سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

باب:

صفحو:7 

باب ٽيون:

 (حصو ٻيون)                         

ڪلاسيڪي شاعري

 

ڪلاسيڪي شاعريءَ جا عام طور ٻه دور ٺهن ٿا. قاضي قادن کان شاهه لطف الله قادري جو پهريون دور ۽ ميين شاهه عنات کان خليفي نبي بخش تائين ٻيون دور ٿيندو.  پهرين دور ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ٻئين دور ۾ ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف، خواجا محمد زمان، شيخ گرھوڙي، روحل فقير، سچل سرمست، سامي ۽ خليفو نبي بخش اچن ٿا. مان هيءَ راءِ پنهنجي تحقيق ۽ مطالعي جي پيش نظر وضع ٿيل معيارن جي آڌار ۽ مذڪوره شاعرن جي اسلوب، موضوعن، انداز بيان جي ويجهڙائي کي اڳيان رکي قائم ڪئي آهي. قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري ٿوري گهڻي فرق سان موضوع ۽ فلسفي جي هڪجهڙائي رکن ٿا حالانڪه شاهه لطف الله قادري جو اسلوب ڪجهه مختلف ۽ موضوع قدري ڳوڙها آهن. ساڳي ريت ميين شاهه عنات ڪلاسيڪي شاعري کي نئون موڙ (U-turn) ڏنو. ڊاڪٽر بلوچ به ميين شاهه لاءِ لکيو آهي ته هُن اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري ۾ نئون اسلوب ۽ نوان موضوع داخل ڪيا. ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سندس پيدا ڪيل اهڙي نئين انداز جو، بعد ۾ شاهه عبدالللطيف، خواجا محمد زمان، سچل، روحل، سامي ۽ خليفي نبي بخش تائين اثر رهيو. پر ڊاڪٽر بلوچ ڪلاسيڪي بجاءِ اساسي شاعري لکندي اُن جي ٽِن دورن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ،  شاهه لطيف کان اڳ جو دور، وچون دور ۽ آخري دور يعني شاهه لطيف کان پوءِ وارو دور، جو اصطلاح (Term) استعمال ڪيو اٿس. ڪلاسيڪي شاعريءَ لاءِ ائين چوڻ سان مونجهارو (Confusion) پيدا ٿيندو ڇو ته پهرين اسان کي اساسيت ۽ ڪلاسيڪيت ۾ فرق ڪڍڻو پوندو ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي راءِ جي پوئيواري ڪرڻ گهرجي. مُنهنجي نظر ۾ اساسيت ۽ ڪلاسيڪيت ٻه الڳ شيون آهن ۽ ڪلاسيڪي جا مٿيان شاعر ئي آهن ۽ اُن جا اِهي ئي ٻه دور ٺهن ٿا. ها البت باقي بعد جي شاعرن جي ڪن تخليقن ۾ ڪلاسيڪيت ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ بيدل بيڪس، مصري شاهه، حمل فقير لغاري، مخدوم طالب الموليٰ، مولوي حاجي احمد ملاح، مُنشي ابراهيم، دادن فقير، احمد خان مدهوش يا خود شيخ اياز، نارائڻ شيام، گدائي ۽ اُستاد بخاريءَ جو ڪلام اچي وڃي ٿو پر اُنهن جو، سڄي جو سڄو ڪلام ڪلاسيڪي خصوصيتن جي يڪسر نمائندگي نه ٿو ڪري تنھنڪري کين يڪسر ڪلاسيڪي شاعر قرار ڏيڻ مُناسب نه ٿيندو. ڪلاسيڪي جو ڪو ٽيون دور آهي ته اُهو لوڪ ادب وارو ڀاڳون ڀان، سُمنگ چارڻ ۽ سومرن جي دور ۾ چيل ڳاهون ۽ ٻيو لوڪ ڪلام يا پير صدرالدين ۽ ٻين اسماعيلي داين جو مذهبي اثر هيٺ چيل ناصحاڻو شعر ٺهي ٿو، جيڪو بِلڪل قديم يونان جي ڪلاسيڪل هومرڪ دور (Homeric age)  جي شاعرن جي موضوعن سان ويجهڙائي رکي ٿو. اُن وانگر ئي منجهس رزميه موضوع، سورهيائي ۽ بهادري  ۽ جنگجوئي ڪارنامن جي ساراهه آهي پر خبر نه آهي ته ڪهڙي مصلحت تحت لوڪ شاعريءَ کي، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شُمار ڪرڻ تي غور نه ڪيو ويو. اُن دور جي سڄي ڪلام کي لوڪ ادب /شاعري جي سِري سان الڳ ڳڻيو ويو. بهرحال هِن ڪتاب ۾ بِلڪل احتياط کان ڪم وٺندي فقط اُنهن شاعرن کي شامل ڪيو آهي، جِن جو ڪلام ڪلاسيڪيت جي  خصوصيتن تي پورو لهي ٿو يا جِن کي  سڀني محققن ڪلاسيڪي شاعر ڪري ڳڻيو آهي.

 

قاضي قادن

        قاضي قادن(1551-1463ع)کي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ڪليدي اهميت حاصل آهي. هُو پهريون ۽ بُنيادي ڪلاسيڪي شاعر آهي، جنهن جي  ٺاهيل روايتن  جي بُنياد تي، اڳتي هلي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي عمارت کڙي ٿي. مخدوم نوح رحه، شاهه ڪريم تائين اُن جو پُورو اثر سنڌي شعر تي قائم دائم رهيو ۽ شاهه لطف الله جي شعر سان وري نوان مضمون ۽ نئون اسلوب داخل ٿيو ته قاضي قادن واري شعر جي روايت جو اثر ٿورو ٿورو گهٽجڻ لڳو البته باڪمال فلسفي مضمونن سبب قاضي قادن جو شعر ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تادم زنده رهندو. سندس شعر جو فلسفو ته تصوف آهي ۽ هُن تصوف جي وحدت الوجودي فڪر تحت شعر چيو پر هُن پنهنجي شعر ۾ تصوف جي بُنيادي مضمونن کان علاوه اعليٰ انساني اخلاق ۽ سماجي قدرن جو اثرائتو بيان ڪيو آهي ۽ نج سنڌي سماج جي موضوعن ۽ مسئلن کي اُن ۾ داخل ڪيو،  جيڪو کيس ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان ممتاز حيثيت ڏياري ٿو(ياد هُجي ته هُن  جو سياسي ڪردار اسان جو موضوع نه آهي، جنهن کي مختلف عالم دُرست نه ٿا سمجهن).  سنڌي شعر ۾ اڄ تائين اعليٰ اخلاق واري فلسفي تي ٻڌل جيڪو شعر ملي ٿو،  اُن جو بُنيادڪار قاضي قادن آهي.  قاضي قادن پنهنجي شعر وسيلي  اخلاقي قدرن جي پاسداري ۽ اخلاقيات جو عام درس ڏنو. هُو سماجي نفسيات ۽ معاشرتي علمن جو ڄاڻُو، نااتفاقيءَ جا نقصانڪار اثر ۽ اتفاق ۾ برڪت جا مثال جابجا سندس شعر ۾ ملن ٿا. انساني ڪردار جي پاسداريءَ جو ته منجهس ڀنڊار سمايل آهي بلڪه اُن جي شعري فلسفي جو بنياد ئي سماجي ڪردار جي اُتم پڻي ۽ اخلاقي قدرن جي تبليغ (preach) تي اُستوار آهي. هيرو ٺڪُر سندس شعر جي لاءِ لکي ٿو: قاضي قادن جي شاعري تصوف ۽ ويدانت جي شاعري آهي. سندس شعر تي تصوف جي فلسفي جي ڇاپ جو سبب اهو آهي، جو هو جنهن زماني ۾ ٿي گذريو آهي، تنهن زماني ۾ تصوف هن ننڍي کنڊ تي ڄڻ ته ڇانيو پيو هو. سنڌ تي تصوف جو اثر ننڍي کنڊ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾، پاڻ وڌيڪ رهيو هو، ڇو ته هن ننڍي کنڊ لاءِ تصوف جو دروازو بڻجڻ  جو شرف سنڌ کي ئي حاصل آهي”.(1) ۽ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:  قاضي قادن سنڌي اساسي شاعري جو ابو هو، جنهن پنهنجي نج سنڌي بيتن ۾ توحيد ۽ ڪامل يقين، اعليٰ اخلاق ۽ سچي سڪ ۽ محبت جا سبق  سمجهايا، ۽ ڪيترن ئي نون معنوي مضمونن ۽ عام موضوعن کي پنهنجي بيتن جو قالب بنايو، ۽ توحيد ۽ هيڪڙائي، وحدت ۽ ڪثرت، نينهن ۽ سڪ ۽ اعليٰ انساني اخلاق جهڙن معنوي ۽ نفسياتي ڳوڙهن نُڪتن کي زندگي جي عام ماحول ۽ مشغلن، ۽ عام هلندڙ ڳالهين ۽ افسانن مان مثالن ذريعي سمجهائن جي ڪوشش ڪيائين. (2)

قاضي قادن انسان  ۽ اُن جي ڪردار سان لاڳاپيل مسئلن ۽ معاملن کي پنهنجي شعر جو خُوب موضوع بڻايو ۽ اُن سان سلهاڙيل هرننڍي وڏي شيءِ  خواه اِهو همت حوصلو هُجي، بُردباري ، بزدلي يا بھادري، خُدا تي ايمان، اتحاد اتفاق يا  نفاق، گُڻ اوگُڻ هُجن يا انساني اوصاف ۽ مساوات مطلب ته هُن هر اُن شيءِ کي  پنهنجي شعر جو موضوع ٺاهيو ته اهڙي صورت ۾ کيس برملا هڪ بهترين سماج سُڌارڪ  شاعر چوڻ ۾ قباحت نه آهي. گُمراهي ۽ ڀٽڪڻ ته سندس پسنديده موضوع آهن. ڪيترائي اهڙا شعر دستياب آهن، جن ۾ انسان جي ڀٽڪڻ ۽ گهُمراهيءَ ۾ گُذارڻ جو ذڪر آهي ۽ هُو اهڙي شيووي کي ناگوار سڏي ٿو. انسان کي گُمراهه ڪنُ ننڊ مان بيدار ٿيڻ جو درس ڏيندي، حق ۽ سچ (سچائي کي پروڙڻ) طرف مائل ٿيڻ لاءِ اُتساهي ٿو:

جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري (3)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ھن شعر جي فلسفي لاءِ لکي ٿو ته: قاضي قاضن هڪ بيت ۾ جوڳي لفظ ڪتب آندو آهي، ۽ ان مان مطلب روحاني رهبر ورتو اٿس. ڏيکاريو اٿس ته آءٌ غفلت جي ننڊ ۾ هوس، جوڳيءَ جاڳائي سجاڳ ڪيو. ان کانپوءِ ئي معرفت الاهي جي راهه تي گامزن ٿيس. (4)  ڀٽڪڻ ۽ گُمراهيءَ ۾ گُذارڻ مان سندس مطلب بي مقصد زندگي آهي، جنهن کي قاضي قادن خواه مخواه ۽ بي جا سمجهي ٿو.  بي عمل انسان واقعي به فضول ۽ ناڪاره آهي. مٿئين شعر مان به اهڙي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي جو قاضي قادن، پاڻ کي اهڙي گُمراهه ڪُن ننڊ مان بيدار ٿيڻ تي شُڪر ادا ڪري ٿو ۽ پنهنجي مرشد جا ٿورا مڃيندي چوي ٿو ته: ”هُو خود، حق ۽ سچ جي رستي تان هٽيل هڪ  گُمراهه وجود وانگر بي مقصد زندگي گُذاري رهيو هو، جنهن جي اڳيان ڪو رستو ۽ نه منزل هُئي ۽ اهڙي حالت مان نِڪرڻ لاءِ مرشد رهبر سندس رهنمائي ڪئي ۽ کيس سِڌو رستو (خُدائي واٽ) ڏسيو ۽ هُو سچائي جو سونهو ٿي باعمل زندگي گُذارڻ جي قابل ٿيو.

سڄڻ منجهه هُئام، مون ويٺي واءُ ٿيا،

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هئين جاڙ وڌام. (5)

هيءَ شعر هُونءَ ته ’پاڻ سُڃاڻ‘ جي فلسفي تحت چيل آهي. جنهن منجهه انساني ڪردار ۽ اخلاق جي سچائي واري خاصيت جو بيان نمايان آهي. جنهن منجهه قاضي قادن چوي ٿو ته: ”سڄڻ (حق ۽ سچائي) ته خود منهنجي اندر ۾ موجود آهي جو مُون اُن جي تلاش ۾ اجائي ويٺي واڪا پئي ڪيا ۽ هيڏي هوڏي هٿڙا پئي هنيا. علامه دائودپوٽو  هِن شعر جي حوالي سان لکي ٿو: انسان جڏهن اکيون ڪن ٻوٽي، حواسن جا دروازا بند ٿو ڪري، تڏهن روحاني عالم جو ديدار پسي ٿو ۽ سندس روح ملڪوت جي جهان جو سير ٿو ڪري. ننڊ ۾ ته حواس هيڪاري بيڪار ٿين ٿا. دنيا ۾ ماسواءِ جو خيال نه ٿو رهي، تڏهن حقيقي محبوب انسان جي دل ۾ ديرو ڪري ٿو. پر جي هڪوار اکيون کُليون ۽ جسماني عالم جي سار ٿي، ته اهو محبوب گم ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڪيتريون به هٿوراڙيون پاءِ، ۽ واجهه وجهه ته اهو هٿ نه ايندو. تصور جي حالت ۾ ائين آهي جو ذات پاڪ جو پرتوو دل ٿي پوي ٿو. (6) شعر ۾ اُن کان سواءِ به هڪ وسيع پيغام سمايل آهي. انسان پنهنجي اندر جي آرسيءَ ۾ ليئو پائي جڏهن پاڻ سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس حق ۽ باطل، بُري ۽ ڀلي جو واضح فرق نظر ايندو آهي ۽ جڏهن انسان اُهي ڳُڻ ڳولي لهي ته هُو هڪ ڪامل انسان بڻجي ٿو، جنهن جو ذڪر قاضي قادن  تمام عمدگيءَ سان ڪيو آهي.

        قاضي قادن سائر(سمنڊ، درياءَ)کي پنهنجي شعر ۾ علامتي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. جنهن کي محقق ڪٿيوحدت ته ڪٿي وري ڏاڍ جي اُهڃاڻ طور وٺن ٿا.

                             سائر ڏيئي  لت،   اوچي   نيچي   ٻوڙيئي

هيڪائين هيڪ ٿئــو، ويئي سڀ جهت (7)

علامه دائودپوٽي جو هِن شعر لاءِ چوڻ آهي:  درياه لت ڏيئي هيٺائين مٿائين زمين ٻوڙي ڇڏي، يڪي لس ٿي ويئي ۽ سڀ (جهت) ميٽجي ويا. جيئن درياه جي اڇل ۾ دِڪيون دڙا ۽ کڏون کوٻا ڀرجي، هڪ درياه ٿي پوندا آهن ۽ ڪنهن طرف جو سماءَ نه پوندو آهي. تيئن وحدت (هيڪڙائي) جي درياه ۾ ڪثرت (گهڻائي) جون ڪايائون ڪالعدم ٿي ويون. انفرادي (جدا ۽ اڪيلي) هستيءَ جو سنڌو نه رهيو. يڪايڪ وحدت جو مهراڻ موجون هڻڻ لڳو“.(8) ساڳئي شعر جي فلسفي متعلق قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو:وحدت جو درياهه مختلف ڳالهيون گم ۽ غرق ڪريو ڇڏي، ڪنهن به طرف ڪا پروڙ ڪا نه ٿي پوي هر طرف لس ئي لس نظر اچي ٿي ۽ ڪثرت جا جملي رنگ، روپ  ۽ صورتون ختم ٿي وڃن ٿيون.(9) جيڪڏهِن شعر ۾ ’سائر‘ کي ڏاڍ جي علامت طور وٺجي ته پوءِ قاضي قادن يقينن تنهن دور جي ناگوار حالتن طرف اشارو ڪندي علامتي معنيٰ ۾ ڌارين حُڪمرانن جي ظلم ۽ جبر کي سائر (درياءَ جي ٻوڏ) سان تشبيهه  ڏئي ۽ اُن کان نفرت جو  اظهار ڪندي، گويا انساني مساوات واري خاصيت تي زور ڏنو آهي.

گِلا خوري هڪ وڏي سماجي بُرائي آهي ۽ گِلا خور ماڻهو وري عادت کان مجبور ٺهرايل آهي. قاضي قادن پنهنجي هيٺين شعر ۾ اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿو ۽ گِلاخور ماڻهو کي اُٺ سان تشبيهيندي چوي ٿو ته: عِلت ۽ عادت (ٻنهيءَ جي ناڪاري صورت) نِڪرڻ واري نه آهي، اُها بِلڪل ائين آهي جيئن  اُٺ کي ڪڻڪ جي فصل ۾ ڇڏجي ته به هُو ڳولي وڃي (عادت کان مجبور) پنهنجي مطلب جو جواسا (گندگاهه)کائيندو. مطلب ته عادتن بُرو ماڻهو، عادت کان مُجبور هوندو آهي، اُهو  ڀلي چڱي جاءِ (سُٺي سماج) ۾ هُجي، تڏهن به پنهنجي عادت  ۽ بُرائي کان نه مڙندو ۽ بُرا فعل ڪري ملامتي ٿيندو. شعر ۾ اهڙي عمل  ۽ ماڻهوءَ تي واضح ٺٺول ڪيل آهي. هن شعر ۾ بُرائي جي مذمت ۽ نيڪين طرف اچڻ جو عام درس آهي، جيڪو قاضي قادن جي شعري فلسفي جو بُنيادي پيغام آهي. 

    عِلَتَ وڃيئيس نا، عادَتَ ڪَڏهن نه جاءِ

اُٺ ڪَڻڪئه ڇَڏِيِئه، چُڻِ جواسا کاءِ.(10)

.......

جي لوڙي تي نَه لَهان، اَلوڙي دي ڍيرَ

توڙي ڏِسَڻَ سُهڻِي، اَنبان تُلِ نَه ٻيرَ (11)

فلسفي جي گهرائي رکندڙ هيءُ شعر، جنهن ۾ انب ۽ ٻير جي فرق جو مثال ڏيندي اهم ۽ غير اهم شيءِ ۾ فرق ۽ اهم شيءِ جي افاديت ڏسيل آهي ته: جنهن شيءِ جي گهُرج آهي، سا دستياب نه آهي البته  جنهن جي ضرورت نه آهي، اُها شيءِ وافر مقدار ۾ ملي ٿي. ٻير توڙي جو ڏسڻ ۾ سهُڻا آهن پر اُهي انبن جي مَٽ نه آهن. غير اهم شيءِ (يعني بدافعالو، نِڪمو ماڻهو) اهم شيءِ (سُٺن عملن وارو نيڪ انسان) جي سِڪ نه لاهي سگهندي، جو کڻي اُها مقدار ۾ وڌيڪ  ئي ڇو نه هُجي. مطلب ته غير اهم ٿي برو چورائڻ بدران چڱا ڪم ۽ عمل ڪندي چڱو چورائجي ۽ اهم يعني خاصيتن ۽ لياقتن وارو ٿجي. هِن شعر جي فلسفي ۾  نيڪ ۽ چڱن عملن جي ساراهه ڪيل آهي.  اسان مٿي ڏسيو آهي ته سماجي فلاح ۽ اُن جو سُڌارو قاضي قادن جي شعر جو مُک موضوع آهي.  هُن جو شعر بُنيادي طور تصوف جي وجودي فِڪر جو حامل آهي پر جڏهن به سماج موضوع يا انساني قدُرن جي ڳالهه سندس سامهون آئي ته هُن اثرائتي نموني اُن جو اظهار پنهنجي شعر وسيلي ڪيو آهي، جنهن جو مثال مٿئين شعر سميت ڪيترن بيتن ۾ پڻ موجود آهي.

سيئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻ لئي،

اکر اڳيان اُڀري، واڳُون ٿي وريام. (12)                                                            

علامه دائودپوٽو  شعر جي فِڪر متعلق لکي ٿو:  يعني اهي ظاهري علم جا ڪتاب، جي مون پڙهيا، سي طريقت جي واٽ ۾ ويتر ٻاٻرن ڪنڊن وانگر ٿي لڳا ۽ انهن جو هر هڪ اکر واڳوءَ جي ڀيانڪ شڪل ڌاري مون تي اُڀري آيو.(13)علامه دائودپوٽي هِن شعر جي رواجي معنيٰ ڪڍي آهي ورنه هيءَ شعر اچرج ۽ عبرت جو پيڪر معنيٰ رکي ٿو. هن جو فلسفو تمام ڳوڙهو ۽  منجهس گهڻ رُخو پيغام سمايل آهي. شعر ۾ در اصل ڳالهه علم ۽ عمل (ظاهري علم) جي ٿيل آهي، نه ته اکر (علم) ۽ ڪتاب ڀلا بلا ۽ مانگر مڇ ڇو ٿيندا؟ علم تي عمل نه ڪرڻ جو مثال آهي، جيڪو هتي قاضي قادن شاندار نموني ڏنوآهي. علم عمل جو نالو آهي. ڪنهن اهلِ علم، انسان دوست شخص کان ذهن ۽ ضمير جي ابتڙ ڪوئي ڪم سرزد ٿئي ته فهم جو عُنصر اُن کي ادراڪ ۽ پڇتاءُ جو احساس ڏياري ٿو. اهڙو احساس جنهن ۾ هُو شعور ۽ ساڃهه کي پاڻ ڏانهن واڳون بڻجي ورندي محسوس ڪري ٿو، جنهن جو نقش مٿئين شعر ۾ چٽيل آهي. ڪمال جو مثال عجب انداز ۾ ڏنل آهي. هيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو روح پرور، سبق آموز ۽ ناصحاڻي فلسفي جو شاهڪار مثال آهي.

سَچي سائين ساڻُ، توُن مَ ڪَرِ ڪوُڙي ڪوُڙيان

جي تو مَنجهه هيانوَ، وو سڀوڪلي پَرکِڻو (14)

قاضي قادن هِتي بيان جو معصوماڻه انداز اپنائيندي خالق جي هيڪڙائي، اُن جي ٻاجهه ۽ شفقت جو بيان ڪيو آهي.  شعر جو متن خالص سچائي واري خاصيت تي مشتمل آهي. جنهن جي پيغام ۾ چيل آهي ته:اي انسان! تُون سچي سائين (پاڪ ڌڻي+اُن جي مخلوق ۽ جهان) سان ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪر،  جيڪو تُنهنجي هيانو (اندر) ۾ موجود آهي ۽ جيڪي پَهه پچائين ٿو،  هُو (پاڪ ذات) اُن کان آگاهه آهي ته تُون ڪُوڙ  ۽ ڪُپت جو ڪاروبار ڇڏي سچائي جي رستي تي هل. تُون جيڪي  اندر ۾  دولاب، ڪُوڙ ۽ ڪُپت رکين ٿو، هُو پاڪ ذات اُن کان واقف آهي ته اي انسان! ڪُوڙ ۽ ڪينو ڇڏي سِچائيءَ جو ساٿ ڏي ۽  ڌڻيءَ جو راضپو ماڻ ته نيڪيءَ جو پيروڪار بڻجي سرخرو ٿئين.

        قاضي قادن شعري فلسفي ۾ اُها ڳالهه به شامل آهي ته هُو ظاهري علم تي وڏائي، اجائي آڪڙ ۽ هٺ کي به نندي ٿو ، اهڙو عمل سندس لاءِ مُذمت لائق آهي ۽ هُو مختلف تمثيل ۽ تشبيهون ڪتب آڻيندي، اهڙي  اظهار کي وڌيڪ وزندار ۽ جاندارٺاهي ٿو.

ڪنز، قدوري قافيه، پڙهين  پروڙين   سڀ،

ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ (15)

علامه دائودپوٽو هِن شعر متعلق لکي ٿو ته: فقه ۽ نحو جا ڪير کڻي دقيق کان دقيق مسئلا سمجهي، پر حقيقت لهڻ ۾ سندس اهڙي حالت آهي جهڙي منڊي ماڪوڙي جي، جا کوهه جي تري ۾ ويهي، آسمان جي وساس ڪرڻ لڳي. يعني ظاهري علمن دوران، معرفت جو منجهه لهڻ ناممڪن آهي. (16) قاضي قادن جي هن شعر جي مفهوم  جي تناظر ۾ علامه دائودپوٽي حقيقت ۽ معرفت جو منجهه لهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ظاهري علم جي حصول کي ناڪافي قرار ڏئي ٿو ته، مطلب علامه دائودپوٽي خود به ظاهري علم تي اجايو غرور ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ واري ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته پوءِ اِهو شعر اخلاق ۽ ڪردار جي خاصيتن مان، عاجزي ۽ انڪساري ۽ قناعت ۽ ڪفايت واري خاصيت جي ذمري ۾ اچي ٿو. شعر جي پيغام ۾ چيل آهي ته: ”جيتوڻيڪ تون فقه ۽ صرف نحوَ جا ڪنزُ، قُدوري ۽ ڪافِيه (ڪتاب) سڀيئي سڄا پڙهين پروڙين، ته به (تنهنجو علم ايترو ٿورو) ڄڻ کوهه اندر منڊي ماڪوڙي پئي آسمان ڪڇي يا جيڪا سمجهي ٿي ته آسمان به سندس پهچ ۾ آهي“. شعر جو اصل مطلب ته حقيقت ۽ ڪائنات جا راز  ۽ رمز پروڙڻ لاءِ ظاهري علم  وسيلو ته آهي، پر اُن تي غرور نه ڪجي، بلڪه پنهنجو اندر  اُجرو رکجي جو حق سان مُکامِيل لاءِ نهٺائي نهايت ضروري آهي.

ڏَنئِين پاڻَ وَکاڻَ کُون،  ڄِڀ تنُهِنجي واتِ    

وڏي خالِقَ نَه گهرَئين، ڪرين ٻاڙي تاتِ (17)

جڳ جهان جي خالق جي ذات پاڪ جو هر وقت شُڪرانو ادا ڪرڻ ۽ اُن جا ڳُڻ ڳائڻ هِن شعر جو فلسفو آهي، جنهن ۾ انسان کي هر دم هيڻائي ۾ گُذارڻ جو به درس سمايل آهي. مجموعي طرح شعر جو مفهوم نيڪي جي خاصيت سان ٺهڪي ٿو. قاضي قادن شعر ۾ چوي ٿو: جڳ جي اُپائيندڙ (الله تعاليٰ) تُنهنجي وات ۾ ڄِڀ (زبان) اُن ڪري ڏني آهي ته تُون اُن سان سندس ساراهه ڪر. نيڪي ڪر ۽ اُن جا ڳُڻ ڳاءِ ۽ نعمتن جو شُڪرانو ڪر ۽ خلق جي واکاڻ ڪر پر تُون خالق جي گهُر نٿو ڪرين (نيڪيءَ جي طلب نه ٿو رکين)، رُڳو (ويٺو) ڪسيُون ڳالهيون (گِلا غيبت) ڪرين. مطلب ته حق جي راهه تان ڀٽڪيل آهين ته پنهنجي قول ۽ فعل سان خُدا جي نعمتن جو شُڪرانو  ادا ڪر ۽ اُن جي خلق جي نيڪي  ڪر ته تُنهنجو شُمار صالح انسانن  ۾ ٿئي ۽ تُون  ڇوٽڪاروحاصل ڪرين.

سَرَ هيڪِڙي وَسَنِ، جَرَ ۾ نِينهُن نَه گَڏِيو،

سارَ نه سالوُرَنِ، مَٿي ڪَنوَلُ ڦلاريو (18)

قاضي قادن جي شعر جي مطالعي سان هڪ ڳالهه اِها به سمجهه ۾ اچي ٿي ته کيس سماجي فلاح جي وڏي ڳڻ ڳوت ۽ اونو هو. هُن برملا پنهنجي شعرن ۾  سماجي ڀلائي، اُن جي فلاح ۽ انسانن وچ ۾ ايڪو ۽ اتفاق پيدا ٿيڻ واري خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي سماجي بي اتفاقي جو تذڪرو ڪندي هُو اسان کي افسوس جو اظهار ڪندي به ملي ٿو جهڙوڪه مٿئين شعر جي فلسفي ۾ اُن جو اظهار ڪيو اٿس. هِن شعر جو موضوع اتحاد ۽ اتفاق آهي. اُن جي مفهوم ۾اتحاد ۽ اتفاق جي اهميت کي، ڏيڏر ۽ ڪنول گُل جي بي اتفاقي سان بيان ڪندي چيو آهي ته: ڏيڏر ۽ ڪنول گُل ٻئي هڪ تلاو ۾ رهن ٿا، پر اُن جي باوجود منجهن اتفاق ۽ محبت جو رشتو نه جُڙيو آهي. سالورن (ڏيڏرن) کي  پتو نه آهي ته ڪنول ٽڙيو آهي”.

هن شعر ۾ ڏيڏر ۽ ڪنول گُل کي انساني طبقن يا ذاتين ۽ تلاو کي دُنيا يا سماج سان ڀيٽيندي نااتفاقي جو نقش چٽيو ويو آهي ته تلاو (هڪ هنڌ) ۾ رهندي ڏيڏر ۽ ڪنول(انسان) پاڻ ۾ پريم جو رشتو پيدا نه ڪيو. ايتري حد لاتعلقي آهي جو کين هڪٻئي جي حال جي خبر چار نه آهي. اهڙي بي اتفاقيءَ تي اچرج ۽ حيرت جو اظهار ڪيل آهي.

هُنَ سَرَ سَندا هنجهَڙا، اِتي ئي آهين،

ڳالهيِن رَبَ پَرتِيان، جو مَنگي سو ڏين.(19)

اسان مٿي ڏسيو آهي ته ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فلسفي ۾ انساني ڪردار، اخلاق ۽ اخلاقي قدرن جي ذڪر کي وڏي اهميت ڏنل آهي. قاضي قادن ته خاص طور اهڙن قدرن ۽  ڪردار جي اُتم پڻي  تي وڏو زور ڏنو آهي. هِن شعر ۾ به انساني اخلاق سان سلهاڙيل قدرن حُسن خُلق، همدردي ۽ صله رحمي ۽ نيڪيءَ وارين خاصيتن جو بيان آهي ۽ شعر جي مفهوم ۾ خُدا جو خوف دل ۾ رکڻ ۽ ٻِين ڪاڻ جيئڻ واري جذبي جي اُپٽار ڪندي چيل آهي: هِن تلاو (دُنيا) جا هنجهه (سچا ۽ باعمل ماڻهو ) هِتي موجود آهن ۽ هردم رب جي پار (نيڪي، ڀلائي، ايمان ۽ اتحاد) جون ڳالهيون ٿا ڪن. هُنن کان جيڪو گهُرجي سو ڏين ٿا ۽ هيڻن سان سندن جو، همدرداڻو رويو آهي“. مطلب ته  ڪُوڙ، ڪُپت، لوڀ ۽ لالچ هوندي به سچا ماڻهو هِن دُنيا ۾  اڃا موجود آهن ۽ اُهي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس راهه ۾ چڱا عمل ڪندي، هيڻن جي همراهي ڪندا رهن ٿا. اُهي تنگ دِل نه آهن، سندن دل سخا جي جذبي سان سرشار آهن، ۽ هُو  ٻين جي مدد تان پنهنجو سڀ ڪجُهه گهوريندي ويرم  نه ٿا ڪن.

اکَر ٻيا وِسارِ، الفُ اڳيون ئي ياد ڪَر

سو تون ڏِيئو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏِهين (20)

ڊاڪٽر بلوچ هِن شعر جي فلسفي متعلق لکي ٿو ته: هن بيت ۾ الله سان محبت ۽ سندس يادگيرين واري معنيٰ سمايل آهي. سنڌ جي عارفن ۽ الله وارن اهو سبق وري وري پئي ڏنو آهي.  ٻيا سڀ اکر وسار ۽ فقط منڍ وارو هڪ اکر الف (الله جي نالي جو پهريون اکر) ئي ياد ڪر. تون اهڙو ڏيئو ٻار جيڪو وري نه اُجهامي“. (21) شعر جو فلسفو،  الله جي ذات پاڪ تي يقين تحت  ”توڪل ۽ جدوجهد جي خاصيت جو به اُهڃاڻ بڻبو. جيئن شعر ۾ آهي ته:  “هڪ الف يعني الله سان مُحبت ۽ اُن جي ذات پاڪ تي توڪل ڪافي آهي ۽ ٻيا سڀ اکر وساري ڇڏ(ٻئي ڪنهن ڏي نه واجهاءِ). ڏيئو اهڙو ٻار (وسيلو اهو هٿ ڪر) جيڪو ڪڏهن به اُجهامي نه سگهي (هٿ نه ڇڏي)“. مطلب ته جيڪڏهن خواند ڪريم سان محبت ۽ توڪل جوسلسلو دائمي قائم آهي ته ا ِهو نِجات جو پائيدار رستو آهي. پنهنجي جدوجهد ۽ محنت ساڻ اهڙو  ڪم ڪجي جيڪو  دُنيا توڙي آخرت ۾ منافعي بخش ثابت ٿئي، ۽ اهو خداوند جي ذات بابرڪات سان محبت ۽  اُن تي توڪل  سان ئي ممڪن آهي. تنهنڪري ٻئي ڪنهن ڏي هر گز نه ڏسڻ گهرجي.

قاضي قادن جتي توحيد ۽ طريقت ۽ عرفان ۽ اخلاق کي پنهنجي شعر جو موضوع ٺاهيو، ساڳي جاءِ تي هُن بهادري  ۽ همت جي به حوصلي افزائي ڪئي آهي ۽ اُن کي سُٺو فعل قرار ڏنو آهي. ٻِين لفظن ۾ ته انساني ڪردار جي هن خصلت کي قاضي قادن ناگُزير سمجهي ٿو ۽ اُن جي مقابلي ۾ هُو هيڻائي يا ڏُٻرائپ کي سرمشاري ۽ شڪست جو متبادل ليکي ٿو.

ٻُڪ پاڻيءَ منجهه، ٻاٻيها ٻڏي مئا

جي تو پوي سمجهه، تان تون ڳيرو نه ٿيوين!(22)

هيءَ شعر عزم ۽ حوصلو واري خاصيت جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن منجهه انسان کي بهادري ۽ همت  ٻڌڻ تي آمادگيءَ جو سڏ ڏيندي قاضي قادن چوي ٿو: ”ٻاٻيهو ۽ ڳيرو (نازڪ پکي) ته پاڻي جي ڍُڪ ۾ به ٻڏي خلاص ٿي وڃن ٿا (ڇو ته منجهن ڏکين حالتن کي مُنهن ڏيڻ جي طاقت نه آهي)، تنهنڪري تُون اي انسان! بهادر ٿيءُ. توکي جيڪڏهن اُن جي سُڌ پوي ته تُون ڪڏهن به ڳيرو (ڪمزور) ٿيڻ پسند نه ڪرين. شعر جي فلسفي لاءِ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر بلوچ به ڪري ٿو: سچو سورهيه اهو جو رُڪ وهندي راند ۾ ترارين سامهون وڃي، بهادرن جي ڀيٽ تڏهن ٿيندي جڏهن وڏا پهلوان منهن مقابل ٿيندا، نازڪ مزاجي ۽ ضعيفي جو انجام موت آهي، نازڪ ٻاٻيهڙا ڳيرڙا ته چُرون پاڻيءَ ۾ به ٿا ٻڏي مرن! تو کي ڪا سمجهه هجي ته جيڪر ڳيرو نه ٿئين! (23)

 لا لاهيندي ڪن کي، موراهين ناهه

بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪو ٻيو.(24)

خالق جي هيڪڙائي ۽ اُن جي ذات پاڪ تي ايمان جو بي مثال بيان  هن شعر ۾ آهي. قاضي قادن چوي ٿو : هر طرف پرين (پاڪ ذات) جو پرتوو آهي ۽ اُن کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ مورڳو نظر نه ٿي اچي. خدا جو قسم ته اُن ذات پاڪ جو عڪس هر هنڌ موجود آهي، ٻيو ڪو ڪٿي به نه ٿو ڏسجي. شعر کي جيڪڏهن دنياوي معنيٰ ۾ وٺجي ته اُن ۾ ڪردار جي اهميت واري خاصيت جو بيان ملي ٿو، جنهن ۾ پنهنجي پرينءَ يعني ڪنهن شخص جي ڪردار جي ساراهه ڪيل آهي. علامه دائودپوٽو هِن شعر لاءِ لکي ٿو: هم اوست سڀڪجهه اهو (الله تعاليٰ) آهي،  جو متو تصوف جي انتها آهي، تنهن تي ڌيان ڌريندي قاضي قاضن چوي ٿو ته حقيقت ۾ نفي آهيئي ڪانه، يعني دُنيا ۾ ڪنهن کي حقيقي هستي آهيئي ڪانه، بلڪ هڪ ذات پاڪ اثبات آهي ۽ ان کي ئي مطلق هستي آهي“.(25) ساڳئي شعر جي فسلفي متعلق قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته:  صوفين جي نزديڪهم اوست يعني سڀ ڪجهه اهو الله تعاليٰ آهي، جو اصول رهيو آهي ۽ ساڳيو نظريو مهدوي جماعت جو پڻ آهي. حقيقت ۾ نفي آهي ئي ڪانه يعني دنيا۾ ڪنهن به حقيقي هستي  ڪانه آهي، مگر هڪ ذات پاڪ اثبات آهي ۽ ان کي مطلق هستي آهي.  (26)

        ڪُجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ پڻ فلسفي جي گهرائي وارا خيال ۽  انساني ڪردار ۽ اخلاق متعلق خاصيتن جو ذڪر آهي:

ڌڻي جي ساراهه:

اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هِي ڄاڻُ

مَنڊي تُر مِيزاڻُ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين. (27)

 وحدت در ڪثرت:

ايڪ قَصر، در لکَ، ڪوڙين سَهسين کِڙڪيان

جان ئي ڪَرين پَرک، تان ئي سَڄڻَ سامُهان (28)

عادت ۽ نصيب:

توڙي وڃي رُومَ، ناههِ نصيبُون اڳرو

ماني مٿي ٿوم، جئن جو لکيو ڇٺيءَ ۾.(29)

خوداعتمادي:

تان تان سُورهيه سَڀڪو، جان جان مَههَ نه مِڙنِ

رُڪَ وهنديءَ سامهُون، سُورهيه سي جاوَنِ. (30))

سچائي۽ سادگي:

جِنهين مُحبت منَ ۾، سي ميرائِي سُونهن

تن ۾ ٻَرن مَشعلان، سنديان سُپرين. (31)

اعليٰ ڪردار:

اَڇا ٻگهه مَ پَسُ، ورُ مير هنجهڙا

رَتا جي خالق سين، تَني لڳي مَ ڪَسُ. (32)

خبرداري:

سُتا اُٿي جاڳَ، راتڙين سَڀَئي وِهاڻِيان

مَٿَئن ٿيو اَڀاڳُ، پرين وِسارُيئي مُڪِري. (33)

 

(نوٽ: تشريح لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ۽ هيري ٺڪر جي تشريح مان راهنمائي حاصل ڪئي وئي آهي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org