ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان
ڪنڌ نوائي ڪانئرو، ورتو اڀري واٽ!
ڏمري، جوڳيءَ جاٽ ڏٺو آڏيءَ اک سان.
_
هي جي ڪن ٿا ٻوڪ، ڏري ساري ڏيهه لئه،
تن جا اندر ڪينئرا، بزدل بابو لوڪ،
ها، هو سڳر ٿوڪ، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان.
_
ها، هو مڙس مٿير، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان،
ٻانهون، پگهر واسيون، کيڙيءَ کرچيل پير،
ڪانه وڃائن وير، مري ملهن ماڳ ۾.
_
هي جو ڪوسو ڪڇ ۾، هي جو ونيءَ ور،
جنهن کي پيارو ديس کان، آهي پنهنجو گهر،
ان جو ڪهڙو آسرو، ان ڪانئر کان ڏر!
تون جو ڪاهين هر، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان!
_
جيڏا! تن جي جاڳ ۾، منهنجا سارا ماڳ،
سنڌ اڀاڳيءَ ڀاڳ، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان.
_
تون ڏاٽو تون هر، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان!
آهين منهنجي ڏيهه ۾، تون ڀيڻي تون ڀر،
ڪندو سنڌ امر، جهوٻو تنهنجي جيءَ جو.
_
توکي پنا پيٽ ۾، تون ڇا وڙهندي ڀڄ!
وڃي اتي وڄ، جت نه جوکو جيءَ جو!
_
مڙس ته ڪلهي ڪوڏيو، ٻيو جئن رنڀي رڍ،
ڇا ڇا ڍائي ڍِڍَ، ٻول ٻڌايئه ٻولڙيا!
_
آيو سوريءَ سڏ، لڪي وئين لوڪ ۾،
ڏاها! تون ڀي ڏڏ، جي تو سانگو ساهه جو.
_
آءُ ڪڙهائيءَ ڪڙهه، آءُ ته پرکيون پاڻ کي!
هونءَ ته پيو پڙهه، پڙهڻ مان ڇا ٿو وري!
_
جي تو سگهه سرير ۾، آءُ چڪڻ مان چڙهه!
هونءَ ته پيو پڙهه، پڙهڻ ٻوڙيا ڪيترا.
_
چنڊ جيان چمڪن، ڏاٽا منهنجي ڏيهه جا،
جهنگن ۾ جهونجهار ٿا، جهيڙيندي جهمڪن،
تارا ٿا ٽمڪن، مولهين مٿان ماڳ ۾.
_ _
آزاديءَ جي راهه ۾
آزاديءَ جي راهه ۾، ڪجهه به نه اجايو،
لالڻ! ٿي ٿو دير سان، لايو سجايو،
سو به ته ڪم آيو، ڪنڌ ڪريو جو پنڌ ۾.
_
ڪنڌ ڪريو جو پنڌ ۾ وڌي ٿيو وڻ،
آزاديءَ جي راهه ۾، ڇانوَ ڪري ٿو ڄڻ،
وک وتري کڻ، ور جو مئو ماڳ ۾!
_
هو جي مئا ماڳ ۾، ڄڻ ڪي اوچا بڙ،
وڍين ڪيڏا وڙ، پانڌي ڪيا پنڌ ۾!
_
جهرمر جهرمر ڏيئڙا، آهي سارو پنڌ،
ڪنهن جو ڪنهن جو ڪنڌ، جرڪي ٿو ان جوت ۾!
_
ڪنڌ ڪريو جو پنڌ ۾، ڄڻ ڪا ڏياٽي!
اڳ جيئن اونداهي نه آ، گوندر جي گهاٽي،
وک نه وهاٽي، پويان ڪنهن جي ماڳ ۾.
_
آهکي آهي راهه، آزاديءَ جي ڀائڙا!
جي تو سانگو ساهه، پير نه وجهه تون پنڌ ۾!
_
آهي موٽ ميار، آزاديءَ جي راهه ۾،
اُسهين ته آجو ٿئين، پسين پرينءَ پار،
مرين ته به امر ٿئين، وڌين ويروتار،
جئن ڪا سنڌوءَ ڌار، سدا رهي سير ۾.
_
ڏس نه ڌڱن ڌڙ، وک اڃا ڪر وتري!
مري پنهنجي پاڻ سان، ويرن ڪيا وڙ،
انهن نه اوگهڙ، جن تي اوڇڻ اڀ جو.
_
آزاديءَ کان اوپرا، تون نه اسان جو ڀاءُ!
تون ڪو پٿر پنڌ ۾، اسان اتر واءُ،
اسان تڏي آءُ، سانگو لاهي ساهه جو.
_
هيءُ نه ڀونر ڀون، ڪومل ڪنول هينئڙا!
ڇنن ڇاتي اڀ جي، هت ڇتيون ڇوليون،
سو ڇا ڄاڻن تون، مان جنهن ڇوهي ڇوهه ۾!
_
جي تون ويهي واٽ تي، پسين ڪوئي گل،
۽ ڏين سونهن سڳنڌ جو، مهل وڃائي مل،
اسان ساٿ نه ڄل، پنڌ پري آ پانڌيا!
_
وري اچڻي ناهه سا، جيڪا وئي وير،
ڏس هو واريءَ ڍير، پنڌ پري آ پانڌيا!
_
پنڌ پري آ پانڌيا، تارن ڏي به نه تڪ!
متان لُڏي لڪ، تنهنجي وک ڍري ٿئي!
_
لگن پنهنجي لونءَ جي، آهي پرينءَ پار،
جتي سونهن سڳنڌ ۾، تري ٿو سنسار،
وچ نه وجهه ويچار، متان وک ڍري ٿئي!
_ _
جي تو سَڌَ سڳنڌ جي
جي تو سَڌَ سڳنڌ جي، ٽاريءَ ٽاريءَ ٽِڙُ!
ها، تون هيئن نه کِڙُ، هيکل پنهنجي هانوَ ۾!
_
جي تو سڌ سڳنڌ جي، هان هي موکيءَ مَٽَ!
پهريون سر جي سَٽَ، پوءِ سري جون سرڪيون.
_
جي تو سڌ سڳنڌ جي، آءُ، وٽيءَ ڏي وڌ!
ملهه مهانگو مڌ، چُڪيءَ چُڪتو جيئڙو.
_
جي تو سڌ سڳنڌ جي، ڦول اسان جو ڦٽ!
مور نه تنهن جو مٽ، ڪوئي گل گلاب جو.
_
جي تو سڌ سڳنڌ جي، ٽار نه سر جي سٽ!
ڳورا ڀانءِ نه ڳٽ، آڻ جيڪي آجپو!
_
ڳورا ڀانءِ نه ڳٽ، هي ڄڻ ٽانگر ٽاريون،
سر جي ڏيئي سٽ، آجو ٿي انياءَ کان!
_ _
منڇر تي ماريءَ، اڄ به ماريون هنجرون،
ڳچيون رت چڪندڙيون، وات مٿان واريءَ،
ککيءَ جي کاريءَ، ڇا ڇا کنڀ کڻي ويو!
_
جر تي لٿين جيئن، شال مرين ها هنجڙا!
ڪانيرن سان ڪيئن، گهاريئه ايڏا ڏينهڙا؟
_
ڪونجو! مون ڄاتي پئي، ساري ماريءَ مام،
اوچي ڳاٽ اڏام، پوءِ به مون کي آئڙي.
_
ڪونجو! ڪرڪو پار ڏي، نيئي نياپو:
’منهنجو جياپو، سار اوهان جي سپرين!‘
_
هلڻ هاريون ڪونجڙيون، اجهو ڄاڻ ويون،
ڪري روهه ريون، آڌيءَ جو الاپ سان!
_
هلڻ هاريون ڪونجڙيون، گهڻو نه گهارين،
سدائين سارين، تن کي راتيون روهه جون.
_
هلڻ هاريون ڪونجڙيون، وهاڻيءَ آڪاس!
رهندو روهه اداس، تن لئه ڪيئي راتڙيون.
_
هلڻ هاريون ڪونجڙيون، روڪي ڪونه رهن،
ويندي واڪا ڪن، ڪهندي ڪاريءَ رات ۾.
_
ڪونجو! ڪاريءَ رات ۾، سڀڪجهه آ ڪڻڪڻ،
چوڌاري چڻڪڻ، رائي اندر روهه جي.
_ _
مون جو ساري جندڙي، ڄرڪائي ڪئي ڄر،
سرجيا منهنجي ساهه مان، ڪيئي گيت امر،
موت نه ڪائي ڪر، ان لئه رک وڃي رهي.
_
مٺ هڏن جي مون وٽان، ملندي توکي موت!
هلندي منهنجي هوت، ايئن جهپيندا جندڙي.
_
مٺ هڏن جي دان، تو لئه مون وٽ آ ميان!
ڪالهه هزارين گيت ها، منهنجي گهر مهمان،
سڀ انهن کي مون ڏنو، مون وٽ جيڪو ڏان،
هاڻي هان حيران، تو آئي ڇا آڇيان!
_
مٺ هڏن جي موت کي، هئه هئه هن جي موٽ!
آءٌ ڏيان ٿو ٽهڪڙا، بيٺو ڪڪرن اوٽ،
چٿر اهڙي چوٽ، اڳ نه ملي منگتي.
_
چارڻ سارو چنگ آ، ٻيو سڀ هڏن مٺ،
تو سان جوڳي جٺ، موت ڪئي مون ماڳ ۾!
_
ٻيو سڀ مٽيءَ مامرو، آءٌ رڳو واڪو،
لُنءَ جو لياڪو، گونجي ٿو جو گيت ۾.
_
واڪي منجهه وجود کي، ڦيرايو آ مون،
موت تڪين ٿو تون، مٺ هڏن جو مامرو!
_ _
هيءَ جا سُرڪَ سَراپَ جان
هي جا سرڪ سراپ جان، لڳي ٿي ڏوران،
گهوٽ انهيءَ گهوران، چکي چس امر ٿيا!
_
اڃا گهٽڪي گهٽ، اڃا وهه وترو پيئون،
آڌيءَ رات ڪلال تون، متان ٻوٽين هٽ!
متو رهي مٽ، جيسين باک ڀِڄِي وڃي!
_
جيسين باک ڀڄي وڃي، اماپيو پيو اوت!
تو وٽ جيئڻ جوت، اوندهه انڌوڪار ۾.
_
اڃا نيري نڀ ۾، تڙڳن ٿا تارا،
هر هر تنهنجي هٽ جا، جهمڪن ٿا جارا،
پئٽ اڃا پيارا، جيسين باک ڀڄي وڃي!
_
جيسين جرڪي سج ۾، پنهنجي لوئيءَ لاک،
پوڻو پڻج نه پئٽ ۾، متان کوهين ساک!
اجها نڪتي باک، جهونجهڪڙي جي جيءَ مان!
_
ڪاريون راتيون پوهه جون، اوندهه انڌوڪار،
پئٽ، اسان جي پياليين، آڌيءَ وير اڱار!
هيءَ جا سر جي سار، چُڪيءَ ساڻ چُڪي وڃي.
_
سرو آهه سرو، جي تون آڇين جندڙي،
گهٽڪي تنهنجي گهٽ ۾، ڏئي تک ترو،
۽ تون ڳاٽ ڳرو، کڻين اڀرين اڀ ۾.
_
سڌ اٿي جي سرڪ جي، سو ڪو ڳول ڪلال،
جنهن جو مڌ عقاب جان، لهو گهري لال،
جهونجهاڙي جنجال، جيڪو ڪڍي جيءَ مان. |