جي تون ساٿي سچ جو
ٻاهر هن زندان کان، آهِه وڏو زندان،
آجو سو انسان، جنهن جي پيرين پيڪڙا.
_
اچ اچ، آجو ٿيءُ، ساٿ نڀائي سچ سان،
ويل اها آ وائڙا، پوءِ نه چوندءِ پيءُ،
آءُ جڳان جڳ جيءُ، وِههُ کان وَههُ ڇو ٿو وڃين؟
_
جي تون ساٿي سچ جو، موت مهانگو ناهه،
سر جو سانگو لاهه، ويل اها آ وائڙا!
_
ڏڪ نه ڪنهن جي ڏاڍ کان، ڏڪڻ ڏاڍي ڏڍ،
ان مان آس نه ڪڍ، سوڀ سدائين سچ جي!
_
پنڌ به پنهنجو ماڳ آ، ڏور نه ڏس تون ماڳ،
جاڳ منجهاران جاڳ، سپنا سڀ پاسي ڪري!
_
ڏورانهون جنهن ڏس، سو پڻ آهي پنڌ ۾،
ماڳ به ان ۾ ماڻهئو، هي جو گوندر گس!
وک اسان جو وس، سڄڻ اڳ ئي ساٿ سان.
_
پت جهڙ پويان ڏينهڙا، ڳول نه سائو پن!
پر تون هار نه من، ايندي باک بسنت جي.
_
هو جو سج سمان، ڪاريءَ ڪڪريءَ ڪک ۾،
جنهن تي ور ور ولهه ۾، ڀاڙي منهنجو ڀان،
ايندو سو انسان، ڌر تي اڀري اوچتو.
_
ايندو سو انسان، ڏمري ساري ڏاڍ تي،
آءٌ متان اڳ ۾ مران، ناهه اهو ارمان،
ڏسندو نيٺ جهان، جيڪي منهنجي جيءَ ۾.
_
’آءٌ متان اڳ ۾ مران، ۽ پو رات کُٽي‘!
ڪهڙي موڙهي مت ٿي، منهنجو گهٽ گهٽي!
او شل باک ڦٽي! گهوريو منهنجو جندڙو.
_
گهوريو منهنجو جندڙو، مان به ته ڪائي وک،
ڏورانهين جي ڏک، مون آندي ڪجهه اوڏڙو.
_
هي جي مئو ماڳ ۾، ملهي آيو ماءُ!
شال نه ڏسان ڏينهن جو، ڪانئر ڪوٺي ڀاءُ!
سَچَ ڏنو جو ساءُ، شال نه وسري سڪ کان!
_
ٺار نه پنهنجا ٺپ، پنڌ پري آ پانڌيا!
متان سج لهي وڃي، پيءُ نه پاڻي لپ!
ور هي پياسا چپ، اڳتي وڌ اُساٽ ۾!
_
ڪيئن نمايئه ڪنڌ، چڙهي چوٽ صليب تي؟
وڙهه اکين سان اڀري، جي تو ساڻو سنڌ!
هيءُ نه تن جو هنڌ، جن جا لڙڪ لڙي پيا.
_
جان جيئين تان وڙهه، آڻ نه مڃ انياءَ جي!
هٿين، پيرين، مونڙين، راڙا ڪندو رڙهه!
ٻن انهيءَ جو مڙهه، جيڪو مئو ماٺ ۾!
_
موت رڳو آ ماٺ، ور ور واڪا جندڙي،
آهي آديءَ چپ ۾، رڳو گوندر گاٺ،
جا پٿر، جا ڪاٺ، منجهه نه اهڙيءَ مام ۾
_
واڪي وس هلاءِ، وجهه وِلوڙا اُڀ ۾،
هيءَ جا مڙهي ماٺ جي، تنهن ۾ پير نه پاءِ،
واڄي وڄ سماءِ، واڄٽ ٿيءُ وجود جا.
_
ڇڪي وارن ڳت، ڪڍيم توکي ڪُنَ مان،
موتي ميڙي ڪانه ٿي، ڪائي گوندر گت؟
هئه هئه پٿر بت، ماٺ رڳو آ موت ۾!
_
ٻڌ نه ”منهن مونن وجهي، غربت ساڻ گذار“
اهڙا ٻوهر ٻوجهه مان، پهرينءَ وير ٻهار!
اوچي ڳاٽ پڪار، ڏاري غربت ڏينهڙا!
_
ڪير چوي ٿو بانورا، ’صبر وڏو سک‘؟
آءٌ چوان ٿو: ميٽبو، هن ڌرتيءَ جو دک،
هي جو ماڻهوءَ مک، ڏونگر ڏاري ٿو سگهي.
_
ڪير چوي ٿو ڏيهه ۾، ’مڙئي مٺائي‘؟
مون آ چکي چيت ڪئي، ساري ڪڙائي،
آهي اجائي، ڳالهه پريان جي پار جي.
_
تون ئي پنهنجو ڏوهه، تون ئي ڏوهي ڏيهه ۾،
تو جو ٻڌو ٻنڌڻين، ووءِ نسورو ڊوهه!
لچڪي وڃي لوهه، جي تون اُڀرين آگ جان.
_
تو جو ٻڌو ٻنڌڻين، ٻوٽ انهيءَ تي ڪن!
هو جي ڳالهيون ڳجهه جون، سي سڀ ڏاڍي ڏن،
ڇڏي مانيءَ کن، ڀڀ ڀريائون ڪوڙ سان.
_
ڪوريئڙن جا ڄار، ڪوُڙَ ڪسابن جي اُڻيا،
ماڻهو مکين وانگيان، ڳڀرو، ٻڍا، ٻار!
تار نه ملي تار، جي تون ڇنين ڇڪ سان.
_
ووءِ پراڻيون پوٿيون، ووءِ اهي پستڪ!
جن ۾ ڏاهپ ڏک سان، صديون بڪيل بڪ!
جيءَ اچن ٿا جڪ، جيڪر سڀ ساڙي ڇڏيان!
_
هيءَ جا جهوني جک، صدين کان سڻندو رهين،
ڇا ڪو ڪندو جيئرو، مردي ڏيئي مک؟
ڪاريءَ وارا ڪک، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾!
_
ڪوڙ به ڪيڏا ڪوڙ، ڪڪرين چوٽيون اُڀ ۾!
رڳو رک رتول ۾، پاڙي ڪانه پروڙ!
وٺجي شال وچوڙ، کاتا ڏسجن کوٽ جا!
_
شال وهامي راتڙي، سچ پلئه پايان،
جهومي جهڪايان، مٿو ملڪ ملير کي!
_
ڏونگر ڪجهه ته ڏري، پيو آهي پانڌيو!
اجهو رات ٺري، پير نه ساهيو پانهنجا!
_ _
اڳتي اچ نه اچ، سڀڪجهه تنهنجي وس ۾،
ماڻهوءَ مريادا سدا، پرکي بيٺو سچ:
جي تون چاهين، باهه کان پٺ تي موٽي بچ،
جي تو پهه پتنگ جو، پچڻ ڪارڻ پچ،
ماڻي سارو مچ، امر ٿي وڃ آگ ۾.
_
اڳتي آءُ نه آءُ، سڀڪجهه تنهنجي وس ۾،
ازل کان آزاد تون، آهين منهنجا ڀاءُ!
جو چاهين سو چونڊ، پر رکي چت چتاءُ:
’ڪونهي سوريءَ ساءُ، ڳچيءَ جي ڳڻ ڳوت ۾‘.
_
جي تو پهه پتنگ جو، آڳ نه آهي آڳ،
وڏا تن جا ڀاڳ، جيڪي مئا ماڳ ۾.
_
پچڻ آهه بچڻ، جي تو پهه پتنگ جو،
منجهان مچ نچڻ، امر بڻجي آڳ ۾.
_
آهن انهيءَ آڳ ۾، ڪيئي ڳچين ڳچ،
هي جي منجهان مچ، اُلا ٿي اڀرن پيا.
_ _
مون سان باندي بند ۾
اڄ ته اڱڻ تي آگميو، وسيون مينهن ڪڻيون،
مون ۾ ڇڳيون اوچتو، ليلا هار مڻيون،
لنءَ لنءَ منجهه لڙيون، ڌرتي! تنهنجا دوهڙا.
_
اڄ ته اڱڻ تي اوچتو، اڀري آيو چنڊ،
مان مانڊي مان منڊ، آئي صدا ساز مان.
_
بند وجهو ٿا بانديو! مون تي، مان آواز!
ٽٽي جڙندو مون جيان، صدين کان پو ساز،
ڄاڻو ڄاڻن راز، تڙڦي ٿو جو تند ۾.
_
مون سان باندي بند ۾، سوين ساروڻيون،
تنهنجا ڳل ڳراٽڙيءَ، پشم جون پُوڻيون،
جن سان مون جُوڻيون، ڪيئي ڪاٽيون ڪوٽ ۾.
_
مون سان باندي بند ۾، تنهنجا سرها وار،
ساري رات سڳنڌ جي، سيرانديءَ کي سار،
اڄ به هيئين هار، چوٽا چندن واسئان.
_
مون سان باندي بند ۾، تنهنجا نيڻ به ها،
ڪنهن کي ڪل نه ڪا، مون ڇو گهوريو ماٺ ۾!
_
پائي کٿي رات جي، جنهن ۾ تارن تن،
مون سان ساري سُنَ، باندي آهي بند ۾.
_
مون سان باندي بند ۾، منهنجا ڪيئي گيت،
جرڪي جن جي جيت، هر هر منهنجي هار ۾.
_ _
شال م پسو پونيرؤ
مون کي منهنجي چنگ، ڪاريهر جئن ڪاٽيو،
مون جئن اٽيل انگ، شال م پسو پونيرؤ!
_
آءٌ نه سنڀران آڍ، آءٌ نه سنڀران آسرو،
مون جئن ڏونگر ڏاڍ، شال م پسو پونيرؤ!
_
مونجان کنيو پير، سج هڻي ويو ٽامڻي،
مون جئن واريءَ وير، شال م پسو پونيرؤ!
_
بيٺو گهوري بک کي، ڄڻ ڪوئي راڪاس،
مون تي جو آڪاس، شال م پسو پونيرؤ!
_
روڳي راتيون ڏينهڙا، پل پل صدين پونءِ،
مون پيرين جا ڀونءِ، شال م پسو پونيرؤ!
_
شال نه روئي رت، ڪوبه سڀاڻي ڏيهه ۾،
مون جئن ڀاڳي ڀت، شال م پسو پونيرؤ!
_
شال سڀاڻي ٿي رهو، اجوکا، آزاد!
مون جئن مادرزاد، شال م پسو پونيرؤ!
_ _
اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا
هي جي آيا هيل، اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا،
ڪٽ ڪڙمڻ جي ويل، ڇا ڇا جرڪيا جيءَ ۾!
_
اڄ جن ڦوڪي آڳ، اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا،
ڌمڻ وڏا ڀاڳ، ساري ڪٽ ڪڙهي وئي.
_
ڪٽي ڪٽي ڪٽ، رڪ ڪيائون پڌرو،
ڪير لهارن مٽ، اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا.
_
اڳ نه اهڙا مون ڏٺا، ڌنوڻيءَ مٿان ڌڱ،
لوهي جهڙا لڱ، اکين اڳ آڱار جي.
_
اڀري آيا اڳ جان، منجهان ڪر ڪپاٽ،
ڪيڏي ڄاڻ ڄراٽ! اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا،
_
اڳ نه اهڙو ويس، اَڳُ نه اهڙا آڳڙيا،
ڌمڻ سارو ديس، سڀ کي چڻنگون چت ۾.
_ _
پاڪستان اخبارون
هو جو اخبارون، ساجهر سانجهيءَ آئيون،
ڪارنهن ۾ ڪارون، لڪي ويون لوڪ جون.
_
ڌوٻي ۽ ڌاڙيل، پرتا آهن پاڻ ۾،
پر جي هاڃا هيل، ڌوٻي ڌوتا ڪينڪي.
_
وڻ ٽڻ لهوءَ لال، لهو چاري چڪ ۾،
ڌرتي ارتي رت سان، ارتو اڀ وشال،
ماضي رت چڪندڙو، وڌ انهيءَ کان حال،
ڳڀرو، ٻڍو، ٻال، ڇا ڇا ڌوتو ڌوٻيو؟
_
ڇا ڇا ڌوتو ڌوٻيو؟ ٻنيون، ونيون، ور؟
ماڻهو، مندر، مسجدون، گرجائون ۽ گهر؟
هو جي مٿان ڌر، ڳاڙها ڳپل ماس جا؟
_
ڇا ڇا ڌوتو ڌوٻيو؟ ڳولي گندا گهاٽ!
مٿان پاڻيءَ پاٽ، رت وهي ٿو لوڪ جو.
_
ڌوئو جي ڌوئي سگهو، ارتو مارن ڀت!
هي جي مينڍا مارئيءَ، سارا رتو رت!‘
هَيءِ هَيءِ هن جو ست، هَيءِ هَيءِ هن جون
سنگهرون!
_
ڌوئو جو ڌوئي سگهو، گهايل امڙ کير!
نديءَ جيڏو نير، اکين گهرجي آب لاءِ.
_
ڌاڳا ڌوئي ڇا ڪبا؟ ڌوئو ماڻهوءَ من،
ڌوئو هن جي آتما، ڌو هن جو اَنُ،
ڌوئو ڌرتيءَ ڌن، جنهن مان رت چڪي پيو!
_ _
ڍڪ نه ڍڪڻهار، آءٌ اگهاڙو ئي چڱو!
مٿان سچ ميار، هرڪو پاند پناهه جو.
_
آءٌ نه مڱان ٻاجهه، توڙي ڏاري ڏوجهرو،
وٿين وجهي واجهه، ٿوڻيون ٿنڀا ڊاهيان.
_
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين! ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.
_
ڏاها، تنهنجي ڏيهه کي، سڀ کان مُٺو ماٺ،
توڙي ڪاٺئون ڪاٺ، واڪو تنهنجي وس ۾.
_
هي جي سٽون ساهه ۾، جهومي آيون جهٽ،
جئن مرليءَ جي تانَ تي، گوپيون جمنا تٽ،
تن کي مور نه مٽ، سکن سان سنسار جي!
_
آگ نه ڪنهن سان مائٽي، آويءَ ڪهڙو مِٽُ؟
گهڙي مٿان چٽ، ڪڍيئه ڪيئن اڇاترو؟
_
توجا سوچي سٽ، ڏور انهيءَ لئه ڏاکڙا،
ڪچي ڪهڙا چٽ؟ آوي تنهنجو آجپو.
_
آهي پڪي پيڙ، اڳتي تنهنجو آجپو،
ڀيلي مٿان ڀيڙ، سهڻيون ٻوڙي سير ۾.
_
جو ڀيلو سو ڀڃ، ڀل پورهيو وئرٿ وڃي!
واهڙ مور نه وڃ، جيسين پڪو پرکئين!
_
پهرين پڪو پرکجي، تانگهي ۾ تاري،
متان پو ماري، ڀڄي واهڙ وچ ۾!
_ _
لُممبا جو ديس
ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر جي نالي
ڀاءُ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناهه ديا،
لممبا جي ديس تي، پر تو گيت چيا،
ڇو جو ناهه هَيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو!
_
ڀر ۾ پنهنجي ڀاءُ تي، ڇو نه ڪيئه ڪهڪاءُ؟
ڪوڙي تنهنجي شاعري، هيا، تو نه حياءُ!
ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!
_
هتي ڀل ته ڇني پيو، مرون ماڻهوءَ ماس،
آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،
آهين ڇا نه اداس، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه!
_
ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه ٻاجهاري ٻولي،
ڇو جو توکان دور آ، شومبي
جي گولي؟
لُنءَ لُنءَ تو لولي، پيڙا ڪنهن پرڏيهه جي!
_
ٻولَ ٻڌايئه ٻولڙيا، ساهه ڪري سانگو،
ويس ڪرين ڪهڙو به تون، نچين ٿو نانگو،
ڪوڙ ڀڄي ڪانگو، دک وساري ديس جا.
_
آءٌ لُممبا آهيان، سوريءَ مٿي سَچ!
ڀڄي مون کان بچ، توکي سانگو ساهه جو!
_
آءٌ لممبا آهيان، ۽ ٻيو منهنجو ڀاءُ،
آهي جنهن جي پيڙ جو مون ۾ اڄ پڙلاءُ،
گهوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چڪي پيو.
_
اڄ هي منهنجو گيت جو ڌوڏي ٿو زندان،
ڪانگو جو ارمان، ان لئه ناهي اوپرو.
شومبي _ ڪانگو جو رجعت پرست ليڊر، جنهن
سامراجي ٽيڪر تي لممبا کي مارايو.
|