شاهه لطف الله
قادري
شيخ المشائخ شاهه لطف الله قادري
(1679-1611ع) ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم نالو آهي.
شروعاتي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ تعداد جي لحاظ کان، ميين
شاهه عنات کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سندس ڪلام دستياب
آهي. (1) تحفته الساالڪين (2) منهاج المعرفت ۽ (3)
سنڌي رسالو لکيائين. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت
جا ڳُوڙها مسئلا شعرن وسيلي سمجهايائين. فِڪري
لحاظ کان سندس ڪلام تصوفي فلسفي تحت چيل آهي.
ڊاڪٽر بلوچ سندس شعري فلسفي متعلق لکي ٿو:”شاهه
لطف الله پنهنجن بيتن ۾ سلوڪ ۽ طريقت، ڪلمن جي
صفت، وحدت ۽ موحدن، عشق ۽ عاشقن، فقر ۽ فقيرن جهڙن
معنوي مضمونن کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن
مضمونن جو تعلق محض
”ڳالهه“
يا
”بيان“
سان ناهي مگر فڪر ۽ خيال، ارادي ۽ اعتقاد، بلڪه
فلسفي ۽ نفسيات جي ڳوڙهن نڪتن سان آهي. شاه لطف
الله قادري پهريون بلند پايي صوفي ۽ عارف هو، جنهن
پنهنجن سنڌي بيتن ۾ تصوف ۽ معرفت جي انهن ڳوڙهن
معنوي نڪات کي ورجايو ۽ سنڌي شاعري ۾ محض قصي جي
اُپٽار يا
”ڳالهه
جي ظاهري پچار“
بدران اعليٰ عارفانه فڪر، حقائق تي نظر، ۽ معنوي
پس منظر واري راءِ کي روشن ڪيو . کانئس پوءِ شاه
عبداللطيف بلڪل انهيءَ نهج ۽ نموني تي پنهنجن
”بيتن“
کي معنوي معيار جو مثال بنائي، انهن کي
”روايتن“
جي بدران
”آيتن“
جو آئينو بنايو“.
(70)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ دور حاضر جي
محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري شاه لطف الله قادريءَ
جي ڪلام تي تفصيلي بحث ڪندي، اُن جي فلسفي ڇنڊ
ڇاڻ ڪئي آهي ۽ اُن کي تصوف جي
”قادري“
سلسلي تحت چيل قرار ڏئي، مٿس غوث اعظم شيخ
عبدالقادر جيلانيءَ جي فڪر جي اثر جي ڳالهه ڪئي
آهي ۽ قرار ڏنو آهي ته اُن جي ڪلام ۾
”عينيت“
سميت فڪر ۾
”فقر“
۽
”فنا“
کي خاص اهميت حاصل آهي.
فقر فاقو جن،
”فقر
الفقر“،
جن ٿئو
تن ڪي نه رهئو ڪيترو وچان وچ وئو
”فلاهم
الا انا“
ڏسي حال اهو
پس ان ڪهو، سڌا حضور حق سين. (71)
.......
نَڪو وِهَڻُ، نَه واٽَ ڪا، نَڪو اَنتُ، نه ڇيهه
اِتِ هَلڻُ حيرتَ ۾ ٿِئو، چيتان تون چَليههُ
پَهت پروڙي پيههُ، اِيُ اوُنهون ڏيههُ اگهورُ
گهڻون. (72)
شاهه لطف الله جو شعري فلسفو تمام ڳوڙهو ۽ فِڪر
سان ڀريل آهي، اُن جو مثال هِن شعر مان به ملي ٿو،
جنهن منجهه چيل آهي:
”هِن
(ڳُجهه، راز،قدرت) جي عجائبات جو ڪو انت ڇيهه
ڪونهي (حيرت ئي حيرت آهي). هِن راز ۾ جيترو
هلبو(غور ڪبو) اوتري حيرت ٿيندي ته تُون (انسان)
خبرداريءَ سان هل ۽ هن جي دستور(نيڪين) تي ڪاربند
رهه ڇو ته اُن ڏيهه جو اسرار تمام گهڻو اونهون آهي“.
هِن شعر جي فلسفي ۾ گُمراهه انسانيت کي حقيقت جو
واشگاف رستو ڏسيو ويو آهي ته صالح عملن تي ڪاربند
رهڻ فطرت جو دستور ٺهرايل آهي ۽ انسان کي کپي ته
اُن جو پابند رهي، انسان ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽
بهبود وارا ڪم ڪري ته جيئن سندُس سفر سڦلو ٿئي.
نڪا تانگَهه نه تَڪِيو، نڪا اُتِ اُڀِيڻَ جاءِ
اِي ڳري ڏِسي ڳالَهڙي، پير پروڙي پاءِ
هَي هَي ڪندا هاءِ، اِتِ ڪوڙين وئا ڪيترا (73)
هِن شعر ۾ خبرداريت، هوشياري ۽ ثابت قدميءَ جو
وسيع فلسفو سمجهايل آهي ته:
”هيءُ
هنڌ (دُنيا) جنهن جو ڪو انت ڇيهه يا ڪا آرامگاهه
۽ پير کوڙڻ جي جاءِ نه آهي (وڏي پِيهه
=
نفسا نفسي آهي). حالتن جي سنگيني آهي ته اُن ۾
سنڀالي هلڻ گهرجي (هوشياري ۽ هوش عقل کان ڪم وٺڻ
گهُرجي) ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترا (جِن عُجلت ڪئي يا
غفلت جو مظاهرو ڪيو) هِتان هٿ مليندي (افسوس جو
اظهار ڪندي) ويا“.
هِن شعر ۾ پنهنجي مقصد ۾ ثابت قدميءَ سان رهڻ ۽
اُن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو بي مثال فلسفو سمايل
آهي ته زندهه رهڻ (دُنيا ۾) ڪا آسان ڳالهه نه
آهي، اُن لاءِ بي مِثال جِدوجهد ۽ نيڪين تي پابند
رهندي، سختين کان نه گهٻرائڻ گهرجي ورنه پڇتاءُ
کانسواءِ ڪي ڪِين حاصل ٿيندو.
هي جي فانِي ٿِئا في الله ۾، موٽَڻِ تَنِ مَحالُ
اُن وِڃائي وجُودَ کي، حاصِل ڪِئو حالُ
تَنِي سندو قالُ، اَتانگهان اَتانگههُ ٿِئو (74)
خوديءَ کي ميٽي خُدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واري
مفهوم جو حامل هيءُ شعر، پنهنجي مقصد لاءِ پاڻ
وقف ڪرڻ جو وسيع فلسفو رکي ٿو ۽ شعر جي مفهوم ۾
اهڙي مقصد کي عظيم ڪري به پيش ڪيو ويو آهي. شعر ۾
چيل آهي:
”جن
الله تعاليٰ جي پاڪ ذات جي راهه ۾ پاڻ فنا (وقف)
ڪيو (اُن جي عبادت ڪئي) تِن جو (اُن رستي تان)
موٽڻ محال آهي ڇو ته اُنهن پنهنجي وجود جي حقيقت
کي ميساري، مِٽائي اهو حال (پاڪ ذات جي صُحبت)
حاصل ڪيو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو سندن قالُ
(مقولو، گُفتو، سڏ،چوڻي) ۾ دائميت آئي ۽ اهو عظيم
ٿيو“.
ٻُجهي تئن اٻوجهه، ڄاڻ وڃائي پانهنجو
هوئين تئن سٻوجهه، ته ٻجهه م ٻڙيءَ جيترو.(75)
هِن شعر جي معنيٰ ۽ مطلب واسطي نهايت ڳوڙهو ۽ گهڻ
رُخو فِڪري مفهوم ڪتب آندو ويو آهي. شاهه لطف
الله جي شعري فِڪر جا بُنياد ئي گهڻو ڪري فڪر جي
ڳوڙهائپ تي مُبني آهن، جنهن جي سراسر، تُز ۽ يڪسر
معنيٰ ڪڍڻ، ڪنهن شاگرد جي لاءِ نهايت ڏُکيو آهي پر
وري به شاگرداڻي ذهن ۽ موضوع جي مُناسبت واري نظر
سان، اسان سندس شعر مان مطلب جا ماڻا ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. اهڙو ئي نهايت ڳوڙهو فلسفي انداز مٿئين
شعر ۾ اختيار ٿيل آهي، جنهن منجهه چيل آهي: ”اي
اٻوجهه (نادان، ناسمجهه انسان) تُون حقيقت جي
ٻُجهه (سمجهه) بابت معلوم ڪري به اٻوجهه (ناسمجهه)
رهين ۽ پنهنجي اڳوڻي ڄاڻ به وڃايُئي. جي تُون
هونئن سمجهه وارو هُئين ته سمجهه (حقيقت جي) به
ٻڙي (ٿوري مقدار۾ ) جيتري نه رکين ها“. هِن شعر
۾ ظاهري علم تي غرور رکڻ ۽ اجائي گُهمنڊ جو انڪاري
خيال ۽ هر حال ۾ هيڻائي تحت گُذارڻ جو فلسفو
سمجهايل آهي.
حُسنُ حَبيبن جو، پَسين جي پيهي
ته توکي سَڀيئِي، ٻِيُون وَڃنِ وِسِري (76)
هيءُ شعر پنهنجي مضمون ۾ حُسن خُلق ۽ سچائي واري
خاصيت جون خصوصيتون رکي ٿو. هِن منجهه حبيب
(خالق) جي حُسن (سچائي) کي تمثيلن استعمال ڪندي
چيل آهي: ”مُنهنجي حبيبن (خالق،ڌڻي) جي ذات جو
حُسن (سچائي) بي مثال آهي. جي تُون اُن کي (هڪ
ڀيرو) ڏسي وٺين ته تو کي سڀ ڪجهه وسري وڃي (ڇاڪاڻ
ته منهنجي حبيبن جي پاڪ ذات جي سچائي روشن آهي ۽
ٻيو سڀڪجهه دوکو آهي)“. انسان کي خالق جي هيڪڙائي
۽ سچائي ڏانهن مائل ڪرڻ جو لازوال مثال هِن شعر ۾
نهايت عمدي نموني پيش ڪيل آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽
سمجهڻ سان انسان جو ذهن خالق جي حق جو گرويده ٿئي
ٿو.
واحِدَت سَڀ وجُود ۾، هيڪا هيڪ پَسنَ
اُوءِ ٻئايان ٻَهارِ ٿيا، دَعوي دَم نه ڪَنَ
سي منجهه حيرتَ رَهَن، ”ڪين“ ڪِيائون تَڪيو (77)
اتحاد ۽ اتفاق ۽ ڀائيچاري واريون خاصيتون هِن شعر
جو موضوع آهن، جنهن ۾ چيل آهي: ”هر وجود، جيڪو ڏسڻ
۾ الڳ الڳ آهي پر اِهو پنهنجي ذات ۾ وحدت
(اجتماعيت) رکي ٿو. اُهي ٻين تي ٻهار (نثار) ٿيڻ ۾
هڪ دم دير نه ٿا ڪن ۽ اُهي هميشه حيرت ۾ رهن ٿا،
جن هڪ جاءِ تي تڪيو (ٺِڪاڻو) نه ٺاهيو آهي“.
فِڪر۽ مفهوم جي اعتبار کان هيءَ ڪلام تمام ڳوڙهو
آهي، اهڙو مثال هڪ هڪ شعر منجهان ملي ٿو، تنهنڪري
ڪنهن شعر جي مڪمل تشريح عبث آهي البته اسان اُن کي
پنهنجي موضوعاتي اعتبار کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
جيئن مٿئين شعر ۾ هڪ وجود جي تمثيل ۾ وحدت،
اتحاد ۽ اتفاق جو مثال ڏيندي، ٻين جا ڏُک سُک
ونڊڻ ۽ انساني آسودگيءَ لاءِ هر دم جاکوڙ جو پيغام
ڏنو ويو آهي.
سڪ تنهنجي سپرين، وَڍي وِڌا وِيرَ
اوءِ منجهان گهِڻي اُڪِير، کَنيو نِهارِيِن
اکِيُون (78)
هيءَ شعر هونءَ موضوع ۾ مجازيت رکي ٿو، پر اُن ۾
ڪردار جي اهميت واري خصوصيت بشمول آهي. شعر منجهه
هڪ انسان ۽ ان جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيل آهي
ته:
”اي
مُنهنجا سُپرين! تُنهنجي سِڪ (محبت، ياد) مُنهنجي
اندر ۾ وڏا وڍ وڌا آهن. تُنهنجي اڪير ۾، مان
تُنهنجيون راهون نهاريندو وتان ٿو“.
مطلب هڪ شخص پنهنجي ڪردار ۾ عظمت ۽ اعليٰ پڻو
رکي ٿو اھو
مان لهڻي ٿو، جنهن جو احترام ڪرڻ اسان سڀني لاءِ
لازم
آھي.
شاهه لطف الله قادري اهڙي شخص لاءِ پنهنجي احترام
۽ سِڪ جو اظهار نهايت اعليٰ انداز ۾ ڪيو آهي ۽
سندس ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.
سُپيريان جِي ڳالهڙِي، لَکين دَلِيلي
اُوءِ لَکي لوڪَ نه سَگهِئا، ۽ پُڇي خَلِيليِ
تِئائين قلِيلي، ڳالههِ ڪِئائون ڳُجهه جيِ.(79)
هيءَ شعر حُسن خُلق واري خاصيت جو مفهوم رکي ٿو،
جنهن منجهه پنهنجي پرينءَ (ڪنهن شخص) جا ڳُڻ بيان
ڪندي چيل آهي:
”مُنهنجو
پرينءَ (محبوب) جيڪا ڳالهه ڪن ٿا، اُها ڳالهه
دليلن سان ڀرپور (تُز، حتمي، سچي، کري) آهي، جنهن
کي لوڪ (عام ۽ خاص) لکي نه سگهندو ۽ سڄڻ (تنهن
جو) پُڇي تڏهن ته ڪا ڳجهه (مخفي، راز) جي ڳالهه
ڪيائون“. هن شعر ۾ انسان جي ڪردار جي ساراهه ڪيل
آهي ۽ انسان جي چڱن عملن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏيندي
پيغام ڏنل آهي ته انسان کي هميشه کري ۽ سچي ڳالهه
ڪرڻ گهرجي (حق جو پاسو کڻڻ گهرجي) ڇو ته اهڙو
ڪردار سماج لاءِ ڪارائتو ۽ اُتساهِڪ آهي، جنهن ۾
سچي ڳالهه ڪرڻ جي اخلاقي جرئت هُجي.
پيهي وِئا پاتارَ ۾، مَنجها منجههِ ٿِئوِنِ
جِتي تانگههَ نه تَڪِيو، پيرُ تِتَهِين پِئونِ
تِنه، اُونهائي اَنتُ ناههِ ڪو، سَيرُ جو سندونِ
آهي پنڌُ اِهونِ، جِنهه پَرِ پَروُجَهڻِ ناهِ ڪا
(80)
هيءُ شعر جدوجهد واري خاصيت جو نمائنده شعر آهي،
جنهن جي مفهوم ۾ چيل آهي:
”اُهي
جيڪي پاتال ۾ لهي ويا، (ڳولا ۽ جستجوءَ ۾ آهن) پاڻ
به انهن منجهان ٿيون ۽ جتي تانگهه ۽ تڪيو آهي نه
(سمنڊ جي) سيرن ۽ اونهائيءَ جو ڪو انت ۽ نه ناو
(ٻيڙي) جو ڪو نالو نشان آهي، پنهنجو پنڌ (منزل) به
اوڏانهين آهي“.
هِن شعر ۾ جدوجهد جو درس ڏيندي مُشڪل حالتن ۾ منزل
کي رسڻ لاءِ ڪشالا ڪڍڻ ۽ حوصلو رکڻ جو مثال پيش
ڪيل آهي ته اُهي ماڻهوءَ ئي پنهنجي مقصد ۽ منزل کي
پُڄي سگهن ٿا، جي ڏکين حالتن ۾ جرئت ۽ بي مثال
جدوجهد جو مظاهرو ڪن ٿا.
ان کان سواءِ اهڙن شعرن جي، مثال طور چونڊ ڏجي ٿي،
جِن منجهه انساني ڪردار ۽ اخلاق يا ان سان سلهاڙيل
خاصيتن جو بيان آهي.
خُدا جي ذات تي يقين:
نيئي رسائي ذات کي، الله اسم ذات
ات ڪٿ نه اڄهي ڪيترو، وائي وڃي وات
”لاحجاب بيني و بينڪ“، اي لڌائون ذات
عين جني کي ذات، محو مطلق سي ٿئا (81)
مسلسل جدوجهد:
نه گدا نه گبري، نڪي سک سمهن
ان اله آديسين، اچي رهئو روح ۾. (82)
ثابت قدمي:
ثابت ٿئا سبحان سين، لنگهي ”لا“ وئا
اوءِ ڪن دائم دور وحدت جو، هلي حيرت پئا
تن وئو ”پاڻ“ وچاءَ محو ٿي، سي صفت صانع ٿئا
وادي تنه رهئا، جت ريذات بحت ناه ڪين. (83)
عينيت:
نڪو عرش نه ڪرسي، نڪو ڏينهه نه رات
نڪو اسم نه جسم ڪو، نڪا طلب نه تات
نڪو قال نه قتل ڪي، نڪي وائي وات
سڀ هيڪڙي ذات، ٻيائي ٻڙو ناهه ڪي. (84) |