سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪُن ڪري

صفحو :16

وايون

1

تتر تيرز اڏار

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

اچ، رڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

متان ڦول ڇڻي وڃن، ڏئي مند ميار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

منڌ! نڀائن ڪين ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

2

تو لئه تاساريو گهڻو، موهن منهنجو ماس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

مينديءَ رتم هٿڙا، وارن ڳنڍيم واس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

اڱڻ سرها ڏيئڙا مڌماتو آڪاس!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

ڳل ڳلن سان لائيان، سواس ملائي سواس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

تو ڇو پاتا گيڙوئان، لاهي لوڪ لباس!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

3

کارو کيڙيندي، هو سامونڊي جي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

سڙهه نه آيا سر مان، سرتيون سج چڙهي!

ماڳ نه موٽي آئيا!

ننگر ناڙيون سڀ ويا، وڻجارا واسي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جي هوند هراس آ، ڇتين ڇولين کي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جون ڳالهيون ڳائبيون، ڀينر! بندر تي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

ماڻڪ اوتيو ماڻڪيون، تن کي ساريندي!

ماڳ نه موٽي آئيا!

ماڳ نه موٽي آئيا!

4

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

ارهڙ پنڌ اڳي کان اؤکو، آءٌ وڃان جيڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

ڪيڏي لنبي واٽ وڃي ٿي، منهنجي سپني ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

آءٌ، وچينءَ جي ويل، نگاهون لهندي پاڇي ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

منهنجي وک اڳيئي وتري، تون به ڇڪين تيڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

5

جت به کُتي وکڙي، سو ڏونگر جو ڏاڪو،

متان هينئون هارئين!

جيسين روهه ريون ٿئي، ٿي ڌر ۾ ڌماڪو،

متان هينئون هارئين!

چمڪي ٿو هو چوٽئين، ٿي لُنءَ لُنءَ لياڪو،

متان هينئون هارئين!

شال نه ڏسان ڏينهڙو، جو وس ڇڏي واڪو!

متان هينئون هارئين!

6

اونداهيءَ آڌ رات،

ڏونگري مٿان ڏيئڙا.

چڙهندي رهه تون چوٽئين،

ڏڪ نه منهنجي ڏات!

ور سان جنهن کي پنڌ ۾،

پوي ٿي پرڀات!

پر جي مارڳ ۾ مرين،

پو به نه تنهنجي مات!

جيسين آهه جندڙي،

لُنءَ لُنءَ ٻُري لات!

7

مينديءَ رتڙا پرڪڻا،

پيرونءَ ڪامون پير،

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

ڪيسين پڳ ڪڙيان پرين!

واهيري جي وير؟

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

آس نه ڪوئي آسرو،

سامهون واريءَ ڍير!

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

تون ئي مارڳ منڌ جو،

ڪوهيارل مان ڪير!

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

8

ساٿي منهنجا سڃ جا،

پٺ تي ڪيم نهار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

ور جو مارڳ ۾ مري، هيئن نه هنجون هار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

تون ئي منهنجو آجپو، اڀري ڏونگر ڏار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

آءٌ به تون ۾ اپڙان، تو ۾ پهچان پار،

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

9

ڏونگر ڏولاوا گهڻا، پو به اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ور ور پيرا پنڌ ۾، لڙيا، منجهه لڙاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ڪهه ۾ ڪاريون چوٽيون، گهگهه، هوا گهوگهاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

اڀري ايندو اوچتو، جرڪي پوندي جاٽ،

آهي اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

10

هٿين پيرين، مونڙين، ڪاهيم تنهنجي ڪڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

ڏينهون پوءِ پري وئين، ڏوران ڏيئي ڏڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

ورچي موٽان ماڳ کان، ايءَ نه منهنجي اڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

چوڌاري ٿو تون چڪين، ڪهڙا منهنجا وڍ!

سپنا منهنجي ساهه جا!

سپنا منهنجي ساهه جا!

11

ڏان نه منهنجي ڏات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

مون جو قيد قبوليا، اٿي آڌيءَ رات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

اڄ به سوگهو سنگهرين، وهاڻيءَ پرڀات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

سِرَ کي توريم ساهميءَ، وائي ورتم وات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

اوجل نڪتي آگ مان، لهس نه آئي لات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

12

پل پل پيڙ ڏين،

ڪڙا منهنجي ڪنڌ جا!

ڏوران سڀ ڏڪي ويا،

ڪانڌي ڪونه ٿين.

گهوريو منهنجو جندڙو،

سانگي شال جين!

پَسي پُسيءَ گلڙا،

پيرون پاندنين!

شال ترائي تار ٿي،

جنهن مان پيءَ پين!

13

ڇني سگهيا ڪينڪي نير هي ناتو،

آيم، آيم سپرين!

رات، چٽاڻو چنڊ جو، چوڌر چپاتو،

آيم، آيم سپرين!

چوٽو چندن واسئو، لُنءَ لُنءَ سڃاتو،

آيم، آيم سپرين!

ڳوڙها پي مون ڳجهه ۾، تنهن کي ڳر لاتو،

آيم، آيم سپرين!

14

هي جو ڳوٺ ڳڱاٽيا، ولهه ڪري ٿي وس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

پاري سان پرچي ويا، سوڙها گوندر گس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

ڪاري رات، ڪلال جي ڪوٺي ڪانهي چس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

ڪالهه ڀريل ها باهه سان تارونءَ ڪارڻ تس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

چارڻ ٻارڻ ٻار ڪو، ڏي ڪا لونءَ لهس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

مچُ وساڻو سچَ جو.

15

گهنگهور گهٽائون ڇايون، ٿي وٿ منجهان واجهايان.

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

آ ٿڌ، ٿڻيتي پنهنجي، مان لوئيءَ منجهه لڪايان،

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

جا واءُ وسائي ور ور، سا ڪيسين جوت جلايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

هي ولهه وساڻل ويڙها، مان ڪنهن جو در کڙڪايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

اڄ آءُ گهٽائون چيري، مان ڪيسين ڳاهون ڳايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

16

گوندر! منهجي گيت مان اهڙي آگ اڀار،

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

ڪارا نير ڪنڌ جا چوري چنگ، پگهار!

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

ڏس هي مارو ماٺ ۾، ويٺا ڍنگهرن ڍار!

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

جوت، اجهاڻل جيئڙا ڪنهن ٻارڻ سان ٻار!

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

ڪوٽ نسوري ڪوڙ جا ڪيري، رک ٻهار!

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

ڄرڪي ڏيهه ڄراٽ سان.

17

ڪوهه، ڪڄاڙو راڳيا! ڪنڌ بنان ڪينر؟

متان موٽين مڱڻا!

هر ڪو جهڄي جهانءِ ۾، ڪو ڪو سورٺ ور،

متان موٽين مڱڻا!

توڙي ڏاهپ ڏرت آ، ڏيهه نسورو ڏر،

متان موٽين مڱڻا!

تنهنجي تان تنبيريا! مان پٽي ڪو در!

متان موٽين مڱڻا!

18

جئن جئن ستڙ اوڏڙو، تئن تئن اڀرو واءُ،

ڏتڙ ڪاٽيم ڏينهڙا.

ور ور وانجهي وائڙا ور ور ڪُن پڙلاءُ

ڏتڙ ڪاٽيم ڏينهڙا.

ڇلندو رهندس ڇولئين جيسين مران ماءُ!

ڏتڙ ڪاٽيم ڏينهڙا.

ڪاري ڪارونڀار ۾، سپنا سج وڙاءُ،

ڏتڙ ڪاٽيم ڏينهڙا.

19

راتو رات رتول ۾، تنهنجي سين وڳي،

وو وو، چارڻ وو ميان!

ڪاوا ڪِرِ ۾ ٿا ٻرن، ڪا جا آگ لڳي،

وو وو، چارڻ وو ميان!

چارڻ تنهنجي چنگ تي، آئي ڀيڙ ڀڳي،

وو وو، چارڻ وو ميان!

مٿو هٿ ڏياچ جي، سورٺ هٿ سڳي،

وو وو، چارڻ وو ميان!

تنهنجي تند تنبيريا! ڪنهن جي تار تڳي؟

وو وو، چارڻ وو ميان!

20

ڪهڙي ماٺ ميان!

گهوريو منهنجو جندڙو!

رت پيو ريلا ڪري،

سانوڻ مينهن جيان!

دانهون دانهون، ديس جي،

ڪنهن کي دانهن ڏيان!

روڳي راڳي ڏيهه جا،

ڪنهن کي ساٿ نيان؟

سوريءَ مٿان سچ سان،

مان ئي ساٿ ٿيان!

21

هي جو هيل لهو،

پرٽ نه ڌوئي پاڻيئين!

گوندر وير گراهه مان آئي رت جي بو،

هي جو هيل لهو!

مرون پيا ماٺ ۾، هئه هئه هي ماڻهو!

هي جو هيل لهو!

ڏاڍا واڍا ڏيهه جا، ڏيهه ڪڙن قابو،

هي جو هيل لهو!

22

ور ور هو واڍوڙ،

سڏڙا ڪن ٿا وو ميان!

ماڻهوءَ ماڻهوءَ تي ميان،

ڳٽ به ڳاٽي ٽوڙ!

جيڏي جبل جاڙ آ،

تيڏي ڪر جاکوڙ!

آءٌ نه ان ۾ جاليان،

ٻئي جا جوڙي جوڙ.

 

23

آڌيءَ رات انبوهه ۾ جي مون ٻول ٻُرن،

آءٌ امرتا پائيان.

ڪيئي گلا گوندرين، گڏجي گيت چون،

آءٌ امرتا پائيان.

پاڻ ٻڌان مان پاڻ  کي لهسي منجهه لکن،

آءٌ امرتا پائيان.

راڳ نسورو روڳ، جي هيکل هور ٿين،

آءٌ امرتا پائيان.

آڌر منهنجو آجپو، ميڙو ماروئڙن،

آءٌ امرتا پائيان.

24

اڄ هو ’آءٌ‘ ’اسان‘،

مٽجي ويئي من مان.

هلندو هوس اڪيلڙو،

گوندر وير گسان!

سڳر پنهنجي ساٿ سان،

گڏجي شال رسان!

وايون ڳائي واٽ تي،

سانوڻ ساءِ وسان!

مرندي مارو ويندڙا،

مارڳ منجهه پسان!

25

ڀال ڀلايئه ڀائڙا، مرڪي تنهنجي ماءُ!

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

ڪارو گل گلاب جو، توتي گوليءَ گهاءُ،

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

تارن رتيءَ رات ۾، تنهنجو رت تلاءُ!

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

انيائيءَ جي انت سان، ٿيندو هيج هڳاءُ،

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

صدين لاءِ سڳنڌ مان، ايندو تنهنجو ساءُ،

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

ديس ملهايئه موت سان، منهنجا باغي ڀاءُ!

موتُ نه تنهنجي ماتِ ڙي!

 

26

آزادي، انسان،

ڳالهه مڙيوئي هڪڙي.

جي تو غرض غلام جان،

هئه هئه تون حيوان!

وهه وا ڍوڍو ٿوم سان،

جي تو منهن تي مانُ!

آزاديءَ بن آدمي، ڪنڪر ڪٺ سمانُ.

جنهن کي وڍ وويڪ جا،

ماڻهو آهه مهانُ.

چاري، سمجهيئه چونڊيو،

ڇا لئه مون زندانُ؟

27

سڀ کان سٽاڻو،

سانگ اسان جو سانگيو!

پنهنجي ڪيتي ڀورڙؤ، ڀينگ ٿيو ڀاڻو!

هاڻي ڏونگر ڏوريو، پنڌ نه پڄاڻو!

پر جي ويٺئه ويسرا، ساهه ڪري ساڻو،

پيڙهيون، پيڙيندوَ پيو گوندر جوگهاڻو!

هي جو منهنجو مچ آ، اڄ جي اجهاڻو،

صديون رهندوَ سيءَ ۾ گهر گهر گهراڻو،

ويل اها آ وائڙؤ، ٽاريو نه ٽاڻو!

28

وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورن سنڌو،

سون ورن سنڌو.

ويرون اينديون، ويرون وينديون،

الڙ ۾ به اسهندي رهندي،

سون ورن سنڌو.

تئن تئن اندر اونهي ٿيندي،

جئن جئن ٻاهر لهندي رهندي،

سون ورن سنڌو.

مور نه پنهنجو ماڳ مٽيندي،

ساگر اور ابهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

ڇوهه ڇپن تان ڇلندو رهندو،

ڪهندي، ڪهندي، ڪهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

سنڌ سڪاري ساڀيا ٿيندي،

سپنا سپنا وهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

29

ٽڙي پوندا ٽاريين، جڏهن ڳاڙها گل،

تڏهن ملنداسين.

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل،

تڏهن ملنداسين.

ڳلن ڳوڙها ٽمندا، جڏهن موتين تل،

تڏهن ملنداسين.

وڇوڙي جا ڏينهنڙا، ڀورائيءَ جي ڀل،

تڏهن ملنداسين.

تڏهن ملنداسين.

گيت، غزل، نظم

گيت

ال اڏاڻا، رنگ رتي آڪاس ۾.

ڌوڙ اڏاڻي ڌڻ موٽن ٿا،

پنهنجيءَ جڙ ۾ وڻ موٽن ٿا،

ڳوٺ سماڻا، رنگ رتي آڪاس ۾.

هو ڇاريون ۽ ڇڇ انهن جا،

شام رڱي ٿي رڇ انهن جا،

دور مهاڻا، رنگ رتي راڪاس ۾.

مان به ته موٽان جر ٿر ڀٽڪي،

پيار پنيو مون در در ڀٽڪي،

منهنجا ڀاڻا، رنگ رتي آڪاس ۾.

 

ڇوڙ پڳهه پاتڻي،

هل ته هلون سير ۾!

ووءِ اجهي اوٽڙا،

رت ٻڏا روٽڙا!

ڇوڙ پڳهه پاتڻي،

هل ته هلون سير ۾!

ٻانهون ويڙهي ٻانڊيين، ٻڏا ٻاڪارن،

اوتڙ اڀا ڪيترا، نِوڙي نهارن،

گهاٽ مٿان گهارن، سڀ کي پنهنجي ساهه جي!

جيسين سج اڀري اچي، اڻ تارون تاريون،

ڪاهيون ڪارونڀار تي، اوليون، اولاريون

نرڀئه ناتاريون، ڇوڙري نڪرو ناکئا!

تار نه آ تاتڻي،

هل ته هلون سير ۾!

ڪُن پڪارن پيا،

ونجهه نهارن پيا،

ڇوڙ پڳهه پاتڻي،

هل ته هلون سير ۾!

همرچو

لوڪ گيت

گرجي گرجي گاجڙلو، لا. . .

همرچي جو ويلو ڙي!

برسي برسي مينهڙلو، لا. . .

همرچي جو ويلو ڙي!

هيل گهٽا گهنگهور الا لا!

سانوڻ زوران زور الا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

هيل گهٽا گهنگهور الا لا!

سانوڻ زوران زور الا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

رم جهم رم جهم رات الا لا!

گهنن گهنن پرڀات الا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

آڀي ۾ اَڙانگيو ڙي لا!

واءُ وڄن سان ونگيو ڙي لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

تل ترايون تار ٿيو لا!

ٽوپڙ لا ٽمٽار ٿيو لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

برساري  ۾ مورَ الا لا!

ڪارونجهر جي ڪور الا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

تڙ تڙ ٻولي تاڙيو ڙي لا!

لونءَ پرينءَ ڏي لاڙيو ڙي لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

ڀرجي آئي آ پيڙا لا!

ڏور اسان جا ڏيسيڙا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿيا لا!

هيل ملڻ جا مينهن پيا لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

همرچي جو ويلو ڙي!

ماروئڙن سان ميلو ڙي لا!

همرچي جو ويلو ڙي!

 

نوٽ: همرچو ٿري پورهيتن جو لوڪ گيت آهي، جو هو کيڙيءَ ميڙيءَ وقت ڳائيندا آهن. لوڪ گيت ۾ هڪ يا وڌيڪ ڄڻا هڪ مصرع ڏيندا آهن، جنهن ۾ پٺيان لا، الا، الالا، لفظ هوندا آهن ۽ وراڻيءَ ۾ انهن جو اڳواڻ ”همرچي جو ويلو ڙي لا“ يا ”الا همرچو هو ڙي لا“، يا ”همرچو هو ڙري لا“ ڳائيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪيئي مصراعون ڏنيون وينديون آهن، جن پٺيان وراڻي ساڳي هوندي آهي. لوڪ گيت جو سر دل ۾ تير وانگر کپي ويندو آهي. ”همرچو“ جي معنيٰ آهي ’همراهه اچو‘، جو هڪ قسم جو ساٿين کي واهر لاءِ سڏ آهي. مون هن گيت ۾ ٿري فضا برقرار رکڻ لاءِ ٿري لفظ ڪم آندا آهن ۽ انهن جو اچار به ساڳيو رکيو آهي، جيئن ٿر ۾ ڪيو ويندو آهي.

گيت

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

آڳ سنان!

آڳ سنان!

سون سمان،

جرڪن ڀاڳ.

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

وک وک وڌاءِ!

وک وک وڌاءِ!

آڳ سواءِ.

مور نه ماڳ.

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

هيءَ جا ڄر!

هيءَ جا ڄر!

تنهنجا پر.

تنهنجا راڳ.

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

پَڳ پَڳ آڳَ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org