”هو سمجهن ٿا ته مون کي کوليءَ ۾ اڪيلو بند ڪري
ڪائي وڏي سزا ڏني اٿائون. پاڳل ڪنهن جاءِ جا! ڀلا
مان اڪيلو به ٿي سگهان ٿو! هي ڪاليداس مون لاءِ
وڪرم اروشي پڙهي رهيو آهي، هيءَ ميران ٻائي يڪتاري
تي ڳائي رهي آهي، ۽ هو ڪبير مون کي دوها ٻڌائي
رهيو آهي. هي منهنجو مرشد منهن مونن ۾ وجهي ويٺو
آهي. ها ها. . . ها ها. . . هنن کي ڪهڙِي ڄاڻ ته
ڀٽائي به مون سان بند ۾ آهي!. . . ۽ هو پريان
پريان جا يار، جن ڀيرو ڪڏهن به نه ڀڳو آهي! هو
مائڪو وسڪي، لورڪا، ناظم حڪمت، روز ميڙو لڳو پيو
آهي؛ ۽ هي بنگلا ڪوي، جنهن کي شيخ مجيب جي قوم وري
ڳولي لڌو آهي، اڄ منهنجن وارن تي پنهنجا ٻاجهارا
هٿ ڦيري، مون کي آسيس ڪري رهيو آهي.“
”هن ڀيري مون سنڌ جي ڪهاڻين وارا سڀئي سر ٻيهر
لکيا آهن ۽ هر سر ۾ ڪنهن خيال کي ان جي توڙ تائين
رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر
هر سر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي؛ پر
مون هر سر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو
سلسلو قائم رکي اُن کي گهربل نتيجي تي پهچايو آهي.
پر ڇا، هن دور ۾ لوڪ ساهت ۽ لوڪ ڪٿائن سان ناتو
جوڙي، ڪائي امن ساهتڪ رچنا رچي سگهجي ٿي؟ انهن لوڪ
ڪٿائن اڳينءَ شاعريءَ کي ڪيترو نه مبهم بڻائي ڇڏيو
آهي! ڇا اهي ڪٿائون هن دور جي پيڙا کي اجاگر ڪري
سگهن ٿيون؟ نه فقط اهو، پر ڇا مذهبي روايتون يا
ديو مالائون، مهاڀارت جون ڪهاڻيون، گيتا جا اڌياءَ
يا ٻئي ڪنهن مذهبي صحيفي جا قصا ۽ ڪي اهم نڪتا ۽
جملا جديد شاعريءَ ۾ انسان جي روح ۽ هن جي ماحول
جي عڪاسيءَ لاءِ ڪم آڻي سگهجن ٿا؟ اهو مسئلو فقط
اسان جو نه آهي، پر صنعتي تهذيب جي چوٽيءَ تي پهتل
يورپ ۽ آمريڪا جي ادب کي ساڳيو مسئلو درپيش آهي.
ڇا هو ڪلاسيڪي تجربي ۽ هن دور جي ڳهڻ _ روپي حقيقت
جي وچ تي پل ٻڌي سگهن ٿا؟ هن دور کي پنهنجي ڪائي
ديومالا نه آهي، جا شاعري اشاري طور ڪم آڻي سگهي.
ڇا هو حسن جي تصور سان اهو بنيادي جذباتي ناتو
قائم رکي سگهن ٿا، جو يوناني ديو مالا ۾ ملي ٿو؟
اهو هڪ زبردست مسئلو آهي، جو اڄوڪي شاعر کي درپيش
آهي. دنيا نهايت تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي،
تهذيبون ڀتيون ٿي چڪيون آهن، زندگيءَ جا قدر بدلجي
رهيا آهن ۽ مذهبن ۾ اها جان نه رهي آهي، جو پنهنجي
ڦهلاءَ لاءِ رڙي رنڀي سگهن. پر پوءِ به ماضيءَ جون
روايتون ان حد تائين زنده آهن، جو پراڻا اشارا ۽
ڪنايا، تلميحون ۽ تشبيهون، ديومالائون ۽ لوڪ
ساهتيه وري وري نئين ادب ۾ نئين رنگ روپ، معنيٰ ۽
مقصد سان آندا وڃن ٿا. مغربي شاعريءَ ۾ اُڀ ڪپر
ماڙن
(Sky scrapers)،
ريڊيو ائنٽينا
(Antennae)،
انجڻين جي سيٽن ۽ مشيني دور جي ٻين ڳالهين کي آڻي،
جديد زندگيءَ جي فوٽوگرافي ته ڪئي ويئي آهي، پر
شاعر ان ۾ اها ڳالهه پيدا نه ڪري سگهيا آهن، جا
روح ۾ خنجر وانگر کپي ويندي آهي ۽ پڙهندڙ ۾ جذبا
ائين اڀري ايندا آهن، جيئن گهري زخم مان گرم خون
نڪرندو آهي.
”مان ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي ادبي روايتن سان ناتو
ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي. سنڌ ته اڃا جاگيرداري
دؤر ۾ آهي ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ ٻئي هنڌ صنعتي ترقي
ورلي ٿي آهي. نه فقط هر سنڌي پر هر پاڪستاني ۽
هندستاني شاعر کي پنهنجي تاريخ، تهذيب، لوڪ ادب ۽
ديهاتي زندگيءَ مان ڀرپور مواد هٿ ڪرڻ گهرجي ۽
پنهنجي ذهانت، تجربي ۽ سياسي ۽ ادبي شعور آهر اهو
مواد پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪم آڻڻ گهرجي. اهو غلط
آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان
ڪٽجي ويندو. جي هن ۾ ڏات آهي ۽ سچائي آهي ۽ جي هو
پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال کي گهرائيءَ سان
لکي سگهي ٿو، ته هو ماضيءَ سان رشتو جوڙِي به حال
جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.“
”اي ڀٽائي! تون ڪنفيوشش نه آهين ۽ مان مائوزي تنگ
نه آهيان. اي سنڌ جا اوتار! مان تنهنجي اوتاري تي
اڃا تائين مٿو ٽيڪيان ٿو.“
’حقيقت شاعريءَ جو بنياد آهي؛ ها، پر فقط بنياد ئي
ته آهي!‘
”اسان جي وارڊ ۾، اسان کان اڳي، ڪنهن وقت هڪ قيدي
آيو هو، جو وقت گذارڻ لاءِ آفيم جو روڙو کائي، اڌ
رات انبن ۽ ڄمونءَ جا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيندو هو. هو
ٽي سال ٽيپ ڪاٽي ڇٽي ويو. هن وقت اسان جو وارڊ هڪ
پورو باغيچو آهي. ان ۾ ڪيئي انبن جا وڻ ۽ گلاب جا
ٻوٽا آهن. باک ڦٽيءَ جو، جڏهن ماکيءَ جون مکيون
گلاب جي گلن ۾ کاٽ هڻنديون آهن، تڏهن مان اٺ ڏهه
گل پٽي پنهجي گلدان ۾ وڃي رکندو آهيان. مون هتي اڌ
رات جو مکڙيون ٽڙنديون ڏٺيون آهن ۽ پرهه جو ٽڙيل
گلن تي ماڪ ڦڙا ڏٺا آهن ۽ انهن جي مهڪ ۾ ويڙهجي
ويو آهيان، ۽ مون سانجهيءَ جو گلن کي مرجهائيندي
ڏٺو آهي.
پوهه پورو ٿي چڪو آهي ۽ مانگهه شروع ٿي ويو آهي.
انب جي هڪڙي وڻ ۾ آڳاٽو ٻور پيو آهي ۽ ان تي
ماکيءَ جون مکيون اچي مڙيون آهن. هندي ادب ۽ آرٽ ۾
انب جو ٻور بسنت ۽ نئين جنم جي سرهائيءَ جي علامت
ڀانيو ويو آهي. انب جي ٻور جي سڳنڌ مون کي پنهنجي
ننڍپڻ جي ياد ڏياريندي آهي، جڏهن اسان شڪارپور جي
شاهي باغ ۾ ڪنهن انب جي ڏار تي ويهي، ڪتاب پڙهندا
هئاسين. منهنجو هڪ هندو هم ڪلاسي سترام به مون سان
گڏ هوندو هو. هو مون کان به چڱو شعر لکندو هو، پر
بي رحم زندگيءَ هن کي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ
نوڪري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن شاعري ترڪ ڪري ڇڏي.
1963ع
۾ هو مون کي دهليءَ ۾ ائين پيار سان مليو، ڄڻ مون
کان هڪ ڏينهن اڳي وڇڙيو هو. ڇا هو اڃا تائين جيئرو
آهي؟ ڪيئن چئجي! ڪيترن ئي سالن کان منهنجي خط و
ڪتابت تي بندش آهي. هاڻي ته ديوار اوچي ٿي، وڃي
اُڀ سان لڳي آهي. پر منهنجو من ڏاڍو چاهي ٿو ته هو
جيئرو هجي ته جيئن مان ڪنهن وقت هن سان ملي،
پنهنجي ماضيءَ کي ڀرپور زندگي ڏيئي سگهان. انسان
تاريخ اڳيان ڪيترو نه بيوس آهي. تاريخ، جا مست
هاٿيءَ وانگر هر شيءِ کي لتاڙيندي ٿي وڃي!
”هن آفيمي قيديءَ اُهي وڻ ٻوٽا پوکي، مون کي ڪهڙا
نه پيارا جذبا ۽ مٺڙيون يادگيريون موٽائي ڏنيون
آهن. مان هن جو ٿورائتو آهيان ۽ مون کي هن جي آفيم
کائڻ تي ڪوئي اعتراض نه آهي.“
”شاعري اُنهيءَ درخت وانگر آهي، جنهن کي پنهنجيءَ
ڌرتيءَ مان پٽي، جي ٻيءَ ڌرتيءَ ۾ لڳايو ويندو
آهي، ته ان جي ميوي ۾ ساڳي لذت نه رهند ي آهي. هڪ
ڀيري اردوءَ جي ترقي پسند شاعر، حسن حميديءَ، مون
کي سنڌي هاريءَ تي اردوءَ ۾ هڪ نظم ٻڌايو. ان نظم
۾ هن ’نان جوين‘ (جَون جو نان) لفظ ڪم آندو هو ۽
مقصد اهو هوس ته سنڌي هاري ’نان جوين‘ جي تلاش ۾
سرگردان آهي. جڏهن نظم پورو ڪيائين، تڏهن مون هن
کي چيو، ’حميدي! سنڌ ۾ ٿو رهين يا ايران ۾؟ تو
علامه اقبال جي هن شعر مان ”نان جوين“ لفظ اڌارو
ورتو:
علامه اقبال اهو لفظ سعديءَ جي هن شعر تان اڌارو
ورتوهو:
پر پيارا سنڌ! ۾ ته جون جو نان گهوڙا کائيندا آهن.
متان سنڌيءَ هاريءَ کي اهڙِي ڳالهه چوين‘!“
”ڪلهه رات مان ريڊيو تي امير خسروءَ جي ايجاد ڪيل
’بهار راڳڻيءَ‘ جا هي ٻول ’ڪلين سنگ ڪرت رنگ رلين‘
ٻڌي، جهومي رهيو هوس، ته اردوءَ وارن ڇا وڃايو
آهي، ڇا پاتو آهي! ڇا هو فياض خان جا هي ٻول ’باجو
بند کُل جائي‘، ’ڪاهي ڪو جوٺي بنائيو بتيان‘ يا
اسد علي خان جو نٽ بهاڳ جو خيال ’جهنن جهنن پايل
باجي‘ ۽ جئه جئه ونتيءَ جو خيال ’لاڳي نين موري
پيا ڪي دواري‘ اهو چئي رد ڪري ڇڏيندا ته اهي ٻول
پاڪستاني اردوءَ ۾ نه آهن! ڇا هو سوامي هري داس
بيجو باورا ۽ تانسين کي انهيءَ ڪري ڌڪاري ڇڏيندا،
جو هو مسلمان نه هئا!“
تال سوک ڪر پٽر ڀيو، هنس ڪهين نه جاءِ،
پڇلي پريت ڪي ڪارني ڪنڪر چن چن کاءِ.
(ڪبير)
”مان غالب جي ساري شاعري ردي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ٿو
ڪيان ڇو ته هن بهادر شاهه ظفر اڳيان هيئن
ليلڙاٽيون ڪيون هيون.
”۽ جڏهن ساڳئي بهادر شاهه ظفر کي انگريز قيد ڪري
رنگون وٺي ويا هئا، ته غالب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
هڪ ادنيٰ آفيسر، بيڊن
(Cecil Bedin)،
کي هڪ قصيدو لکي موڪليو هو، جنهن ۾ هي شعر به هيو.
حيف باشد که ز الطاف تو ماند محروم،
همچو من بنده ديرين و نمک خوار کهن‘
(حيف آهي، جي تنهنجيءَ مهربانيءَ کان محروم رهجي
وڃي، مان جهڙو پراڻو ٻانهو ۽ جهونو نمڪ خوار!)“
”رات ريڊيو تي ’غالب کي دربار آم‘ پروگرام ٻڌي
رهيا هياسين. ’فيض‘ جي صدارت ۾ ڪيترائي شاعر ۽
اديب ’غالب‘ تي ۽ هن جي انبن سان رغبت تي شعر ۽
مضمون پڙهي رهيا هئا. هنن لاءِ انبن جي دعوت به
ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جا قسمين قسمين انب
آندا ويا هئا. جنهن وقت هو انب چوسي رهيا هئا، ان
وقت اوڀر پاڪستان جا لکين ماڻهو، ڳڀرو، ٻار، ٻڍا ۽
زالون، سرحد ٽپي، هندستان وڃي چڪا هئا. ۽ لکين
ماڻهو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي، هِت هُت ڀٽڪي رهيا
هئا. مون ان وقت ٿڌو ساهه ڀري سوچيو هو ته ’شاعر
به ذلت جي تري ۾ ائين ئي ڪري سگهن ٿا، جيئن ٻيا
ماڻهو. تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي جڏهن کوٽي ۽ کري جي
پرک ٿيندي، تڏهن هي چلڪڻا سڪا ڪوڏيءَ جي ملهه به
نه ويندا.‘
”ڀٽائي جا هيٺيان ٻه بيت تاريخ سان بي ذميدار
شاعرن لاءِ هڪ امر اطلاع آهن:
’ايءُ نه ڀانن ڀير، جو ڪينر ڪيري ٽنگيو‘
’سونهاري صبوح سين وجهي وٺين وير‘
’توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو!
_
’مون در ڇڏيو مڱڻا، مکين ڪوهه ٻيا؟
’تڏهن تو پيا، وچيان ولها ڏينهڙا‘.‘
”اڻويهين صديءَ ۾ فرانس جو زبردست سياسي دانشور
ٽئلي راند
(Talley rand)
ميرابو
(Mirabeau)
لاءِ چوندو هو ته ’هو پنهنجو روح پسي لاءِ وڪڻي
رهيو آهي، ۽ ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ڇو ته هو ڇيڻو ڏيئي
سون وٺي رهيو آهي‘.“
”هڪ چينائي چوڻي آهي ته ’هڪ وڏي يُگ ۾ رهڻ کان
وڌيڪ ڪوئي سراپ ٿي نٿو سگهي.‘ مان ڀانيان ٿو ته
اهو سراپ ئي شاعر جي وڏي ۾ وڏي پرک آهي ۽ ان جي
روشنيءَ ۾ ئي جوش مليح آبادي ۽ اردوءَ جا ٻيا شاعر
اڳتي هلي پرکيا ويندا.“
”معلوم ٿيو آهي ته پنجاب جا ٻه شاعر، احمد سليم ۽
حبيب جالب، جيل ۾ وڌا ويا آهن. احمد سليم منهنجن
ڪيترن ئي نظمن جا پنجابيءَ ۾ ترجما ڪيا هئا ۽ حبيب
جالب اردوءَ ۾ مون تي هڪ نظم لکيو هو. ڀڳت سنگهه
جي ڌرتيءَ تي ڪي ته سچ چوڻ وارا آهن! انهن جي
گرفتاريءَ جو ٻڌي، منهنجو انسان جي بنياديءَ
نيڪيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويو آهي. ها، عبدالله ملڪ
جي گرفتاريءَ جي باري ۾ مون اڳ ئي ڪٿي پڙهيو هو.“
’جڏهن به مان آرٽ جو نالو ٻڌان ٿو، منهنجو هٿ
پستول ڏانهن وڃي ٿو.‘
(نازي گيسٽابو جو سرواڻ، هرمن گوئرنگ)
”ٿامس مئن
(Thomes Mann)
هڪ جرمن يهودي هو. هن ٻيءَ عالمي جنگ کان ڪجهه وقت
اڳ هٽلر کي لکيو هو، ’تون پنهنجيءَ پوريءَ قوم کي
تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهيو آهين.‘ اهو خط دنيا جي
عظيم خطن مان آهي. پر ٿامس مئن هٽلر جي ڀَوَ کان
آمريڪا ڀڄي ويو هو ۽ اتان اهو خط لکيو هئائين. کِل
جهڙي ڳالهه آهي. لکين جرمن يهودي گئس چيمبر ۾
ماريا ويا، پر ٿامس مئن نه فقط ڀڄي بچي ويو، پر هن
کي نوبل پرائيز به مليو.
”ائني فرئنڪ به ڀڄي وڃي ها ته شايد هوءَ ٿامس مئن
کان به وڏي ناول نويس ٿئي ها. فن کي پنهنجي منطقي
نتيجي تي پهچائڻ لاءِ وڏي ڄمار ڪيڏي نه ضروري آهي!
هو عظيم مارڪسوادي جينيس، ڪرسٽافر ڪاڊويل، به ته
اسپين ۾ فاشزم خلاف لڙندي جوانيءَ ۾ مئو هو.
ڪيڏيون نه سياسي، سائنسي ۽ ادبي صلاحيتون هيون هن
۾! پر ڇا، حق ۽ انصاف جي جنگ کان ڀڄي، ڪوئي به
عظيم ادب تخليق ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جي ڪري به سگهي، ته
ڇا هن لاءِ اهو سودو مهانگو نه آهي؟ انساني عظمت
کان سواءِ فن جي تخليق ڇا ڪبي! ۽ اها عظمت ته
انهيءَ گهڙيءَ جي حاصلات آهي، جڏهن انسان ظلم جو
مقابلو ڪندي، موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. سچ
چوڻ لاءِ پوري زندگي ضروري نه آهي. فقط هڪ ئي گهڙي
ڪافي آهي. اها گهڙي پنهنجي عظمت جي مهر تاريخ تي
هڻي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فن کي توڙ تائين
پهچائڻ لاءِ زندگي ضروري آهي.
”ٽئگور، جي فقط ’مالهي‘ لکي مري وڃي ها، ته ماها
ڪوي نه ٿي سگهي ها. پر ڪانئرتا به ته ڪويتا جو موت
آهي. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪوئي ڪانئر به مها ڪوي
ٿيو آهي؟ هر عظيم شاعر آزاديءَ جو پروانو هوندو
آهي، ۽ پروانو ان تي نه سوچيندو آهي ته هن جي موت
وقت شمع ڪيترو پگهرجي چڪي آهي.“
”اڳين پيڙهي گهڻو ڪري چُڙي چنگهي، مري چُڪي آهي.
ڪالهوڪا رهبر اڄوڪا رهزن سمجهيا وڃن ٿا چڱو ٿيو.
اهائي ته تاريخ جي جدليات آهي.“
”موت هڪ نهڪر آهي، موت واڌوءَ جي نه، ڪٽ جي نشاني
آهي، وجود فقط زندگيءَ جو آهي.“
”آزاديءَ جا سوڙها پيچرا ڪنهن نه ڪنهن وقت شاهي
رستي ۾ ملندا آهن.“
”مان تنهنجي ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل
جو شاعر آهيان. تنهنجو حال اها نمرود جي آتش آهي،
جنهن کي مان اڪيلو نه وسائي ٿو سگهان ۽ نه ان کي
گلزار بڻائي ٿو سگهان، پر جي تون به مون سان گڏ ان
۾ ٽپي پوين، ته دنيا ۾ ڪجهه به امڪان جي حد کان
دور نه آهي.“
”پنهنجو قوميت جو تصور چندن جي پاڙ جهڙو آهي، جنهن
جي چوڌاري ڪاريهر ڦڦڪاري رهيا آهن.“
مٺيس جهل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو!
(ڀٽائي)
آلي بن ڪي لاڪڙي سلگت هون دن ربن،
(مان آلي بن جي ڪاٺي آهيان، ۽ ڏينهن رات ٻري رهيو
آهيان.)
”جي شاعري پيغمبري آهي ته اها صليب تي چڙهڻ کان
سواءِ نه ملندي آهي.“
”ڪير ڄاڻي ته پيڙهيءَ پيڙهيءَ جي رت ۾ اهو ڇا
پلجندو اچي ٿو، جو اوچتو ڪنهن انسان مان اڀري،
لفظ، رنگ يا پٿر کي زندگي بخشي ٿو!“
”هي دنبورو ڪوئي هر نه آهي، جو ان کي جنهن وقت به
چاهيان ته هلائي سگهان. هي وحشي هرڻ آهي، ۽ ڪوئي
به هرڻ کي سڱن کان وٺي، ڇال ڏيکاري نه سگهندو آهي.
ڇال لاءِ ترائيءَ جي سوجهه، پلر جي پياس ۽ اندر جي
اڇل ضروري آهي.“
”اڄ ته چنگ، ڪنهن نؤورنيءَ جي چپن وانگر، منهنجن
چپن تي کيپ ۾ اچي ويو آهي.“
”اڄ ته شاعريءَ منهنجي من کي ائين قابو ڪيو آهي،
جيئن شڪري جي ڳچيءَ ۽ پيرن جا گهنگهرو ڇم ڇم ڪندا
آهن، جڏهن هو ڪبوتر تي جهڙپ ڏيندو آهي.“
’نرنيءَ لوئي نل، سرکنڊ سان سرها ڪيا‘
(ڪنڀار)
اڌ رات جو ڪيڏانهن ٿي وڃين؟
پنهنجي پرينءَ کي ملڻ،
هيکلي ويندي، توکي ڊپ نٿو ٿئي،
مان هيکلي ڪٿي آهيان، منهنجو پيار، جو مون سان گڏ
آهي!
(امارو)
ويا سي عميق ۾ منهن ڪائو ڏيئي_‘
(ڀٽائي)
”امرت ويلو آهي. صبح جا چار لڳا آهن. مون مومل
راڻي جا ٻه چار بيت لکيا آهن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ
سوم_ رس جا ٻه چار مٽڪا پي ويو آهيان.“
رئندي رات وهاءِ، چڪائيندي بٺيون_،
(ڀٽائي)
”اي سنڌ! جيڪڏهن مون کي ڪنهن سگهڙ وٽ هڪ اڌ لفظ،
هڪ اڌ ٻول نظر آيو آهي، ته اهو مون هن کان کسيو
آهي. مون تو لاءِ سڃا ڦريا آهن ۽ ڀينگين کي کاٽ
هنيا آهن. مون رتي رتي ڪري ميڙي آهي، ان کي ڌوڙ
ڌئي وانگر سونجهي صاف ڪيو آهي، ۽ تو لاءِ جهوني
کان جهونا ۽ نئين کان نوان ڳهڻا گهڙي، توکي ڪنوار
وانگر سينگاريو آهي، نه رڳو مون کي ڪوئي سڳ سوڌو
پڪڙي نه سگهيوآهي، پر مون ڪٿي به پنهنجا پيرا نه
ڇڏيا آهن. مان پنهنجا هاڃا پاڻ ٿو باسيان، نه ته
مون تي ڪوئي گواهه نه آهي.“
”منهنجي ڏات جڏهن به ڪنهن ڪامڻيءَ تي گهائل مائل
ٿيندي آهي، تڏهن هن جي هڪ چڳ وڍي پاڻ وٽ رکي ويندي
آهي.“
”اي ڏات! تون ڪيستائين پَٽَ_ ڪينئن مان پَٽُ
اُڻندي رهندينءَ؟“
”ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ۾ وڏوشاعر
’سامي‘ منهنجو ڳوٺائي هو. هو منهنجيءَ شخصيت جو هڪ
پراسرار حصو ٿي رهيو آهي. جڏهن به ماحول مون کان
ڏاڍو ٿي ويندو آهي، مان ’ساميءَ‘ کان سام گهرندو
آهيان، هونءَ منهنجو ‘ساميءَ‘ سان سدائين جيهڙو
هوندو آهي ۽ مان هن جي ويدانت کان لهرائيندو
آهيان. اڄ جڏهن مان موت جي منهن ۾ پهچي چڪو آهيان،
’سامي‘ وري مون کي پناهه جو پاند آڇي رهيو آهي.
ڇا، مان هن ويدانتيءَ مان جان ڇڏائي نه سگهندس؟ ڇا
مان اڪيلو، بي ڀؤ موت کي اکين ۾ گهوري نه ٿو
سگهان؟ هو ڪيڏا نه ترڪڻ وارا تڙ ڏَسي رهيو آهي!
ڇا، مان سڌو ڇلانگ ڏيئي، ڇولين جي ڀاڪر نٿو وڃي
سگهان؟ اڄ ’ساميءَ‘ سان منهنجو پويون جهيڙو آهي،
يا ته مان هميشه لاءِ هن جي آڻ مڃيندس يا هن کي
پاڻ مان تڙي ڪڍندس. پر ڇا اسان ٻئي ٺهي نٿا سگهون؟
ڇا اسان ۾ ايڏو وڏو مت ڀيد آهي؟ ڇا ويدانتي ناستڪ
جو نهٺو نانءُ نه آهي؟“
”هڪ ڀيري اسان مٺيءَ کان ننگرپارڪر جيپ ۾ وڃي رهيا
هئاسين. لونڍار نالي ڳوٺ ۾ هڪ چاءِ جو هوٽل هو،
جتي اسان جيپ روڪي. اوچتو پريان سريلو آواز آيو،
جو منهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ ڇري وانگر پيهي ويو. مون
ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري ڪي هاري کيت ۾ ڳائي
رهيا هئا. اسان کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، ان کيت وٽ
پهتاسين. ان وقت آڪاس آگميل هو ۽ اتر اوڀر ۾ ٻڪرال
ٻهڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجهه ڀيل ٺڪر گڏ ڪري رهيا
هئا. وڄ جي چمڪاٽن سان هنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽
مرڪيون چمڪي رهيون هيون ۽ هو هڪ عجيب سر ۾ ڳائي
رهيا هئا.
آڙنگيو آڀي مان
اونڊو گجي ٿو گاجڙلو
همرچي جو ويلو
ٿڌي مند جو وائرو لڳو. . .
”جنهن وقت هنن ’همرچي جو ويلو‘ لفظ ٿي چيا، تنهن
وقت لوُنءَ لوُنءَ مان صدين جا سيسراٽ ٿي اڀري
ويا. اهو همرچو ٻڌي ڪهڙو ڪافر چوي ها ته سنڌ جي
منفرد ثقافت کي اهميت نه آهي!
”اڄ مون هڪ لوڪ گيت ’نئون همرچو‘ لکيو آهي.“
ماڻهوءَ جي رت ۾ هن ڌرتيءَ جي آڳانجهيءَ آجيوڪا
سان ڪوئي ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي. مون جڏهن رگ ويد ۾
وايو، اوشا، راتڙيءَ، اندر وغيره جي باري ۾ گيت
پڙهيا هئا، تڏهن منهنجي لوُنءَ لوُنءَ ڪانڊارجي
ويئي هئي. مثال طور انهن گيتن ۾ رات کي هڪ ’ڪارو
واڙو‘ چيو ويو آهي، جنهن ۾ چلڪندڙ گانيون بند آهن،
اوشا هڪ گوالي جي روپ ۾ پرگهٽ ٿئي ٿي ۽ واڙي جو
ٻنڍو کولي ڇڏي ٿي، ۽ گانيون گد گد ٿينديون، ڇلانگ
ڏينديون، ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون، اهي گانيون سج جا
شعاع آهن. اهڙا گيت مون تي اهو اثر ڪندا آهن، جو
قلندر شهباز جي درگاهه تي ڌمال جو آواز پيدا ڪندو
آهي، جڏهن زائر اڳيئن شو _ پنٿين وانگر جهومندا
آهن. مون کي هڪ مغربي نقاد جو هيٺيون نڪتو ڏاڍو
وڻيو هو. ’ڪويتا ٻوليءَ جي پردي پٺيان ڪنهن پراچين
شبد جو پراهون پڙاڏو آهي‘.“
”جرمن ليکڪ هاف مئن
(Hoffman)
چوندو هوته سنگيت ٻڌي، هن کي سر، ون ۽ واس ۾ هڪ
ڳجهو ۽ گهرو ناتو نظر ايندو آهي. هن کي پڪ هئي ته
انهن سڀني کي روشنيءَ جي ساڳئي تروري جنم ڏنو آهي،
۽ اهي اننت ۾ ڪٿي ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. گهاٽن ڳاڙهن
گلن جي سڳنڌ هن تي هڪ عجيب اثر پيدا ڪندي هئي ۽ هو
ڪنهن سپني ۾ اچي ويندو هو ۽ ائين ڀائيندو هو ته
پريان ڪنهن ناد مان آواز اچي رهيو آهي. هن ان حد
تائين چيو هو ته ’اها ڪائي ٺلهي چوڻي نه آهي، جي
ڪوئي سنگيت ڪار ائين چوي ته ”سر جي روپ ۾ ون ۽ واس
هن جي اندرينءَ سوجهه ٻوجهه تائين پهچي ٿو“.‘
”مان ڀانيان ٿو ته هو ٺيڪ چوندو هو. هڪ سنگيت ڪار
ون ۽ واس کي سر ۾ بدلائي سگهي ٿو ۽ سر کي ون ۽ واس
۾ بدلائي سگهي ٿو.“
’ٻولي، جا حسن ۽ معنيٰ جو گهر آهي، انسان لاءِ پاڻ
ئي سوچي ٿي ۽ پاڻ ئي ڳالهائي ٿي، ۽ پنهنجي ٻاهرئين
ٻول سان نه، پر پنهنجيءَ اندرينءَ وهڪ جي تک سان
موسيقيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. پوءِ ڪنهن ڀرپور نديِءَ
وانگر، پنهنجيءَ تک سان پٿرن کي چمڪائيندي ۽ پن _
چڪيون ڦيرائيندي، ٻوليءَ جي وهڪ پنهنجي طور طريقي
سان ترنم پيدا ڪري ٿي ۽ ڪيئي صورتون ٺاهي ٿي، جي
اڃا تائين نه ڳوليون ويون آهن ۽ نه سوچيون ويون
آهن ۽ نه وري انهن کي ڪوئي نانءُ ڏنو ويو آهي. ان
وقت يوري
(Yury)
محسوس ڪندو هو ته هن جي ڪم جو گهڻو حصو هن پاڻ نه
ٿي ڪيو، پر اهڙيءَ طاقت ٿي ڪيو، جا هن کان مٿانهين
هئي ۽ هن کي ضابطي ۾ رکي رهي هئي.‘
(پيسٽرنڪ ’ڊاڪٽر زواگو‘ ۾)
”جنوري
1964ع
۾ مان ۽ منهنجا ڪجهه دوست نربدا نديءَ جي ڪناري تي
پاڻيءَ ۾ پير ڀڄائي رهيا هياسين. اڇو اجرو پاڻي
گجگاٽ ڪندو وهي رهيو هو ۽ ندي تري تائين نظر اچي
رهي هئي. ٿوري پنڌ تي مالوا جي روپ متيءَ ۽ باز
بهادر جو محل هو. وقت ان کي جهوري کنڊر بڻائي رهيو
هو. اڄ مون کي اها ندي ياد اچي رهي آهي، جنهن جي
اوجر ۽ اڇاڻ کي ماڻهوءَ جا ميرا پير مٽائي نه ٿي
سگهيا، ۽ مان سوچي رهيو آهيان ته منهنجيءَ شاعريءَ
به ته اهڙو ئي محل بڻايو آهي ۽ ان مان پيار جي
سڳنڌ ۽ سنگيت جي مڌرتا دور دور تائين ڦهلجي چڪي
آهي. ڇا زندگيءَ جون قاتل قوتون ان کي مٽائي مٽيءَ
جو ڍير بڻائي ڇڏينديون، ۽ ڪجهه صدين کان پوءِ ان
وٽ بيهي، ڪي ياتري ٿڌو ساهه ڀريندا ۽ ڪنهن نئين
محل بڻائڻ لاءِ سوچيندا؟“
”منهنجي ڪوتا توکي امر بڻائي ڇڏيو آهي. مان تنهنجي
پيار جو فرض چڪائي چڪو آهيان، هاڻي تنهنجي سار مون
کي ستائيندي نه آهي.“
’جڏهن ڪنهن شاعر جي ڄمار وڌي ٿي ۽ هو گهريءَ نگاهه
سان هر شيءِ کي ڏسڻ لڳي ٿو، تڏهن انهيءَ هر ڳالهه
جي، جنهن کي ماڻهو سونهن چون ٿا، ۽ سرير جي هر
ڪامنا جي، هن لاءِ اهميت گهٽجي ٿي وڃي. جنهن کي
دور رس نگاهه آهي ۽ جنهن زندگيءَ جون لاهيون
چاڙهيون ڏٺيون آهن، ان لاءِ رڳو بسنت ئي پياري مند
نه آهي ۽ نه وري سرءُ ئي سڀ کان بري مند آهي. اڳتي
هلي، هو سونهن کي سرير جي ترمتيءَ لاءِ نٿو ڳولي
اسٽينڌال
(Stendhal)
هڪ هنڌ چيو آهي ته ”اڳتي مون لاءِ سونهن اها شيءَ
هوندي، جا ٻاجهاري هوندي، جا منهنجي ڪارج جي
گهڻگهري ۽ منهنجي ڀروسي جي ٻانهن ٻيلي هوندي ۽
جنهن کي منهنجي سوجهه ٻوجهه سان ات اڪنڍ هوندي.
اڳتي مون لاءِ ڪوجهائي رڳو ڏاڍ، لوڀ، ڪوڙ ۽ مورکتا
ٿيندي“.‘
(اينڊ اسٽارڪي ’بودليئر جي زندگي‘ ۾)
”اڄ منهنجو پٽ، انيس، آيو هو. هن چيو ته ’ڪالهه
رات گهر ۾ چور ٽپيا ها. اسان ڪوٺي تي ستل هياسين.
کڙڪي تي امان کي جاڳ ٿي ويئي ۽ هن ڪٽهڙي کان هيٺ
ڏٺو ته ٽي ماڻهو بيٺا هئا. پوءِ هن ”چور، چور“ جون
دانهون ڪيون، ته مون کي جاڳ ٿي ويئي. مون
سيرانديءَ کان رکيل روالور کڻي هوا ۾ فير ڪيو، ته
چور ڀڄي ويا. پر شور تي جيئن روحي جاڳي، هن جو اڌ
ڌڙ نستو ٿي ويو ۽ اڃا تائين کٽ تان اٿي نٿي سگهي.
ڊاڪٽر چون ٿا ته هن تي هراس جو اثر ٿيو آهي ۽ جي
هن کي ڪوهه مريءَ يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ تفريح لاءِ
وٺي وينداسين ته هن جو من ٻيءَ پوندو ۽ هوءَ ٺيڪ
ٿي ويندي‘.
”مون هن کي چيو ته ’منهنجو فڪر نه ڪيو ۽ سڀيئي
ڪيڏانهن نڪري وڃو‘.
”اڄ مان ڏاڍو منجهيل آهيان. ڇا، مون کي اهو حق آهي
ته پنهنجي آدرش جي ڪڍ لڳي، پنهنجي ساري ڪٽنب کي
ايترا ڏک ڏيان؟ هو ته اهو سمجهي به نٿا سگهن ته
مان ڇا لاءِ ٿو وڙهان! ڇا، مان خود غرض نه آهيان،
بي ذميدار نه آهيان؟
”مون اٽڪل ٻه سئو صفحا نئون شعر لکيو آهي، ۽ جي هي
حادثو نه ٿئي ها، ته هزار صفحا لکي وڃان ها. اڃان
ته مون فقط بيت ۽ وايون لکيون آهن. جيستائين روحي
ٺيڪ نه ٿيندي، مان ڪجهه به لکي نه سگهندس.“
”اڄ روحي جيل تي آئي هئي. هوءَ ڪراچيءَ ۾ ويهارو
ڏينهن رهي ٺيڪ ٿي ويئي آهي. هاڻي مان ننڊ ڪري
سگهندس ۽ مون کي سگريٽ پي پي رات ڪاٽڻي نه پوندي.
جي وري ڪيفيت طاري ٿي، ته لکي به سگهندس. پر ڏات
وڏي ڇنال آهي، هڪ ڀيرو ڀڄي وڃي ٿي ته ان کي ٻيهر
وس ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
’ڪلپت سڀ ڪٽي اسٿت ٿي آڪاس جان_‘
(سامي)
”ڪالهه ٿري ڌاڙيل، جئمل منهنجيءَ کوليءَ ۾ گهڙي
آيو. هو قد جو پورو پنو، هاٺيءَ جو سنهون ۽ منهن
جو سانورو هيو. هن جي قد ڪاٺ ۽ ڊيل ڊول مان ڏاڍ
مڙسي نه ٿي بکي. باقي هن جون اکيون ڄڻ رڪ جون ٺهيل
هيون. مون هن کي اکيون ڇنڀندي نه ڏٺو. هن کي جنم
ٽيپ ملي هئي، ۽ ڏهاڪو سال سزا ڪاٽي چڪو هو. هونءَ
ته پوليس رڪارڊ موجب هن اڻويهه خون ڪيا هئا ۽ ڪيئي
ڌاڙا هنيا هئا، پر هن تي فقط هڪ ڌاڙو ثابت ٿيو هو،
جنهن ڪري هن کي سزا آئي هئي. هن ان ڌاڙي جي باري ۾
چيو، ’اسان سترنهن ڄڻا هياسين، پولس سڀني کي
گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکيو هو، پر اسان اتان ڀڄي
نڪتاسين ۽ ٿاڻي تان سپاهين کان رائيفلون ۽ گوليون
به کسي آياسين. ٻيا ساٿي ته وچ تان ڦٽي ويا، باقي
اسان ٻه ڄڻا پنڌ پياسين ته جيئن ڪڇ جي رڻ مان
لنگهي سرحد ٽپي وڃون. مان ڀارت ۾ ڌاڙو هڻي،
پاڪستان ٽپي ايندو آهيان ۽ پاڪستان ۾ ڌاڙو هڻي،
ڀارت ٽپي ويندو آهيان. مون لاءِ ڪابه سرحد نه آهي.
سو مون ڳالهه ٿي ڪئي ته اسان باقي ٻه وڃي بچياسين.
منهنجو ٻيو ساٿي مسلمان هو. پوليس وارا اسان جي ڪڍ
هيا، هڪ هنڌ مقابلو به ٿيو پر اسان هنن تي فير ڪيا
ته هو ڀڄي ويا. جڏهن رڻ ۾ پهتاسين ته اڌ رات ٿي
وئي. هونءَ ته مان تارن تي دڳ ائين ڳولي ويندو
آهيان، ڄڻ ابي جي گهر ٿو وڃان. پر اسان ڏاڍا ٿڪل
هياسين ۽ ويٺاسين مس ته ننڊ ويڙهي وئي. جاڳ ٿي، ته
سج ڪانو مٿي اچي چڪو هو. .مون پنهنجي ساٿيءَ کي
ڌونڌاڙي اٿاريو مس، ته هن کي ڄنگهه ۾ گولي ٺڪاءُ
ٿي وئي ۽ هو ڪري پيو. مون ڊوڙي ڀٽ جي اوٽ ورتي ۽
پوليس تي گوليون هلايون. اڌ ڪلاڪ ڊز ڊز ٿي ۽ پوءِ
پوليس پٺتي ڀڄي وئي. مون پنهنجي ساٿيءَ کي ڏٺو ته
هو پنڌ ڪرڻ جهڙو نه هيو مون هن کي ڪلهي تي کنيو ته
هن چيو، ”جئمل! ڏينهن تپي ويو آهي، تون مون کي کڻي
هلندين ته سرحد ٽپي نه سگهندين. مان ته هونءَ ئي
ٿو مران، تون سر ڇو ٿو وڃائين؟“ مون سوچيو ته
”ڳالهه ته سچي ٿو ڪري، پر گلا ٿي پوندي. ماڻهو
چوندا ته ڪراڙ ڀاڙي هو ۽ ساٿيءَ کي ڇڏي ڀڄي ويو.
نه جئمل! جيئڻ ٿورا ڏينهڙا آهي، گلا جو گهانگهو
مڙس ڳچيءَ ۾ نه وجهندا آهن.“ بس پوءِ ته هو منهنجي
ڪلهي تي هو ۽ مان وک وک ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو وڌي رهيو
هوس، تان جو سج ڪاپار تي اچي پهتو. اڃ ۾ منهنجي ڄڀ
ٿوهر جي ڪانڀ وانگر سڪي وئي هئي. ايتري ۾ گوليءَ
جو زوڪاٽ ٿيو ۽ گولي منهنجي ڪن وٽان نڪري وئي. مون
ساٿيءَ کي هيٺ لاٿو ۽ رائيفل سڌي ڪئي. پوءِ ته مون
مينهن وانگر گوليون وسايون ۽ جڏهن پوئين گولي کپي
وئي، تڏهن رائيفل ڦٽي ڪري، هٿ کڻي مٿي ڪيم‘.
”جئمل احوال ڏيئي، پن جي ٻيڙي دکائي. ٿوريءَ دير
کان پوِءِ پڇيائين، ’تون ڪهڙيءَ چانچ (چارج) ۾
آهين؟‘
’جئمل!‘ مون جواب ڏنو، ’مان به لڳ ڀڳ ساڳيءَ چانچ
۾ آهيان‘.
’مون ڪيترائي سونا ڳهه مٽيءَ ۾ پوري رکيا آهن.
هتان نڪران ته اهي کوٽي ڪڍان‘، جئمل حسرت سان چيو.
مون ٽهڪ ڏيئي چيو، ’جئمل! تون منهنجو پورو جهُٽ
آهين‘.“
’هن تصوير ڏانهن چتائي ڏٺو. ان ۾ يسوع جو دسترخوان
هو، جنهن ۾ تيرنهن ماڻهو پوئينءَ رات جي مانيءَ
(Last Supper)
لاءِ ويٺل هئا. هن سوچيو ته هي ڪيئن ويٺا آهن!
يسوع ڪٿي آهي ۽ جوڊاس
(Judas)
ڪٿي آهي؟ هو سمجهي نه سگهيو ته جنهن جاءِ تي هو
ويٺل هئا، اتي ڇا لاءِ ويٺا هئا؟ يسوع کاٻي پاسي
ويٺو هو، جتي هن يسوع کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ڇو
ته هن جي جاءِ وچ تي هئي. هن ليونارڊو ڊاونسيءَ
(Leonardoda Vinci)
سوڌو، جيترن به عظيم مصورن جون ان موضوع تي
تصويرون ڏٺيون هيون، انهن ۾ يسوع وچ ۾ ويٺل هو ۽
جوڊاس ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي دسترخوان تي ويٺل هو،
گهڻو ڪري يسوع جي کٻي پاسي يا سامهون پر هو هيکلو،
نهايت هيکلو لڳندو هو. هو هميشھ گدلو، ڪوجهو ۽ ڪرڀ
ڏياريندڙ لڳندو هو.
’پر هن تصوير ۾ ته جوڊاس وچ ۾ ويٺل هو. ڪنهن ڀل جو
سوال ئي نه هو، هو بلڪل وچ ۾ ويٺل هو.
’هو تصوير ڏسي ڌڏي ويو. مصور جو مقصد ڇا هيو؟ ڇا
هو ڪوئي مکيه ماڻهو هو يا ٻين ڏاڙهيءَ وارن وانگر،
هو به هڪ ڏتڙيل، ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو هو؟ ڪوئي به
هن ڏانهن ڏسندو ته چوندو ته هو سهڻو آهي، بشرطيڪ
هن جوڊاس کي اڳ نه ڏٺو هجي ۽ تصوير ۾ هن کي ٻٽونءَ
جا ڌاڳا ڇڪيندو نه ڏٺو هجائين ۽ اهو نه ڏٺو هجائين
ته هو پنهنجو چوغو ٺاهي، تڙتڪڙ ۾ لالچ آڇيندڙن
ڏانهن وڃي رهيو آهي. هن سوچيو ته اهو مهانڊو،
پنهنجن ڪارن گهنڊي دار وارن سان، پنهنجي ڊولائتي
تڪ ۽ موهيندڙ اکين سان، ايترو ته سهڻو هو، جو
ڏسندڙ هراسجي ٿي ويو.
’سچ ته اها تصوير ڏاڍي ڪنبائيندڙ هئي، ڇو ته هڪ
غدار اهڙو حسين ڪيئن ٿي سگهندو! ڇا هو گدلو، ڪوجهو
۽ ڪرڀ ڏياريندڙ نه هجڻ گهرجي؟ ڇا هن جي صورت اهڙي
هجڻ گهرجي جا همدردي پيدا ڪري؟‘
(نازي جرمنيءَ ۾ لکيل هڪ ناول
Witch’s son
تان ورتل)
”جيل ۾ قيدين بغاوت ڪئي آهي. هنن کي نه فقط راشن
پورو نٿو ملي پر ٻيون سهولتون به نه ٿيون ملن. کير
۾ ڏهه حصا پاڻي ۽ هڪ حصو کير آهي. چاءِ، خبر نه
آهي ته ڇا جو ڪاڙهو آهي! ملاقاتي پٽاٽا، بصر
وغيره، رشوت ڏيڻ کان سواءِ، قيدين کي پهچائي نٿا
سگهن. ان ڪري قيدين ۾ ڏاڍو تاءُ آهي. ٻيو ته جيل
کان ٻاهر، جا ايوب خان جي پوئين دور ۾ آزاديءَ جي
لهر هلي هئي، ان جو اثر جيل اندر قيدين تي به پيو
آهي. هر ڪو پنهنجا حق پيو گهري. پاڏن ۽ سانن جهڙا
اڙٻنگ مڙس هاڻي جيل جي لوسي سنترين جي پرواهه نه
ٿا ڪن. هو رات جو پنهنجون کوليون قلفن سان بند ڪرڻ
نه ٿا ڏين ۽ ڏينهن جو زوريءَ ڪم ڪرڻ کان نابري ٿا
وارن. جيل جي لوهر خاني مان ڪيتريون ئي تکيون
ڇريون ٺهرايون اٿائون، وڻن جا ڏار ڪپي ڏنڊا ٺاهيا
اٿائون ۽ ٻه چار پستول به ملاقاتين جي معرفت
کسڪائي جيل ۾ آندا اٿائون. جيل جي انتظاميا هنن کي
اطلاع ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڪئي کان باز اچن،
ڏينهن جو پورهئي تي وڃن ۽ جيل جي قانون جي ڀڃڪڙي
نه ڪن. جواب ۾ هو ساري رات ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا ۽ وارڊن
جون ڀتيون ڀڃي، سرون ڪٺيون ڪن ٿا، جيئن اهي جهيڙي
۾ ڪم آڻي سگهن. هو ساري رات زور سان نعرا هڻي ننڊ
ڦٽائن ٿا. هونءَ ته سنڌ جي سڀني جيلن ۾ بغاوت آهي،
پر جيلر جيل ۾ گهرايل اخبارون سينسر ڪري، انهن مان
جيلن ۾ بغاوت جي باري ۾ خبرون ڪٽي ڇڏن ٿا. اسان جي
وارڊ ۾ ٻه وڏيرا قيدي آهن، جي جيل جي انتظاميه جو
ساٿ ڏين ٿا ۽ سکر ۽ جيڪب آباد جي قيدين کي
لاڙڪاڻي، دادوءَ ۽ حيدرآباد جي قيدين سان ويڙهائڻ
جي ڪوشش ڪن ٿا. جيل جا مقدم به ٻن ڌرين ۾ ورهائجي
ويا آهن. هڪڙا اهي آهن، جي پنهنجي خسيس لوڀ ۽ لالچ
کي پوري ڪرڻ لاءِ انتظاميه جا خوشامدي ۽ چغل آهن ۽
ٻيا اهي آهن جن کي پنهنجي قيدي ڀائرن سان همدردي
آهي ۽ اندرينءَ طرح انهن سان مليل آهن. قيدي چانهه
چڪيءَ، راشن جي ڀاڄيءَ ڀتيءَ، پن جي ٻيڙيءَ،
جوڙيءَ جي نئين وڳي وغيره معمولي ڳالهين تي وڪامي
ويندا آهن. جيلر صاحب ته ٺهيو، پر جي ڪوئي مقدم به
هنن سان کلي ڳالهائيندو آهي، ته هن تان قربان
ويندا آهن. پر جي هڪ ڀيرو هنن کي غيرت آئي ۽ ڇتا
ٿي بيٺا، ته هنن جي اکين مان واگهه گهوريندا نظر
ايندا آهن. مون انهن کي وڪالت جي پيشي ۾ چوويهه
سال ڏٺو آهي. هو پوليس، قانون ۽ عدالتن اڳيان ڏاڍا
هيسيل هوندا آهن. ججن جون چانديءَ جون عصائون ۽
وڪيلن جا ڪارا جبا ۽ ٿلها ڪتاب ڏسي ۽ انگريزيءَ ۾
هنن جي گٽ مٽ ٻڌي، هو رعب ۾ اچي ويندا آهن. پر جي
انهن مان ڪنهن جو ڀو ڀڄي پوندو آهي ۽ هو بندوق سڌي
ڪندو آهي، ته پوري ضلعي جي پوليس کي ڪيئي ڏينهن
ڀنواٽيون هونديون آهن. بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ته
انگريزن جي دور ۾ ٿيا هئا، پر ويجهيءَ ڇڪ ۾ سنڌ ۾
اهڙا ڌاڙيل پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي تر ۾ حڪومت
هلائي آهي، وڏيرن کان زوريءَ ڏن ورتو آهي ۽ هنن جي
نالي ٻڌڻ سان ئي پوليس وارن ۾ ڪنبڻي پئجي ويندي
آهي. سنڌين کي سٻاجهڙو چيو ويندو آهي، پر مون ڏٺو
آهي، ته هنن صدين جي پيڙهيل ماڻهن جي آنڊن ۾
آڳانجهيون قاتلانه قوتون لڪل آهن، هاتڪ اڌما، جي
مارڻ، ڏارڻ، ڌڪارڻ ۽ لوئڻ نچوئڻ چاهن ٿا. هنن جا
سڀ تاريخي سرواڻ وڙهندي ماريا ويا آهن ۽ ڪڏهن به
آڻ نه مڃي اٿائون. هڪ ڀيري مون وٽ ٻهراڙيءَ جو
ڪوئي ماڻهو ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آيو. مون هن کان
پڇيو، ’تنهنجو نالو ڇا آهي؟‘
’رهزن‘، هن جواب ڏنو.
’ڄاڻين ٿو ته رهزن ڪنهن کي چوندا آهن؟ مون هن کان
پڇيو.
’مڙس ماڻهوءَ کي چوندا آهن، ٻيو ڪنهن کي چوندا
آهن!‘ هن جواب ڏنو. هن جي پيءُ، ڏاڏي، پڙڏاڏي سڀني
پلو ۾ خون ڪيا هئا، ۽ هو سڀ پلو ۾ ماريا ويا هئا.
ڳالهيون ڪندي، هن چيو هو، ’صاحب! مڙسن تان جهڙ
جهيڙا نه لهندا آهن. اهو مڙس ڪهڙو، جو پلئه نه
ڪري؟‘
”مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا ڀٽائي هن قوم کي
سمجهي سگهيو هو؟ ڇا هو اهو ڄاڻي سگهيو هو ته هن
قوم جي تحت الشعور ۾ صدين سان پلئه ڪرڻ جو بي
پناهه جذبو موجود آهي؟ ڇا تصوف هن قوم سان اها ڪار
نه ڪئي آهي، جا چين سان آفيم ڪئي هئي؟“
”قيدين کي اسان جي وارڊ وارن وڏيرن تي ڏاڍي ڪاوڙ
آهي، جي رات جو حملو ڪيائون ته پهريون اسان جي
وارڊ تي ڪندا. وڏيرا ۽ انهن جا ڇاڙتا ساري رات
ڏنڊا کڻي پهرو ڏين ٿا. مورچن تي جيل جا سپاهي
رائيفلون ڀري بيٺا آهن. ساري رات ’سي ڪلاس‘ ۾ ڀتين
مان سرون پٽجن ٿيون ۽ نعرا لڳن ٿا. منهنجي ۽ ڀٽيءَ
جي ننڊ به ڦٽي پئي آهي. جي حملو ٿيو، ته اسان به
ماريا وينداسون، ڇو ته اسان به وڏيرن سان گڏ ’بي
ڪلاس‘ ۾ آهيون. ويڙهه ۾ سروٽي کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪنهن
جو مٿو ٿو ڦاڙي! ظالمن هٿان مارجي وڃڻ جو خطرو ته
مون کي هميشھ رهيو آهي، پر هن کان اڳ مون اهو
سوچيو به نه هو ته متان ڪڏهن مظلومن هٿان ماريو
وڃان. آخر اسان به ته اتفاق سان انهيءَ ڪلاس ۾
آهيون، جتي مظلومن تي ظلم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي
آهي.“
”رات جا ٻارنهن لڳا آهن. آسمان ۾ انيڪ ستارا ٽمڪي
رهيا آهن. منهنجا ٻه نيڻ به انهن سان ملي، هن بي
انت سنسار ۾ سمائجي ويا آهن. چوڌاري چپ چپات آهي.
رڳو ڪنهن سنتريءَ جي پڪار اچي ٿي، جنهن جي جواب ۾
وارڊ جي مقدم چوي ٿو ته ’ٽوٽل پورو آهي.‘ ان جواب
مان سنتريءَ کي اطلاع ملي ٿو ته ڪوبه قيدي فرار نه
ٿيو آهي. اسان جي وارڊ وارا وڏيرا قيدين کي
ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، قيدين هڪٻئي جا مٿا
ڦاڙيا، ۽ جيل جي پوليس رائيفلون تاڻي، وارڊن ۾
گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. باغي قيدين جا اڳواڻ
ٻڌا ويا آهن. ۽ سڀاڻي انهن کي ساهيوال ۽
ميانواليءَ جي جيلن ۾ موڪليو ويندو. هن جيل ۾ ۽ هن
جيل کان ٻاهر هزارها ميل وڏي جيل ۾ ڪيڏي نه مشابهت
آهي!“
”اڳئين ڇنڇر تي منهنجو پٽ، انيس، آيو هو ۽ چيائين
ته ’امان ڏاڍي دلگير ٿي پيئي آهي ۽ اوهان سان ملڻ
چاهي ٿي.‘ مون کي جيل ۾ ساڍا ست مهينا گذري ويا
هئا ۽ زرينا مون سان هڪ ڀيرو به نه ملي هئي. دراصل
مون هن کي ملاقات کان روڪيو هو، ڇو ته جيل جو وڏو
لوهي دروازو، ڀاري ڪڙا ۽ قلف، پهري ته بيٺل
هٿياربند سنتري ۽ ڳاڙهين، پيلين ۽ساين ٽوپين وارا
مقدم ڏسي، هوءَ هراسجي وڃي ها. زندگي بي اعتبار
آهي ۽ منهنجي صحت پوڻي پئجي رهي آهي، ان ڪري مون
هن ڀيري انيس کي چيو، ’ٻئي ڇنڇر تي ماءُ کي وٺي
اچجانءِ.‘ مون کي هفتي ۾ فقط هڪ ڇنڇر تي ملاقات جي
اجازت آهي ۽ سا به سي آءِ ڊي جي موجودگيءَ ۾.
”اڄ پنجين بجي زرينا آئي هئي. هن جون گهايل اکيون
اڳي کان به موهيندڙ هيون پر هوءَ ڳري ڪنڊا ٿي وئي
هئي ۽ هن جي ڳلن ۾ کڏون ٿي پيون.
”سامهون جيل جو ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ ويٺو هو ۽ منهنجي
ڀرسان سي آءِ ڊي وارو مفتيءَ ۾ ويٺو هو. اچڻ سان
هوءَ مونکي ائين چنبڙي پئي، جيئن ڪائي ول وڻ کي
چنبڙي پوندي آهي، ۽ بي اختيار روئڻ لڳي. ڊپٽي
سپرنٽِنڊنٽ سنڌي هو ۽ منهنجي عزت ڪندو هو. هن هڪ
سپاهيءَ کي چيو ته اسان جي سامهون ڪاٺ جو پردو رکي
ڇڏي جيئن اسان ان جي پٺيان اڪيلائي ۾ ڳالهائي
سگهون. پنجابي سي آءِ ڊي واري به ڪوئي اعتراض نه
ورتو.
”زرينا ڪافي دير تائين روئيندي رهي ۽ مان هن کي
خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس. هن مون سان پنجويهه سال
گڏ گذاريا هئا، منهنجون اوڻايون لنوائيندي رهي هئي
۽ ڪڏهن به منهنجي ادبي يا سياسي پورهئي ۾ رڪاوٽ نه
ٿي هئي. جي اسان ٻنهي کي انسانيت جي تارازيءَ ۾
توريو وڃي، ته هن وارو پڙ ڀاري ٿيندو. مون پاند
سان هن جا ڳوڙها اگهي، هن کان پڇيو، ’خوش آهين؟‘
هوءَ وري وڃي سڏڪن ۾ پئي، ۽ مان ڪافي وقت هن کي
پرچائيندو رهيس. ايتري ۾ سائرن وڳو ۽ جيل جون
بتيون وسامي ويون. گهڙي نه گذري ته ’ڌڙام ڌڙام‘
ڪري روهڙيءَ تي بم ڪرڻ لڳا ۽ جيلن جون ڀتيون لڏڻ
لڳيون. هوءَ ڀو ۾ مون کي چنبڙي پئي. مون ڏاڍو
چاهيو ته سگريٽ دکايان، پر بلئڪ آئوٽ ۾ تيلي ٻارڻ
جي منع هئي. مون من ۾ هن کي چيو، ’مان توکي ڪيئن
سمجهايان ته تون ۽ مان هڪ هزار سال جي ڪئي جو ڪيتو
ڏيئي رهيا آهيون.‘
”اڌ ڪلاڪ کان پوءِ بتيون ٻريون، ته زرينا مون کي
نهايت معصوميت سان چيو، ’جڏهن به بمباري ٿيندي
آهي، مان ٻارن سوڌي کٽ هيٺان لڪي ويهندي آهيان،
رڳو سليم ئي پڌر مان هوائي جهازن کي ڏسندو آهي.‘
”مون کي کِل اچي وئي. اسان جي گهر ۾ به هڪڙو ٻار
تي ويٽنامي آهي. هوءَ به کلي ويٺي. مون هن کي چيو
ته ’مان ڀانيان ٿو ته جنگ وڌيڪ نه هلندي، پر جي
وڌيڪ هلي ته تون شڪارپور هلي وڃجانءِ‘
’ڇا به ٿئي‘، هن جواب ڏنو، ’توکي سکر ۾ ڇڏي مان
شڪارپور نه وينديس‘.“
’سڀ انسان هر انسان جي ڳچيءَ لڙڪن ٿا، سو! تنهنجي
۽ منهنجي ۾ ڪوئي فرق نه رک!“
(يوناني اديب نڪوس ڪازنت زيڪس پنهنجي ناول ’يسوع
ٻيهر صليب تي‘ ۾)
’مڱڻهارن مپ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري‘
(ڀٽائي)
’ڪرم دنيا سان ٻڌي ٿو، پر يگيه ارٿ (پاڻ قربانيءَ
جي خيال کان) ڪرم ڪجي ٿو، ته ڪين ٿو ٻڌي.‘
(’ڀڳوت گيتا‘، ائني بيسنت، ترجمو ڄيٺمل پرسرام)
”شاعر زندگيءَ جي رفتار جو جذباتي سونهون هوندو
آهي ۽، پنهنجي مبهم انداز ۾، سياستدان کان اڳ
تاريخ جا اهم موڙ ڏسي سگهندو آهي. پنهنجيءَ تقدير
جي باري ۾ به هن کي پروڻ پوندا آهن. لورڪا جو هڪ
نظم آهي.
’مون محسوس ڪيو ته مون کي قتل ڪيو ويو آهي.
هو ڪئفي، قبرستان ۽ گرجائون ڳوليندا رهيا،
هنن کوکا ۽ الماريون ڳولي ڏٺيون،
هنن ٽن هڏاون پڃرن کي ڦريو ۽ انهن جا سونا ڏند
لاهي ورتا،
پر هو مون کي ڳولي نه سگهيا،
هو ڪڏهن به مون کي ڳولي نه سگهيا.‘
انهيءَ نظم لکڻ کان ڪجهه وقت پوءِ هو اسپين جي
فاشي ڪتن هٿان ماريو ويو ۽ هن جو لاش هٿ نه آيو.
روس جي روماني شاعر، ارمنتوف، هڪ نظم لکيو هو،
’ٽاڪ منجهند جو داغستان جي ماٿريءَ ۾
مان بيجان پيو هوس ۽ گولي منهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ هئي،
هڪ گهري زخم مان (بارود جو) دونهون نڪتو،
۽ خون منهنجي جسم مان وهيو ۽ ڄمي ويو.
مان تتيءَ واريءَ تي تنها پيو هوس،
منهنجي چوڌاري پهاڙيون هيون،
۽ انهن جون پيليون چوٽيون سج جي تاوَ ۾ لهسي رهيون
هيون،
۽ مان خود، موت جي ننڊ ۾، ڌرتيءَ تي لهسي رهيو
هوس.‘ ارمنتوف جو موت ڪوهه قاف جي هڪ سنسان جاءِ
تي ويڙهه ۾ گوليءَ لڳڻ سبب ٿيو.
”مائڪو وسڪيءَ جو هڪ نظم آهي.
’اتي، جتي انسان جي دور رس نگاهه پهچي نه سگهي
آهي.
بکايل قوتن جي رهبري ڪندو.
اڻويهه سؤ سورنهن اڀري رهيو آهي،
۽ اوهان منجهان آءٌ ان جو پيغمبر آهيان.‘
اهو نظم هن
1915ع
۾ لکيو هو ۽
1917ع
۾ روس ۾ انقلاب آيو.
”مون اهڙا ڪيئي شعر پڙهيا آهن، جي شاعر جي پنهنجي
باري ۾ ۽ هن جي دور جي باري ۾ اڳڪٿي ثابت ٿيا آهن.
”ڇا منهنجي شاعريءَ جا خواب به اهڙيءَ طرح حقيقت
جو روپ وٺندا؟ ڪئين چئجي!“
’اسان ٻه ٿڙ آهيون، جن کي وڄ چمڪائي رهي آهي، اڌ
رات جو اونداهي جهنگ ۾ ٻه ڄرڪندڙ ڄڀيون آهيون.
’اسان ٻه پڇڙ تارا آهيون، جي ڀاڳ جي ٻه _ ڇانگي،
ٻاڻ تي اوندهه ۾ اڏري رهيا آهيون.
’اسان ٻه ڪميت آهيون، جن جون واڳون ساڳئي هٿ ۾ آهن
۽ جي ساڳيءَ اڙيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن.
’اسان ٻه نيڻ آهيون، جن جي نهار ساڳي آهي، ساڳئي
سپني جا ٻه ٻرندڙ پنک آهيون.
’اسان ان سنگ مرمر جي سماڌيءَ تي ٻه ٻيڙا جا
پاڇاوان آهيون، جنهن ۾ سونهن ستي پيئي آهي.
’اسان ساڳئي اسرار جو ٻه _ نارو آواز آهيون،
ساڳيءَ صليب جون ٻه ٻانهون آهيون.‘
(روسي شاعر، اوانوف)
’هڪ ڪهنگ آڪاس ۾ پنهنجو دڳ ڀلي پيو آهي ۽ پريان
ڪنهن طوفاني بادل تان ڪوڪاري رهيو آهي،
’ڄڻ ڪنهن اجنبي چاري تي ڪوئي مسافر ڌڪجي رهيو آهي
’ڪير چوندو ته هن جو لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن
وڃي رهيو آهي ۽ هن جو خوف خطرو ڪٿي کٽڻو آهي!
’رات ڏينهن جي پوئي ڄڀي ڪڏهن ٻجهائي ڇڏيندي، ۽
منهنجا ٿڪل پير ڪٿي پساريا؟
’الوداع، پيارا پکيئڙا! تون ڪٿي به ڀٽڪندو هجين،
بسنت موٽي ايندو ۽ توکي ورائي آڻيندو پنهنجي ولر
ڏانهن، ۽ تون موٽي ايندين پنهنجي پرسال واري
واهيري ۾.
’پر مان پنهنجي اجڙيل آکيري مان جلاوطن ٿي چڪو
آهيان،
’۽ پٿر پٿر تي ٿيڙ کائيندو وڃي رهيو آهيان ڪنهن
آڪاس ۾ ڀٽڪندڙ پکيئڙي جيان،
’۽ پنهنجي بي چينيءَ ۾ انهيءَ هر ڇپ سان ريس ڪري
رهيو آهيان، جا اسٿر ۽ اڏول آهي.
’هر ڇپ پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل بيٺي آهي، پر مان
پنهنجي جاءِ تان ڀٽڪي، طوفان ۾ ڦيراٽيون کائي رهيو
آهيان.
’هر پنڇي پنهنجي آکيري ڏانهن رستو ڳولي سگهي ٿو،
پر مون کي اوندهه ۾ گم سم رلڻو آهي.
’اف! هي لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن وڃي رهيو
آهي؟
’او خدا! ان جا خوف ۽ خطرا ڪٿي ٿا کٽن؟
’هن ڏينهن جي پوئينءَ ڄڀيءَ کي رات ڪڏهن ٻجهائي
ڇڏيندي؟
’منهنجا ٿڪل پير اڄ رات ڪهڙي هنڌ پساربا؟‘
(آرمينيا جو شاعر، تومانين) |