(ب)
فڪري حالتون:
هِن دور ۾ اسان کي فڪري، خاص طور مذهبي يا فرقي
پرستيءَ جي لحاظ کان سنڌ اندر ڇڪتاڻ نظر اچي ٿي.
مذهبي فرقيوار انتهاپسندي ۽ سختگيريءَ جا وڏا
اسباب نظر اچن ٿا. سنڌ جي مهدوين يعني ميران محمد
جونپوري جي پوئلڳن، (قاضي قادن به تن ۾ شامل هو) ۽
بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن (اڳواڻ مخدوم بلاول) ۾
زبردست فڪري ڇڪتاڻ هُئي ۽ اهڙي ڇڪتاڻ جا بُنياد
ارغونن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ پيل هئا، جڏهن
ڄام نندي جي زماني ۾ مهدي جونپوري سنڌ ۾ مذهبي
تبليغ لاءِ آيل هو ته کيس غلط مذهبي عقيدن جي
پرچار جي پاداش ۾ سنڌ بدرڪيو ويو.
”مخدوم
بلاول جو تعلق سهرورديه جي ڪبيريه سلسلي سان هو.
هن سنڌ جي مقامي حڪمرانن کي مهدوي تحريڪ جي سيد
ميران محمد جونپوريءَ جي غلط مذهبي عقيدن کان ڏور
رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جڏهن ڄام نندي جي
حڪم تي مهدي جونپوريءَ کي ٺٽي مان کان ٻاهر نڪرڻ
جو حڪم مليو ته هُو پنهنجن 360 رفيقن سان دره
بولان کان قنڌار پهتو“.
(23)
هڪ ٻي راءِ مان به هِن واقعي جي تصديق ٿئي ٿي.
”سنڌ
جو حاڪم، ڄام نظام الدين سمو، جيڪو رواداري سهپ
توڙي عالمن ۽ زاهدن جي خدمت سبب مشهور هو، ان هن
ٻاهران آيل عقيدي ۾ ڪا به دلچسپي ۽ همدردي نه
ڏيکاري البته ابتدا ۾ پاڻ سيد محمد جي مشغولين سان
خاطرداري به ڏيکاري هئائين. صورتحال ڪيئن به هجي
پر جيڪڏهن ڄام جو پنهنجي سر هن شخصيت ڏي عقيدت يا
لاڙو نه به هجي پوءِ به هو سندس مخالف يا دشمن نه
هو. شايد انڪري ئي سندس ٻه ذميوار ملازم وزير ۽
چيف جج سندس رنج ۽ غصي کي برداشت ڪرڻ کان سواءِ ئي
ان عقيدي سان شامل رهيا ۽ پنهنجن عهدن تي به
برقرار رهيا. پر عوامي مطالبي ۽ بادشاهت ۾ وڏي
پيماني جي خطري، آخرڪارڄام کي مجبور ڪيو ته هن ڦوٽ
خلاف زوردار قدم کڻي. ڄام آخرڪار سيد محمد ۽ سندس
مريدن جي مڪمل پائماليءَ جو حڪم ڏنو، ليڪن وزير
دريا خان جي دخل اندازي سبب، سندس حڪم ۾ ڦيرڦار
ٿي ۽ هنن بدعتن کي ڪڍيو ويو“.
(24)
اهڙي طرح مهدي جونپوري کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وئي،
جيڪو فرقيوار رقابت جي باهه کڻي افغانستان هليو
ويو، جتي شاهه بيگ ارغون، قنڌار ياترا دوران سندس
تبليغ کان مُتاثر ٿي مريد بڻيو. بعد ۾ جڏهن شاهه
بيگ ٺٽو فتح ڪيو ته سنڌ ۾ موجود مهدوي پوئلڳن سندس
حمايت ڪئي بلڪه سنڌ جا ٻيا ڀاڱا فتح ڪرڻ ۾ سندس
معاونت پڻ ڪئي. ساڳي طرح مخدوم بلاول پنهنجي تحريڪ
جي شاگردن سميت سندس مخالفت ڪئي ۽ سيوهڻ، ٽلٽي
سميت باغبان واري سڄي پٽي ارغونن سان مزاحمت تي
آماده ٿي وئي.آخرڪار ٽلٽيءَ جو مشهور معرڪو ٿيو.
”باغبان
جي مدرسي جي شاگردن مخدوم بلاول جي قيادت ۾ ٽلٽي
واري مشهور معرڪي ۾ ارغونن سان مهاڏو اٽڪائي سڄي
سنڌ کي پنهنجي مقدس رت سان ريٽو ڪري ڇڏيو“.
(25)
آخرڪار اهڙي فڪري ۽ نظرياتي ڪشمڪش، ڌرتي جي
لازوال محبت ۽ ڪمٽمينٽ مخدوم بلاول جهڙو جليل
القدر عالم لاءِ شهادت جو باعث بڻي. شاهه بيگ
ارغون ڪوڙيون تهمتون هڻائي ۽ قاضين کان جُڙتو
فتوائون وٺي، مخدوم بلاول کي شهيد ڪرايو.
”ٹہھٹہ
کی
فتح اور حکومت کے
استحکام بعد
یعنی
۱۵۲۴ع
میں
شاہ بیگ
ارغون نے
اپنے
انتقام کی
آگ بھجانے
اور بغض کی
تسکین
کیلئے
مخدوم بلال کو گرفتار کرواکے،
اس پر مقدمہ قائم کیا۔
اس کا جرم
یہ
تھا کہ اس نے
ایک
جارح
اور غارت کی
ہوس ملک گیری
و اقتدار کو جہاد ماننے
سے
انکار کیا
تھا۔ مگر شاہ بیگ
کے
وظیفہ
خوار اور تنخواہ دار قاضیوں
نے
اسے
غیر
اسلامی
اعمال اور اقوال کے
جرم میں
سزائے
موت دے
دی۔
اس سزا کو
یکم
محرم
۹۲۹ھ
یا
۹۳۰ھ
کو عمل میں
لایا
گیا“۔
(26)
مخدوم بلاول جي شهادت کان پوءِ سندس شاگردن،
معتقدن سميت سنڌ جي وطن دوست ماڻهن ۾ بيچيني پيدا
ٿي وئي. قومي ڪارڪُنن ۽ مخدوم بلاول جي شاگردن
خلاف ڪاروايون ڪيون ويون، ڪيترن کي نظر بند ۽ قيد
ڪيو ويو، ورڪرن تي سخت تشدد ڪيو ويو ۽ ڪيترن کي
شهيد ڪيو ويو. اهڙي خوف جي عالم ۾ ڪيترائي مذهبي
اسڪالر، عالم، شاعر ۽ وطن دوست بزرگ سنڌ ڇڏڻ تي
مجبور ٿيا:
”عالم،
عارف، مفسر، صوفی
سلطان العارفین
اور زہدہ الکاملین
مخدوم بلال کا دردناک انجام اور شہادت کو دیکھ
کر دیگر
حق گو علما اور وطن دوست بزرگان دین
اپنی
جان بچانے
کی
خاطر سندھ کو خیرباد
کہہ کر برہانپور جا بسے
جہاں
کے
سندھی
اولیا
کے
تذکرے
اب بھی
ہوتے
رہتے
ہیں.“(27)
جيئن ته ارغون مهدوي طريقي جا پوئلڳ هُئا، اُنهن
جي صوفي برزگن، خاص طور سهروردين سان ڪا نه پوندي
هُئي، اُهي بزرگ عتاب هيٺ هُئا. مخدوم بلاول جي
شهادت کان پوءِ ٻين بزرگن کي به طرحين طرحين جا
ايذاءَ ڏيڻ شروع ڪيائون. حڪومتي وهنوار ۾ به مخالف
خيالن ۽ فرقن جي ماڻهن کي گهيڙيائون. ايران، شيراز
۽ خراسان کان شيعه سيدن جا ڪيترائي خاندان ٺٽي ۽
سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. اهڙي طرح ارغونن سنڌ جي
سيڪيولر، وطن دوست ۽ مذهبي طور پرامن علمي ادبي
خطي کي، سياسي مفادن خاطر، اول اول انتظامي ۽
ثقافتي طور مفلوج ڪيو ۽ بعد ۾ مذهبي ۽ فرقيوار
نفرت ۽ سياسي چالبازين جو اهڙو ٻج ڇٽيو جو ويندي
ڪلهوڙا دور ۾ شاهه عنايت صوفي جي شهادت تائين سنڌ
پنهنجا سيڪيولر ۽ تصوفي قدر بچائڻ لاءِ مخدوم
بلاول کان شاهه عنايت شهيد تائين شهادتن جا نذرانا
ڏيندي رهي.
هن دور ۾ اسان کي فڪري حالتون به اطمينان بخش نظر
نه ٿيون اچن.
(ت)
علمي حالتون:
ارغوني دور ۾ ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي سگهاري نالي طور، قاضي قادن اسان وٽ
موجود آهي. جڏهن ته شاهه حسن ارغون جي تخت نشينيءَ
تائين پُڄندي شاهه عبدالڪريم جو جنم پڻ ٿي چُڪو
هو. سياسي ۽ فڪري حوالي سان ناموافق حالتن جو
احاطو اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ائين ڀائنجي ٿو ته
لڳاتار سماجي ڇڪتاڻ سبب انساني ۽ اخلاقي قدر ختم
ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌ ۾ وڏو اخلاقي ڏُڪار پيدا ٿي پيو
هو. جو صوفي بزرگن جي ذهنن ۾ علمي انقلاب آيو ۽
خاص طور تصوف تحت شاعريءَ کي اظهار جو وسيلو بڻائي
ماڻهن جي ذهني اخلاقي تربيت جو سهرو کنيو. ياد رهي
ته هن زماني ۾ مخدوم نوح رحه ۽ شاهه عبدالڪريم
بُلڙي وارو جهڙا اعليٰ پايي جا شاعر ۽ انسان ظهور
پذير ٿي چُڪا هُئا.
”سنڌ
جو علمي عروج ارغونن کان شروع ٿئي ٿو. جيئن ته
ارغون اصل مغل هئا تنهنڪري انهن پنهنجي حڪومت ۾
ايران جا شاعر ۽ عالم آندا. خود پهريون ارغون حاڪم
شاهه بيگ وڏو پڙهيل هو، ۽ پاڻ قرآن شريف جو ترجمو
۽ تفسير پارسي ۾ تيار ڪيائين. ارغونن جي حڪومت ۾،
جا 1521ع کان شروع ٿي، تنهن ۾ سنڌ جي سڀني وڏن
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فارسي مدرسا برپا ٿيا ۽ فارسي جي
تعليم رائج ٿي. اهو ارغوني حڪومت جو علمي سلو
ترخاني ۽ نوابن جي حڪومت ۾ وڌي ويجهي وڻ ٿيو“.
(28)
”ارغون
۽ ترخان دور ۾ سنڌ سياسي ۽ عسڪري طور تي غلاميءَ
هيٺ هئي ليڪن اسلامي، علمي، ادبي ۽ روحاني طور تي
ترقي يافته هئي. شاهه بيگ ارغون ۽ شاهه حسن ارغون
ٻئي عالم فاضل ۽ شاعر هئا. هنن وچ ايشيا مان
ايراني عالم گهرائي نوان مدرسا قائم ڪرايا ڇاڪاڻ
ته سنڌي عالمن مان چونڊ بزرگ سنڌ مان هجرت ڪري
هندوستان ۽ عربستان ۾ وڃي آباد ٿيا هئا“.(29)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
پنهنجي راين ۾ ارغون ترخان دور ۾ سنڌ جي علمي
آسودگيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا پر ساڳئي جاءِ تي ڊاڪٽر
حبيب الله صديقي سنڌ جي مقامي عالمن جي سنڌ ڇڏڻ جي
ڳالهه به ڪري ٿو، جنهن مان شهادت ملي ٿي ته
حُڪمران مقامي عالمن سان سختيءَ سان پيش اچي رهيا
هئا يا کين برداشت نه پئي ڪيائون. رشيد ڀٽيءَ
پنهنجي راءِ ۾ نه رڳو ارغون، ترخان دور ۾ خراب
حالتن ۽ سختگيرين جو ذڪر ڪيو، بلڪه مغليه گورنرن
جي ڏهاڙن ۽ ڪلهوڙا ٽالپر دور جي حالتن کي به اڳئين
دور جو تسلسل قرار ڏئي ٿو. ڪلهوڙا يا ٽالپر هُئا
ته مقامي پر گُمان آهي ته لڳاتار خراب حالتن سبب
سنڌ جو سماج ٿانيڪو نه هو. مذهبي سختگيري ۽ شدت
پسنديءَ جو عنصر بلڪل موجود هوندو، اُن کي نظر ۾
رکي رشيد ڀٽيءَ تنهن دور جي اثرن جي نتيجي ۾ تصوف
تحت ڪلاسيڪي شاعري جي اُسرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،
جيڪو شايد حُڪمرانن جي سختگير پاليسين جي رد ۾
آيو. پير حسام الدين راشدي وري خانبهادر ميمڻ ۽
حبيب الله صديقي جي بلڪل اُبتڙ بيان ڏئي ٿو.
”۹۱۴
ھ سے
۱۰۰
سال تک پوری
ایک
صدی
سندھ کے
لئے
قیامت
صغری
سے
کم نہ تھی
کہ جس میں
سندھ علمی
و مادی
حیثیت
سے
بالکل تباہ و برباد ہوگیا۔سمہ
حکمرانوں
نے
جو مستریں
و شآدابیاں،
آراستگی
و پیراستگی
اس مُلک کو بخشی
تھیں،
وہ اس سے
چھین
لی
گئیں،
ان کی
بنائی
ہوئی
عمارتیں
اور ان کی
بخشی
ہوئی
رعنائیاں
آگ، خاک، آندھیوں
اور طوفانوں
میں
ہمیشہ
کی
لیئے
مٹ
گئیں
۔ان ہنگامہ خیزیوں
میں
سندھ کا وہ نقصان عظیم
جس کی
تلافی
ہزاروں
برسوں
کے
بعد آج تک زمانہ نہ کرسکا
یہ
تھا کہ علم، اد ب کی
وہ بساطیں
جو صدیوں
سے
بچھی
ہوئی
تھیں
اُلٹ
گئیں،
روحانی
فیض
و ارشاد کی
وہ سندیں
جن سے
عرفان و تصوف کی
چشمے
اُبلتے
تھے
خالی
ہوگئیں،
اور وہ مضامین
جن میں
معرفت اور عظمت آگہی
کے
نغمے
گونجتے
تھے،
ویران
ہوگئیں
ندر سے
علم وفضل کے
دریا
بہتے
تھے
سونے
ہوگئے۔علما
و صوفیائے
کرام
یہاں
کی
غیر
محفوظ حالا ت دیکھ
کر ترک وطن پر مجبور ہوئے،
اور اس طرح گئے
کہ پھر کسی
نے
سندھ کا رُخ نہ کیا۔“(30)
(ث)
اثر
(IMPACT):
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
۾ ارغون، ترخان ۽ مُغليه دور جي سختگيرين
ڏانهن اشارو ڪندي تصوف جي اُسرڻ ۽ اُن جي اثرن
بابت لکي ٿو ته:
”اهڙي
زماني ۾ انسان تصوف جي پناهه ۾ ئي سک جو ساهه کڻي
سگهيو ٿي. اهڙين حالتن ۾ صوفي بزرگن انسان ذات جي
اهم خدمت سرانجام ڏني. هنن نهٺائيءَ واري تعليم
سان انسانن جي دلين کي آرام بخشيو. انهيءَ فطري
تقاضا موجب شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾
به نهٺائي، صبر ۽ شڪر جو پيغام ملي ٿو“.
(31)
ڊاڪٽر بلوچ ارغونن جي قبضي کان پوءِ اُن جي علمي
اثرن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو، جنهن مان
تنهن دور ۾ سنڌ، سنڌي سماج ۽ ادب تي ان جي اثرن جو
اندازو ٿئي ٿو.
”ارغونن
(927، 962هه/
1520، 1555ع)، ترخانن ۽ مغلن واري اوائلي دور
(963، 1000هه/
1556، 1090) ۾ سنڌ توڙي هندوستان ۾ فارسي زبان جي
وسعت ۽ اثر رسوخ وارو دور هو. فارسي سرڪاري دفتر،
انتظامي ڪاروبار، خط و ڪتابت، تعليم ۽ تصنيف، ادب
۽ شاعري جي زبان طور وسيع پيماني تي استعمال ٿيڻ
لڳي. ٻئي طرف مقامي ملڪي زبانون پڻ پنهنجي تاريخي
۽ ارتقائي تقاضائن هيٺ هن دور ۾ عوامي ۽ مقامي
ضرورتن پوريون ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نمايان طور اسريون.“
ساڳئي مضمون جي اڳئين صفحي تي هُو لکي ٿو:
”ٻئي
طرف سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ درويشن پنهنجي سنڌي شعر ۽
ڪلام ذريعي عوام جي روحاني اصلاح ۽ اخلاقي تربيت
جي سلسلي کي وڌايو“.
(32)
”ارغون
ترخان دور ۾ سنڌ سياسي ۽ عسڪري طور تي غلاميءَ هيٺ
هئي ليڪن اسلامي، علمي، ادبي ۽ روحاني طور تي ترقي
يافته هئي“.
ساڳئي صفُحي تي اڳتي هلي لکي ٿو:
”ترخان
دور
(1555-1591)
۾ سنڌ جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون انتهائي ابتري
کي پهچي ويون. ليڪن چند صوفي بزرگن ۽ سندن خانقاهن
جي بدولت، سنڌ ۽ سنڌي قوم مڪمل تباهيءَ کان بچي
وئي. انهن بزرگن ۾ (1) حضرت غوث الحق مخدوم لطف
الله ولد مخدوم نعمت الله صديقي، عرف مخدوم نوحرحه
(1505-1590)ع،
(2) شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو(1538-1623)
ع، (3) مخدوم جعفر بوبڪن وارو (متوفي
(1557-58
(4) ميان مير فاروقي ولد قاضي سائينڏنو سيوهاڻي،
(5) قاضي ڏنو سيوهاڻي،دور شاهه حسن ارغون، سن
ولادت ۽ وفات نامعلوم) (6) مخدوم رڪن الدين صديقي
پاٽائي، ٺٽوي (متوفي سن
(1543
، (7)شيخ خيرالدين جيلاني، عرف جئي شاهه جيلاني
سکر وارو
(1505-1618)
ڪافي مشهور آهن.“
(33)
”تصوف
جي شاعريءَ سماج جي انسان دوست روايتن کي زندهه
رکيو“يا
”چند
صوفي بزرگن ۽ سندن خانقاهن جي بدولت، سنڌ ۽ سنڌي
قوم مڪمل تباهيءَ کان بچي وئي“
جهڙن بيانن کان پوءِ هِن دور ۾ ڪلاسيڪي شاعري، اُن
جي پيغام جي اثرن ۽ صوفي بزرگن جي ادا ڪيل ڪردار
بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.
هونئن به چوندا آهن ته بهترين ادب، بدترين حالتن
جي پيدوار ٿئي ٿو. اِها چوڻي اسان کي ارغون، ترخان
۽ مُغليه دور سان بلڪل ٺهڪي ٿي. جيئن مٿي تجزيو ٿيو
آهي ته قاضي قادن (1551–1463ع)
کان ميين شاهه عنات رضوي (1701–
1613ع) تائين سنڌ تي پهرين ارغون، پوءِ سندن سردار
ترخان ۽ بعد ۾ مغليه گورنرن جي حُڪمراني رهي ۽ هن
دور ۾ مجموعي طرح پرڳڻي جون سياسي ۽ سماجي/
مذهبي حالتون ٺيڪ نه هُيون ۽ تِن صوفي بزرگن کي حق
جو پيغام زوردار نموني عام ڪرڻ تي آماده ڪيو. قاضي
قادن، مخدوم نوح رحه، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو،
شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات رضويءَ جي
صورت ۾ هن دور ۾ زبردست شاعر ۽ وڏا وڏا عالم، صوفي
بزرگ پيدا ٿيا، جن سنڌ کي فڪري ڇڪتاڻ کان بچائڻ
لاءِ تصوف تحت ڪلاسيڪي ڪلام جي صورت ۾ انساني
ڀائيچاري، امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام ڏنو ۽ ماڻهن
جي ذهني ۽ فڪري تربيت جو سلسلو شروع ڪيو. کين
انساني ۽ اخلاقي قدرن ۽ فطري اصولن تي آماده ڪرڻ
جو جُهد ڪيو، اُن جو اِهو اثر ٿيو جو سنڌ جو ماڻهو
وڏي تعداد ۾ هن پيغام ڏي اچڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي
صوفي بزرگن ۽ شاعرن جا اوتارا ۽ خانقاهون آباد ٿيڻ
شروع ٿيون. ٺٽو، لنواري، سيوهڻ،ٽلٽي، نصرپور،
درازا، روهڙي، هالا ۽ ڪُجهه ٻيا شهر مشهور ٿيا،
جتي سماع ۽ راڳ رنگ جون محفلون متيون، گُفتن ۽
ڪچهرين وسيلي سماجي رونقون بحال ٿيڻ شروع ٿيون، جو
صوفي برزگن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي روپ ۾ عام
ماڻهوءَ جي دل ۽ روحاني جذبن جي ترجماني ٿيڻ لڳي ۽
اُهو سلسلو ڏسندي ڏسندي فڪري تبديليءَ جي تحريڪ
بڻجي وئي، جنهن جي ابتدا چند صوفي شاعرن ۽ بزرگن
ڪئي. اِهو سلسلو پوءِ اڳتي هلي شاهه عبداللطيف کان
خواجا محمد زمان لنواري وارو، سچل سرمست، ساميءَ ۽
ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي پيغام جي صورت ۾ انساني ۽
اخلاقي ۽ قدرن جي پاسداريءَ جو آواز بڻيو.
حوالا
1.
بلوچ نبي بخش خان (ڊاڪٽر) 2007ع: ” جامع سنڌي
لغات“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
ص 167
2.
بلوچ نبي بخش خان (ڊاڪٽر):
تصحيح ۽تحقيق، 1972ع،
”شاهه
شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“،
ادارا سنڌ شناسي، ص (الف- ب).
3.
بلوچ عبدالستار (تحقيق ۽ ترتيب) “سنڌيڪا لُغت“،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي،
ص 608
4.
دائودپوٽو عمر بن محمد (علامه)، 1978ع:
”مضمون
۽ مقالا“
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي، حيدرآباد،
ص 4، 5، 6
5.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) (تحقيق ۽ تصحيح) 2004ع:
”شاهه
لطف الله قادريءَ جو ڪلام“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام
شورو، ص21، 22
6.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) 1999ع:
”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو،
ص 120
7.
ميمڻ محمد صديق (خانبهادر) 2003ع:
(ڇاپوٽيون):
”سنڌ
جي ادبي تاريخ“
(ٻئي ڀاڱا گڏ)، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور،
ص36-37-43-
8.
Durreshahwar Sayed, Doctor, 1988 “Thepoetry of
Shah Abdal-Latif”, Sindhi Adabi Board Jamshoro
page NO.05
9.
وگهامل محرم خان (پروفيسر) 2007ع:
”سنڌ:
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)“
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
ص 85-86
10.
سومروعبدالغفار(ڊاڪٽر) (تحقيق)، 2009ع: “منهاج
المعرفت”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو، ص (ڏ)
11.
سنڌي عبدالمجيد ميمڻ 1995ع:
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو
ص 41، 42)
12.
عُرساڻي شمس الدين 2009ع:
”سنڌي
ادب جي ارتقائي تاريخ“
اوسر اشاعتاڻو حيدرآباد،
ص 27
13.
عباسي تنوير(ڊاڪٽر) 2007ع:
”شاهه
لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر“
مرتب جامي چانڊيو،
”ڪلاسيڪي
۽ جديد سنڌي شاعري“
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص
82، 113
14.
ٺڪر هيرو ڄيٺانند، 1978ع:
”قاضي
قادن جو ڪلام“
پوڄا پبليڪيشن، ص 17
15.
چانڊيو جامي، (انٽرويو)
2018ع:
سي پي سي ايس جي آفيس گُلشن بختاور قاسم آباد
حيدرآباد
16.
سنڌي عبدالمجيد ميمڻ1995ع:
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو،
ص 32
17.
ٺٽوي محمد طاهر نسياني سيد 1995ع (ڇاپو ٻيو):
”تاريخ
طاهري“
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 99
18.
ٺٽوي محمد طاهر نسياني سيد 1995ع (ڇاپو ٻيو):
”تاريخ
طاهري“
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ص 163
19.
بيگ علي عباس مرزا (مترجم) 2005ع (ڇاپو ٻيو):
”ترخان
نامو“
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ص 166
20.
سنڌي عبدالمجيد ميمڻ 1995ع:
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو،
ص
39-40
21.
جويو ابراهيم 1978ع:
”شاهه
سچل سامي هڪ مطالعو“
سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي، ص 42
22.
چانڊيو جامي، (انٽرويو)
2018ع:
سي پي سي ايس جي آفيس گُلشن بختاور قاسم آباد
حيدرآباد
23.
شيدائي مولائي رحيم داد خان، 1995ع:
”تاريخ
تمدن سنڌ“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي. سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو،
ص487-488
24.
صديقي ايم ايڇ ڊاڪٽر 1987ع:
”محدي
جونپوري ۽ سنڌ“
ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، سه ماهي مهراڻ (2) سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 121-
128
25.
مگسي عبدالله (پروفيسر) 1994ع،
”سنڌ
جي تاريخ جو جديد مطالعو“
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 82
26.
بھٹی
رشید،
۲۰۱۰ء:
”تصوف
اور کلاسیکی
سندھی
شاعری“،
سندھی
ادبی
سنگت سندہ
،ص
۲۳
27.
بھٹی
رشید،
۲۰۱۰ء:
”تصوف
اور کلاسیکی
سندھی
شاعری“،
سندھی
ادبی
سنگت سندہ
،ص
۲۳
28.
ميمڻ محمد صديق (خانبهادر) 2003ع (ڇاپوٽيون):
”سنڌ
جي ادبي تاريخ“
(ٻئي ڀاڱا گڏ)، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور،
ص38
29.
صديقي حبيب الله (ڊاڪٽر)
”انسان
جي تاريخ“
(حصو پهريون) سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد، ص 439
30.
برھانپوری
راشد مطیع
اللہ محمد سید،
۱۹۸۷ء:"
برھانپور کے
سندھی
اولیا"،
سندھی
ادبی
بورڈجامشورو،
(ص ج)
31.
سنڌي عبدالمجيد ميمڻ 1995ع:
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو
ص 39
32.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) 1999ع:
”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو،
ص 240،241
33.
صديقي حبيب الله (ڊاڪٽر)
”انسان
جي تاريخ“
(حصو پهريون) سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، ص 439 |