هن شعر جو مضمون
”جدوجهد“
واري خاصيت آهي. محنت ۽ مشقت ڏانهن نرم گوشو
ڏيکاريندي شعر جي مفهوم ۾ چيل آهي ته: ”جيڪي
مُنهنجا سڄڻ اُتر توڙي ڏکڻ طرف (هيڏانهن هوڏانهن)
هئا، انهن سڀن کي مون پرکي ڏٺو آهي. (معلوم ٿيو
ته) پنهنجي کٽئي (هٿ پير هڻڻ، ڪوشش ڪرڻ) کانسواءِ
باهه به چڱي طرح سان نه ٻرندي آهي.“ مطلب ته ڪوشش
۽ جدوجهد کان سواءِ ڪاميابي جو ملڻ مُشڪل آهي. شعر
جي مفهوم ۾ جدوجهد ۽ پورهيي ۽ هٿ پير هڻڻ جو
پيغام سمايل آهي.
سڄڻن کي آزمائڻ
۽
ڪوشش کان سواءِ باهه جي نه ٻرڻ جو مثال شعر جي
مفهوم ۾ ڪماليت جي معنيٰ ۽ اثر پيدا ڪري ٿو، جيڪو
ڪلاسيڪي
شاعري جي ناصحاڻي فلسفي جو روشن مثال آهي.
خُدا تعاليٰ قادر مطلق جي ذات بابرڪات تي ڪامل
يقين متعلق فرمائين ٿا:
تُون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ
سچو اَکر منَ ۾، سوئي لِکِئو لِکُ (56)
”فرمايائون
ته ڪثرت کي نظر ۾ آڻڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سڀ وحدت آهي
خدا ذات جي ڪري احد آهي ۽ صفات جي ڪري واحد، جيڪو
ظهور ٿئي ٿو، سو سڀ اهو ئي آهي“.(57)
هِن شعر جو مضمون”توڪل“
۽
”عبادت“
واريون خاصيتون آهي. شعر ۾ الله تعاليٰ جي پاڪ ذات
تي توڪل ۽ ايمان رکڻ جو پيغام ڏيندي چيل آهي ته:
”توُن
چئو (مڃ) ته الله تعاليٰ جي پاڪ ذات واحد آهي (ڪو
به اُن جي مٽ نه آهي) ۽ اِهائي وائي سِک. ، اِهو
ئي اکر سچو ۽ تعريف جي لائق آهي، (اُن جي نالي ۾
ئي برڪت آهي) ۽ اِهو اکر بار بار لک (اُن جا ڳُڻ
ڳاءِ)“.
خالق جي هيڪڙائي ۽ وحدانيت تي ايمان جي پُختگيءَ
جا، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شعرن جي صورت ۾ ڪيترائي
مثال مُوجود آهن. شاهه ڪريم جو ڪلام به اهڙن
عنوانن سان ڀريو پيو آهي. مِثال طور پيش ڪيل هِن
بيت ۾ انسان کي خالق جي هيڪڙائي تي توڪل ۽ ايمان
رکڻ جي دعوت ڏيندي، سندس ذات تي يقين ڪرڻ جو زور
ڀريل آهي ۽ اِهو پيغام ڏنل آهي ته الله تعاليٰ جي
ذات بابرڪات جو نالو ئي سچو ۽ ڇوٽڪاري جو وسيلو
آهي . بار بار اُن جي ذات سان رجوع ڪجي ۽ اُن جي
سچي وائي ورجائڻ گهرجي.
وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئان موران پکڻان،
بِلا سندو سَڄڻين، هُو هُلاچو هُلُ (58
هيءُ شعر
”عبادت“
واري خاصيت تي زور ڏئي ٿو. جنهن جي مفهوم ۾ چيل
آهي ته: ”ٻِي ڪنهن به ڳالهه جي فريب يا دوکي ۾ نه
اچ (پاڪ ذات جي عبادت ڪر) جيئن مرُن، ماڪوڙن ۽
پکين جي ڳالهه، خُدا جو قسم ته هي سڀ هُل هُلاچو
(رونقون ۽ رنگينيون) سڄڻ جي ڪري ئي قائم دائم آهن.
خُدا تعاليٰ جي پاڪ ذات تي يقين ۽ اُن جي عبادت
ڪرڻ لاءِ، هِن شعر ۾ پيغام ڏنل آهي.
”وائي
ٻي مَ ڀُل“،
ٻي وائي نه وار سواءِ الله جي عبادت جي، ڇو ته
هيءُ دُنيا جو دم، ميلا جهميلا، سيارا اونهارا،
مُنهنجي سڄڻ جي رحم و ڪرم سان بحال آهن، جيڪو هِن
سڄي وايو منڊل تي قدرت رکي ٿو. هِن شعر ۾ انسان
کي، رب تعاليٰ جي ذات سان اُنسيت ۽ محبت پيدا ڪرڻ
۽ اُن جي عبادت لاءِ آماده ڪرڻ جو تمام سُهڻو
پيغام ڏنل آهي.
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لهه
تهان ڌار نه سپرين، منهن منجهئين پاءِ (59)
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ شعر متعلق لکي ٿو ته:
”معرفت
جو رستو وٺڻ لاءِ پاڻ وڃائڻ، پيڙا ڀوڳڻ ضروري آهي،
فرمايائون ته جيسين طالب حرص ۾ گرفتار آهي ان جي
طلب ۾ توانائي آهي، تيسين هو خدا کان پري ۽ وڇڙيل
رهندو“.(60)
هِن شعر ۾ محبت (مقصد ۽ منزل جي حصول لاءِ
سخت ڪشالا ڪڍڻ) جو فلسفو سمجهايل آهي ته پنهنجي
وجود کي وڃائي (جستجو ۾ جُنبي
رھ
) جڏهن سڄڻ (منزل مقصود) جي لاءِ جستجو ڪبي ته
تڏهن ئي اُن کي لهي سگهبو پر جيستائين پاڻ کي وقف
نه ڪبو تيستائين حق کي حاصل نه ڪري سگهبو. ائين
هِن شعر جو فلسفو
”محنت
۽ جفاڪشي“
واري خاصيت
ٺھي ٿي.
قُرب ۽ ڪبرياءُ، ماءِ مُلاقي نه ٿئي،
صوفي جي صُلح ۾، پورو اِي پِرياءُ (61)
هِن شعر جو مضمون
”انساني
مساوات“
آهي. برابري ۽ سماجي رُتبي جي هڪجهڙائي جو پُراثر
مثال ڏيندي شعر جي مفهوم ۾ چيل آهي ته:
”اي
امڙ! قرب ۽ وڏائي، ٻئي هڪ هنڌ نه سمائبا آهن،
صوفين جي مشرب ۾ انهيءَ ڳالهه تي پورو اتفاق
آهي.(مطلب ته سماجي اڻ برابري اڻ سوهندڙ فعل آهي)“.
برابري، مساوات ۽ عدل انصاف کان سواءِ ڪو به
انساني معاشرو سُڌرڻ مُشڪل آهي. جيئن ته سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو سمورو فلسفو ئي ڀائيچاري،
انساني فلاح ۽ مساوات تي مُبني آهي ته هِن شعر جي
صورت ۾ ان پيغام جو اثرائتو ۽ واضح مثال ڏنو ويو
آهي. شعر جي مفهوم ۾ قرب کي هيڻائي ۽ وڏائي کي
طاقت سان تشبيهيندي اُن جو کُليو انڪار ۽ اهڙي
عمل کي نندا جوڳو قرار ڏنو آهي.
شاهه ڪريم جا، اُن کان سواءِ به کوڙ شعر
آهن، جِن ۾ اخلاقي قدرن، هُنرن ۽ حڪايتن جو بيان
آهي. اهڙن شعرن کي، علامه دائودپوٽي
”مضمون
۽ مقالا“
۾ عنوان ڏئي نشانبر ڪيو آهي، هِتي اهڙا شعر مثال
طور پيش ڪجن ٿا:
خدا هر هنڌ حاضر آهي:
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي
تيهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي .(62)
سڄڻ جي سنڀار کان هينئڙو نٿو ورچي!
ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لوهه سنداڻ جينءَ
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.(63)
پرين کي ملڻ لاءِ لوڪ جا لاڳپا لاهڻ گهرجن.
چرين جينءَ چت ڪري، سڱ سڀيئي ڇن
جي ڀائين پرينءَ مڙان، ته مت منهنجي ڳن.
(64)
ٻه گدرا هٿ نه ايندا!
ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنين نه نيا پاڻ سين
سڪڻ سپرين کي، لاڳاپ سين لوڪ .(65)
سانده تلاش جي ضرورت:
منڌ مَ منه ويهه، اُڀي اوسڙ اس ۾
تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏوُر جنين جو ڏيهه .(66)
معرفت جو ماڳ اڻانگو:
آهي اهڃائو، پير پريان جو جيڏيون
جنين ساڇائو، تنين تان نه پروڙيو .(67)
خدا جي ذڪر کان سواءِ ڪجهه نه ٻڌڻ:
پريان سندي ڳالڙي، جيڪو ٻئي ڪري
مت منهنجي ڪن ڪر، تي کي جاب نه ڏي .(68)
خلوت در انجمن:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ
کڏيون ۽ کروتون، اي پسڻ سڳر ٿوڪ. .(69)
(نوٽ: تشريح لاءِ علامه
ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائودپوٽي جي شرح مان رهنمائي حاصل
ڪئي وئي آهي) |