروف آهن، پر
ان پنهنجي نور نچوڙيل پورهئي جي اشاعت به پاڻ ڪندا
رهن ٿا. سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ طرفان،
سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي هن عظيم تخليق جي
هيءَ اشاعت به ان سلسلي جو هڪ قدم آهي. اسان کي
يقين آهي ته اسان جا مهربان اديب ۽ شاعر ۽ اسان جا
ادب شناس ۽ ادب نواز دوست ۽ عام پڙهندڙ هن اسان جي
ڪوشش جو قدر ڪندا.
ڪراچي
_
ع. ق. شيخ
10
فيبروري
1975ع
سيڪريٽري،
سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو
سوسائٽي، لميٽيڊ،
حيدرآباد.
شاعر جي نوٽبڪ تان
(سينٽرل جيل، سکر: مئي،
1971ع
_ جنوري،
1972ع)
”ڪالهه
’ڊفينس آف پاڪستان رولز‘ هيٺ ٻڌي آيا ۽ ڇهن مهينن
لاءِ ’سي ڪلاس‘ ۾ نظربند رکيائون. مون کي
گرفتاريءَ جي ته پڪ هئي، رڳو ڪجهه وقت ان جو
انتظار ڪرايائون. ڪجهه ڏينهن اڳ سکر بار اوڀر
پاڪستان ۾ ڪيل فوجي ڪارروائيءَ جي حمايت ۾ ٺهراءُ
بحال ڪرڻ لاءِ بار جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي. مان بار
جو صدر هيس پر مون ان ميٽنگ تي صدارت ڪرڻ کان
نابري واري. ٽئين ڏينهن تي ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي
هفتيوار ۾ هڪ خط شايع ٿيو ته مون فوج جي حمايت ۾
ڪوٺايل بار جي ميٽنگ تي صدارت ڪرڻ کان انڪار ڪيو
آهي ۽ ان ڪري مون تي جوڳي ڪارروائي ڪئي وڃي. ساڳئي
ڏينهن تي مرڪزي حڪومت جي. ايم. سيد کي پنهنجي گهر
۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند رکيو. مون سمجهيو ته
هٿڪڙيون اِجهي آيون.
”ڪالهه سيشن ڪورٽ کي پوليس چوڌاري گهيرو ڪيو ۽
جيئن ئي مان عدالت کان ٻاهر نڪتس، مون کي گرفتار
ڪيائون. مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان ته
مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايتريءَ پوليس جي ڪهڙي
ضرورت هئي! هي ڪانئر سچ کان ڪيڏو نه ڊڄن ٿا!
”گرفتاريءَ کان پوءِ ڊي ايس پي مون کي ساڳئي ڊپٽي
ڪمشنر وٽ وٺي آيو، جنهن ٻوليءَ وارن فسادن وقت مون
تي خوني حملو ڪرايو هو پر مان اتفاق سان بچي ويو
هوس. هُن مون کي جيل ۾ ’سي ڪلاس‘ ڏنو. هو ڪنڌ
جهڪائي آرڊر لکي رهيو هو ۽ منهنجين اکين ۾ اُهي
ڪاريهر ڏسي نه سگهيو، جن جي وههُ تي منهنجي شاعري
پلي آهي. هو انهيءَ ڪامڻيءَ وِش ڪنيا کان ڏاڍو
ڇرڪن ٿا، ڇو ته هو هاڻي ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته ان جو
وههُ ڪنهن کي وهاٽڻ لاءِ آهي.
”ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس مان ٻاهر نڪري، ڊي ايس پيءَ
مون کي صلاح ڏني ته مان گهران بسترو گهرائي وٺان.
مون پنهنجي ڪار جي ڊرائيور کي گهر موڪليو ته هو
بسترو کڻي اچي پر ڪنهن کي به اهو نه ٻڌائي ته مان
ڪيڏانهن ٿو وڃان. ٿوريءَ دير ۾ هو ڪار تي بسترو
کڻي موٽي آيو. منهنجو پٽ به هن سان گڏجي آيو، جو
ڏاڍو هيسيل ٿي نظر آيو. مون مُرڪي هن کي چيو،
’ابا، جيئي سنڌ!‘ هن ورديءَ ۾ ڊي ايس پيءَ ڏانهن
ڏسي، گهٽيل نڙيءَ سان جواب ڏنو ’جيئي سنڌ‘. مون هن
کي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته هو موٽي گهر وڃي ۽ ٻين
ڀاتين کي آٿت ڏئي، جنهن تي هن مون کي مايوسيءَ سان
چيو ته ’امان کي ڇا چوان؟‘ مان ٽٻيءَ ۾ اچي ويس ۽
سوچيم ته هو ماءُ کي ڇا چوي. نيٺ مون هن کي چيو،
’ماءُ کي چئجانءِ ته بابا به ته سنڌ آهي. سنڌ کي
ڪوئي ماري نٿو سگهي‘.“
”اوڀر پاڪستان کي ماري مڃايو وڃي يا اوڀر پاڪستان
يحيٰ خان کي ماري مڃائي الڳ ٿي وڃي، ٻنهي صورتن ۾
پاڪستان تي فسطائي نظام مسلط ٿيڻو آهي. انهيءَ
فسطائيت جا سياسي ۽ اقتصادي سبب ساڳيا ته نه
هوندا، جي نازيءَ جرمنيءَ جي فسطائي فلسفي جو
بنياد هئا، پر انهيءَ فلسفي جي آڙ وٺي، پاڪستان ۾
گهُٽ ٻُوساٽ ۽ وٺ پڪڙ ائين ڪئي ويندي، جيئن نازي
جرمنيءَ ۾ ٿي هئي. جرمنيءَ ۾ ڪيئي سائنسدان،
دانشور، تاريخ نويس، اديب ۽ آرٽسٽ ماريا ويا هئا ۽
ڪيئي ڀڄي وڃي آمريڪا نڪتا هئا. پولنڊ ۾ دانشور
طبقي کي بلڪل ختم ڪيو ويو هو. جرمن يونيورسٽين ۾
نفسيات ۽ معاشيات جا شعبا بلڪل ختم ڪيا ويا هئا،
ڇو ته انهن ۾ ڏنل تعليم نازي فلسفي کي نٿي آئڙي.
ثقافتي زندگيءَ ۾ جتي ڪٿي آمريت پنهنجي زوراوري
ڏيکاري هئي. اٽليءَ ۾ جيتوڻيڪ ڪرؤس
(Croce)
۽ ٻيا فسطائيت جا مخالف دانشور گرفتار نه ڪيا ويا
هئا، تڏهن به ڀَوَ ۽ ڏر جي ڪري، ان دؤر ۾ اٽليءَ ۾
ڪوبه اهميت وارو ناول نه لکيو ويو هو ۽ نه وري
ڪائي اهميت واري فلم ٺهي هئي يا موسيقيءَ يا ٻئي
ڪنهن فن ۾ ڪائي عظيم تخليق ڪئي ويئي هئي.
”فسطائي آمريت شاعريءَ لاءِ زهر آهي. هن وقت تائين
آمرن مون کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر
مان هنن سان ڦٽ کائيندو رهيو آهيان. پر اڳتي شايد
اها وٿي به نه ملي. ممڪن آهي ته زندگي به وٿي نه
ڏئي ۽ مان جيل ۾ ئي مري وڃان يا ماريو وڃان. ان
ڪري جيتري به زندگيءَ جي مهلت آهي، ۽ ان ۾ مون کي
جو ڪجهه لکڻو آهي، لکي وٺان. ناظم حڪمت ترڪيءَ ۾
نَو سال جيل ۾ رهيو هو، پر هو انهيءَ عرصي ۾ گهڻو
ڪجهه لکي نه سگهيو هو، جيتوڻيڪ هن جو ڪجهه به
لکيو، اُهو اڄ انسان ذات جو امر ورثو آهي. مون کي
گهڻو ڪجهه لکڻو آهي؛ سچ ته مون اڃا ڪجهه لکيو ئي
ڪٿي آهي!“
”اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ٿي رهيو آهي، ريڊيو ۽
اخبارون چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ بڪي رهيون آهن، ۽ اولهه
پاڪستان ۾ اهڙا ڏهه ڄڻا به نه آهن، جي وڏي واڪ سچ
چئي سگهن.
1965ع
واريءَ جنگ وقت به مان جيل ۾ هوس. آيو ويو منهنجي
گهر کي پٿر هڻندو هو ته هي غدار جو گهر آهي.
منهنجا ٻار گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا ۽
اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائون. هاڻي ائين ته ڪونه
ٿيندو. نئين سنڌ فتويٰ ڏيئي چڪي آهي ته غدار ڪير
آهن. پر هيڏي انڌير ۾ منهنجا ساٿي هيسجي ويا
هوندا، ۽ سنڌي عوام ته ويسوڙو آهي. ڇا، مان پنهنجا
سارا دک درد پاسي رکي، لکي سگهندس! آخر منهنجي ٻي
نجات ئي ڪهڙي آهي؟“
”چڱو، جو بئرڪ ۾ اڪيلو رکيو اٿائون. مان ڀانيان
ٿو ته ڪجهه لکي پڙهي سگهندس.“
”ڏينهن ڏاڍا ٿا تپن. بئرڪ کان ٻاهر ڪانوَ جي اک ٿي
نڪري. وارڊ ۾ پوکيل انبن جي وڻن مان ڄڀيون ٿيون
نڪرن، ۽ مٿو تپي باهه ٿيو وڃي. جيل ۾ برف به نٿي
آڻي سگهجي. گهڙي جو پاڻي ڪاڙهي وانگر ٿو لڳي. ها،
پر وان گوگ
(Von Gogh)
وانگر گرمي منهنجي فن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي.
جنهن کي منهنجيءَ شاعريءَ جي تخليقي ڪيفيت کي
سمجهڻو هجي، اُن لاءِ وان گوگ جي مصوريءَ جو اڀياس
ضروري آهي.“
”اي ڏات! تون هڪ عظيم قوت آهين. تون هي ديوارون
ڊاهي سگهين ٿي، هي اوچا ڪوٽ ڪيري سگهين ٿي. مون کي
هن قيد مان آزاد ڪر، ته جيئن مان ايتريءَ محويت
سان لکي سگهان، جيتريءَ سان جيل کان ٻاهر به لکي
نه سگهندو آهيان. سارا سنساري ٻنڌڻ ڇني ڇڏ. سارا
دک درد هٽاءِ ۽ڀرپور آواز سان ڳاءِ، متان هيءَ
جندڙي گيت جي پورنتا کان اڳ پوري نٿي وڃي. جهڪي
آءُ اي آڪاس ۽ مون کي هن پيڙا مان ڪڍي، پنهنجي گود
۾ کڻي وٺ! اي سنڌو، مون کي پاڻ وانگر اَجيت بڻاءِ!
اي ڌرتي، اي جڳت جنني، مون کي منهنجي مڪتي ڏي!
آءُ! آءُ! هيءَ منهنجي پوئين پڪار آهي، ان کي آواز
ڏي، سگهه ڏي، سُتنترتا ڏي، ته جيئن مان ثابت ڪري
ڏيکاريان ته ماڻهوءَ جو من ڪوٽن ۾ قابو رهي به
پنهنجي آجڪائي پائي ٿو سگهي.“
”هيءَ سنڌ سدائين رهندي. اُن تي سج اُڀرندو ۽
لهندو رهندو. رڳو مون جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون
سان مري وڃڻو آهي. مان ان مشاهدي کي پنهنجي ’آءٌ‘
مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان، ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر
ڪري، پنهنجيءَ جنتڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو
چاهيان. مون اُن ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن،
پن جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏنا آهن، ۽ اُن
جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا به سٺا آهن،
منهنجن اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽
ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن؛ مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون
ورن ٿيون ته ڪيئن ’ڌمامين ڌڌڪار‘ ٿئي ٿو، ٿر جا
ٿوهر ڦُلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن
اڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال
لوئيُن واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن، ۽ ان جا
ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪلهن تي گنن ڳاڙهيون
ڪهاڙيون هونديون آهن ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه
ٻڌندا آهن، جيستائين پَلئُه نه ڪندا آهن. مون
ڏٺيون آهن اُهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون
۽شهپر مڇون، جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون
ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن گهرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل ۽
ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل، نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽
اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ، ۽ اهو سارو
ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چِڪي رهيو آهي. مون
سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن، ۽ ان جي مستقبل
ڏانهن اُڏاڻو آهيان؛ ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون
اُڻيا آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا سنهرا
سپنا.
”ڇا، مان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي شعر ۾ آڻي ٿو سگهان؟
ڇا مان شعلي کي مشعل مان جهٽي، ان کي ابدي بڻائي
ٿو سگهان؟ زندگي ڪيتري نه مختصر آهي!“
”مون هميشھ سوچيو آهي ته ڇا شاعر سماج سان ذميدار
آهي؟ مون شاعر جي ذميداريءَ کان ڪڏهن انڪار نه ڪيو
آهي، پر هن جي ذميداري نهايت وسيع آهي. هن جي
ذميداري انسان ذات سان آهي ۽ نه ڪنهن خاص سماج
سان، ۽ جي ڪوئي سماج انسانيت جو ويري آهي ته شاعر
اُن جو واهرو ٿي نٿو سگهي. ڪنهن به سياڻي سمجهوءَ
جي پاڳل خاني سان ڪهڙي ذميداري ٿي سگهي ٿي؟ ڇا، هو
پاڳل خاني جي نيم انوسار هلي؟ جي چريا رنڀڻ لڳن،
ته هو به گلو ڦاڙي رنڀن؟ ڇا هو ڪوُڙ جي هر ڪئگري ۽
ڪلس تي سونو پاڻي چاڙهيندو رهي، ۽ ان جي بي معنيٰ
مانڊاڻ کي ڊاهي ڍير نه ڪري؟ جي ڪنهن به سماج سان
ذميداريءَ جو نتيجو انسانيت سان بي ذميداري آهي،
ته هر عظيم شاعر لاءِ انهيءَ سماجي سان بغاوت ڪرڻ
کان سواءِ ڪوئي چارو نه آهي.“
”مان سياسي جانور نه آهيان پر پوءِ به تاريخ مون
کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. سرمد
به سياسي ماڻهو نه هيو، پر پوءِ به هو تاريخ جي
طوفان ۾ ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو
ويو. مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪوئي
دارا شڪوه آهي، ۽ ها، ڪوئي اورنگزيب به منهنجي آڏو
آهي. مان اربند وگهوش نه آهيان، ته پُٺ تي موٽي
سگهان. مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي
سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي. هاڻي پٺ تي موٽ جو
سوال ئي نٿو اٿي. پر ڇا منهنجي تقدير ائين ٿيڻ نه
گهربي هئي؟ هيءَ شاعري انهيءَ پيڙا جو پڙلاءُ ئي
ته آهي، جا سياست مون کي ڏني آهي! جي مان سياست ۾
ڇڪجي نه وڃان ها ۽ پنهنجي قول ۽ عمل سان پنهنجي
ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها، ته
منهنجيءَ شاعريءَ کي اها جِلا ڪٿان ملي ها، جا ٻول
کي امرتا ڏيندي آهي!“
”شيخ مجيب هن وقت ڪٿي هوندو؟ هي پهاڙ جهڙو وقت
ڪيئن ڪاٽيندو هوندو؟ هن سان منهنجي پهرين ملاقات
ڪهڙي نه پياري هئي! هو سنڌ متحده محاذ جي دعوت تي
ڪراچيءَ آيو هو. سائين جي. ايم. سيد هن سان منهنجو
تعارف ڪرائيندي، هن کي چيو، ’سنڌ جي شاعر سان
ملو!‘ هن مون کي ڀاڪر پائي، سائينءَ کي چيو، ’هي
شيخ اياز آهي نه؟ مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، هي
اسان جي نذرل وانگر آهي.‘ مون مرڪندي هن کي چيو،
’شيخ صاحب! مون ۽ نذرل ۾ هڪ فرق آهي، هو اڃا تائين
مون کي ڊاهي نه سگهيا آهن.‘ شيخ مجيب ٽهڪ ڏيئي
چيو، ’هائو ڀائو! تنهنجون رڳون وڌيڪ مضبوط ٿيون
لڳن.‘
”اڄ مان سوچي رهيو آهيان ته ڇا سچ پچ منهنجون رڳون
نذرل کان وڌيڪ مضبوط آهن؟ ڪنهن مظلوم جي بدن تي
لهو ته ڇا، مان هن جي اک ۾ ڳوڙهو به ڏسي نه سگهندو
آهيان. هيڏي انڌير ۾ ممڪن آهي ته ڪنهن وقت مان به
نذرل وانگر ڊهي پوان!“
”جي ايم سيد سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪوئي
ٻار ڪنهن جيئريءَ ڪوسيءَ ڪُکِ سان ڪندو آهي. هن
لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه
آهي پر اُهي ڏاڏا پڙڏاڏا به آهي جي ڪڏهن به مئا نه
هئا ۽ جي هر عيد نماز تي هُن سان ڪٺا هوندا آهن.“
”مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي
وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اڌو گابرو
ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيءَ ماکيءَ کان
مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ
وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڙي هڻي ويندو آهي
تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. مون ان
ڇانوَ ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان
ان وقت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بڙ
مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي
ڏسندا.“
”نهروءَ گانڌيءَ لاءِ چيو هو، ’منهنجو پوڙهي سان
پيار ته ڏاڍو هو پر مان هُن کي ڪڏهن به سمجهي نه
سگهيو هوس‘.“
”ويا اُڏامي ڪَکَ، پِڙَ تان پاهَڻُ نه چُري“
(نبي بخش)
”ڀُليو سڀ ڀنڀور، پُٺيءَ هوتَ نه هليو“
(ڀٽائي)
”1968ع
۾ مان ساهيوال جيل ۾ قيد تنهائيءَ ۾ هوس. ڀٽو صاحب
۽ هُن جا ساٿي ڊاڪٽر مبشر، ممتاز ڀٽو ۽ ملڪ اسلم
حيات به ساڳئي جيل ۾ هئا. ڀٽي صاحب جا ساٿي ڇٽِي
ويا ۽ باقي ٻه سياسي قيدي، مان ۽ ڀٽو صاحب، وڃي
رهياسين. اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اونچي ديوار هئي ۽
اسان کي هڪٻئي سان ڳالهائڻ کان منع ٿيل هئي. هڪ
ڏينهن ڀٽي صاحب سنتريءَ جي هٿ مون کي دٻي ۾ بند
ٿيل مڇي، بسڪوٽ ۽ سڪو ميوو موڪليو. مون تحفو وٺي
سوچيو ته ڀٽي صاحب ڏانهن موٽ ۾ ڇا موڪليان. مون
موٽ ته جيل جي ردي راشن کان سواءِ کائڻ پيئڻ جي ٻي
ڪائي شيءِ ڪانه هئي. سو مون جرمنيءَ جي شاعر
’هائني‘ جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب
‘Hiene, the poet in revolt’
سنتريءَ کي ڏيئي چيو ته ’هي ڀٽي صاحب کي ڏجانءِ‘.
سنتريءَ ڪتاب کڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته
’ڪتابن جي ڏي وٺ تي سخت بندش آهي، مون کي ڀَو ٿو
ٿئي ته پڪڙجي نه پوان‘.
”جي ڀٽو صاحب اهو ڪتاب پڙهي ها، ته سمجهي وڃي ها
ته مان هن وقت جيل ۾ ڇو آهيان!“
”ولي خان سان منهنجي پهرين ملاقات ايوب خان جي
زوال کان اڳ سکر ۾ ٿي هئي. مان ان وقت سکر بار جو
صدر هوس ۽ بار ولي خان جي الصحرا هوٽل ۾ دعوت ڪئي
هئي. ان وقت هُن جو بهترين ساٿي محمود الحق قصوري
هن سان گڏ هو. ٻئي ڀيري به ولي خان مون سان سکر ۾
مليو. ان ڏينهن ڏاڍي برسات پيئي هئي ۽ منهنجو بدن
ڪجهه ؤنسل هو، ان ڪري مون پُٽ کي موڪليو ته هو ولي
خان جي جلسي ۾ وڃي موٽي اچي احوال ٻڌائي. هُن موٽي
اچي مون کي چيو، ’ولي خان اوهان لاءِ پڇيو ۽
چيائين ته ”سکر اچي اياز سان نه ملڻ گناهه برابر
آهي“. پوءِ هو اوهان جي آفيس تي هليو پر آفيس بند
هئي. هاڻي هو ڪنهن اوطاق تي رهيل آهي، جتي سکر نعپ
جي صدر هن جي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام ڪيو آهي.‘
مون کي ولي خان جي قرب ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ مان بخار
۾ هوندي به هن ڏانهن ويس. اوطاق ۾ ولي خان سان گڏ
پاڪستان نعپ جو سيڪريٽري جنرل محمود الحق عثماني،
اجمل خٽڪ ۽ ٻيا نعپ جا ڪارڪن ويٺا هئا. ڳالهيون
ڪندي، ولي خان اجمل کي چيو ته ’اهو نظم ٻڌاءِ، جو
تو اياز تي لکيو آهي.‘ اجمل اهو نظم پشتو ۾ ٻڌايو
۽ پوءِ ان جو نثري ترجمو اردوءَ ۾ ٻڌايائين. ان
کان پوءِ ولي خان مون کي چيو ته ’تون ڪوئي نظم
ٻڌاءِ‘. مون هن کي ايوب خان کي مخاطب ڪري چيل نظم
’منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندي
تون‘ ٻڌايو. ۽ پوءِ، هن جي چوڻ تي، هن کي ان نظم
جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ٻڌايو، عثمانيءَ مون کي
منظوم ترجمي تي ڏاڍو داد ڏنو ۽ چيائين ته ’اوهان
اردو ته ڏاڍي چڱي ٿا لکو.‘
”مون جواب ۾ چيو، ’ها. فارسيءَ جي سهاري لکي ٿو
وڃان. پاڪستان ۾ اردو فارسيءَ ۽ عربيءَ جي سهاري
لکي ويندي آهي.‘
”اهو ٻڌي عثمانيءَ جو منهن لهي ويو ته ولي خان
چيو، ’فارسي ۽ عربي به مسلمانن جون ٻوليون آهن.
مان ته چوان ٿو ته تون به سنڌيءَ ۾ فارسيءَ ۽
عربيءَ جا ايترا لفظ ڪم آڻ، جو اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾
فرق ميٽجي وڃي.‘
”مون وائڙو ٿي ولي خان ڏانهن ڏٺو، ’ولي خان تون
به. . . ولي خان تون به. . .‘ مون من ۾ چيو، ’يا
ته تون اڻ ڄاڻ آهين، ۽ هن دور جي هڪ بنيادي حقيقت
کي سمجهي نه سگهيو آهين! مان ته ڀانيان ٿو ته تون
ڪوي جسم الدين کي به ساڳيو ئي مشورو ڏيندين.‘
”اڄ نه ولي خان جيل ۾ آهي ۽ نه هن جو ٻيو ڪوئي
ساٿي. اڄ اهي نعپ وارا اردو اديب، جن سان گڏجي مون
۽ منهنجي هڪ پياري ساٿيءَ سکر ۾ ’آل پاڪستان عوامي
ادبي انجمن‘ ٺاهي هئي، ڪٿي آهن؟ ڇا انهن جي جيءَ
کي جهوٻو نه ٿو اچي؟ يا هو پنهنجي ۽ پنهنجي طبقي
جي مفاد کان مٿي اڀري نه ٿا سگهن! انهن سڀني کي
تاريخ اڳيان جواب ڏيڻو پوندو ۽ تاريخ کي ڪو گهڻو
وقت ٺڳي نه سگهيو آهي“
”هيرا تاريخ ٺاهيندا آهن يا تاريخ هيرا ٺاهيندي
آهي، اهو هڪ ڏکيو سوال آهي؛ باقي غلط هيرا تاريخ
جو ٻيڙو ٻوڙيندا آهن، ان ۾ مون کي ڪوئي شڪ نه آهي.
ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ منهنجو هڪ سنڌي دوست مون
کي عطاءُ الله مينگل جي جاءِ تي گل خان نصير سان
ملڻ لاءِ وٺي هليو. مان جڏهن مينگل جي جاءِ تي
پهتس ته معلوم ٿيو ته گل خان ستو پيو آهي. اتي هڪ
چوٽيءَ جو بلوچ ليڊر ويٺو هو ۽ ٽيهارو مهاجرن سان
گفتگو ڪري رهيو هو. منهنجي دوست اڃا منهنجي سڃاڻپ
مس ڪرائي ته ليڊر صاحب مون کي چيو، ’شيخ صاحب! هي
ڇا جو راجا ڏاهر، راجا ڏاهر ڪيو اٿئي؟‘ مان وائڙو
ٿي ويس ۽ سوال لنوائي هن کان پڇيم، ’گل خان ڪٿي
آهي؟‘
”هن ٺهه پهه چيو، ’گل خان ته ستو پيو آهي، پر تون
راجا ڏاهر راجا ڏاهر ڇو ٿو ڪرين؟‘
”نه ڄاڻ نه سڃاڻ، گهر آئي سان ڳالهائڻ جو عجيب ڍنگ
هو!
”مون کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ مون هن کي چيو، ’مان راجا
ڏاهر، راجا ڏاهر ڪيان ٿو يا نه، اها ڳالهه ته
پنهنجيءَ جاءِ تي، پر گل خان نصير لکيو آهي ته
بلوچ نمرود جي اولاد آهن؛ ڇا راجا ڏاهر نمرود کان
به ويل هو؟
”هو ٿوري دير چپ ٿي ويو ۽ ڌڪ پچائي ٻيو وار
ڪيائين، ’پر تون ته چوين ٿو ته فقط سماٽ سنڌي آهن
۽ ٻروچ سنڌي نه آهن.‘ مون چوڌاري ويٺل ماڻهن ڏانهن
ڏٺو، جي مرڪي رهيا هئا. مون کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي،
پر مون زهر جو ڍڪ ڀري، هن کي جواب ڏنو، ’نه مون
ائين ڪڏهن چيو آهي ۽ نه اها ڳالهه مون توکانسواءِ
ڪنهن کان ٻڌي آهي. تون سنڌي ٻروچن کي سماٽن سان
ويڙهائڻ چاهين ٿو ڇا؟ يا تون اهو تضاد اڀاري
ڪراچيءَ جي مهاجر کي خوش ڪرڻ ٿو چاهين ۽ ڪراچيءَ
کي سنڌ کان جدا ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ جا خواب
ٿو لهين؟ ٻروچ اسان وٽ ذات آهي، قوميت نه آهي.‘
ڪجهه وقت مان ٽٻيءَ ۾ اچي ويس. ايتري ۾ گل خان به
اچي ويو. مان اڃا گل خان سان ڳالهائي رهيو هوس ته
وري ليڊر صاحب فرمايو، ’پر تون مجيب سان ڇو ويو
آهين؟ آخر اسان اولهه پاڪستان جا آهيون، اسان کي
هت ڀٽي سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. مان چوان ٿو
ته تون سنڌ نعپ جو صدر ٿيءُ.‘
”مون سوچيو ته اهو ته ظاهر آهي ته هي ماڻهو ڀٽي
جهڙي تيز ۽ ذهين سياستدان سان ڇا ڳالهائي سگهندو،
پر سچ کي هڪ عجيب قوت ٿيندي آهي ۽ جي هي سچ تي هجي
ها ته شاهد هُن سان ڳالهائي سگهي ٿا. مون وڌيڪ
ترسڻ مناسب نه ڄاتو ۽ گل خان کان موڪلايو. رستي تي
مون پنهنجي دوست کان پڇيو، ’ڪامريڊ! تو ان تي ڪڏهن
سوچيو آهي ته چري ٻانهن ۾ چُوڙو لاهي ڄنگهه ۾ ڇو
وجهندي آهي‘؟“
” ’اي يحيٰ خان! ڪنهن ٻاتي جي پڙهايل طوطي وانگر،
توکي نه سمجهه آهي ته سُر آهي.‘ مان ريڊيو بند ڪري
ڇڏيان ٿو.“
بي عقل کي بانور جي آهي پاکر پيرن سيئن،
عقل جو، اسحاق چوي، تنهن کي ڪانُ لڳندو ڪيئن!
(هڪ سنڌي سگهڙ)
فقط قبر ئي هڪ ڪٻي کي سڌو ڪري سمهاريندي آهي.
(نامعلوم)
”فاشزم جي دور ۾ سرڪاري ٻوليون حرامي اصطلاح پيدا
ڪنديون آهن، جي هر حلالي لفظ کان پنهنجو جائز مقام
کسي وٺندا آهن.“
’تنهنجو وس پڄي ته جيڪر دنيا جون سڀ آرسيون ڀڃي
ڇڏين، جيئن تون انهن ۾ پنهنجو پاڻ ڏسي نه سگهين، ۽
اسان جون اکيون آرسيون آهن ۽ تون انهن کي ناس ڪرڻ
ٿو چاهين، تون اسان جي لؤندڙين ۾ گوليون هڻي، انهن
اکين کي مٽائڻ ٿو چاهين، جن ۾ تون پاڻ کي ڏسي رهيو
آهين، ۽ پاڻ تي اٽل فتويٰ ڏيئي رهيو آهين.‘
(وڪٽر سرگيءَ جي ناول ’ڪامريڊ تليافيف جو ڪيس‘ تان
ورتل)
’اي رات، اسان کي بگهڙ ۽ بگهاڙيءَ کان بچاءِ!
’اسان کي چورن کان اجهو ڏي!
’رات هر شيءِ کي اوندهه ۾ ڍڪيندي، هر شيءِ کي
مٽائيندي اچي ويئي.
’اُف! هوءَ ڪهڙي نه ڪاري آهي!
’اي اوُشا! تون هن کي منهنجي قرض وانگر موکي ڇڏ!‘
(رگ ويد)
’جي تو ۾ ڪوئي فخر آهي ته ان تي خوشي ڪر ته
تباهيءَ جون تاريڪ قوتون بيحساب ۽ بي پناهه آهن،
ڇو ته ان ڪري تنهنجي آدرش کي ڪنهن به اميد کان
سواءِ گهارڻو پوندو ۽ ان ڪري ئي ان ۾ شجاعت نظر
ايندي ۽ تنهنجي روح جو الميو عظيم لڳندو.‘
(هڪ يوناني اديب)
ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي،
ٻاري مچ مجاز جو، اوتيائون اَڱارَ
ڌوڌيا ٿيءُ م ڌارَ، جم ڪچو رڪ ڪڻيون ٿئي!
(ڀٽائي)
اتر کنوي، ڏکڻ کنوي، اور کنوي اڄ’
ڏور ڏهاڳا ڀڄ، مينهن مندائتو آئيو.
(خليفو نبي بخش)
’تاريخ ۾ ڪيئي ڀيرا ماڻهو بچاوَ جي لڙائي وڙهيا
آهن، بيڪار جمهوريت جي بچاوَ لاءِ، ڇو ته فاشزم ان
کان پري آهي.‘
’سر ڏي سچل ساجن ليوين، تل نهين هڪ تاوَڻ دا‘
(سچل سرمست)
’جڏهن مان انهيءَ تي سوچان ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻو
آهي، تڏهن مان هڪ عقاب وانگر هوا ۾ پرواز ڪيان ٿو
۽ مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مون ۾ پوري پهاڙ کي
هٽائڻ جو ٻل موجود آهي.‘
’وقت اها ٿي ويل، دوئيءَ دور ڪرڻ جي‘
(سچل سرمست)
”جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اميد پلي ڇڏي، ان
ڏينهن قيامت ايندي، ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ
ڪوبه ڪارڻ نه رهندو.“
’انسان ذات، پنهنجي هر اونداهي دور ۾، اهڙي ويساهه
کان سواءِ نه رهي آهي، جنهن کانسواءِ ماڻهو تڳي نه
سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي.‘
’سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوندِ پايان پاند ۾‘
هي جڳ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريو گهوريان.
(نبي بخش)
”اي ڌرو تارا! جئن تون هڪ هنڌ ٿر ڪري بيٺو آهين،
تئن آءٌ به ٿر پايان.“
”اي ڪوتا! تون اگنيءَ وانگر ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي وچ
تي هڪ پل آهين، جنهن تان منهنجو من اڪري، پنهنجي
سرڳ ڏانهن وڃي ٿو، جتي سدائين اجالو آهي.“
”اي ڏات! تون هڪ چؤمکو ڏيئو آهين، توکي ڪوئي
واچوڙو وسائي نٿو سگهي.“
”اڄ ته پنهنجي ٻوٽي ٻوٽي ڪوري ڪوئي وڏو ڃڃ ڪيان“
’اها تباهيءَ جي رات هوندي آهي جڏهن ڪوئي انسان سچ
ڏسندو آهي ۽ اهو خودفريبيءَ جو پهر هوندو آهي.
جڏهن هو ماڻهن جي عقل تي اعتبار ڪندو آهي. ڪنهن
لاءِ اهو چئبو آهي ته ’هو اکيون کولي سچ ڏانهن وڃي
رهيو آهي“ ان شخص لاءِ جنهن جو رستو ماڻهن ليکي
سڌو جهنم ڏانهن وڃي ٿو. آخر جيڪي شمار ۾ آهن، اهي
انهيءَ ماڻهوءَ کي ڪيئن ڇيڪ ڇڏيندا جنهن سچ ڄاتو
آهي، توڙي اهو سچ ڏورانهن ستارن جي باري ۾ ئي ڇو
نه هجي!‘
(جرمن ناٽڪ نويس برٽالٽ بريچٽ
‘Bretlot Brecht’
پنهنجي ناٽڪ ’گئليلو جي زندگي‘ ۾)
’ڇا تون بالشيوڪ آهين؟‘
’نالي جي ڪري ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ هتي نالي جو سوال
نه آهي، حق ۽ انصاف جو سوال آهي. ماڻهو سچ ڄاڻڻ
چاهين ٿا، پر سچ کي سدائين دفنايو ويوآهي، مٽيءَ ۾
پوريو ويو آهي. چون ٿا ته سچ ڪيتري وقت کان مري
مردو ٿي چڪو آهي.‘
(ميخائيل شولوخوف ’۽ ڊان وهندي رهي‘ ۾)
”جي توکي تاريخ جو شعور آهي، ته تون اهو سمجهي
سگهندين ته بُرائي پاڻ کي ناس ڪندي آهي.“
’تاريخ هڪ ور وڪڙ ڏاڪڻ وانگر ته وڃي سگهي ٿي، پر
اها گول چڪر نه ڪاٽيندي آهي، ۽ اتي موٽي نه ايندي
آهي جتان هلي هئي.‘
.
’مون کان چمي اهو وٺي،
جنهن غلاميءَ کي طلاق ڏني هجي.
(هڪ پشتو ٽپو)
”حقيقت کي ڦيرائي سگهين يا نه؛ اهي اکيون ڪڏهن به
نه ڦيرائجانءِ، جي حقيقت کي ڏسن ٿيون.“
’زندگيءَ سان منهنجي معاهدي ۾ معياد جو ڪوئي فقرو
نه آهي، ۽ ان ڪري خطرناڪ لاهين تي مان واڳون ڍليون
ڇڏي ڏيندو آهيان.‘
’چڱو ڪارج توڙِي ڪنهن ڏورانهينءَ سڃ ۾ ڪيو وڃي،
ان جو اثر ساري سنسار تي پوندو.‘
”سنڌ جي پيڙا هڪ سمنڊ آهي
اٿاهه، اجهاڳ سمنڊ؛
ان جي اونداهين لهرين ۾ لڙهي رهيو آهي
منهنجو من،
پنهنجي ات انڌوڪار ۽ دک ۾.
اجهو هو ٻانهون هڻي، سڏي رهيو آهي
سوجهري کي،
اجهو هو ٿڪجي چوُر ٿي پيو آهي،
۽ اونهي جي اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي.“
’هي جي لَڪَ، هو جي لڪ، مون ماريندا لڪ،
ڪيچ نه اوڏيءَ ڇڪ،
مون ماريندا لڪ،
(ڀٽائي)
”اڄ منهنجي من ۾ ڪويتا سوئا گائين جي کير سان ڀريل
اوهن وانگر آهي.“
’هي لپيءَ جا اکر مون کي ڊيڄڙو ڏيئي ڇڏيندا آهن.
اهي ميسڻا، نرجا دئيت آهن، ڏاڍا ڏنگا. تون مس جي
کوهي کولي، انهن کي آزاد ڪري ڏس؛ ڏس ته اهي ڪيئن
تنهنجي چئي مان نڪري وڃن ٿا. ڀاڄوڪڙ بدون. ڪيئن نه
اهي جيئرا ٿي پون ٿا، ميڙا ڪن ٿا، ٽڙن مکڙن ٿا ۽
تنهنجيءَ مڃتا کي لنوائن ٿا، ۽ جيئن چاهين، تيئن
ڪاغذ تي ڪٺا ٿين ٿا ۽ پنهنجون ٽوليون ٺاهي بيهن
ٿا. ڪارا، پڇن سان ۽ سڱن سان. تون اجايو رڙين ٿو ۽
انهن کي آزيون ڪرين ٿو، هو پنهنجي من ماني ڪندا
رهن ٿا. نچندا ٽپندا، هو نر لڄائيءَ سان تو اڳيان
جوڙِي جوڙي ٿي اچن ٿا، ۽ جيڪي ڪجهه تو چوڻ نه ٿي
چاهيو، هي چترائيءَ سان چئي وڃن ٿا، ۽ جو ڪجهه
تنهنجين انترين ۾ تڙڦي رهيو آهي ۽ انسان ذات تائين
پهچڻ چاهي ٿو، ان جي ٻڙڪ ٻاڦڻ کان نابري وارين
ٿا.‘
”ڪالهه هڪ يوناني اديب جا هيٺيان لفظ ڌيان ۾ کُپي
ويا:
’هيلن ڇا هجي ها، جي هومر هُن ۾ ساهه نه ڦوڪي ها!
هوءَ به انهن هزارن سهڻين زالن وانگر هجي ها، جي
ڌرتيءَ تي آيون ۽ ناس ٿي ويون. هن کي به ائين ئي
ڀڄايو وڃي ها، جيئن ٻن سهڻين زالن کي اڃا تائين
ڀڄايو ويندو آهي، جي هُن جي زوريءَ کڄي وڃڻ تي
جنگ به لڳي پوي ها ته هر ڳالهه جنگ، عورت، خونريزي
سڀ گمناميءَ ۾ لڙهي وڃن ها، جي شاعر جو هٿ انهن
تائين نه پهچي ها. هيلن پنهنجي امرتا لاءِ هومر جي
ٿورائتي آهي. اهو هرمر جي ڪري آهي، جو ايوروٽاس
(Eurotas)
جهڙيءَ ننڍڙيءَ وستيءَ کي امرتا ملي ويئي آهي.
هيلن جي مرڪ اسپارٽا جي هوا ۾ ڦهليل آهي. نه رڳو
اهو، پر هوءَ اسان جي نس نس ۾ سمائجي چڪي آهي، هر
ماڻهوءَ من ئي من ۾ هن کي ماڻيو آهي. اڄ تائين هر
منڌ هن جي سڄ ڌڄ تي سوچي ٿي. هيلن پيار جي دانهن
ٿي چڪي آهي. هوءَ صديون ٽپي اچي ٿي ۽ هر ماڻهوءَ ۾
چمين لاءِ چاهنا پيدا ڪري ٿي. هوءَ انهيءَ هر عورت
کي هيلن ۾ ڦيرائي ڇڏي ٿي، جنهن کي اسان ڇاتيءَ سان
لائڻ چاهيون ٿا.‘
”عجيب اتفاق آهي، مون ڪجهه سال اڳ ساڳيو خيال
هيٺئين بيت ۾ آندو هو:
ڪنهن جي ڪنهن جي روپ مان ڪوري ڪاليداس،
آندي آهه شڪنتلا، جنهن ۾ هن جا سواس،
هر ڪنهن ناريءَ آس ’آءٌ به شل اهڙِي بڻان!‘
”مان ڀانيان ٿو ته ڀٽائيءَ مارئيءَ کي به اهڙي
امرتا بخشي آهي، جهڙي هومر هيلن کي بخشي آهي.
مارئي به کوهه تان کنئي ويئي هئي، ۽ ٿر جي ٻيءَ
ڪنهن ڀڄايل نينگريءَ وانگر لڳي ها، جي ڀٽائيءَ جو
هٿ هن تائين نه پهچي ها. ڀٽائيءَ هن کي انسان جي
روحاني آزاديءَ جو سمبل بڻائي ڇڏيو آهي. پر ڇا،
اهو ورثو اسان کي ڀٽائيءَ کان مليو آهي؟ مٿين
عنايت جي ڪلام ۾ به ته سر مارئي ساڳئي رنگ ۾ رڱيل
آهي. سچ ته مارئي ساڳئي رنگ روپ ۽ ون واس سان
ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳي سنڌ جي لوڪ ادب جو حصو ٿي
چڪي هئي. سنڌ جو لوڪ ادب ائين ئي منهنجو پنهنجو
آهي، جيئن سنڌ جي ڌرتي منهنجي پنهنجي آهي، ان تي
منهنجو به ايترو ئي حق آهي جيترو ڀٽائيءَ جو هيو.
پر اڳ به ته ڪيترن ئي شاعرن مارئيءَ جي باري ۾
لکيو آهي، مان سر مارئي ڇا لاءِ لکان؟ ڇا، مان ان
۾ ڪائي انفراديت پيدا ڪري ٿو سگهان؟ مان ڀانيان ٿو
ته جي مان وحدت الوجود جو روايتي تصور ڦيرائي
سگهان ته مان سُر مارئي ٻيهر لکڻ لاءِ وٿي پيدا
ڪري سگهان ٿو. مان سُر مارئيءَ ۾ سنڌ سان وحدت
الوجود جي ڪيفيت پيدا ڪيان ۽ مارئيءَ کي سنڌي حب
الوطنيءَ جو هڪ مڪمل سمبل بڻائي ڇڏيان، ته منهنجو
پورهيو سجايو ٿيندو.“
”لڳاتار ٻه مهينا ٿيا آهن، مان صبح جو پنجين بجي
کان وٺي شام جي پنجين بجي تائين لکندو رهيو آهيان.
پتو ئي نه ٿو پوي ته وقت ڪئن ٿو گذري! باک ڦٽيءَ
جو جڏهن پکي پکڻ ننڊ مان اٿي چون چون ڪن ٿا، تڏهن
مان جاڳان ٿو ۽ جڏهن سانجهي ٿئي ٿي ۽ طوطا لامن تي
لٽڪي ماٺ ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن مان پنهنجا پنا
اٿلائي، اهي بيت ۽ وايون بار بار پڙهان ٿو، جي مون
صبح کان سانجهيءَ تائين لکيون آهن. مون کي ساري
ڏينهن جي پورهئي تي پيار اچي ٿو ۽ مان هن ڌرتيءَ
جو ٿورو مڃان ٿو، جنهن مون کي جنم ڏنو، جنهن اَت
سڳنڌ ۽ سونهن لاءِ مون ۾ چاهيا پيدا ڪئي، ۽ مون کي
اها ڏات ڏني، جا هيڏي ڪڙي ڪشٽ ۾ به مون کي منهنجي
مڪتي ڏئي ٿي. اي آڪاس! مان تنهنجو به ٿورائتو
آهيان، جو هن قيد ۾ به مون تي تنهنجا ڏيئڙا ٽمڪن
ٿا ۽ تنهنجو چنڊ مون کي پنهنجيءَ ٻيڙيءَ ۾ کڻي ٻئي
پار اڪاري ٿو، جتي دک نه آهي، وڇوڙو نه آهي ۽
ماڻهوءَ جو نيچپڻو نه آهي، جتي ماڻهو ماڻهوءَ جي
رت جو پياسو نه آهي، جتي مان روڪ ٽوڪ کان سواءِ
پنهنجا سپنا ائي سگهان ٿو ۽ انهيءَ ايندڙ وقت جو
آڌر ڀاءُ ڪيان ٿو، جو اڄوڪي سچ جو روپوش ساٿي آهي.
”اي جندڙي! مان تنهنجا ڳڻ ڳايان ٿو، تون جو دم
آهين غنيمت آهين. تو مٽيءَ کي مڻيا ڏني آهي، تو
مون کي اهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍي کان ڏاڍو به مون
کان کسي نٿو سگهي. جي هي نادان مون کان ڪاغذ ۽ قلم
کسي به وٺن ها، تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت ڳائي
ها. اهي ايندڙ پيڙهيءَ تائين ته نه پهچن ها، پر هن
بي انت سنسار ۾ اکٽ ستارن جي جهرمر ۾ ڪٿي نه ڪٿي
موجود هجن ها. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه ابناسي آهي، گيت
موت کان ڏاڍو آهي، ان کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.“
”ڇا منهنجي سُر گهاتوءَ ۾ مڇ جو ڀو ۽ فاشزم جو ڏر
ساڳي ڳالهه آهي؟ شاعريءَ کي انوکو منطق آهي، جو
ٻئي منطق کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ مڃائيندڙ آهي.“
”مون ’سهڻيءَ‘ ۽ ’سسئيءَ‘ کي ڌرتيءَ جي سونهن ڏني
آهي. امراوتي آرٽ جي مورتين وانگر، انهن مان آتما
جا پاڇاوان ته ڏيکارجن ٿا، پر انهن کي ڀرپور سرير
به آهن جن ۾ ملائمت ۽ تازگي آهي.“
”نوريءَ ڪينجهر کي ڪينجهر ڪيو يا ڪينجهر نوريءَ کي
نوري ڪيو، ان سوال جو تسلي بخش جواب مون کي اڃا
تائين مارڪسي فلسفو نه ڏيئي سگهيو آهي.“
”منهنجي ڏات، ڏٿ وانگر، ٿر جي مينهن ۽ اُس تي پلي
آهي ۽ ان جي ڌرتيءَ مان امرت رس چوسيو اٿائين.
واچوڙو ڏاڍائيءَ سان ان جو ڪنڌ نمائي رهيو آهي، پر
اها وري وري اوچي ڳاٽ سان اڀري اچي ٿي. ان کي ڏوٿي
ڳولي لهن يا نه، اهو الڪو اجايو آهي. اها پنهنجا
ٻج پکيڙي، بي اونائيءَ سان مٽيءَ ۾ ملي ويندي.“
’اديون، مون سان پيرون!
’ڀينر، مون سان پيرون‘
’چونڊڻ ڪا هلندي؟
’اديون، مون سان پيرون!
’ڀينر، مون سان پيرون!‘
(هڪ سنڌي لوڪ گيت)
”منهنجي شاعري ڊڀ ۾ تتريءَ وانگر آهي. ان ٻوليءَ
تي ماري مڙي اچن ٿا، پر انکي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”مان موکيءَ جا سڀيئي مٽ پي، هوا ۾ ڀرپور مستي ڇڏي
وڃان ٿو. مون کان پوءِ اچڻ وارا! توکي تيستائين
ترسڻو پوندو جيستائين ٻيو مڌ چڪي، رچي ريٽو ٿئي ۽
ان ۾ ڪاريهر جي ڪاٽ اچي.“
(”اهي شاعر جي پنهنجي موضوع ۽ مخصوص اظهار سبب
سند ٿي ويا هجن، جن جي ٻولي هڪ مثالي ٻوليءَ جو
درجو رکندي هجي، جن انسان جي فڪري سرمائي کي وڌيو
هجي، جن ويروتار سچائيءَ جي ڳولا ڪئي هجي، جن
انسان جي اندر ۾ دائمي جذبو ۽ جوش پيدا ڪيو هجي،
جن پنهنجي فڪر، مشاهدي ۽ ايجاد جي ذريعي انساني
ذهن کي وسعت ۽ عظمت ڏني هجي، جن انسان ۾ آزاديءَ
لاءِ محبت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئت پيدا ڪئي
هجي، جن ساڀيا کي سونهن ڏني هجي ۽ سونهن کي ساڀيا
ڏني هجي، جي پنهنجي خاص انداز ۾ پنهجيءَ قوم لاءِ
هوندي به سڀ لاءِ هجن هر ڪنهن سان ڳالهائيندا
هجن، جن جو شعر اهڙو هجي جو نواڻ لاءِ ڪوشش کان
سواءِ به نئون هجي، جن جي شاعريءَ ۾ نئون ۽ پراڻو
ملي هڪ ٿي ويا هجن، جن جي لکڻيءَ ۾ ايتري ڇڪ هجي
جو هر دور انکي پنهنجي لکت سمجهي، جن جون تخليقي
صفتون وقتي هوندي به دائمي ۽ آفاقي هجن، انهن
شاعرن جي شاعري عظيم ڪلاسڪ جو درجو حاصل ڪري ٿي.)
”هن ننڍي کنڊ ۾ انهيءَ معيار جا شاعر فقط ڀٽائي ۽
ٽئگور ٿيا آهن. والمڪي، ويد وياس، امارو، ڪاليداس،
تلسيداس، ودياپتي، ڪبير، ميران ٻائي، رحيم خان
خانان، ملڪ محمد جائسي، جئديو، چنديداس، بلي شاهه،
نظير اڪبر آبادي، سچل سرمست، سامي وغيره، انهن کان
پوءِ ٻئي درجي جا شاعر آهن.“
”اڄ چئين بجي صبح جو ٽي ڄڻا ڦاسيءَ تي چاڙهيا ويا.
هنن ابي ڏاڏي جي پڳ جي پت رکي هئي ۽ ان لاءِ ٻه
خون ڪيا هئائون. هو تاريخ جا اُهي گمنام سپاهي
هئا، جن جي نالي قومون مينار ٺاهينديون آهن. مان ۽
ڀُٽو سڄي رات جاڳياسين ۽ پوڻي چئين بجي ڦاسي گهاٽ
ڏانهن وياسين. اڃا پکي لامن تي لٽڪي گهيرٽ کائي
رهيا هئا، پپل، سرنهن ۽ نم جا وڻ هوا ۾ لڏي رهيا
هئا ۽ رستي تي ٻنهي پاسن کان رکيل لالٽين انهن جي
پاڇارن سان اک ٻوٽ کيڏي رهيا هئا. (جيل ۾ ڦاسيءَ
رات ڪيئي لالٽين ٻاري رکيا ويندا آهن ته متان بجلي
وسامي نه وڃي). مون رستي تان گلاب جون ڪجهه مکڙيون
پٽيون، جي اُن وقت ٽڙي رهيون هيون. اسان کي اجرڪ
ويڙهيل هئا ۽ جڏهن اسان ڦاسي گهاٽ وٽ پهتاسون،
تڏهن اتي ويٺل مئجسٽريٽ اسان کي به جيل جا مقدم
سمجهيو. ٽنهي قيدين کي اسان جي پهچڻ کان ٻه ٽي منٽ
اڳ ڦاسي اچي چڪي هئي. مان ۽ ڀُٽي ڪجهه وقت لاءِ
هنن جي لڙڪندڙ لاش کي ڏسندا رهياسين. مون ڦاسي
گهاٽ ۾ ڦري اهو به ڏٺو ته ڦاسي ڪيئن ڏني ويندي آهي
۽ ان تي به سوچيو ته موت رڳو مڻڪي جو ٽٽڻ آهي يا
ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي! مون کي نانا فرنويس، تانتيا
ٽوپي، ڀڳت سنگهه، هيمو ڪالاڻي ۽ ٻيا ڪيئي سورهيه
ياد آيا، جي ساڳيءَ ريت ماريا ويا هئا. مون گلاب
جون مکڙيون هنن جي لاشن ڏانهن ڦٽي ڪيون.
”مان ڀانيان ٿو ته هاڻي مان پنهنجي اڌ لکيل سنگيت
ناٽڪ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ جو ٻيو ڏيک لکي سگهندس.“
’مان ڄاڻان ٿو ته اهنسا چڱي آهي، پر هن دنيا ۾ جتي
نه مريادا آهي نه نياءُ، لهو وهائڻ کان سواءِ ڪجهه
به ٿي سگهي ٿو ڇا؟‘
’موليئر ايترو عظيم آهي، جو هو هر ڀيري هڪ نئين
انداز ۽ نئين تازگيءَ سان هڪ نئين روپ ۾ ظآهر
ٿيندو آهي.‘
(گوئٽي)
’هر ڪه بر افلاڪ رفتارش بُوَد،
بر زمين رفتن چه دُشوارش بُوَد!‘
(جيڪو آسمان تي گهمندو آهي،
ان کي زمين تي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو لڳندو آهي!)
”جنهن کي قدرت موزون طبيعت ڏني آهي، اهو شاعريءَ
جو سارو مروج فن ڇهن مهينن ۾ سکي سگهندو آهي. فقط
اندر جا انڌا ان تي وڌيڪ وقت ضايع ڪندا آهن.
”عظيم شاعر بحر وزن ٺاهيندا آهن، بحر وزن عظيم
شاعر ٺاهي نه سگهندو آهي.
”شاعري موزون تڪبندي نه آهي، شاعري سڄيءَ زندگيءَ
جو رياض هوندي آهي ۽ شاعر جي گهري مشاهدي ۽ وسيع
مطالعي جو نچوڙ هوندي آهي.“
”شاعر جي انفراديت ان ۾ نه آهي ته هو ڪنهن پولار ۾
پيدا ٿئي ۽ هن تي ڪنهن جو به اثر نه هجي. هن جي
انفراديت ان ۾ آهي ته هو هر خوشگوار اثر قبول ڪري
به سڀ کان نيارو هجي.“
”ڪنهن وقت مان ڀانيان ٿو ته سنڌوءَ جون لهرون لپڪي
رهيون آهن، ساڌ ٻيلي ۾ چندن جي چؤنڪيءَ تي مورتيون
رکيل آهن جن کي گينڊي جا هار پيل آهن ۽ انهن جي
سامهون انجلي رکيل آهي، ۽ ڪنهن وقت مان ڀانيان ٿو
ته مان کيرٿر پهاڙ تي چڙهي رهيو آهيان، منهنجا
اگهاڙا پير لهولهان آهن ۽ مٿان سج ٽامڻي هڻي ويو
آهي. اهي ٻيئي ڪيفيتون منهنجيءَ شاعريءَ ۾ ملن
ٿيون.“
”ادب فقط هڪ زلزلي جي اوزار وانگر نه آهي، جو فقط
قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر هڪ قطب
نما وانگر به آهي، جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آهي.“
”بنسري وسرام ۾ وڻندي آهي، جن کي ڏونگر ڏورڻا
پوندا آهن، تن کي سنگ وڄائڻا پوندا آهن. سُر جي
مڌرتا جو اونو اجايو آهي، ساهه جي پوريءَ سگهه سان
وڄاءِ ته وکون اڃا به تڪڙيون ٿين.“
”لس ٻيلي جي هڪ رزمي شاعر جي جنگ ۾ هلندڙ تلوارن
جي باري ۾ هڪ سٽ آهي:
’ڪوسيون ڪَپارَن ۾ چُهٽيون چَڪَ وجهن‘
”مان سنڌ جي قومي شاعريءَ جي هر سٽ انهيءَ ڪسوٽي
تي پرکيندو آهيان.“
’منهنجو شعر حقيقت جي باري ۾ آهي ۽ حقيقت جي زبان
۾ آهي، پر مون کي اڳ ٻئي ڪنهن حقيقت کان ائين پيش
نه ڪيو آهي.‘
”شاعريءَ ۾ ڪوشش جي منتها اها آهي ته بنان ڪوشش جي
لکيو وڃي.“
’رات منجهاران رُڃ، پلر پيتو روجهڙئين‘
(نبي بخش)
’آتما جو به ٽانگر وانگر هڪ بسنت هوندو آهي، ۽ اها
ٽانگر وانگر ٽڙي پوندي آهي.‘
”سپنا، چانڊوڪيءَ ۾ ڳليون، جي ڪٿي نه ٿيون کٽن، ۽
نه وري مان ئي ٿڪجان ٿو.“
”توکي ڇڙي سونهن لاءِ اُڪاس آهي، پر ڇا سونهن سچ
کان الڳ ٿي سگهي ٿي؟“
”ٽاڪ منجهند آهي؛ ٻاهر ڪانوَ جي اک نڪري رهي آهي.
ڇڻڪاريل پاڻي سڪي چڪو آهي ۽ کولي تپي تنور ٿي ويئي
آهي. پکي پکڻ آکيرن اوٽائتا آهن ۽ قيدي مانيءَ ڳڀو
کائي ليٽي پيا آهن. مان اڃا تائين لکي رهيو آهيان.
هيءَ ڪهڙي ڇڪ آهي، جنهن کان مان پاڻ ڇڏائي نٿو
سگهان! هيءَ ڪهڙي سگهه آهي، جا منهنجي رڳ رڳ ۾
ڊوڙي رهي آهي! مون کي ٿڪ به نٿو ٿئي، بک به نٿي
لڳي! هتي ته ڪائي مڌ چڪي به نٿي ملي، پر پوءِ به
مان انوکي کيپ ۾ اچي ويو آهيان، جو کٽي ئي نٿو.
ائين ٿو لڳي، ڄڻ گهاٽو جهڙ ڇانئجي ويو آهي، وڄون
چمڪي رهيون آهن ۽ سنڌو گرجندي گونجندي مون کي
پنهنجين ڇولين ۾ ڇلائيندي وڃي رهي آهي.“
|