باب ٽيون:
(حصو پهريون)
ڪلاسيڪي
شاعريءَ جو فلسفو
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فلسفي تي بحث ڪرڻ اڳ اچو اِهو
ڏسون ته
”فلسفو“
اصل ۾ ڇا آهي؟ فلسفي جي وصف، اُن جون شاخون ڪهڙيون
آهن؟ ڇا فلسفو ۽ ڇا فلسفو نه آهي؟ گڏوگڏ اِهو به
ڏسنداسين ته خود لفظ
”فلسفو“،
”فلاسافر“
۽ فلاسافيڪل نظرين لاءِ ڇا ٿو چيو وڃي؟
1.فلسفو ڇا هي؟(What
is Philosophy)
فلسفي جي، عالم آشڪار وصف مطابق:
”فلسفو
(Philosophy)
اصل يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي:
”فلو“
(ذوق، پسند) ۽
”سوفيا“
(ڏاهپ)، يعني
”ڏاهپ
جو ذوق“
يا
”ڏاهپ
پسندي“.
چيو وڃي ٿو ته لفظ
”ڏاهپ
پسند“
يا
”فيلسوف“پهريون
ڀيرو پائٿاگورس ((580-500
قبل مسيح پنهنجي لاءِ ڪم آندو هو ۽ هڪ خاص علم جي
نالي طور فلسفو تقريبا ڏيڍ سو سال پوءِ، استاد
افلاطون (ق م
(428-347
متعارف ڪيو“.(1)
لفظ فلسفي جي بُنيادي سُڌ پوڻ کان پوءِ فلسفي جي
موضوعن ۽ نظرين جو معلوم ڪندي، اُن جو احاطو ڪرڻ
جي ڪوشش ڪيون ٿا پر پهرين اِهو ڏسون ته فلسفي مان
نِڪتل لفظ
”فلاسافر“
لاءِ ڇا ٿو چيو وڃي؟
”هاڻي
ٿوري دير لاءِ اسين وري واپس لفظ فلاسافر
(Philosopher)تي
اچون ٿا. اهو هڪ مرڪب لفظ آهي.(Philo)
معنيٰ محبت يا پيار يعني
(Love)
۽
(Sophia)
معنيٰ دانائي يا ڏاهپ يعني
(Wisdom)
۽ انهن جي پڇاڙي
(er)
کيس اسم جو فاعل بنائي ٿي. يعني دانائي سان محبت
ڪندڙ يا ڏاهپ سان پيار ڪندڙ“.(2) اها
ٿي
”فلسفو“
۽
”فلاسافر“
بابت ڄاڻڻ جي هڪ ڪوشش ته فلسفي جي ابتدا بابت
انگريزي جي هڪ ويب سائيٽ تي لکيل آهي:
Western
philosophy began in ancient Greece in the 6th
century BCE. The presocratics were mostly from
the eastern or western fringes of the Greek
world. Their efforts were directed to the
investigation of the ultimate basis and
essential nature of the external world.
(3)
ترجمو:
”مغربي
فلسفي جي ابتدا قديم يونان ۾ 6 هين صدي قبل مسيح
کان ٿي. سقراط کان اڳ جا فيلسوف گهڻو ڪري يونان جي
اُلهندي يا اُڀرندي حصن مان هُئا، جي، دُنيا جي
حتمي بُنياد ۽ ضروري نوعيت جي تحقيق لاءِ ڪوشان
رهيا“.
فلسفي جي تشريح، ابتدائي فلسفين ۽ فلسفي جي دائره
ڪار جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب
MODERN PHILOSOPHY
۾
مُفصل احوال درج ٿيل آهي. ڪتاب جو مصنف هڪ جاءِ تي
لکي ٿو ته:
Philosophy in the modern world is a self
conscious discipline. It has managed to define
itself narrowly distinguishing itself on the one
hand from religion and on the other from exact
science. But
this narrowing of focus came about quite late in
its history-certainly not before the 18th
century the earliest philosophers of ancient
Greece were theorists of the physical world..
Pythagoras and Plato were at once philosophers
and mathematicians, and in Aristotle there is no
clear distinction between philosophy and natural
science. The renaissance and early modern period
continued this breadth of conception
characteristic of the Greeks. Galileo and
Descartes were at once mathematicians,
physicists, and philosophers while physics
retained the name natural philosophy at least
until the death of Sir Newton (1642-1727)(4)
ترجمو:
”جديد
دور ۾ خودشعوري نظم ۽ ضبط جو نالو فلسفو آهي.
جنهن پنهنجي وجود جو پاڻمرادو، هڪ طرف مذهب ته
ٻئي طرف سائنس سان فرق جو تعين ڪيو آهي. پر هن جي
ڌيان ۾ اُها باريڪ بيني ڪافي دير سان، گهٽ ۾ گهٽ
18 هين صديءَ کان اڳ نه آئي. قديم يونان جا آڳاٽا
فلسفي وجوديت واري نظريي جا حامل هئا.پئٿاگورس ۽
افلاطون ٻئي هڪ ئي نظريي جا فلسفي ۽ رياضي دان هئا
۽ ارسطو جي فڪر ۾ فلسفي ۽ قدرتي سائنس جي وچ ۾
ڪو گهڻو فرق نه آهي. يورپ جي قديم علم ۽ جديد
دور جي فڪر به قديم يونان جي اُن تصور سان فرق
جاري رکيو. گليليو ۽ ڊيڪارٽس اُهي رياضي دان،
فزڪسٽ ۽ فلسفي هُئا جِن تائين فزڪس نيچرل فلاسافي
جو نالو برقرار رکيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ نيوٽن
(1642-1727)جي
موت تائين بحال رهيو.“
انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ٻئي ڪتابAncient
Philosophy
۾ ابتدائي فلسفين ۾ ارسطو جو خاص طور ذڪر ڪيل
آهي، جڏهن ته هيگل کي آخري ڪڙي طور ڳڻيو ويو آهي.
This was true of Aristotle, who was philosophy's
first historian, and of Hegel, who hoped he
would be its last,
since he was bringing philosophy to perfection.
The two of them had very different views of the
nature of philosophy.
Nonetheless, they had in common a view of
philosophical progress.
(5)
ترجمو:
”اِهو
سچ هو ته فلسفي جو پهريون تاريخدان ارسطو ۽ هيگل
پاڻ کي آخري سمجهندو هو جو هو فلسفي کي انهي اعليٰ
ترين معيار تائين پهچائي رهيو هو. اُنهن ٻنهي مان
هر هڪ وٽ فلسفي جي لحاظ کان بِلڪل مختلف خيال
هُئا. پر اُن جي باوجود هُو فلسفيانه ترقي لاءِ
هڪجهڙا خيال رکندا هئا.
اٽليءَ جو جولين مارياس
(Julian Marias)
پنهنجي ڪتاب
History of Philosophy
۾ فلسفي جو مقصد ۽ تَت مختصر لفظن ۾ بيان ڪندي
لکي ٿو ته:
Philosophy has been understood to mean knowledge
and way of life-word philosopher contains two
different meanings of: “the man who possesses
certain knowledge” and “the man who lives and
acts in a particular way.”(6)
ترجمو:
”عام
طور تي علم فلسفي کي ٻن خاص مقصدن يعني علم جي
حاصلات ۽ زندگيءَ گهارڻ جي راهه کي سمجهڻ لاءِ
ڪتب آندو وڃي ٿو ۽ لفظ فيلسوف به ٻه مختلف
معنائون رکي ٿو، هڪ اهو شخص جيڪو ڄاڻ رکندو هجي ۽
ٻيو اهو ماڻهو جيڪوخاص طريقي تحت گذاري“.
اهڙي ريت انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي هڪ ويب سائيٽ تي
فلسفي جي بُنيادي موضوعن جو احاطو ڪندي ڄاڻايل آهي
ته:
Philosophy can be divided into five branches
which address the following questions:
Metaphysics |
Study of Existence |
What’s out there? |
Epistemology |
Study of knowledge |
How do I know about it? |
Ethics |
Study of force |
What should I do? |
Politics |
Study of Force |
What actions are
permissible? |
Esthetics |
Study of Art |
What can life be like?(7). |
ترجمو:
”فلسفي
کي بُنيادي طرح پنجن شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي
هيٺين علمن جي نمائندگي ڪن ٿا. 1.
مابعدالطبيعيات
(الاهيات) (=وجود
جو مطالعو=
”اتي
ڇا آهي؟“)
2. نظريه علم انساني(=ڄاڻڻ
جو علم=
”آئون
ان بابت ڪيئن ڄاڻان ٿو؟“)
3. اخلاقيات (=اخلاقي
قوت جو مطالعو=”مون
کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“)4.سياست
(=منظم
جماعتي مطالعو=
”ڪهڙو
عمل جائز آهي؟“)5.
جماليات/حُسن
(=فن
جو مطالعو=
”زندگي
ڪهڙي طرح هُجڻ گهرجي.
فلسفي جي وصف يا تشريح ڄاڻڻ بابت اِها هڪ مطالعاتي
کوجنا هُئي، جنهن سان مختلف رايا سامهون آيا آهن.
هونئن
”فلسفو“
گهڻن رُخن ۾ استعمال ٿئي ٿو. آرٽ، سائنس، سياست،
سماج، تعليم ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون اُن جو حصو آهن.
فلسفي جي مُک شاخن ۾، وجوديت جو فلسفو
(Philosophy of existence)
، فطرت جو فلسفو
(Philosophy of nature)،
مذهب جو فلسفو
(Philosophy of religion)،
سائنس جو فلسفو
(Philosophy of science)،
سياسي فلسفو
(Political philosophy)
، سماجي ۽ سياسي فلسفو
(Social & Political philosophy)
، تجزياتي فلسفو
(Analytic philosophy)
، ارضيات جو فلسفو
(Continental philosophy)
وغيره اچن ٿا. اهڙي طرح اِنهن مُک شاخن مان وري
ڪيتريون ذيلي شاخون پڻ نِڪرن ٿيون. تنهن کان علاوه
غور فڪر وارا سوال، جيڪي شعور ۾ اُٿن ٿا يا انسان
کي غور خوص تي مجبور ڪن ٿا، اِهو به فلسفي جو حصو
آهن. مثال طور خوبصورتي جو مطلب هاڪاري يا ناڪاري
آهي؟ سائنس جا ڪيترا طريقا آهن يا رُڳو هڪڙو
طريقو آهي؟ سياست هڪ اُميدن سان ڀرپور خيال يا
نااُميدي جو تصور آهي؟ اهڙا ٻيا فڪر ۽ ڳڻ ڳوت ۽
گُمانيه خيال فلسفي جو حصو آهن. تنهنڪري پاڻ اهو
چئون ته فلسفو فطرت جو بُنيادي جُز آهي، جنهن ۾
اخلاقيات کان وٺي جماليات، منطق، وجوديت وغيره به
اچيو وڃن ٿا ۽ شاعراڻو فلسفو به اُن جو هڪ اهم
حصو يا ڪڙي آهي.
اسان جي مطالعي جو نچوڙ هِن ريت نڪري ٿو:
فلسفي جا اصول ڪائنات ۽ اُن جي موجودات جا ڳُجهه
ڳولڻ ۽ سمجهڻ جي معيار تي مُنحصر آهن . هِڪ
انسان هِن وسيع و عريض ڪائنات جي لکن ڪروڙن
ستارن، سج، چنڊ، گروهن، عنصرن ۽ اسرارن منجهه هڪ
پتڪڙو عُنصر آهي ۽ اِهو ڪائنات جي رنگين موجودات
تي حيرت کائيندي، اُن جي کوجنا جو خواهان آهي. هي
ٽولن جي صورت ۾ گڏجي سڏجي رهڻ، گروهي، سماجي،
ثقافتي ڇپرن جي ڇانءِ ۾ آسائتو ٿيڻ جا سڀ جتن رُڳو
”فنا
۽ بقا“،
”هو
۽ آهي”،
”ڇا
۽ ڇو آهي؟“
جو راز معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا. جولين مارياس
جي راءِ ته:
”علم
فلسفي کي ٻن خاص مقصدن يعني علم جي حاصلات ۽ زندگي
گُذارڻ جي راهه کي سمجهڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو“،
جهڙوڪه ٿورن لفظن ۾ فلسفي جو مڪمل نچوڙ آهي. اُن
کان علاوه مطالعي مان ٿابت ٿيو ته:
·
”فلسفو“
يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ
”ڏاهپ
جو ذوق“
يا
”ڏاهپ
پسندي“
آهي.
·
فلسفي جي ابتدا قديم يونان ۾ 6 هين صدي قبل مسيح ۾
ٿي.
·
”فيلسوف“
لفظ اول اول پائٿاگورس (500، 580) قبل مسيح ۾ ڪم
آندو ۽ اُن کي باقاعدي افلاطون متعارف ڪيو.
·
سقراط کان به اڳ جا فلسفي يونان سان تعلق رکندا
هُئا ۽ هُو دُنيا جي حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ مصروف
رهندا هُئا.
·
جديد دور ۾ خودشعوري نظم ۽ ضبط جو نالو فلسفو آهي.
·
عام طور فلسفي کي ٻن مقصدن علم جي حاصلات ۽ زندگي
گُذارڻ جي راهه کي سمجهڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.
·
سمجهيو وڃي ٿو ته فلسفو ڪنهن قسم جي ڄاڻ جي حدن جو
تعين ڪري ٿو.
·
ڪائنات شناسي ۽ خودشناسي فلسفو آهي ۽ فلسفي لاءِ
اهو به چئجي ٿو ته اِهو ڪائنات بابت نڪته نظر جو
نالو آهي.
·
فلسفي جي مُک شاخن ۾، وجوديت جو فلسفو
(Philosophy of existence)
، فطرت جو فلسفو
(Philosophy of nature)،
مذهب جو فلسفو
(Philosophy of religion)،
سائنس جو فلسفو
(Philosophy of science)
، سياسي فلسفو
(Political philosophy)
، سماجي ۽ سياسي فلسفو
(Social & Political philosophy)
، تجزياتي فلسفو
(Analytic philosophy)
، ارضيات جو فلسفو
(Continental philosophy)
وغيره شامل آهن.
·
فلسفي جا موضوع وقت سان تبديل به ٿين ٿا.
·
فلسفي
جا
اصول
حتمي
سمجهيا
وڃن
ٿا،
جن
ذريعي
ڪائنات
کي
سمجهڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
وڃي
ٿي.
تصوف
۽ ڪلاسيڪي شاعري
ڪلاسيڪي شاعري
(Poetary):
ڪلاسيڪي شاعري پنهنجي فلسفي، پيغام ۽ موضوعاتي
گوناگونيءَ ۾ هڪ زبردست پيغام
(Message)
رکي ٿي، جنهن جا سنڌي سماج سميت آسپاس جي ادبن،
ثقافتن بلڪه انساني سماجن تي اڻ مٽ نقش ڇڏيل آهن،
جيڪي صديون گُذرڻ باوجود اڃا سوڌو بحال آهن. جڏهن
اسان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فلسفي جي ڳالهه ڪنداسين
ته ٻن شين کي ذهن ۾ رکڻو پوندو.(الف) تصوف ۽ (ب)
اخلاقي قدُرن جو بيان. هيءَ ٻئي نُڪتا آهن، جِن جي
گرد، ڪلاسيڪي شاعريءَ جو پُورو فلسفو گهُمي ٿو.
(الف) تصوف
(MYSTICISM)
تصوف جو
ڪلاسيڪي شاعريءَ سان
تعلق جسم ۽ روح جي ڳانڍاپي وانگر آهي. بِلڪل ائين
چئجي ته اُها پيداوار ئي تصوف جي آهي ته وڌاءُ
نه ٿيندو. مطالعي مان به اِهو ثابت ٿيو آهي ته
جنهن زماني، يعني سمه عهد
(1350-1520)
جي آخر ۽ ارغون دور
(1521-1554)جي
ابتدا ۾، جڏهن قاضي قادن جي صورت ۾ ڪلاسيڪي
شاعري باقاعدي اُسري چُڪي هُئي، اهو دور سنڌ ۽
ننڍي کنڊ ۾ تصوف جو حامل فِڪري دور هو.خود قاضي
قادن مهدويه سلسلي تحت، تصوف جي وجودي فِڪر جو
حامل شعر چوندو هو. سنڌي شعر ۾ اڳتي هلي تصوفي
سلسلن تحت موضوعاتي گوناگونيت ۽ فڪري گهرائي آئي ۽
تصوف
(Mysticism)کي
ماخذ ۽ نظريي(Ideology)
جو روپ ڏيندي، وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ذيلي
سلسلن قادريه، سهروردي، چشتيه، نقشبندي وغيره جي
فڪري اثر هيٺ، ڪلاسيڪي شاعري جي دائره ڪار ۾،
فطرت ۽ اُن جو حُسن، راز ۽ رمز، توحيد، وحدت
درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال جا باريڪ نُڪتا،
انساني سماج، اُن جون خوبيون ۽ خاميون، روحانيت ۽
امن ۽ ڀائيچاري، ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جي پالوٽ
ڪئي وئي. تصوف ڇا آهي، ۽ اُن جو نظريو زندگيءَ جي
ڪهڙن مسئلن ۽ مامرن جي نمائندگي(address)
ڪري ٿو بابت به ڄاڻينداسين پر پهرين ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي تصوف سان تعلقداريءَ تي نظر وجهون ٿا.
ابتدائي سنڌي شعر، جنهن ۾ ڪلاسيڪي ڪلام به
شامل آهي، تي فِڪري توڙي موضوعاتي اعتبار کان، فني
سٽاءَ جي لحاظ کان هندي شعر ۽ فِڪري اعتبار کان
تصوف جو اثر تسليم شده آهي. ابتدائي ڪلاسيڪي شاعر
قاضي قادن
جنھن
لاءِ
پھرين ذڪر ٿيو آھي
ته هُو فِڪري اعتبار کان تصوف جي وجودي فڪر سان
سلهاڙيل هو. سندس ڪافي شعرن مان به اهڙو تاثر ملي
ٿو، اُن کان علاوه شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو،
مخدوم نوح، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات،
ويندي
شاھ
لطيف،
خواجا
محمد زمان لنواريءَ وارو يا سچل، سامي ۽ خليفي نبي
بخش تائين سڌي يا اڻ سڌي ريت تصوف جو اثر ۽ اولڙو،
ڪلاسيڪي شاعريءَ تي بلڪل موجود آهي. توڙي جو اِن
دوران ضروري موضوعاتي تبديليون به آيون ۽ بعد جي
شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ٻين موضوعن جو به واڌارو ڪيو
پر اُن
جو
انداز وري به صوفياڻه، ۽ باغياڻه خيالن تي مشتمل
رهيو، جيڪو ڪلاسيڪي شاعريءَ تي، تصوف جي ناگُزير
اثرن جو چٽو اُهڃاڻ آهي.علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد
دادئوپوٽي پنهنجي ڪتاب
”مضمون
۽ مقالا“
۾ ڪلاسيڪي
شاعري جي فڪر تي قدري تفصيل سان روشني وڌي آهي،
جنهن ۾ هُو سنڌي شعر ۽ تصوف جو تعلق ناگُزير سمجهي
ٿو.
”شعر
جا آڳاٽا نمونا، جيڪي اسان جي هٿن تائين رسيا آهن،
تن تي مذهب ۽ تصوف جو ڳوڙهو صبغو چڙهيل آهي، ۽
ناصحاڻي سانچي ۾ سنڃيل آهن. انهيءَ اوائلي شعر ۾
اگرچه ايتري رواني ۽ ايترو تخيل ۽ نغمو ناهي، ته
به اهو هلي هلي دلڪش راڳ ٿي پيو، ۽ ان جو انتها
ڪمال شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ظاهر ٿيو“.(8)
”سنڌ
۾ تصوف پنهنجي ڪامل صورت ۾ پوري جلوي ۾ پذيدار
ٿيو. سنڌ جي پاڪ زمين اهڙن خيالن لاءِ منڍ کان
صالح هئي. سنڌ جي سڀني صوفين سڳورن ۽ روحاني شاعرن
وحد الوجود جو نغمو ڳايو، ۽ ان جي آسمان ۾ غلغلو
مچايو. سنڌ جا حاڪم به ديني مصلحت ۽ روادريءَ جا
حامي هئا ۽ ڪنهن به حق جي عاشق کي ناحق نه ستايو.
اسان جو پهريون شاعر قاضي قاضن (وفات 958 هه)
وجودي هو ۽ شاهه ڪريم (وفات 1032 هه) وجودي به هو
ته شهودي به هو“.
(9)
علامه دائودپوٽي پهرين راءِ ۾ آڳاٽي شعر
کان شاهه لطيف جي دور تائين جي ڳالهه ڪئي آهي ۽
هُو اُن زماني جي ڪلام جي موضوع يا فلسفي کي
(الف) مذهب (ب) تصوف ۽ (ت) ناصحاڻو سڏي ٿو ۽ راءِ
نمبر ٻه ۾ قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جو نالو کڻي
سمورن صوفين شاعرن جو تصوف جي فڪر تحت ڪلام چوڻ جي
ڳالهه ڪري ڄڻڪه تصوف ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي
تعلقداري کي بِلڪُل واضح ڪيو اٿس.
”قاضي
قادن جي شاعريءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾
وجودي فڪر جو پهريون نمائنده شاعر آهي. سندس بيتن
۾ وحدت ۽ ڪثرت، معرفت ۽ طريقت جو ذڪر آهي. ليڪن
شاه ڪريم جنهن قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل ذڪر تي
پورو غور ڪيو، تنهن وڌيڪ متوازن ۽ حقيقت جي رنگ ۾
ڀريل شاعري ڪئي آهي“.
(10)
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي
فڪر کي تصوف کان مُتاثر قرار ڏيئي ٿو بلڪه قاضي
قادن کي ته سِڌي ريت تصوف جي وجودي فڪر جو نمائنده
شاعر ڪوٺيندي، سندس شعر ۾ وحدت ۽ ڪثرت، معرفت ۽
طريقت جو ذڪر به ڪيو آهي. لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه شاهه
ڪريم لاءِ به چيل آهي. هيءُ اُن ڳالهه جو پورو
دليل آهي ته ڪلاسيڪي شاعريءَ جو فڪري ماخذ تصوف
هُجڻ واري قائم ٿيل راءِ سورنهن آنا صحيح آهي. هُو
ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي هلي شاهه لطف الله قادري ۽ ميين
شاهه عنات جي شعري فڪر بابت به چِٽو موقف پيش ڪري
ٿو، جيڪي پڻ ابتدائي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا اهم نالا
آهن.
”يارهين/سترهين
صدي سنڌ ۾ شاه لطف الله قادري (وفات 1090/1679)
نهايت اهم صوفي شاعر آهي جنهن جو ڪلام علمي ۽ فڪري
لحاظ کان گهڻو مٿي آهي. هو بنيادي طور عالم ۽ عارف
هو، جنهن شاعريءَ کي ڄاڻي واڻي ان مقصد تحت اختيار
ڪيو ته جيئن سلوڪ ۽ معرفت جا نڪتا ۽ راز موثر
نموني ۾ عوام تائين پهچائي سگهجن. هو عام فهم
تشبيهن ذريعي
”ذات
۽ صفت“،
”وحدت“
۽
”ڪثرت“،
نفي ۽ اثبات جهڙن ڳوڙهن مسئلن جي سمجهاڻي ڏئي ٿو.
هن پهريون دفعو جوڳي کان سواءِ، ڪاپڙي، سامي،
سنياسي، آديسي، ويراڳي ۽ نانگا جهڙا الفاظ عارفن
لاءِ استعاري طور ڪم آندا. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي
بيتن ۾ وڏن صوفين جا ڪيترا عربي اقوال تضمين طور
آندا، جن ۾ خاص طور ابن عربيءَ جو فتوحات مڪيه ۾
آندل قول ۾
”سبحان
من اظهر الاشياءَوهو عينها“
قابل ذڪر آهي، جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته هُو
ابن عربيءَ جي توحيد وجودي يا عينيت واري فڪر جو
وڏو شارح هو، جيڪا ڳالهه سندس ڪيترن بيتن مان پڻ
عيان ٿئي ٿي“.(11)
ميين شاهه عنات جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”يارهين/سترهين
صدي سنڌ ۾ شاهه عنايت رضوي (وفات1133/1721)
جي شاعري پڻ صوفيانه ادب ۾ اهميت واري آهي. رضوي
خاندان جو شجرو ڪيترن واسطن سان سيد محمد مڪي
(وفات 644/1246)
سان ملي ٿو جيڪو پاڻ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو
نياڻو هو. انهيءَ نسبت سان اهو خاندان سهروردي
سلسلي سان وابسته هو. ليڪن شاه عنايت رضويءَ جو
پيءُ شاه نصردين، شاهه خير دين قادري (وفات 1027-
1681) جو مريد ٿيو، جيڪو شيخ عبدالقادر جيلانيءَ
جي پنجين پيڙهيءَ مان هو ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ
مخدوم نوح جي صحبت اختيار ڪيائين. شاه عنايت جي
شاعريءَ ۾ ملتان جي سهروردي پيرن توڙي پنهنجي مرشد
شاه خير دين سان عقيدت وارا ڪيترا بيت ملن ٿا. شاه
عنايت جي شاعري سنڌ ۾ صوفيانه شاعريءَ جي اهم ڪڙي
آهي ۽ سندس متقدمين ۾ شاه لطف الله قادري، شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ قاضي قادن آهن ته کانئس
پوءِ بلڪه سندس ننڍو معاصر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
آهي، جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جي صوفيانه روايت علمي
توڙي فڪري لحاظ کان پنهنجي پوري عروج تي نظر اچي
ٿي“.
(12)
جامي چانڊيو به تصوف کي ڪلاسيڪي
شاعريءَ جو بُنيادي ماخذ قرار ڏئي ٿو.
”مُون
ڪلاسيڪل شاعريءَ جا چار وڏا جيڪي شاعر ٻُڌايا،
اُنهن جو بُنيادي ماخذ تصوف آهي. ڇو ته اهو دور
تصوف جو دور آهي، ايستائين
اسان وٽ ايران کان تصوف جو اثر پهچي چُڪو هو. 8
هين صديءَ ۾ تصوف جو عروج ٿي چُڪو هو.
اُن کان پوءِ نائين ڏهين صدي تائين اِهو سلسلو
هلندو رهيو. هندستان جي اندر به علي بن عثمان
هجويري داتا گنج بخش 11 هين صديءَ ۾ هِتي اچي چُڪو
آهي.اِن کانپوءِ چشتيا گهراڻي جي شڪل ۾ خواجا غريب
نواز، معين الدين چشتي جي صورت ۾ تصوف جو
Trend
ايران، هندستان کان
وچ
ايشيا رستي اسان وٽ اچي چُڪو هو. لطيف سائين کان
اڳ جا جيڪي چار وڏا شاعر آهن، اُنهن جو نظريو تصوف
آهي. تصوف اصل ۾ روحانيت جو هِڪ فلسفو آهي“.
(13)
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مضمونن جو ذڪرڪندي
اُن ۾ توحيد تي ڪامل يقين، سچي سِڪ ۽ محبت ۽
اعليٰ اخلاق جي مضمونن جي شامل هئڻ تي وڌيڪ زور
ڏئي ٿو.
”اعليٰ
اخلاقي شاعري جي مضمونن ۽ عوامي شاعري جي موضوعن
کي ملائڻ جو سلسلو جيتوڻيڪ اڳ شروع ٿي چڪو هو، مگر
وڌيڪ وسيع پيماني تي انهن جو سنگم پهريون ڀيرو
قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿو: عام قصن ۽ زندگي جي
عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ جا ماڻ
ڀريائين، ۽ خاصن جي خاص فڪر کي عوام جي عام ذوق
سان پيوند ڪيائين. سنڌي شاعري ۾ انهيءَ رجحان واري
اساس ۽ بنياد کي قاضي قادن ايترو ته پڪو پختو ڪري
ڇڏيو جو کانئس پوءِ ايندڙ وڏن شاعرن انهن تي ئي
شعر ۽ ادب جي عمارت کي اڏيو ۽ موضوعن جي وسعت سان
سنڌي ٻولي ۾ بيان جي قوت کي اوج تي پهچايو. قاضي
قادن سنڌي اساسي شاعري جو ابو هو، جنهن پنهنجي نج
سنڌي بيتن ۾ توحيد ۽ ڪامل يقين، اعليٰ اخلاق ۽ سچي
سڪ ۽ محبت جا سبق سمجهايا، ۽ ڪيترن ئي نون معنوي
مضمونن ۽ عام موضوعن کي پنهنجي بيتن جو قالب
بنايو، ۽ توحيد ۽ هيڪڙائي، وحدت ۽ ڪثرت، نينهن ۽
سڪ ۽ اعليٰ انساني اخلاق جهڙن معنوي ۽ نفسياتي
ڳوڙهن نُڪتن کي زندگي جي عام ماحول ۽ مشغلن، ۽ عام
هلندڙ ڳالهين ۽ افسانن مان مثالن ذريعي سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪيائين“.
(14) هِن منجهان
اسان جي ڳالھه
کي تقويت ملي
ته ڪلاسيڪي شاعرن تصوف سميت اخلاقي قدرن جي بحالي
۽ پاسداريءَ تي به وڏو زور ڏنو
۽
تصوف ۽ اخلاقي قدر ڪلاسيڪي شاعريءَ جا خاص موضوع
ٺھيا جو ڊاڪٽر بلوچ جھڙو عالم
به
اُن جو کُليو اظھار ڪري
ٿو.
هاڻ ضروري آهي ته اِهو ڏسون ته 1. تصوف ڇا آهي؟ ۽
2. انساني اخلاق جا قدر ڪهڙا آهن؟ ڇو ته هِنن
ٻنهي جي ڇنڊ ڇاڻ سان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فلسفي کي
سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ اڳتي هلي شعرن جا
مثال ڏيڻ ۾ اسان جي وڏي معاونت ٿيندي.
تصوف ڇا آهي؟
(What is Mysticism)
ڊاڪٽربلوچ تصوف کي سچائيءَ جو منظم طريقو
۽ انساني فلاح جو اهم نظريو سمجهي ٿو. سندس نظر ۾
اِهو دل ۽ روح کي اُجرو ڪري، خُدائي حقيقت سان
روشناس ڪري ٿو.
Mysticism/Sufism in its initial level is a
systematic way to the eternal truth and in its
advanced stage it is reunion with the source we
have come from, by way of purifying heart and
soul under the guidance of an experience,
spiritual instructor, who frees his student from
the bondage of lust, greed and ego. The seeker
thus enters into the rare bliss of eternal life.
It is also established that though the
sacred science of soul realization with god is
centuries old but it was patronized and
organized during the Islamic period. The sole
credit goes to the Holy Prophet Muhammad (peace
be upon him) and his companions.
(15)
ترجمو:
”تصوف
/صوفي
ازم بُنيادي سطح تي دائمي سچائيءَ جو هڪ منظم
طريقو آهي ۽ پنهنجي اعليٰ ترين صورت ۾ اِهواصل سان
گڏجن جو وسيلو آهي، جتان اسان آيا آهيون. اُهو
دل، روح ۽ اندر جي اُجرائيءَ جو نمونو آهي ۽ تصوف
پنهنجي شاگرد کي لالچ، هوڏ ۽ غلاميءَ
کان هڪ قابل روحاني استاد نجات ڏياريندي، خوشي ۽
ابدي زندگيءَ جي نادر نعمتن سان روشناس ڪرائي ٿو.
اهو روح جو روح ۽ خُدا سان حقيقي رشتو پيدا ڪري
ٿو. اهو سلسلو هونئن ته صديون پُراڻو آهي پر
اسلامي دور ۾ اهو وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿيو، جنهن جو
سهرو نبي سڳوري (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) ۽ سندس
ساٿين کي وڃي ٿو“.
”تصوف
جو علم به انهن شرعي علمن مان آهي، جي اسلامي ملت
مان نئين سر پيدا ٿيا. اصحاب ڪرام ۽ ٻيا سلف صالح،
صوفين جي طريقي کي حق ۽ هدايت جو رستو ڪري ليکيندا
هئا (1). خدا جي عبادت ۾ مشغول رهڻ، خدا جي واٽ ۾
سڀ شيءِ رد ڪرڻ، دنيا جي جنسار ۽ سينگار کا پاسو
ڪرڻ، عيش عشرت ۽ مال مرتبي کان منهن موڙڻ، خلق کان
الڳ ٿي خلوت ۾ گذارڻ، اهي آهن تصوف جا اصول جي
اصحابن توڙي اڳوڻن صالحن ۾ مروج هئا“.
(16) ايڇ ٽي سارلي، تصوف جي باري ۾ لکي ٿو:
”حقيقت
۾ صوفي فڪر مختلف عنصرن جي ميلاپ جو عجيب مثال
آهي، جيئن اسلام جو سخت موحدانه اصول ۽ ايران جي
مخصوص ذهن جي سونهن سان عشق وارو، وحدت الوجودي
تصور. اهو خوبصورتيءَ جو تصوف آهي، جيڪوخدا ۾ پاڻ
گهر ڪرڻ ۽ وحدت ۾ ٻڏي وڃڻ تي زور ڏئي ٿو، جيڪو
هندستان جي هندو عوام جي مذهب جي سگهارن خيالن
”ويدانيت“
۽
”ٻڌمت“
جي اصولن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پروفيسر نڪولسن جو
خيال آهي ته صوفي مت پنهنجي پاڪيزگي، اخلاق ۽ پاڻ
ارپڻ وارن پهلوئن جي ڪري هڪ طرح روحاني اسلام آهي،
پرانهن هڪ مضبوط بيٺل مذهب جي مڙئي زباني خدمت ڪئي
آهي“.
(17) رشيد ڀٽي تصوف ۽ اُن جي مضمونن جو تفصيل ۽
باريڪ بينيءَ سان ذڪر ڪري ٿو:
”
تصوف حق گوئی،
نیک
عمل او ر حسن پرستی
کی
توسط سے
پاکیزہ
اخلاق اور بلند کردار پیدا
کرنے
کیلئے
ایک
بہترین
نصب العین
مہیا
کرتا ہے۔
صوفی
شاعری
میں
اس مقصد کے
اظہار کیلئے
کئی
علامات استعمال کی
جاتی
ہیں۔
مثلن معشوق، شمع (خدا
یا
مطلوب و مقصود)
عاشق، مئے
نوش، پروانہ (انسان)
سورج اور سمندر کو وہ سب مذاہب کی
یکسانیت
اور اکائی
دکہانے
نے
کیلئے
استعمال کرتے
ہیں
۔ اصل میں
ایک
بحر بے
کراں
ہے
اور سب مذاہب اور فرقہ اس کی
لہریں
ہیں۔
بنیادی
چیز
اور روشنی
کا مرکز سورج ہے،
باقی
مذاہب اس کی
کرنیں
ہیں،
وغیرہ
وغیرہ
یہی
مقصد اور مسلک سندہی
شعرا کا بہی
ہے۔“(18)
محمد حسين ڪاشف لکي ٿو ته:
”بنيادي
طور تي
”تصوف“
ڪو مادي عمل نه آهي، جنهن کي ڏسي ۽ ڇهي سگهجي هي
ته انسان جي وجداني ڪيفيت جو هڪ نالو آهي. جنهن جو
تعلق انسان جي تجسس ۽ قلبي بصيرت سان آهي. جنهن
سان پاڻ سڃاڻڻ جي ماهيت ميسر ٿئي ٿي“.
ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته
”تصوف“
انساني وجود ۽ سماج جي سڌاري جي اخلاقي پاڪائي
وارو اهو عمل آهي، جنهن سان انسان ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي
صلاحيت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پاڻ هئڻ واري ڪيفيت،
دوئي، ڪٽر پڻي ۽ نفسي بُخل ۽ پاڻپڻي کان آجائي
واري پنڌ جو پانڌيئڙو ٿي پوي ٿو“.
(19) ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو تصوف جي اصل روح جي
نشاندهي ڪندي اُن جي ابتدا بابت به رهنمائي ڪري
ٿو:
”دراصل
تصوف جن اعليٰ انساني ۽ ڪردار، نفس جي پاڪائي، صبر
۽ شڪر، تقويٰ، سادگي، محبت، توڪل ۽ خالق ڪائنات
سان تعلق تي زور ڏئي ٿو، اهي سڀ عنصر رسول الله
صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگيءَ ۾ نروار نظر
اچن ٿا. اهڙي طرح اصحاب سڳورن جي زندگيءَ جون پڻ
اهي نمايان خصوصيتون آهن. پهرين صدي هجريءَ جي آخر
۾ جڏهن اموين ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ جبر تي ٻڌل ذاتي
حُڪمراني قائم ڪري ڇڏي ته اهو حسن بصري ( 21/
642-
110/.728)
ئي هو جنهن خوف خدا کي ايمان جو وڏي ۾ وڏو جز
ٻڌايو ۽ ان سان گڏ دنيائي زندگيءَ جي ٺٺ کي سخت
تنقيد جو نشانو بنايو ۽ هن دنيا کي اهڙي نانگ سان
تشبيهه ڏنائين جنهن جي اندر ۾ زهر ڀريل آهي ۽ ان
کان دور رهڻ جي ترغيب ڏياريائين
“.
(20)
ڊاڪٽر بلوچ، ايڇ ٽي سارلي، محمد حسين ڪاشف ۽ ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري جي بيانن مان،
”تصوف“
جي صورت ۽ نقشو اسان جي اڳيان واضح ٿئي ٿو. اُن جا
بُنيادي مضمون ڪهڙا آهن؟ تصوف ڇا آهي.؟ جي به
وضاحت ٿئي ٿي. جهڙوڪ مٿين بيانن سان اسان سمجهي
سگهون ٿا ته تصوف جا مضمون، اُن جو روح جيڪو
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پلٽيو ويو آهي، اهو انهن
عنوانن تي آڌاريل آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تصوف
جي ابتدا بابت به اشارو ڪيو آهي، اهڙي طرح پوءِ
اُن جي هڪ طويل تاريخ ٺهي ٿي ۽ ٻين وڏن صوفين ۽
بزرگن جا نالا اُن ۾ شمار ٿين ٿا. بهرحال اِهو پاڻ
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٻئي موضوعاتي نُڪتي يعني
اخلاقي قدرن طرف اچون ٿا:
(ب) اخلاقي قدر:(
MORAL VALUES)
اخلاقي قدر ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فلسفي جو
ٻيو اهم ٿنڀ
(paler)
آهي. ابتدائي ڪلاسيڪي شاعرن، قاضي قادن، مخدوم
نوح، شاهه ڪريم ويندي ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف
تائين اُن جو زوردار بيان ملي ٿو ۽ انساني اخلاق ۽
قدرن جي بحالي ۽ پاسداريءَ لاءِ، ڪلاسيڪي شاعريءَ
اندر وڏو زور ڀريل آهي. هونئن به اخلاق ۽ ڪردار
انساني سماج جا اهم جُز آهن. اخلاقي قدرن کان
سواءِ مهذب سماج جو تصور ممڪن نه آهي، تنهنڪري لڳ
ڀڳ سمورن مذهبن جهڙوڪ: عيسائيت، زرتشت، ٻڌمت، هندو
ازم جي تعليمات ۽ ڪتابن ۾ اخلاقي قدُرن تي گهڻو
زور ڀريل آهي. مذهب اسلام ته اِن حوالي سان وڏي
رهنمائي ڪري ٿو. جنهن جو سمورو فلسفو ۽ تعليمات
انساني اخلاق ۽ ڪردار جي اُتم پڻي تي انحصار ڪن
ٿا. پهرين اچو ڏسون ته ”اخلاق“ ۽ ”قدر“ ڇا آهن؟
ڊاڪٽر بلوچ جي آن لائين سنڌي لغت ۾
”اخلاق“
جي لغوي معنيٰ هِن ريت ڏنل آهي: اخلاقُ جمع اخلاقَ
ذ]ع.
خُلقَ جمع اَخلاق[
(واحد. اخلاقُ=)
ماڻهپو، شرافت “چڱي اخلاق وارو“ (جمع.
=)
چڱا لڇڻ، سٺيون خصلتون، نيڪ عادتون، ارڪان.(21)
ضياءَ الدين ايس بُلبُل لفظ
”قدر“
جي لُغوي معنيٰ ۾ لکي ٿو ته:
”قدر:
قدر جي لغوي معنيٰ آهي خدا تعاليٰ جو اندازه ڪرڻ،
خدا تعاليٰ جو حڪم ڏيڻ، هڪ چيز کي ٻي چيز تي قياس
ڪرڻ (2)، مگر مغربي مفڪرن وٽ مفهوم ئي الٽو آهي.
جيمس ڊريور جي علم النفسيات جي لغت (3) مطابق قدر
کي
(Value)
”وئليو“
ڄاڻايو آهي ۽ ان جي معنيٰ ٻڌايل آهي ته ڪنهن مقرر
ماڻ موجب وزني ڪٿ. ويبسٽر جي لغت (4) ۾ سو مفهوم
ڪجهه وسيع ڪري ٻڌايو ويو آهي ته اهو جيڪو ٻي ڪنهن
شيءِ کي ڪارائتو يا قابل قدر بنائي ، اهو ئي سبب
آهي جو مغربي مفڪرن وٽ اهي وٽ، ماڻ ۽ ڪٿون مٽجڻ يا
ميٽجڻ واريون مڃيون ٿيون وڃن ۽ انهن کي دائمي
قرار نه ٿو ڏنو وڃي“.
(22). ڊاڪٽر بلوچ ۽ ضياءَ الدين ايس بُلبُل جي
بيانن مان لفظ
”اخلاق“
۽
”قدر“
جي لغوي معنيٰ اسان جي اڳيان واضح ٿي. ڊاڪٽر محمد
ابراهيم خليل
”اخلاق“
جي ڪُجهه بنيادي معيارن جي نشاندهي ڪندي لکي ٿو:
”مغرب
جا اديب اخلاق کي اضافي رسم ۽ رواج سمجهن ٿا. انهن
جو چوڻ آهي ته هر دور ۽ هر ملڪ ۾ اخلاق جو نظام
بدلجندي رهيو آهي. زمانو بدلجندڙ حالتن سان گڏوگڏ
اخلاق جي معنيٰ ۽ مطلب کي بدلائيندو رهيو آهي ۽
بدلائيندو رهندو، پر جيڪڏهن علمي نقطئه نظر سان ۽
فلسفه اخلاق جي ڪسوٽي تي مٿئين نظريي کي پرکبو ته
انهيءَ چوڻي جي صداقت ظاهر ٿي پوندي“.
ساڳئي مضمون ۾ هُو اڳتي هلي لکي ٿو ته:
”هن
موضوع تي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسان کي عالم
انساني جي اخلاق تي غور ڪرڻو پوندو، جي سڄي بني
آدم ۾ ٿورو گهڻو نظر اچن ٿا، جهڙوڪ: عبادت، انساني
مساوات، راست بازي، عدل ۽ انصاف جي تقاضائن کي
پورو ڪرڻ، ملڪي ۽ قومي مفاد جي حفاظت ڪرڻ، نيڪين
جي پابندي ۽ بڇڙاين کان ڀڄڻ ۽ ڪردار جي اهميت، اهي
۽ انهن جهڙيون ڪي ڳالهيون جي انساني جماعت ۾ قريب
قريب هڪجهڙيون ملن ٿيون“.(23)
ڊاڪٽرعبدالرحمان جسڪاڻي انساني ڪردار ۽ اخلاق
جون پندرهن خاصيتون ڄاڻائي ٿو:
”حُسن
خُلق، سچائي، همدردي ۽ صله رحمي، اتحاد ۽
اتفاق، درگُذر، نيڪي، وطن جي محبت، آئي جو
آڌرڀاءُ، رحم ۽ ڪرم، ڀائيچارو، عاجزي ۽ انڪساري،
جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت ، توڪل“.
(24)
انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي هڪ ويب سائيٽ
تي
مغربي ڪلچر جي ستن
نمائنده قدُرن جو ذڪر آهي، جيڪي اُتان جي اسڪولي
شاگردن کي پڙهايا وڃن ٿا.
(I)
غير مشروط محبت ۽ شفقت
(unconditional love and Kindness)،
(II)
ايمانداري
(Honesty)
، (III)
جفاڪشي/سخت
پورهيو
(Hard work)،
(IV)
ٻين جو احترام
(Respect for others)،
(V)
باهمي سهڪار(Co-operation)
، (VI)
ترس، دردمندي، رحم دلي
(Compassion)،
(VII)
درگُذر يا معافي
(Forgiveness)
(25)
هيءَ سڀ قدر ملائي جُملي ستٽيهه ٿين ٿا
(ڪي ٻيا به هوندا) جي هِن ريت آهن:
حُسن خُلق، سچائي، همدردي ۽ صله رحمي، اتحاد ۽
اتفاق، درگُذر، نيڪي، وطن جي محبت، آئي جو
آڌرڀاءُ، رحم ۽ ڪرم، ڀائيچارو، عاجزي ۽ انڪساري،
جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت ، توڪل، عبادت،
انساني مساوات، راست بازي، عدل ۽ انصاف جي
تقاضائن کي پورو ڪرڻ، ملڪي ۽ قومي مفاد جي حفاظت
ڪرڻ، نيڪين جي پابندي ۽ بڇڙاين کان ڀڄڻ ۽ ڪردار
جي اهميت، ارادي ۽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت، عزم ۽
حوصلو، تحمل ۽ برداشت، محنت ۽ جفاڪشي، خودداري،
رحمدلي، دل ۽ ذهن جي ڪُشادگي، امانت ۽ ديانتداري،
سخاوت، گُفتگو ۾ نرمي، غير مشروط محبت ۽ شفقت،
ايمانداري، ٻين جو احترام، باهمي سهڪار، ترس ۽
رحمدلي وغيره شامل آهن.
اسان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فسلفي يعني
منجھس
بيان ڪيل ڏاهپ ڀرين نُڪتن ۽ مضمونن ۽ اخلاقي قدرن
جي خلاصي جي ڳالهه ڪئي، جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام
مان بيان ڪرڻا آهن. اهڙي مطالعي جي تناظر ۾ سڀ کان
پهرين اسان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بُنيادي ماخذ تصوف
۽ اُن جي مضمونن جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽
تنھن بعد
مروج اخلاقي قدرن جو اندازه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.
اسان جي مٿئين مطالعي منجهان تصوف ۽ اُن جي
بُنيادي موضوعن سميت مروج اخلااقي قدرن جو نقشو
واضح ٿيو ۽ هاڻ اسان ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام يعني
مذڪوره شاعريءَ ۾ بيان ڪيل: (الف) فلسفو=
ڏاهپ، دانائي ، ڏاهپ ڀريل تفڪري نُڪتن (خيال)سوچن،
ڪٿُن، ويچارن ۽ حڪايتُن ۽ (ب) اخلاقي قدُر=
چڱن لڇڻن، افعالن، ارڪانن، خصلتن، عادتن (نِج
انساني اخلاق ۽ ڪردار سان سلهاڙيل)، جو
بيان ۽ تشهيرڪرڻ
طرف وينداسين.
حوالا
1.
جويو محمد ابراهيم (مترجم)2006ع:
”فلسفي
جو ابتدائي ڪورس“
روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو
ص7-8
2.
قاضي آءِ آءِ (علامه) 1995ع:
”صوفي
لا ڪوفي“
(ڇاپو پهريون) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 3
3.
https://www.vocabulary.com/dictionary/philosophy
4.
Duignan Brain
(Editor)2011“Modern Philosophy” Britannica Educational Publishing New
York page 48-49
5.
Kenny Anthony, 2004:
“Ancient Philosophy” Oxford University press New
York, page No. xi
6.
Marias Juliam, <History of Philosophy<
page NO.01
7.
http://www.importanceof
philosophy.com/fivebranchesmain.html
8.
دائودپوٽو عمر بن محمد (علامه) 1978ع:
”مضمون
۽ مقالا“
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي حيدرآباد ص
13
9.
دائودپوٽو عمر بن محمد (علامه) 1978ع:
”مضمون
۽ مقالا“
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي حيدرآباد
ص145
10.
سومروعبدالغفار(ڊاڪٽر) (تحقيق ۽ ترجمو) 2008ع:
”شرح
ابيات سنڌي“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ص
48
11.
سومروعبدالغفار(ڊاڪٽر) (تحقيق ۽ ترجمو) 2008ع:
”شرح
ابيات سنڌي“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ص
48
12.
سومروعبدالغفار(ڊاڪٽر) (تحقيق ۽ ترجمو) 2008ع:
”شرح
ابيات سنڌي“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ص
49
13.
چانڊيو جامي، (انٽرويو)
2018ع:
سي پي سي ايس جي آفيس گُلشن بختاور قاسم آباد
حيدرآباد
14.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) 1999ع:
”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو ص
236-237
15.
Faruqi Muhmmad Qabool Sakhi, 2010 “ DARAZI
SCHOOL OF SUFI THOUGHT” published by Darazi
School of Sufi though Page NO.
16.
دائودپوٽو عمر بن محمد (علامه) 1978ع:
”مضمون
۽ مقالا“
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي حيدرآباد
ص287
17.
سارلي ايڇ ٽي 1997ع:
”ڀٽ
جو شاهه“
(مترجم: عطا محمد ڀنڀرو) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
ص 362
18.
بھٹی
رشید،
۲۰۱۰ع:“تصوف
اور کلاسیکی
سندھی
شاعری”،
سندھی
ادبی
سنگت سندہ
ص
۳۴،
۳۵
19.
ڪاشف حسين محمد
2009ع: ”تصوف
جو سنڌي سماج تي اثر“
ايڊيٽر: ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڪينجهر (تحقيقي
جرنل12) يونيورسٽي آف سنڌي ڄام شورو ص
52-94
20.
سومروعبدالغفار(ڊاڪٽر) (تحقيق ۽ ترجمو) 2008ع:
”شرح
ابيات سنڌي“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ص
2
21.
بلوچ ڊاڪٽر، آن لائين سنڌي لُغت
22.
بُلبُل ضياءَ الدين 1967ع:
”شاهه
عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسلامي قدر“
مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبدالطيف ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ ص 3،
4
23.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر)
1968ع:
”شاهه
عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو
معيار“
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي ص 3،
4، 5
24.
جسڪاڻي عبدالرحمان (ڊاڪٽر) 2010ع:
”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“
ثقافت کاتو سنڌ ص 7
25.
https://soapboxie.com/social-issues/teaching-moral-values
|