ڪيڏارو
سانجهيءَ جو آڪاس ۾، پيارو پيوڙيءَ رنگ،
ترسايان ڪنهن تڙ مٿان، روڪي آءٌ ترنگ،
سرواهيون سرنگ، رڻ ۾ ڪيسين رڱيان!
_
آيل، اڄ ته آنءُ، جهُري پوانءِ جهول ۾،
آرڻ ۾ آرام جو، ڏي ڪو مون کي ڏانءُ،
پايان ڪو ٿر ٿانءُ، لاهي رتو مولهيو.
_
ڪونڌ ڪُڏائي اوڏڙا، نونڌ نچايا مون،
وڃن پيا ويڙهه ۾، سورهيه ۽ سوڀون،
لهوءَ لال پڳون، کڙيون رت چڪندڙيون!
_
هاڻي ڪير مٿو، پڙ کان پٺيرو ڪري!
اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾.
_
سؤنچو ناهه سرير، وک وڌي ٿي ويڙهه ۾،
پڙ کان پٺيرا ٿيا، وڙهندي مور نه وير،
جئن جئن ترڇا تير، تئن تئن سينا سامهون!
_
لهوءَ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي،
پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾.
_
چڳون رت چڪندڙيون، مولهيا لهوءَ لال،
ادا، اچ ته اوريون انهن جو احوال،
ڪالهه ڀلائي ڀال، وڍيا جيڪي واهرو.
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جئن انسان،
وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا.
_
سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واهه،
متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ کان!
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنجل لوڏ،
هوڙهايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان.
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، ڪويا ڪيهر وک،
ڏوران جن جي ڏِکَ، ويريءَ جيءُ جهپائيو!
_
ڪاري ڪٺ ڪميت تي، آڌيءَ انڌوڪار،
جهڙڦڙ جهور جهڪور ۾، چيهه ڪيو چمڪار،
آڙيءَ سان اڏرڻ لڳو، گهايل، گهوڙي سوار،
اوندهه آهه اپار، ڪئن چئجي هو ڪير هو!
_
بشڪون ڀنيءَ رات، مهڪڻ لڳيون مشڪ جان،
وڌڻ لڳا واءُ جان، مشڪن مور نه مات،
ڏورانهين جي ڏات، کر نه کوڙير ڀونءِ تي.
_
وڌندا رهيا ويڙهه ۾، نه ٿيا ڍول ڍورا،
پٺا پٿر وانگيان، نرو رڪ نرا،
چارئي پير چرا، ڇالون ساڳي ڇوهه سان.
_
تلوارن جا تک سان، زرهن تي زپڪا،
لاکيڻن لپڪا، ڇڪيل واڳون ويڙهه ۾.
_
وڌي اسر وير جو، وارا ڪيا ويرن،
دل سان دعائون ڪين، پڙ ڦاڙي پيرن،
تک ڏسي تيرن،ويرين هانوَ جهپي ويا.
_
تازين تنگ ڇنائيا، ڀيريون ٿيو ڀڀڪن،
اُڀري راوت رڪ سان، ور ور وارا ڪن،
جهيڙا جهونجهارن، ڄائي ڄم پرائيا.
_
هو جي وسندي مينهن، وڙهيا پئي ويڙهه ۾،
مٿان بادل اڀ ۾، هيٺان ڪيهر شينهن،
شال ڏسان مان ڏينهن، ٻيهر اهڙا ڏيهه ۾!
_
سرلي وچان سج جا، تلوارن تي تيج،
هيٺان ريٽا ريج، مٿان ڦڙيون، مينهن جون.
_
ابر منجهه اهاءُ ٿيو، ڏسي کينءَ کنن،
ويڙهو پيا وڄ جان، چوڌاري چمڪن،
کنوڻين جيئن کجن، سرن تي سرواهيون.
_
اتر کنوي اڄ، سارو پڙ پسائيو،
ڀڄڻا! اٿي ڀڄ، راوت پهتا رڪ سان.
_
آرهڙ جو آڪاس ڄڻ رجايل ٽامون،
کيهه اُڏي، کامون، گهوڙي ٽپيو گهوٽ سان.
_
ريتِ چُهي وئي رت کي، ڏاڍو ڏينهن تتو!
ڪنهن جو لهو ڪٿ ڪريو، ڪنهن کي ناهه پتو!
سانجهيءَ سج رتو، ڳاڙهه سمائي ڳاڙهه ۾.
_
ڀونءِ به ساري ٽامڻي، اُڀ به اُلن وس،
هڻندي تيز تراريون، ڪسيا ڪلهن ڪس،
ترندي رت ترنگ ٿيا، مور نه تاتن تس،
گس ٿيا سڀ گس، وار نه گسيو هڪڙو.
_
جوپ اچن ٿا جنگ ۾، ڪڏائي ڪيڪان،
ڌڌڙ ۾ ڌوڪار ٿي، ملهي ويا ميدان،
آزاديءَ اعلان، ڌرتيءَ کي ڌوڏڻ لڳا.
_
کُتي کني ڌار، کڙي پيون کوپريون،
سورهيه منهنجا سٽ ۾، گويا گل انار،
لهڪي لهوءَ لار، مهڪي پئي ماڳ ۾.
_
ڏس هو سانن سِڱ، اٽڪيا اچي وچ تي،
آرڻ ۾ اهڙا اڳي، لوهه نه ڏٺا لڱ!
ڌڌڙ اندر ڌڱ، وڙهندا رهيا ويڙهه ۾.
_
ڌڌڙ اندر ڌڙ، سر به ڪٿي سوڀ ۾،
وڙهي، ڪيڏا پاڻ سان، ويرن ڪيا وڙ!
انهن نه اؤگهڙ، جن تي اوڇڻ اُڀ جا.
_
هي جو ڪونڌ ڪري پيو، مٿان سهڙي سنجهه،
ويڄ ورائي ٻانهن ڄڻ، ڏٺا سارا ڏنجهه!
موت هڻي ٿو ونجهه، ويندي نديءَ نير ۾.
_
مٿان ڪڻڪيون ڪونجڙيون، هيٺان ڪٽاريون،
راوت وڙهيا روهه ۾، گهاوَ وجهي گهاريون.
اڱڻ تي آريون، ڪومل ڪرڻا چنڊ جا.
_
هلو ڙي هوتا! وڙهندا هلو ويڙهه ۾،
برن ۾ بوتا، متان روڪيو رات جو!
_
جيسين ٻڏي اڀ ۾، وهائو تارو،
تيسين اکين لائجو، جهپ نه جهونجهارو!
متان ٿي مارو، اوڳائيءَ تي اوچتو!
_
متان ڙي موٽو، ويڙهه نه ڇڏجو وچ ۾!
آزاديءَ سين اوپرو، آدم جو پوٽو،
ماڻهو، سروٽو، ڳالهه مڙيو ئي هڪڙي.
_
متان نه ماريو، ڏري پنهنجي ڏاڍ کان!
رڻ ۾ راماڻا ڪري، ويريءَ کي واريو!
ترو ۽ تاريو، ساٿ سمورو رت ۾!
_
وڙهو، وڙهو ويڙهوُئو! متان پٺ ڏيو!
آهي پنڌ پيو، اڃا جيئڻ جيت ۾.
_
متان مڃو مات! امر ٿيو انڪار ۾،
آرڻ ۾ اقرار جي مور نه ڪجو بات!
رانيو، رانيو رات، رانول پنهنجي رت سان!
_
سرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو!
لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو!
_
اچو، اچو سورهيو، هڻو ڇٽ پٽن!
ماڻهو مٿان رت جا، بادل ٿا برسن!
وڙهندي مان وسن، ٿر تي ٿڌا مينهڙا!
_
اچو ڪُرُ ملهائيو، راوت رڱيو روهه!
جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه نسورو ڏوهه،
للڪاري ٿو لوهه، اڀرو اڄ انياوَ تي!
_
وائي
جهيڙي ۾ جهونجهار يار، ساٿي سج اڀار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڄڻ ڪا ڪني سج جي، آهه ڪهاڙيءَ ڌار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڍو ڍو لسيءَ ڍُڪَ سان، کيڙيءَ ۾ کيڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڏيهي منهنجي ڏيهه جا، ماڻهو ميگهه ملار يار!
مون من اوهان موهيو.
مولهيا مولهيا ماڳ ۾، لکين ساٿ سچار، يار!
مون من اوهان موهيو.
نيٺ ته وجهنديءُ ڏاڍ جي، ڏونگر ۾ ڏهڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
نيٺ ته وسندا مينهڙا، ٿيندا سنڌ سڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڪاپائتي
توري پوءِ اگهاءِ، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
سُٽُ انهيءَ کان سڦرو، جي ڪو آهه ٻڌاءِ؟
ونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان پارکو!
_
ور ها ونگيءَ ٽڪ ۾، ڄاتئه ڀلي ڀت،
پوءِ به آڻي ارٽ کي، مون کي چيئه، ”ڪَتِ!“
پرکيئه منهنجي پت، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
_
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، مون کان وٺ اٽل!
مان ڄاڻان جي مون ڏنا، پوڻيءَ پوڻيءَ پل،
توکي ڪهڙي ڪل، مون ڇا اوريو ارٽ سان!
_
اڻ تورئي جو آسرو، ڪڏهن مون نه ڪيو،
مون اوريندي ارٽ سان، لهي ڏينهن ويو،
چڱو، مڃ چيو، ڦورو ڦلهه ته مان وڃان!
_
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، تند تراڙي پاءِ!
مون کي ئي ڪس لاءِ، آءٌ نه ڪسر هيرئين.
_
سون سريکا هٿڙا گهرن ٿا انصاف!
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
_
وائي
مون کي مُلهه ملي چڪو، هاڻي تور نه تور،
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
آتڻُ ڪالهه اداس هو، مون چيو، ”چرخو چورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
”ارهي! پنهنجي ارٽ سان اٿي آڌيءَ اورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
”ستي ساهه نه هڏڙا، ننڊ ندوري گهورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
تاڃي پيٽو پيار جو، مون جو پورئون پورِ“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
هاڻي ويٺو ڦولهه تون، منهنجي سپني ڏور!
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
سپني ڪاپو ڪنڊ ۾، نه تتو چنڊ نه مون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
اوريندي اڄ ارٽ سان، رات گذاريسون،
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
ڪيڏي وِنگي ٽڪ آ، ڀاءُ سان ڀون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
ڪتي ڪتيان ڪيترو، ڏينهن مڙيوئي ڏون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
نوان سلوڪ ساميءَ جي نالي
1
سامي! تو به نه سمجهيو، ڇا آهي سنسارُ!
مايا ڌوتي ناهه ڙي، مايا ناهي ڄار!
مايا اپرمپار، سدا سرجي سونهن ۾.
_
سڀڪجهه آ آڪار ۾، ڪجهه به نه نرآڪار،
انڌو اوندهه ۾ ڏسي، انوکو اسرار،
گُڻَ ستارا اڀ ۾، نرگڻ انڌوڪار،
مايا ناهي ڄار، مايا ساگر سونهن جو. |