ميين
شاهه عنات رضوي
ميين شاهه عنات رضوي
(1125-1030ع)
جو تعلق نصرپور جي رضوي ساداتن جي خاندان سان هو.
ڊاڪٽر بلوچ سندس ڪلام ۽ سوانح تي تحقيق ڪئي ۽ اُن
جي ولادت ۽ وفات بابت اندازو قائم ڪيو، جنهن
مُطابق سندس ولادت 1030
-
1035 هه ۽ وفات 1120-
1125 هه واري عرصي ۾ ٿي.
شاهه عنات، شاهه لطيف کان اڳ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ
جو اهم نالو آهي. هُن ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتي
مضمونن ۾ نوان موضوع داخل ڪيا ۽ تنهن دور جي
اعتبار کان اُن ۾ جدت آندي جيڪا بلاشڪ ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي موضوعن ۾ انقلابي تبديلي مِثل هئي.
ڊاڪٽر بلوچ به سندس شعر کي فڪري لحاظ کان، ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي مضمونن ۾ تبديليءَ جو مُک مُحرڪ سمجهي
ٿو. هُو لکي ٿو:
”ميين
شاهه عنات کان اڳ مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي
شاعر ٻن گروهن ۾ وراهيل هئا: هڪڙا چارڻ، ڀٽ، ڀان ۽
سگهڙ جن عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي
ڳائي عوام کي پئي وندرايو. ۽ ٻيا عالم، سالڪ،
صوفي ۽ درويش جن توحيد ۽ طريقت، دين ۽ اخلاقيات
جي بلند نظرين جي تبليغ خاطر شاعري پئي ڪئي. ميون
شاهه عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾
هن ٻه-درياهي
جو پورو سنگم نظر اچي ٿو. ميين شاهه عنات کان اڳ
ڪن ٿورن بالغ نظر شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ
لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، مگر
اها محض شروعات هئي، مثلاً: مورڙيي ۽ مڇ، سسئي
پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر، مومل ۽ راڻي،
سهڻي ۽ ميهار، کاهوڙين ۽ سپڙ ڄام جا اُهڃاڻ ملن
ٿا. ميون شاهه عنات پهريون شاعر آهي جنهن پنهنجي
ڪلام ۾ انهن قصن سان گڏ سنڌ جي ٻين عام مشهور
داستانن مثلاً: راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، کاري کيڙائن،
جوڳين، سامين ۽ پوربين، آتڻ ۽ ڪاپاتين، لاکي ۽
ريٻارين، ابڙي ۽ سامن جکري، ۽ ڪرن جهڙن سخي مردن
کي دل کولي ڳايو. ميين شاهه عنات سنڌي شاعري کي
انهن عنوانن ۾ سموهي نه فقط هڪ نئون ۽ وسيع ميدان
هموار ڪيو، بلڪه انهي رسم ۽ راه کي آئينده لاءِ
شاهراه بنائي ڇڏيو“.
(85) ميين شاهه جو ڪلام هدايت ۽ نصيحت جو ڀنڊار
آهي، جنهن منجهان شعرن جي چونڊ به ڏکيو مرحلو هو.
البته ڪُجهه شعرن کي هتي مثال طورڪتب آندو آهي:
مَٿي دائم دَرَن، اُڀِيٺا عِناتُ چئي
تن جو لِکَ نه لحظو لنگهئو، ڪِئو خِلاف کَرَنِ
ويروتار وَڌي گهڻو، سندو شوق سَچَنِ
سي پڻ روندا رَتُ وَڃَنِ، جنِ پِرِيتڻو پِرينِ
سين.(86)
خالق جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ تي پُورو يقين (هر
شيءِ تي قدرت ۽ اختيار رکڻ جو اعتقاد) جو رواج
ڪلاسيڪي
شاعريءَ جو بُنيادي جُز آهي. تقريباً سڀني ڪلاسيڪي
شاعرن جي شعري فِڪر جي عمارت جا بُنياد، اُن
اعتقاد تي بيٺل آهن ته رب پاڪ جي ذات دائمي،
خودمُختيار ۽ بااختيار آهي. ميين شاهه عنات هِن
شعر ۾ چوي ٿو ته:
”اُهي
جِيڪي خالق جي در تي هميشه عجز و انڪساري ۾ بيٺا
ٻاڏائين ٿا، ڌارين (بدخواهن) جي هزار هيلن جي،
سندن سِڪ ۾ ذري به ڪمي نه آئي آهي بلڪه سندن شوق
(محبت) ۾ هر پل اضافو ٿيندو وڃي ٿو، جو، جِن جو
پنهنجي پرينءِ سان نيهن جو ناتو آهي، اُهي هر پل
رت روئيندا وڃن ٿا“.
هِن شعر ۾ خالق جي ذات تي ڪامل يقين جو عظيم فلسفو
سمايل آهي ۽ حق تعاليٰ جي (سِڌي) راهه تي هلندڙن
لاءِ پيغام ڏنل آهي ته کَرِيل (ڀٽڪيل) ڪُجهه به ڪن
سچن سالڪن جو ڪجهه بگاڙي نه ٿا سگهن.
اوَڳڻ انت نه ڪوءِ، تُونهِين ڄاڻين سپرين!
آسَرُ آهِمِ پوءِ، جينءِ اوڳڻ مَٽائي ڳُڻَ
ڪريين.(87)
”مُنهنجا
سُپرين(مالڪ) تُون سڀ ڄاڻين ٿو ته مُنهنجي عيبن جو
ڪو انت شُمار ڪونهي، (مان بيحد گُناهه گار آهيان)
پر پوءِ به آسرو اٿم (ته تُون پنهنجي مِهر ڪندين)
مُنهنجي عيبن کي مَٽائيندين (۽ دنيا ۾ رسوائي کان
بچائيندين)“.
پنهنجي خالق (ڌڻي) جي ذات ۾ آسرو ۽ هردم رحم و ڪرم
جو، تمنائي فلسفو رکڻ وارو هيءُ شعر نهايت معنيٰ
خيز آهي، جنهن ۾ انسان ذات کي، هردم عجز انڪساريءَ
۾ گُذارڻ ۽ خُدا تعاليٰ اڳيان توبهه تائب ٿيڻ جي
تلقين ڪيل آهي ته جا ذات بابرڪات اوڳڻن کي
”ڳُڻن“
۾ تبديل ڪرڻ ۽ انسان کي سرخرو ڪرڻ جو اختيار رکي
ٿي ته اُن ذات کي خوش رکجي ۽ نِيڪي جا ڪم ڪجن.
وَڃُ مَ واٽ تَنهِين، جِتان کَرَن وَهَڻو
تهن پر سِڪ سيرَنِ کي، جِينءَ خير ٿئي نه ڪَنهِين
سائي راه سنئين، جنهن ۾ تُهمَتَ نه تِرَ
جيتريِ(88).
هيءُ شعر ناصحاڻي فلسفي جي سانچي ۾ سڃيل آهي، جنهن
۾ ڏاهپ جو، عمدگيءَ سان استعمال ڪندي ”نيڪيءَ“ جي
هدايت ڪيل آهي: ”(اي انسان!) تُون اُها واٽ وٺي نه
وڃ، جنهن تان کَرَن (کريلن، بُرن، ڀٽڪيلن) کي هلڻو
آهي. تُون (سِڌي) راهه ۾ حُب رک، اِهائي سنئين واٽ
آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو خير ۽ تِر جيتري تُهمت
بازي (نقصان) نه آهي“. ميين شاهه جو هيءَ شعر
خبرداريت جي فلسفي تحت چيل آهي، جنهن ۾ انسان کي تنبيهه
ڪندي بُرن ڪمن کان بچڻ ۽
”نيڪي“
طرف اچڻ تي زور ڀريل آهي.
کوءِ سي ويڄ طبيبَ، دارون درد گهوريان
جن جي ڪل لهن قريب، تن کان ڏکندو نه ٿئي.(89)
هِن شعر ۾ بظاهر دارون، درد ۽ طبيب جو بيان نظر
اچي ٿو پر پس پرده فلسفي ۽ بيان ۾ پنهنجائپ ۽
ويجهڙائپ ۽ دل اندر انسانيت جو احساس وارو جذبو
اُڀاريل آهي. ميين شاهه جو، ٻين ڪلاسيڪي
شاعرن جي ڀيٽ ۾، بيان جو انداز تمام سلوڻو ۽ عام
فهم آهي، جيڪڏهن چونڊيل موضوع به اهڙو زوردار آهي
ته شعر کي پڙهندي، مفهوم يڪدم دل اندر لهي وڃي
ٿو، جيئن مٿي شعر پڙهڻ کان پوءِ ڪيفيت بيهي ٿي،
جنهن ۾ بيان ڪيل آهي ته:
”هيءَ
ويڄ، طبيب ۽ درد دارون سڀ پري ڪيو (اُهي اُن جي
مقابلي ۾ بي فائدي آهن) ته جن جي قريب (سڄڻ، پاڙي
اوڙي وارا، پنهنجا مِٽ، مائٽ) ڪل (سار، سنڀار) لهن
ته ڏُک تِن جي ويجهو نه ايندا. هِن شعر ۾ انسان جي
دل اندر رحم ۽ پنهنجائپ جو احساس ۽ جذبو بيدار ڪرڻ
جو بهترين بيان ٿيل آهي ۽ اُن جي اهميت اُجاگر ڪرڻ
لاءِ لفظن جو به نهايت اعليٰ مثال
ڏنو
ويو آهي.
جاجِڪُ آهيين ذاتِ، ته ويلا لَههُ وِهاڳ جي
ڪَنجهيون، ڪُماچا، ڪِينرا، ڪر تِنِي جي تاتِ
ڪِيرَتُ رَکُ قُلوبَ ۾، ڏينهن سڄوئي راتِ
ته ڏاتَرَ مُلا ڏاتِ، جيڪا مڱين سا لهين.(90)
هِن شعر ۾ ثابت قدمي ساڻ مُستقل مزاجيءَ جو فلسفو
سمايل آهي. شاعر لفظن ۽ اُن جي معنيٰ مفهوم جو
ڪمال استعمال آڻيندي شعر جي مفهوم ۾ غضب جو روح
ڦوڪيو آهي. جنهن ۾ چيل آهي:
”جيڪڏهن
تُون جاجِڪُ (مڱتو، ڳائڻ وڄائڻ وارو، گداگر) آهين
ته وِهاڳ (صُبح ويلي تائين) ڳاءِ وڄاءِ ۽ پنهنجا
سُر ساز، سُرندا سنڀالي کڻ ۽ ڏينهن توڻي رات (هر
وقت) خُدا جي بندگي ۽ عبادت جو خيال پنهنجي دل ۾
رک ته پوءِ ڏاتر (ڏيهه جو ڌڻي) توکي اهڙي ڏات (فن،
هُنر، ڪاريگري) عطا ڪندو، جو تُون گهُرندين، سو
حاصل ڪندين“.
صبر ۽ شُڪر ساڻ لازوال حاصلات جو شاندار پيغام شعر
۾ سمايل آهي.
اسين بندا تُهنجا، تون اَسانهِجو ڌَڻِي
ڏٺا ڏوه بَخشين، خاڪينِ تان کڻي
مڙيئي ڏول نهارئان، جان هنيين ساڻِ هڻي
تان سَڀِنئان ئي گهڻي، رحمت تُهنجي راڄيا!(91)
”رحم
۽ ڪرم ۽ عاجزي ۽ انڪساري“
واري خاصيت جو بيان هِن شعر جو موضوع آهي. شعر ۾
خُداوند ڪريم اڳيان عجز ۽ انڪساريءَ جي بيان سان،
رحم ۽ ڪرم جي طلب ڪندي چيل آهي:
”مُنهنجا
مالڪ! اسين تُنهنجا بندا (ٻانها) آهيون ۽ تُون
اسان جو ڌڻي (وارث) آهين. تُون ڏٺا ڏوهه به بخشين
ٿو، خاڪ هاڻن کي هنئين سان هنڊائين ۽ ڏُک اهنجهه
مٽائين ٿو. تُون بيحد رحم وارو آهين، اي راڄ جا
ڌڻي! تُنهنجو رحم و ڪرم سڀني کان گهڻو ۽ مٿانهون
آهي“.
رب تعاليٰ جي پاڪ ذات جي رحم ۽ ڪرم جا ڳُڻ ڳائڻ ۽
اُن جي متمني ٿيڻ ۽ انڪساريءَ جو نهايت عمدو بيان
هِن شعر ۾ سمايل آهي.
سُڻي سوڀاڳَتَ، سپڙَ تُهنجي آئيو،
ته ڪريان ڪُڙماين سين، ڀاڻَ ڀتيرا ڀتَ
آسائن البت، چوٽاڻِي! چَيو ڪريين. (92)
هيءُ شعر پنهنجي مضمون ۾ ”ڪردار جي اهميت“ سان گڏ
”همدردي“ واري خاصيت جو بيان به رکي ٿو، جنهن
منجهه ڪنهن شخص جي ڪردار جي خصوصيت بيان ڪيل آهي ۽
ڪُڙمين ڪاسبين لاءِ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندي چيل آهي ته: “اي سوڀاڳت!(سرخرو، سهڻو،
ڪامياب ۽ ڪامران) تُنهنجي هاڪ ۽ ساراهه ٻُڌي سپڙ
(هڪ ٻيو سخي شخص) تنهنجي در تي ڪهي آيو آهي ته اچ
ڪُڙماين (ڪُڙمين، ڪاسبين، مزدورن) ساڻ گڏجي ڀاڻ
ڀتيرا ڀت ڪيون (عيد ڪيون، خوشي ملهايون). اي
چوٽاڻي! ( شان مان عزت آبروءَ وارا) ڪاش تُون ائين
ڪري ۽ آسائن (آسائتن، اُڪنڊن، واجهائيندڙن) جو چيو
مڃين (آس پُوري ڪرين)“.
دِلِ دُروغين وَٽ، ويهي جِم وڃائيين
تَن سين شامل ٿيءُ مَ شريف چئي، جي گهِڙي اچن نه
گهٽ
اهڙا لکڻ لَٽ، ڪر صحبت سچَن سين.(93)
هيءُ شعر انساني ڪردار ۽ اخلاق جي ”راست بازي“ ۽
”سچائي“ وارين خاصيتن جو ترجمان آهي. شعر منجهه
سچائي ۽ راست بازيءَ تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ سچن ماڻهن
جو پاسو کڻڻ جي تلقين ڪندي چيل آهي: “دل دروغين
(ڪوڙن، ٻهروپن) سان لڳائي پنهنجو وقت متان وڃائين.
اهڙن ماڻهن جي صحبت ۾ هرگز شامل نه ٿجي، جن جي
(راست بازي، سچ يا شرافت سان) هڪ گهڙي به نه ٿي
لڳي. اهڙي عادت (فوري طور) ختم ڪر ۽ سچن ماڻهن جي
صحبت اختيار ڪر”. هِن شعر ۾ انسان کي چڱائي ۽ راست
بازي ڏانهن راغب ٿين جو نهايت عمدو مثال پيش ڪيل
آهي ۽ جُوٺ ۽ دروغ گوئيءَ جي مذمت ٿيل آهي.
ائين مٿئين شعرن جي تسلسل تحت، هيٺ ڏنل
شعرن ۾ به ”ڪردار جي اهميت ۽ دل ۽ ذهن جي ڪُشادگي“
واري خاصيت جي ترجمان شعر ۾ سُٺي ڪردار جي حامل
شخص (سڄڻ) جي آجيان جو شاندار مثال پيش ڪيل آهي.
جهڙي طرح مٿئين شعر ۾ دروغ گوئي ۽ جُوٺائپ کان
بيزارگي ڏيکاريل آهي، ساڳي طرح وري سُٺي ڪردار
رکندڙن تي سڀ ڪجهه نڇاور ڪرڻ جو بي مثال انداز
پيش ڪيل آهي. شعر منجهه چيل آهي: ” مُنهنجي سڄڻن
(محبوبن، گُڻن وارو، باڪردار شخص) مُنهنجي دل ۾
پنهنجي محبت جون ديواريون کڙي ڪري ڇڏيون آهن ۽ هُو
مون سان مُنهنجي ساهه ۽ پساهه وانگر هردم گڏ رهي
ٿو. مُنهنجا پرين! تُون هاڻ ڪهڙا سڏ ڪرين
(آزمائيندين) اسان جو وجود هيڪاندو تُنهنجي محبت ۾
گرفتار آهي“.
اَڄ اَڏيائُون اَڏ، دل ۾ ديواريون ڪري
سَڄَڻَ ساه پساه جِين، مون سِين آهين گڏ
ڪهڙا ڪريِن سڏ، هِهڙن هيڪاندن کي.(94)
شعر ۾ سڄڻ، محبوب (باڪردار شخص) جي لاءِ پاڻ ارپڻ
يا سندس احترام جو نهايت عمدو مثال ڏنل آهي.
چرخو ائين چور، جيئن ڀونءِ ڀڻڪو نه سُڻي
آڌي جو عنات چئي، اُٿي آتڻ اور
تهان پوءِ تور، ته تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي (95)
هن شعر ۾ ”عبادت“ واري خاصيت جي بيان سان گڏ،
معنيٰ خيز ڳالهه ٿيل آهي. توڙي شعر جو موضوع خالص
”عبادت“ واري خاصيت جي حامل آهي، پر اُن ۾ باريڪ
بينيءَ سان ناصحاڻو انداز اختيار ڪندي انسان کي
هدايت ڪيل آهي: ”چرخو (عبادت، نيڪي جا ڪم) ائين
ڪر، جيئن آسپاس کي ڪا خبر نه پوي. اڌ رات جو اُٿي
آتڻ اور (خالق جي عبادت ڪر، حق تعاليٰ جي در
ٻاڏاءِ ته تُنهنجي سڻائي ٿئي) اُن کان پوءِ ئي
تنهنجو ڪک به لک برابر ٿيندو (تُون املهه
ٿيندين)“. الله تعاليٰ جي عبادت ۽ اُن جي ذات تي
توڪل ۽ ڪامل يقين جو نهايت دل سوز پيغام ميين شاهه
جي هِن شعر ۾ آهي ۽ انسان جي هٻڇي من لاءِ هدايت
جو هيءَ هڪ زبردست مثال به آهي.
ڪجهه شعرن جا مختصر مثال ڏجن ٿا، جِن ۾ انساني
ڪردار ۽ اخلاق جي خاصيتن جو اعليٰ بيان آهي.
عجز ۽ انڪساري:
اوڳڻ پائي پاندِ، پرين! آيس تو مَڻي
تون پانهجي کاندِ، ڪر ڳُڻَ اسان سامُهان. (96)
نيڪي:
وڃ مَ واٽ تَنهين، جِتان کَرَنِ وَهَڻو
تهن پر سِڪ سيرن کي، جينءَ خير ٿئي نه ڪَنهين
سائي راه سنئين، جنهن ۾ تُهمت نه تِر جيتري. (97)
توڪل:
ڌڻين جو ڌاڳو، ٻڌو جن جهاز کي
اُني جو، عِناتُ چئي، سفرُ سڀاڳو
تن کي بندر شاه بخشئو، لحظي جو لاڳو
اکين اوجاڳو، وريا ورَ سهاڳڻئين. (98)
سڪ ۽ سچائي:
ڪامُون سَههُ مَ ڪرها! بانٺا ڪيمَ هَڻاءِ
الله لڳ، عِنات چئي، وِک وڌندي پاءِ
پِرين سي پرچاءِ، جن وڏوڻي ورهِ ٿئا. (99)
ادب ۽ اخلاص:
تن ۾ توه طراز جو، گهڻو رکج گهوري
ادب ۽ اخلاص جو، سڙه ٻڌج سوري
وَکَرُ وينتين جو، تهن ۾ پاءِ توري
ته عَدَنِئان اوري، تُهنجو توائي نه ٿئي. (100)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
شاهه عبداللطيف (1752ع
-1689)
جي عظمت سنڌي شعر ۽ ڪلاسيڪي ادب جي اُفق تي
گهاٽي ڪڪر وانگر ڇانيل آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جي
وڏن وڏن عالمن ۽ اڪابرن سندس شعر تي تحقيق ڪئي آهي
۽ اُن جي شاعراڻي عظمت جو اعتراف ڪيو آهي. هُن جو
سڄو ڪلام ڪلاسيڪي معيارن جو نمائنده ۽ ڪلاسيڪيت
سان ڀرپور آهي، جنهن جي موضوعن ۾ دائميت ۽ بين
القواميت آهي. اُن ۾ سنڌ، سنڌيت سميت دُنيا جهان
کي ڳايو ۽ اُن جي موضوعن کي سموهيو ويو آهي.
”شاهه
جو رسالو دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم
۽ سنڌي تهذيب جي سموري حاصلات جو روح آهي. اُن ۾
زند اوستا، گيتا، ٻڌ ڌرم، جين مت، مسيحيت ۽ اسلامي
تعليم جا اهم ۽ اعليٰ اصول ۽ قدر سڀ موجود آهن،
جيڪي هونئن به بنيادي طور سڀ ساڳيا آهن. اُن جا
ڪيترائي سُر، الڳ الڳ ۽ سڄي جا سڄا يا ڀاڱن ۾،
اُنهن ”مذهبن“ جي پنهنجي پنهنجي تربيتي ماحول ۽
تعليمي اصطلاح تي مبني ڏسجن ٿا. اُن ۾ سنڌي تهذيب
جي هزارن سالن جي روحاني تجربي ۽ روايت جي نبار
ڄاڻ ۽ ساڃاهه موجود آهي. سنڌي تهذيب پنهنجي جڳن
جي سفر جي ياد کي املهه ملڪيت طور پاڻ وٽ پنهنجي
لوڪ ڪوتا، لوڪ ڪٿا ۽ لوڪ چوڻين جي صورت ۾ محفوظ
رکيو آهي. اُنهن ئي مثالن، ڳالهين ۽ واقعن جي
مطالعي مان اخذ ڪيل عام نتيجا ۽ عام اصول شاهه
سائين پنهنجي رسالي ۾ سنڌي لوڪن کي سيکاريا آهن.
عام سکيا جي عمل جو اهو ئي ڏاهپ ڀريو ۽ دلپذير
طريقو آهي“.
(101)
شاهه لطيف جي شاعري ڪلاسيڪي شاعريءَ جو
نُمائنده حصو آهي. اُن کانسواءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ
جي تاريخ اڻپوري رهندي. شاهه سنڌي سماج جو مزاج
شناس شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدرن،
روايتن، رواداري، وطن جي حُب، اخلاقيات، پيار ۽
محبت جو اثرائتو پيغام سمايل آهي ته ساڳي جاءِ تي
اُها تنگ نظري، انتهاپسندي، اَسهپ، مذهبي رنگ نسل
جي تفريق ۽ تعصب جي يڪسر خلاف آهي. انسان جي لاءِ
ته هدايت جو هڪ ڀنڊار آهي. هُن دل ۾ دغا رکڻ، حق
۾ شِرڪ ۽ ٻهروپيءَ جي، جيڪي آئيڊيل سماج جي يڪسر
منافي آهن، جي واضح لفظن ۾ مخالفت ڪئي آهي.
اِن
پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تُنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذرآهئين.(102)
لطيف پنهنجي آئيڊيل انساني ڪردار (هڪ صوفي) جي صاف
گوئي ۽ دل ۾ دوئي يا دغا نه رکڻ جو دليل هيئن
ڏئي ٿو ته هُو اُن جو به واهرو ٿيڻ پسند ڪندو آهي
۽ سندس دل ۾ هُن لاءِ به نيڪ جذبن جو جل وهندو
ٿو رهي، جيڪو ساڻس وير يا بدخواهي رکي ٿو. ڪو
پنهنجي ويري (دُشمن + مخالف) سان وير رکڻ بجاءِ
همدراڻو جذبو رکي ته اِهو ڪو آئيڊيل سماج جو انسان
ئي ٿي سگهي ٿو ۽ يقينن لطيف اهڙي ئي سماج کي
انساني فلاح جو اهم ذريعو سمجهيو ٿي ڇو ته سندس
فلسفو/
شعري نظريو انسان جي روحاني ۽ سماجي فلاح جو نهايت
پُرتپاڪ ۽ نمائنده نظريو آهي.
صوفي لاڪوفي، ڪون ڀائينس ڪير،
منجهيان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.(103)
ڏسو ته هُو دل ۾ ڪنهن به طرح جي طمع، لالچ ۽ لوڀ
جي ڪهڙي طرح مُذمت ڪري ٿو؟ ڪيني بُغض کي قتلام
ڪرڻ جي لاءِ وٽس ڪهڙيون تدبيرون آهن ؟ ۽ اهڙي عمل
کان پوءِ هڪ نيڪ ۽ صالح انسان جي لاءِ وٽس ڪهڙو
مقام يا مرتبو ٺهي ٿو؟ لطيف جو بيانا طرز يا
چڱائيءَ طرف مائل ڪرڻ جو انداز ئي نرالو آهي ۽
اِهو هڪ وڏي سماج شناسيت جو اُهڃاڻ آهي.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،
صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته نانگا تُنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.(104)
اِهڙو طبيب (معالج) ڪهڙي ڪم جو جنهن کي سُور جي
سُڌ نه پوي؟ جيڪو نه ڄاڻي ته بيمار کي مرض ڪهڙو
لاحق آهي؟ هِن کي همدرداڻي تناظر ۾ ڏِسڻ سميت
پنهنجي پيشي سان مخلص نه هُجڻ يا طبيب جي عطائي
هئڻ تي ڇٿرجي نمونو به چئي سگهجي جيئن اڄڪلهه
ڊاڪٽرن جي عطائيت جو وڏو آزار آهي ته لطيف اهڙي
عمل کي ناپسند ڪري ٿو.
تن طبيب نه تُون، سُڌ نه لهِين سُور جي
سانڍِ پنهنجا ڊڀڙا، کڏکَڻِي ۾ ڀُون،
ڪا نه گهرجي مُون، حياتي هوتن ري (105)
محبت ۾ سچائيءَ جو فلسفو لطيف وٽ، عروج جو آهي.
هُن وٽ پيار ۾ ٻِيائي يا دُهرائپ جو ڪو تصور
ڪونهي. سندس شعر شعر ۾ سچائي ۽ محبت ۽ مقصد جي
حصول لاءِ فنائيت جو سبق سمايل آهي، وِهه جون
وٽيون به اُن جي اڳيان ڪا حيثيت ڪو نه ٿيون رکن.
وٽس اِن حوالي سان غضب جا مثال آهن.
پُڇ پتنگن کي، سنديُون کامڻ خبرُون،
آڻِيو وِجهي آڳِ ۾، جِي پنهنجي جي،
جيري جَنين جي، لڳا نيزا نِيهن جا (106)
موکيءَ مَٽَ اُپٽيا، اَڇا اڱڻ ڌار،
ايندا تو درٻار، وِهَ پيئندا وٽيون (107)
خيال ۽ فِڪر جي گهرائيءَ جو هڪ زبردست مثال رکندڙ
سندس هيءَ شعر ڏِسو، جِنهن ۾ سندس فِڪري اُڏام
ڪمال جي حد تي رسيل آهي.
ظاهر ۾ زاني، فِڪر منجهه فنا ٿِيا،
تنين کي تعليم جِي، ڪوڙهه اندر ڪاني،
حَرفَ حقاني، دور ڪيائون دِلِ ۾ (108)
انساني ڪردار ۽ اخلاق جي ته تقريبن سمورين خاصيتن
۽ خوبين جو بيان، سندس ڪلام ۾ دستياب آهي ۽ اِهو
سندس شعر جي فلسفي جو اهم پهلو، جيڪو ڪلاسيڪيت جي
نمايان خوبي۽ ڪلاسيڪي شعري فلسفي جو اهم سُتون
آهي. ٻِين ڪلاسيڪي شاعرن وانگر شاهه لطيف به اُن
تي وڏو زور ڏنو آهي ڇو ته انساني فلاح ۽ پيار جو
بهترين وجهه سندس نظر ۾ حسن اخلاق ۾ سموهيل آهي
۽ انساني اخلاق جي سمورين خاصيتن جي پاڙ صبر ۽
شُڪر واري خاصيت مان ڦُٽي
ٿي ۽ اهڙو فلسفو به لطيف وٽ نمايان نظر اچي ٿو.
جيڪي ڏِنائون، سو سَڀوئي صِحت،
مَ چئو آزار اُن کي، مَ ڪِي مُصيبت،
ڪُهڻ قريبت، جو ڪوٺڻ پر پرين جِي. (109)
يا
نمي کَمي نِهار تون، ڏمر وڏو ڏُک،
منجهان صبُرَ سک، جي سنواريا سمجهين. (110)
وڏائي ۽ هٺ کان پاسو ڪرڻ، نياز ۽ نِوڙت ۾
رهڻ ۽ انساني اخلاق جي اهڙين خاصيتن سان ڀرپور
پيغام وارو سندس فلسفو به ڏسو ته ڪيئن لطيف اُن جي
پرچار ڪري ٿو:
سڀيئي سُهاڳِڻيون، سڀئي ڳچيءَ هارَ
پسڻ ڪارڻ پِرينءَ جي، سَهسين ڪن سينگار،
ڍول تنِين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي. (111)
لطيف جو شعري فلسفو گهڻو
ڳوڙھو ۽ وسيع
آهي. سندس هر سِٽ انساني فلاح، سماجي ڀلائي، قومي
خوشحالي، ۽ محبت جي لازوال پيغام سان ٽمٽار آهي.
اُن جو احاطو اڃا تائين ڪو به ڪو نه ڪري سگهيو
آهي. هتي به اِهو بِلڪل ممڪن نه آهي ۽ اسان
پنهنجي موضوع جي نسبت سان محض چند مثال پيش ڪري
سگهنداسين ۽ اُن جي شعري فلسفي جي جهلڪ ڏني آهي.
جيڪو پاڻ چئي ته خوبيءَ منجهه خِفت آهي ۽ کانئس
مدح (ڪنهن جي اجائي تعريف) نه ٿي ٿئي ۽ اهڙي تعريف
ڪري مراعتون وٺڻ بجاءِ فاقي ۾ ئي سندس لاءِ فرحت
آهي ته اُن شاعر جي فلسفي عظمت جو ڪهڙو بيان ڪجي؟
۽ ڪهڙي ڪهڙي شعر جو مثال ڏجي؟ اِهو سڄو ڪلام ئي
باڪمال، لازوال آهي. هيءَ سماجي فِلاح جو هڪ
زبردست مثال آهي، جنهن ۾ چڱي کي چڱو ۽ بُري کي
بُرو ڪوٺڻ جي دعوت ڏنل آهي.
وائي
خُوبي منجهه خِفت، اي دوست! دِقت،
آهي عبداللطيف کي.
مدح مُون کان نه ٿِئي ، سَندي سُور صِفت،
آهي عبداللطيف کي.
هِجي ڪريان هيج سين، مُطالع محبت،
آهي عبداللطيف کي.
حرن هوتَ پُنهونءَ جو، رُڳيائي راحت،
آهي عبداللطيف کي.
پريان جي پستان جو، فاقو ئِي فرهت،
آهي عبداللطيف کي. (112)
ويڙهيچن سان وچن
يعني
وفاداري ۽ سچائي جو فلسفو به وٽس ڪمال جو آهي ۽
اُن جا عمده مثال سندس ڪلام ۾ دستياب آهن ۽ ائين
جيئن سندس شعر جي مفهوم کي سمجهي ماڻهو غيرمشروط
محبت ۽ وفاڪاريءَ جو پيڪر بڻجي وڃي ٿو.
”ڇا،
نه آهِيان، مان اوهان جو رب؟“
جڏهن اِهي سخن منهنجي ڪنن تي پيا، تڏهن مون دل و
جان سان اتي چيو،
”هائو“
انهيءَ مهل مون جهانگين (پنهنجن مائٽن) سان
سچائيءَ جو واعدو ڪيو هو“.
(113)
اَلَستَ بِرَبِڪُم، جَڏهِن ڪَنِ پيومِ،
قَالوبَليٰ قَلب سين، تَڏهِن تَت چيوم
تَنهين ويرَ ڪيومِ، وَچَنَ ويڙهيچنِ سين. (114)
ڪنهن جي احسانن جي بارکان پاسو ڪرڻ، هڪ وضعدار
انسان جو ڪم آهي ۽ خودداريت جو ڪو مُلهه ڪونهي. هڪ
خوددار انسان پنهنجي ذات ۾ بي بها ڳُڻ رکي ٿو.
هُو ڪنهن کان بليڪ ميل ٿي غلط ڪم ڪندو نه سماج جي
هاڃيڪار ڪردارن جو هم رڪاب ٿيندو. خودداريت جو
لطيف کان وڌيڪ ڪنهن کي ادارڪ ٿي سگهيو پئي؟
اِن ڏس ۾
سندس شعري
فلسفي
جو
مثال ڇا ته ڪمال جو آهي؟
سُپريان جي تُرهي ٻُڏي، هٿ مَ لاءِ
سُڀان تُون چوندياءِ، اسان تو اوڪاريو.
لطيف جو شعري فلسفو بحر بيڪران آهي. هُن هڪ آئيڊيل
انساني سماج جي تعمير واسطي هر رُخ کان هڪ ڪُهنه
مشق سماج شناس جي حيثيت ۾ فلاحي ۽ رهنمائيءَ جو
ڪردار ادا ڪيو. اِهو ئي سبب آهي جو وٽس انساني
خودداري کان وٺي حُب الوطني، سچائي، محبت، عبادت،
راستبازي، نيڪي، توڪل، صبر برداشت، محنت، جفاڪشي،
عزم ۽ حوصلو، ايمانداري، ترس ۽ رحمدلي، هٺ ۽
وڏائيءَ کان انڪار جهڙن جذبن جا واهڙ هڪ طرف سندس
شعر ۾ وهن ٿا ته ٻئي پاسي اِهو ناصحاڻه ڀنڊار جي
حيثيت به رکي ٿو، جيڪو ڪلاسيڪي شعري فلسفي جي روح
وانگر آهي. هاڻ سندس شعر مان مذڪوره خاصيتن سان
ٺهڪندڙ مثال پيش ڪجن ٿا گڏوگڏ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن
جي ڪلام مان به شعرن جا ترتيبوار مثال اڳتي هلي
پيش ڪيا ويندا.
جِتي ماڻِڪ ماڳَ، تِتي ڇوران تڪيو
سنئون تِن سَڀاڳَ، اَمَل جن اوباهِيو (116)
اِي ڪَمَ ڪَمِيڻين، جئن سُمهنِ پير ڊِگها ڪري،
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لاءِ هوتن؟
نِنڊان نِڀاڳين کي، اوڀالا اچن
سي پنهون ڪوه پُڇن؟ جي سنجهي رَهَن سُمهي (117)
جُه سي سَنڀِرجنِ، سَه تنين سين اورِيان،
لونءَ لونءَ هيٺ وَڄَن، رَڳوُن ربابنِ جِئن (118)
سدائين سفر ۾، رَمَنِ مٿي راه
پَرن پُورب پنڌ ڏي، مَنجهه موالي ماه،
جن الک سين آگاه، هَلو! تَڪيا پسون تِن جا (119)
هيءَ ٿو وڃي هوت، آئون ڪِ اڳڀري ٿِيان،
متان چوءِ بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو (120)
ائين جا لڏو لوڏ، اِي پر گهاتوئڙنِ جي،
ڪَنَ ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُک نه سُتا ڪَڏهين (121)
ڪلاسيڪي
شاعري
(متفرقه)
خواجا محمد زمان لنواريءَ وارو:
(1713-1775)
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌُوئي ورق وجود جو
تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.(122)
سڪ روحاني ساميين، جسمي جاهلن
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي.(123)
جن ڪيسرو قيمت، سي سوداگر نه جهلي
تنين لڌا لک، جي پرينءَ کان پري ٿئا (124)
پل پل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي
ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تُون ڌڻي (125)
تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سسيءَ جو
ماڻئو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪئو (126)
لنگهي عالم امڪاني، وڃي وصل ٿئا
پاڻي تنهن پئا، جت ٻيڙيون ٻجرا ٻڏيون (127)
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي:
(ولادت 1152هه)
ڳورا ٻئي پار، هورو مار نه هيڪڙو،
وهان نه ويرم پئي، نينهن ۾ پوءِ نهار،
هتي وعدي جي وار، هتي سوٽون ڏينم سرتيون. (128)
محبت جنهه جي من ۾، اچي ڪري اوطاق،
چوڏس ڪري چاڪ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي. (129)
هَرَ هَرَ هُوءِ پئو، رنگُ فافيري روُحَ جو،
ڪِنههِ جِنههِ پاههِ پئو، تِنءَ رچي رنگ سڀڪنهم
(130)
هِي وٽُ هُت نهَ ڳري، بُلندي بازار،
دوساڻيءَ درٻار، اُنهيون سو پڻ سنهيون. (131)
الله وڏو وِيرُ، پورو لوڪ نه ٻُجهڻو
کَرين پياري کِير، سَڄَڻَ چاڙِهي سوريين. (132)
بِي عقل سين بات ڪري، پنهنجو آب مَ هار،
ساڻُس ميون عبدالرحيم جي، گڏجي ڪِمَ گُذار،
سائي سِپُرَ ڌار، جا ڪوڙين جا ڪانَ جهلي.. (133)
هينڙا هِندوءَ زال کان، هاريا هيٺ مَ ٿيءُ
پِرتِ پيالو پيءُ، ماٺ ڪري پئو مچ ۾ (134)
جان نه حاصل حالُ، تان صوفي جِمَ سڏائيين
ڪونهي تنيين قالُ، وَٺوُن جن وڃائيون. (135)
پاڻُ وڃائڻ پر ڇڏڻ، اي قلندري ڪولاب،
گُل جِي بُوءِ گُلاب، ڏيکاريندو ڏيهه کي. (136)
نا اُميدي آجِڪو، جيجان جوڳيڙن،
سناسي سَمُونڊ ۾، تُنبي جنءَ تَرنِ،
سدا سُک وَسَنِ، تارِڪِي تَدبِيرَ جا (137)
روحل فقير:
(ع1734-1804)
ٽُٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيهي،
نڪي ملڪ نڪي خلق، نڪي اسيئي،
اسين به ڳوليون جن کي، سي پڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي،
”روحل“
هو نگ پرين جي هڪڙي. (138)
ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان
”روحل“
چوي (139)
ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀين اُبتا ڀير،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اونده نه لهي، تن کي سچ پوندو ڪير!
پر
”روحل“
راهه پرين جي، جانگهڙي ڏٺوسي گهير،
ته رب مڙني
جو
هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبة الله ۾! (140)
صحيح سڃاڻج سچ، مُڙج مَ ملامت کئون،
گهڙي پنهنجي گهت ۾، پرواني جيان پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائيءَ جو ڪچ،
رنگ پريان جي رچ، رات ڏينهان
”روحل“
چوي (141)
ٻُڌان جان ٻيهار، تان تون اکين کان ڀي اوڏڙو،
“روحل” وسين روح ۾، وِٿَ نه ڀانئيان وار،
جئن جو سج صبوح جو، ٿو ڪري باغ بهار،
بيت نه ڀانئجو ماڻهو! هي وحدت جو ويچار،
دل ۾ ڪيا ديدار، عشق جنين اکين سين. (142)
نڪا سِڪ سمهڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جَسَ
نڪي خير کلڻ ۾، نڪي روئڻ ۾ رَسَ،
ذاتي ذڪر زباني، اهو به اوري ڏس،
من جو مرشد پَس، ته
”روحل“
ملين روح الله سان. (143) |