متفرقا بيت
هر ڪنهن وڻ جي ٿي وڃي، ڌرتيءَ ۾ ئي جڙ،
ساڳيءَ ڌرتيءَ وڙ، توسان مون سان ڀٽ ڌڻي!
_
جڙون تنهنجي جيءَ جون، ڌرتيءَ منجهه هزار،
پونهارن جا پيار، ٽڙيا تنهنجي ٽاريين.
_
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءُ؟
آهي تنهنجيءَ ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هجان آنءُ، جي نه هجين تون جوءِ ۾!
_
مون توکان پو سنڌ کي، ٻه سؤ سال ڏٺو،
ڇڏي مڌ مٺو، ڪڙو آندم ڪيف ۾.
_
اڄ نه مٽيءَ مينهڙا، نه ڪي سنڌ سڪار،
سائين! لهي ڪيرُ اڄ، سنگهارن جي سار؟
اوندهه انڌوڪار، ڏاڍن آندا ڏيهه ۾.
_
سائين! مونکي سگهه ڏي، اڏيءَ ڪنڌ ڌريان،
چارڻ! تنهنجي چنگ ۾، ڪائي باهه ڀريان،
ٻيهر آءٌ ڪريان، سر جي صدا سنڌ ۾.
_ _
آڌيءَ رات اننت جا، پيا گهنڊ گُڙن،
سي ڪئن ننڊون ڪن، جن جا ڪن ٻُرن پيا!
_
سج سڀاڻي اُڀرندو، پر جي مان نه هجان!
تارا ڪجهه ترسو اڃا، اڃا ڪجهه لکان!
منهنجو پيار متان، مون سان گڏ واريو وڃي!
_
جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾،
واري پنهنجي جندڙي، جوڙ اهو جنسار،
توکان پو سنسار، سرس ٿئي ڪجهه سونهن ۾.
_
ڏئين ته ڏاتار ٿين، گهر تڙ گهوري ڏي،
ور جو واري ڙي، جيئڻ ڪارڻ جندڙي!
_
جي مٽيءَ مان مورتي، تون ڪائي ٺاهين،
۽ تون پنهنجي جندڙي، ان سان وراهين،
چاهين نه چاهين، پيو ان ۾ پوڄين.
_
اڏري ڪاليءَ مُکَ تي، پوپٽ ويهي جيئن،
تو پڻ آهي تيئن، ڪلا ڪارڻ جندڙي.
_
ڪلا ڪارڻ جندڙي، ڪلا ڪهڙا ڇيهه!
هيءَ جا آڇي ڏيهه، ڀن ڀن سپنا سونهن جا!
_
نت نئون آ روپ، سپني کي سنسار ۾،
پنهنجو پنهنجو ٻاريو، هر ڪنهن مڙهيءَ ڌوپ،
ارهو آهه اَروپ، جيسين ٽڙي ٽاريين.
_
ٻج هئي جا ٻوجهه، ٽاريءَ منجهه ٽڙي پئي،
سونهن انوکي سوجهه، آندي ات سڳنڌ ۾.
_
ڪنهن ڪنهن جو ڪاپو ڏسي، ڪتي مون هيءَ تار؟
پوءِ به منهنجو ٿو لڳي، ڌاڳو سڀ کان ڌار!
ارٽ نوان اسرار، آتڻ سان اروي پيو.
_
ڀونءِ انوکي گانءِ، ڏُههُ ته ڏَهوڻي ٿئي،
ڀٽاريءَ جو ڀانءِ، کير کُٽي ئي ڪونه ٿو!
_
آهي انت اٿاهه، ساگر تنهنجي سونهن جو،
اکين اَويساهه، متي ڏسي مٺ ۾!
_ _
ڪويل ڪوڪي رات جو، ڪوڪ وراڻي بن،
لڏيا پپل پن، تارن ڇنڀيون اکڙيون.
_
ڏس هو ڪويل ڪنٺ مان، ڄرڪي نڪتي باک،
جئن مون لوئيءَ لاک، تئن هو سامهون سوجهرو!
_
سدا ڪويل ڪنٺ ۾، سرجي ٿو سانوڻ،
برکا رت جي باک ڪا، ڄرڪي پيئي ڄڻ،
ويڻا ٿي وڻ وڻ، جهوميو جنهن جي جهانءِ ۾.
_ _
هو جي سڱن وانگيا، ٻٽا چوٽا ڪن،
ٻيجا کڻي باک ۾، ٻنين تي ٻهڪن،
پريان ڄڻ ته لڳن، پنن ٽاريون مينهن ۾.
_
هو ڌرتيءَ جون ڌيئڙيون، پگهر جن پيرن،
سانجهيءَ ٽاڻي ميرڙيون موٽيو واهيرن،
پريان ئي ڏيرن، منجهان لوڏ لکائيون.
_
وڻن وچان چنڊ جا، تڙڪا مٿي تڙ،
ڌوڙين ڌوتا ڌڙ، بيهي وِچ تلاوَ ۾.
_
واهڻ، اتر واءُ، گهڙو نينگر چيلهه تي،
مرڪي هن جي ماءُ، سوچي جوڀن ڏينهڙا.
_
نينگر جهولي پينگهه تي، مٿان نمن ڇانوَ،
ڳڀرو ساري ڳوٺ جا، هن لئه رڳو نانوَ،
هريس اَندر هانوَ، هيکل بڊي ڏينهڙا.
_
وئنڻن ۾ ويهي، ڳهلي! ٻڌءِ ڳالهڙيون،
ڦٽيون کڻي پاند ۾، مرڪينءَ گهر پيهي،
تاڙن ٿا نيهي، گج اندر جي گوگڙا!
_
مهريءَ مٿان هٿ، لٿي اُس آکاڙ جي،
پگهر ڦڙو نرڙ تان، لهي پڳو نٿ،
موتي ڪهڙي وٿ، ان ۾ مهڪ نه منڌ جي!
_
چولو لاهي چٽ ۾، آرس ڀڳائين،
ڇاتيءَ مٿان پت کي، گهوري ڏٺائين،
ڀتر هنيائين، اڱڻ آيل ڪانوَ کي.
_
لُڏي ڏکڻ واءُ ۾، ٽالهيءَ جي ٽاريءَ،
ڳل ڳراٽي چنڊ کي، وڌي متواريءَ،
پر پو لڄاريءَ، يڪدم ٻانهن ڇڪي وتي.
_
مٿان ڍور ڍري، پير ڇمايان پکڻن،
ڇولين ڇلڪا آئيا، ڏکڻ هير وري،
رانول رات ٽري، نڪتي، باک بسنت جي.
_ _
نه سي مينديءَ ڏار، نه سي مومل هٿڙا،
نه سي چندن چوٽيون، نه ڪنهن ڪرهن سار،
سانجهي سڃ اپار، ڌيمي، ڪاڪ وهي پئي!
_
نائي مينديءَ ڏار، سوچيم مومل هٿڙا،
سوڍن ڪانهي سار، ڪاڪ ڇڏي ويا ڪاپڙي.
_
هنجون هاري ڌوءُ، چٽ پرينءَ جا چت تان،
مومل! ايڏو روءُ، جو هيءَ ڪاڪ ٻڏي وڃي!
_
اڄ نه ڳوڙها اکيين، نه مون ٿڌو ساهه،
توڙي توسان چاهه، آهه اڳي کان اڳرو.
_
اڄ جو تنهنجي سار، لهرين ۾ لوڙهي وئي،
اڀريا ات سڳنڌ سان، تنهنجا ڪارا وار،
هريا ٿي هٻڪار، منهنجا جوڀن ڏينهڙا.
_ _
مومل وهنجي ڪاڪ ۾، ڇوڙي وار ڇڏيا،
گڙي، ڄاڻ گڏيا، ڪارا ڪڪر اڀ ۾.
_ _
موت، متان ڀانئين، سڪا پن ميڙي پيو!
جهونو آرائين، ڇني گل گلاب جا.
_
ڇو تون ڇڻڻ ڏينهڙا، ڏسڻ ٿو چاهين؟
پٽڻ لئه آهين، ڳاڙها گل گلاب جا!
_ _
ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ ۾، ڪامڻ آٽيل اڱ،
ڪالهه نه سوچيئه سڱ، هاڻي وس نه هينئڙو.
_
ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ تي، رڳو هڪ پتنگ،
هئه هئه هيءُ نسنگ، جنهن کي لاٽ للاٽ ۾.
_
اچو، اچو آڳ تي، اچو کوهيو کنڀ!
هي جي ڏيئي ڏنڀ، جرڪائن ٿا جندڙيون.
_ _
ڍؤنگر ۾ جئن ڊيل، اُڀي اوچي ڳاٽ سان،
ڏات اسان جي هيل، سرسي اڳ کان سونهن ۾.
_
کني اهڙي کينءَ، ميندي جئين ڪنوار تي،
اڳ نه هيو اِيئن، رڪ اسان ريٽو ڪيو.
_
اڳ نه اهڙي جاڙ، ڪنهن به پرائي جوءِ ۾،
پڌرا منجهه پهاڙ، پريان پيرا منڌ جا.
_
جهاڳي جهاڳي جندڙي، ڏينهن تتا ڏونگر،
اڄ ڪنهن آڏي لڪ ۾، ڍرڪي مٿي ڌر،
ڇپون ڪيهر ڪر، اڳتي پنڌ نه اُڄهي.
_
هونءَ ته منهنجي جندڙي، ڪيٽيءَ مٿان ڪونج،
گرڙ جيان مون گونج، جڏهن ڏيهي ڏک ۾.
_
مون کي ئي هن ڏيهه ۾، مدد خان ڪُٺو،
لهوءَ مينهن اُٺو، سارو منهنجي ساهه تي.
_
ڪنهن جي ڪنهن جي پيڙ، اُڀري منهنجي گيت مان!
ڪيڏي ڪٺل ڀيڙ، سهڙي منهنجي ساهه ۾!
_ _
هيءُ نه تنهنجو هنڌ، اَهکي پرک پهاڙ جي،
تون ته ڪرين ٿو وائڙا، ڄڻ سپني ۾ پنڌ!
ڪِري ڀڄي ڪنڌ، ڏوگر، ڏنگايون گهڻيون.
_
جي تو پرک پهاڙ جي، پهچي ويندين پڪ،
جانٺو تنهنجي جيءَ کي، ڪندا جهولا جهڪ،
لوچي لوچي لڪ، چڙهي ويندين چوٽيون.
_ _
آءٌ اڪيلو ڍٽ تي، مٿان انڌو اڀ،
آنڌيءَ ۾ اڻ لڀ، ٽم ٽم ڏيئا رات جا.
_
ڇا ڪو آهي وانجهيو، چڪڻ مان چاڙهو؟
ڏور افق ڳاڙهو، سج ٻڏي ويو سوچ ۾.
_
ڇا ڪو ناهي ڏيهه ۾، چڪڻ چاڙهاڪو؟
تڙ تي ترڪڻ اوڏڙو، ڏيهي! ڪيو ڏاڪو؟
ڄاڻ ٻڏو واڪو، ٻوڙن ٻوڙن سامهون!
_
اڳ نه اهڙو سنڀران، ڪوئي ڌرتيءَ دک،
هي جو ڪاليءَ مُک، هيل ڏٺو مون ڏيهه ۾.
_
آهي جو انسان ۾، اڃا آدم، خور،
تنهين، جي ڏسي ڍور، ڪنڌ جهڪائي لڄ مان!
_
ڪهڙو جهوٻو جيءَ جو، ڪهڙي لوٺئي لڄ!
ڇائي پائي ڇڄ، ننگو نڪتو ڏيهه ۾.
_
ڳِجهه چوي ٿي ڳوهه کي، مان توتي پاڇو!
هر ڪو سمجهي ٿو، ڳهلا تنهنجون ڳالهيون.
_
ڦوڙو پوريءَ پونءِ سان، پيو ڪالهه ڦِسي،
ايڏو روڳ ڏسي، ويڄ ٿيا سڀ وائڙا.
_
ويڄ ٿيا سڀ وائڙا، ڪهڙو ويڄن وس؟
منهن ڦيري جو موت ڏي، ٻڌي ڏاهن ڏس،
تنهن جو موت اوس، اچڻو آهي اوچتو.
_ _
آها! اڃا آهِه، چڪڻ چاري سامهون،
اُٿ! اُٿ! پير نه ساهه، پنڌ نه آ پورو ٿيو!
_
آها! ٿيندا ونجهه سان، اڃا ونجهيءَ وڙ،
اڃا ڪي اَوتڙ، آهن ڪنڌيءَ اوڏڙا!
_
ترندي تهوارون ٿيان، اهڙو انت نه ٻيو،
شال نه وڃي جيءَ مان، اَؤتڙ، جو اونو!
متان مانجهي ڪو، پڳهي پنهنجيءَ پريت کي!
_ _
اڄ، جو نڪتي تند مان، تڙڦي ڪائي تان،
مون تان ويون ميٽجي، زنجيرون زندان،
سمجهن ٿا نادان، باندي مون کي بند ۾!
_
هي جي پٿر پٽ، جن ۾ چرپر ناهه ڪا،
جي تون چورين چنگ کي، جاڳي اٿن جهٽ،
گونج نه ڀائنج گهٽ، ڀڙڪي ته ڀنڀٽ ٿئي.
_
ڇا ٿو پڇين ڇيڳرا، ”آزادي ڇاهي؟“
ماڻهو مٽيءَ مان ٺهي، مٽيءَ کي ٺاهي،
ڏٺي تو ناهي، شايد ڪار ڪنڀار جي!
_
پرجهي هر پرڏيهه کي، ڏات کنيم ڏيهي،
پيڙا جي هر پور ۾، ڏيهه ڏٺم پيهي،
سنڌڙي! تو جيهي، ڌن نه آ ڪنهن ديس ۾.
_
آڳاٽو اَهڙو نه هئو، هي پاڇاٽو، پس،
منهنجي واڪي وس، آهِه ڳي کان اڳرو.
_
اڃ به اهڙي اُڃ، تل ترايون پي وڃان!
ڊوڙِي ڊوڙان ڪيترو، ٿيءُ نه رڳو رڃ!
ڪيسين ڪندين مَڃُ، ماري مون کي ماڳ ۾!
_
گيت سگهارو ٿو ٿئي، پي پي ڌرتيءَ ٿڃ،
هو جي راهي رڃ جا، تن جي واٽ نه وڃ،
اڀ ۾ ناهه اهڃ، ڪنهن ڀي ڳوڙهيءَ ڳالهه جو.
_ _
سارتري
هت ڄمين ها سارتري! ٿي سنڌيءَ اولاد،
چونڊين ها پو مون جاين، سوچي مستي واگر،
پل پل توکي ياد، ٿڃ، اچي ها ماءُ جي.
_
اولهه اوڀر جو ميان، مور نه ٿيندو مٽ،
اٽل آزادي ڏئي، خوب هلايئه هٽ،
هت ته جهُڳو چٽ، آزاديءَ جي نانوَ سان.
_
مان سوچان ٿو سارتري! اوچو سو انسان،
بيهي جيڪو باهه سان، ڪري پاڻ سنان،
گرو! تنهنجو گيان، رڳو متيون لوڪ کي.
_ _
شال ڪڏهن ساڃاهيو، منهنجو هي ايمان:
اول به انسان آ، آخر به انسان،
باقي سڀ زندان، آجو رڳو آدمي.
_
چنتا نگري سنڌڙي، گهر گهرِ چنتا راڄ،
ڪوڙو ناهي ڪاڄ، ڪنهن ڀي سنڌُ سپوت جو.
_
سرتا! سنڌوءَ تي جڏهن، جر ڏيئا جهپڪن،
سپنا منهنجي ساهه ۾، لهرين جان لپڪن،
تات انوکي تن، جهپ نه ڏئي جيءَ کي.
_
سپنا منهنجي ساهه ۾، ڄڻ ڪي ستل مور،
ڪارونجهر جي ڪور، آ جن لئه آسائتي.
_
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، کڙيو کاروڇاڻ،
سپنا منهنجي ساهه ۾، ڇا ڇا سنڌوءَ ساڻ!
پائي پنهنجو پاڻ، سڙهه سنباهيم هيکلو.
_ _
ڌرتيءَ منهنجي ديس جي، ڏاڍا ڏک ڏٺا،
ڪيئي محب مٺا، واريا تنهن تان ويڙهه ۾.
_
ڌرتيءَ منهنجي ديس جي، ڪيڏا ڏٺا ڪيس!
ڪيئي سورهيه سيس، واريا تنهن تان ويڙهه ۾.
_
صدين کان سڀ جي رهي، لتڙ ۾ هيءَ لوءِ،
هيئن لتاڙيو ڪونه ڪنهن، ان کي اڳ ابوءِ!
اڄ اسان جي ڀاڳ ۾، پيارا! ڪانهي پوءِ،
اچ اچ، ڍونڍ نه ڍوءِ، ويڙهه سڏي ٿي واهرو!
_
هڪڙو سچ اَمول، آءٌ اوهان کي آڇيو:
”موُرُ نه آهي ماروئو! ڍٽ جيان ڪو ڍول“،
ڪوئي ٻول سٻول، ان کان اوچ نه ڀائنجو!
_
ماڻهوءَ پهريون ماڳ آزاديءَ ۾ آجپو،
جي تون آجو جاڙ کان، بُک به ڀلو ڀاڳ،
رودن سارو راڳ، ڏاڍائيءَ جي ڏيهه ۾.
_
پوپٽ پرڙا مينهن ۾، ڀڃي تون جيئن،
آزاديءَ ۾ تئن، ڏک نه ڏکن وانگيان.
_ _
اٿو ستل آڱريون
اٿو، آڌيءَ رات جو، ننڊ نه ڪيو ڙي!
ڪوٺي پيو ڪينرو، اوڳا اوهان کي!
اٿو، ديس سُتي، تاڻيو، پنهنجيءَ تند کي!
_
اُٿو، اُڀاريو، اوري آڻيو باک کي!
اٿو، نيڻ ڏيئڙا ٻنڀي ۾ ٻاريو!
اوندهه اجاريو، تاڻي پنهنجيءَ تند کي!
_
اُٿو، آڌيءَ رات جو، ڪيو ڪينر تات!
تن کان اڳ ۾ ئي اُٿو، پکي جي پرڀات،
رهڻي ناهي رات، تاڻيو پنهنجيءَ تند کي!
_
اُٿو، آهن تند ۾، اڃا گيت انيڪ!
وهاڻيءَ وويڪ، وڍ وجهندوَ ويسرا!
_
اُٿو ستل آڱريون! سدا ناهي ساز،
ارهيون! ڪو آواز، تڙڦي پيو تند ۾. |