ڇپائيندڙ پاران
ڪلاسيڪي
شاعري،
سنڌي ادب جو
هڪڙو عظيم
اثاثو آھي،
سنڌ جي صوفي بُزرگن ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صورت ۾
انسان جي سماجي ۽ اخلاقي آسودگي، امن، ڀائيچاري
۽
خوشحاليءَ
جو جيڪو پيغام ڏنو، اھو لازوال آھي.
سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ سان ئي جن رٿائن کي هٿ
۾ کنيو ويو هو، تن منجهان سنڌ جي ”ڪلاسيڪي ادب“ کي
منظرعام تي آڻڻ به هڪ اهم رٿا هئي. جنهن ڏَس ۾
اِهو ڪم سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جن کي سونپيو ويو. جنهن سنڌ جي ڪيترن ئي
گمنام ڪلاسيڪل شاعرن جو اساسي ڪلام ڳولي هٿ ڪيو ۽
انهيءَ ڪلام کي موجوده صورتخطي ۾ سوڌي سنواري نقل
ڪري، انهن تي جنهن عرق ريزيءَ سان تحقيقي مقدما
لکي سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيا ۽ بورڊ پنهنجي
روايتي ذميواري نڀائيندي
سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي شايع ڪري علم و ادب جي
شائقين جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪوشان رهيو.
جن ۾
”ميين شاهه عنات جو ڪلام“، ”خليفي صاحب جو رسالو“،
”ڪليات حمل“ ۽ ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان
لغاري“ جا نالا سرفهرست آهن.
سنڌ انهن اساسي شاعرن جي ڪلام کانسواءِ
”شاهه جو رسالو“،
”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام“، ”سچل سرمست جو سرائيڪي
ڪلام“، ”ديوان بيدل“، ”ديوان بيڪس“،
”ڪليات
شاھ محمد ديدڙ“،
”ڪلياتِ حاجي خانڻ چنجڻي“، ”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“،
”مخدوم فضل الله جو ڪلام“ ۽ ٻين ڪيترين ئي نامور
ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام کي بورڊ شايع ڪري مڃتا ماڻي
چڪو آهي.
هيءُ ڪتاب ”ڪلاسيڪي شاعري“ سنڌ جي اساسي شاعرن جي
ڪلام تي مشتمل هڪ اڀياس جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو
نوجوان ليکڪ راز شاهاڻي صاحب جي محنت جو نتيجو
آهي.
سندس ڪيل ادبي پورهئي کي مانُ ڏيندي، هِن ڪتاب کي
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو پيو وڃي.
اساسي شاعريءَ جي اڀياس تي مشتمل
هيءُ ڪتاب
آءٌ پنهنجي
ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري خوشي محسوس ڪري
رهيو آهيان. آءٌ دل جي گھرائين سان بورڊ جي
مانائتي چيئرمئن جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جو ٿورائتو آهيان، جن جي دلچسپي ۽ ساٿَ
سان هيءُ ڪتاب اشاعتي مرحلا طئي ڪري پڙهندڙن جي
هٿن تائين پهتو آهي.
اميد آهي ته، اسان جي هيءَ ادبي ڪاوش ڪلاسيڪي
شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
04- رمضان المبارڪ 1440هه سيد
سڪندر علي شاهه
10- مئي 2019ع انچارج
سيڪريٽري
ليکڪ پاران
ھن ڪتاب جو گھڻو تڻو مواد، مُنھنجي تحقيقي پيپر
تي انحصار ڪري ٿو پر ڪُجهھ
جاين تي ضرورت جي پيش نظر واڌارا ڪندي اضافي موضوع
به
داخل ڪيا اٿم. ڪلاسيڪي شاعري، سنڌي شعري ادب جو
وڏو خزانو آھي. بِلاشُبه
اُن کي انساني ڪردار ۽ اخلاق جي تعمير ۽ اصلاح جو
ھيلو وسيلو
به
چئجي
ته
وڌاءُ ڪونھي. حالانڪه
اُن جي فلسفي جا مختلف پھلوءَ
آھن ۽ جنھن تي مختلف رُخن کان تحقيق جي ضرورت آھي،
ته
جيئن ڪلاسيڪي شاعريءَ جو پيغام وڌ کان وڌ عام ٿئي.
مُون پنھنجي ھِن ڪتاب ۾
به
اُن جي فلسفي متعلق مختلف پھلوئن کان، ھڪ شاگرد جي
حيثيت ۾ تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. قاضي قادن، مخدوم
نوُحرحه،
شاھ ڪريم، شاھ لطف اللھ قادري، ميين شاھ عنات، شاھ
لطيف کان ويندي مخدوم گرھوڙي ۽ خليفي صاحب جي ڪلام
تائين اُن ۾ انسان، اُن جي سماجي ڪردار، ذميدارين،
ادب، اخلاق، اخلاص، نھٺائي، نياز، نِوڙت،
محبت کي خاص طور ڳايو ويو آھي، جيڪو بجا طور سماج
لاءِ ڦلدائڪ موقعو آھي. ھن جي تمام گھڻي تشريح ۽
تشھير جي ضرورت آھي پر افسوس جو مقام آھي
ته
فلسفي لحاظ کان پاڻ ۾ بين القوامي ائپروچ رکندڙ
ھِن شعر جي پيغام کي عام ڪرڻ واسطي اُھا ڪوشش
نه
ٿي آھي، نتيجي طور دُنيا، ھِن علمي ڪم جي فيض کان
وانجھيل آھي.
توڙي جو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ھيري ٺڪر ھِن حوالي سان ساراھ جوڳو
ڪم ڪيو، اُن جي فلسفي ڇنڊڇاڻ ڪندي موضوعاتي
گوناگونيت جي اُپٽار ڪئي آھي پر اڄ جي جديد دور جي
گھرجن
۽
ٽيڪناالاجي جي معيار مطابق اُن کي اُلٿڻ جي تمام
گھڻي ضرورت آھي، جو اھڙي طرح اسان سنڌي سماج جي
ڪلاسيڪي شاعري تحت ڏنل امن، ڀائيچاري، خوشحاليءَ
جو پيغام دُنيا تائين پُڄائي سگھون ٿا بلڪه
پنھنجي نئين نسل کي
به
اھڙي ريت اُن کان آگاھ رکي سگھنداسين. ھِن حوالي
سان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پيغام جو ڪو مٽ
نه
آھي ۽ مان ذميداري سان چوان ٿو ۽ پنھنجي تحقيق
دوران مُون کي اِن جو ادراڪ ٿيو آھي
ته
ھِن تناظر ۾ ھينئر تائين گھربل ڪم
نه
ٿيو آھي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي گھڻگھرن ۽ ادارن کي
ھِن مد ۾ ڪوششون وٺڻ گھرجن.
يقيناً
ھيءُ ھڪ وڏو ڪم ھو ۽ مُون کان اوڻايون رھيون
ھونديون، جنھن جو مان پيشگي اعتراف ڪيان ٿو البته
ھِن حوالي سان رھنمائي ڪندڙن جو آئون دل سان
شڪرگُذار رھندس.
ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ سهڪار ۽ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ
آءٌ جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ چيئرمئن سنڌي
ادبي بورڊ جو نهايت شڪرگذار آهيان. پاڻ هن مد ۾
ڀرپور تعاون ڪيائون، بلڪه نون محققن کي اعتماد ۽
اتساهه فراهم ڪرڻ جي حوالي سان خاصو جذبو ۽ وڏي دل
رکن ٿا ۽ هونئن به سندن تعلق هڪ وڙائتي خاندان سان
آهي، علم پرور ماڻهن جي عزت افزائي سندن خانداني
وڙ ۽ ورثو آهي، جو وٽن خلق جي خدمت کي هونئن به
اعليٰ حيثيت حاصل آهي.
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
راز شاھاڻي
حيدرآباد سنڌ
اپريل
2019 ع
ڪلاسيڪي شاعري
[فلسفو ۽ تاريخ]
باب پهريون:
ڪلاسِڪ/
ڪلاسيڪل ڇا آهي؟
(وصف، موضوع ۽ اهميت)
هِن باب ۾ اسان
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
لفظ، ڪلاسيڪل ادب، اُن جي موضوعن ۽ ڪنهن ٻوليءَ جي
ڪلاسيڪل ادب جي اهميت بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين
تاڪه ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بُنيادي موضوع تائين
پُڄندي، ادب ۾ ڪلاسِڪ جي اهميت جي باري ۾ هڪ مڪمل
خاڪو پنهنجي ذهن ۾ ٺهي اچي ته جيئن
مذڪورہ
معيارن تي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي پرکيندي اُن جي
ناگُزير اثرن جو جائزو پيش ڪري سگهون. سڀ کان
پهرين ڪلاسِڪ ۽ ڪلاسيڪل جي وصف ۽ معنيٰ معلوم
ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته اُن جي وصف ۽ اصطلاح ۾ ڇا
ڇا چيو ويو آهي.
ڪلاسِڪ: معنيٰ/
وصف ۽ اصطلاح:
(DEFINITION
& TERMS)
لفظ
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
جي معنيٰ، وصف يا اصطلاح جي باري ۾، گهڻو لکيو ويو
آهي. تنهنڪري هِتي گهڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي، اُن
جي اهم ۽ گهڻ قدري مروج وصف ۽ اصطلاح جو ذڪر ڪندي،
بُنيادي لفظي معنيٰ به ڏينداسين. گهڻن ڏيهي توڙي
پرڏيهي عالمن ۽ اسڪالرن
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
جي بُنيادي معنيٰ ڏيڻ کان علاوه اصطلاح ۾ مختلف
اضافه
(Additions)
به ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هِن جي لفظي معنيٰ بدران
اصطلاحي معنيٰ گهڻي مروج آهي. آن لائين آڪسفورڊ
انگلش-
اُردو ڊڪشنريءَ ۾”ڪلاسِڪ“
(اسم ۽ صفت) ۽
”ڪلاسيڪل“
(صفت) جي لفظي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي:
classic (adjective & noun)
:Adjective
"(الف)
اول درجے
سے
تعلق رکہنے
والا،
مانی
ہوئی
لیاقت
یا
خصوصیت
والا،
(ب)
نمایاں
طور پر قابل شناخت، خاص
اہمیت
رکہنے
والا:
Noun:
کلاسیکی
انداز
یا
مزاج کا مصنف، آرٹسٹ،
فنی
نمونا
یا
مثال۔
(الف)
قدیم
عہد کا
یونانی
یا
لاطینی
مصنف (ب) (جمع میں)
قدیم
یونانی،
لاطینی
ادب و تاریخ
کا مطالعہ (ج)
قدیم:
یونانی،
لاطینی
ادب العالیہ
کا جاننے
والا، فاضل ادب العالیہ"
Classical:
Adjective))
الف)
قدیم
یونانی
اور لاطینی
ادب اور آرٹ
سے
متعلق (ب) قدیم
مستند مصنفین
کے
محاورے
و لب و لحجے
کی
زبان، (ج)
قدیم
یونانی
و لاطینی
پر
مُبنی
(د) کلاسیکی
یا
قدیم
کے
مطالعے
کا ماہر:"(1)
سنڌيڪا ڊڪشنريءَ
۾
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
جي معنيٰ لاءِ ڄاڻايل آهي ته:
”Classic
(adj)
معياري، اعليٰ درجي جو، 1.پنهنجي نوعيت ۾ شاندار
نمونو هئڻ 2 ڏسو لفظ
Classic
۾ 2 ۽ 3 نمبر3
–
متوازن، رسمي، باقاعده، سادو وغيره 4-
مشهور جيئن روايتي يا مخصوص (س) 1-
اعليٰ درجي جو ادبي فن پارو يا مهارت وارو ڪم 2-
اهڙي ڪم جو خالق 3-
(جمع ۾ ڪتب ايندڙ) (الف) قديم يوناني ۽ رومي مصنفن
جو غير معمولي ڪم (عام طور
the
سان ڪتب ايندڙ) (ب) اهڙي ۽ قديم يوناني ۽ لاطيني
ڪمن جو مطالعو 4-
مشهور روايتي يا مخصوص واقعو
Classical (adj)
مستند
اعليٰ درجي جو 1-ڏسو
لفظ
Classic
۾2 ۽ 3 نمبر 2-قديم
يونانين ۽ رومين جو فن، ادب وغيره 3-آڳاٽن
يونانين ۽ رومين جو مخصوص فني معيار يا ان تان
ورتل 4-يوناني
۽ رومي ثقافت ۾ ماهر 5-
معيار ۽ روايتي 6-
مخصوص شڪل، مونجهاري وغيره جي ماپن سان ٺهڪندڙ
موسيقي يا ان بابت.(2)
اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ڪلاسِڪ”Classic“
۽ ڪلاسيڪل
“Classical”
جي ڌار ڌار معنيٰ ڏينداسين ته اُها هن ريت
بيهندي: ڪلاسڪِ
”Classic“
(صفت) معنيٰ ” اعليٰ قسم جو يا بهتر۽ شاندار“
(نموني يا معيار جي حوالي سان) ۽ 1.ڪلاسيڪل
“Classical”
(اسم) معنيٰ: هڪ يوناني يا رومن ليکڪ يا اُن جو
ادبي ڪم،(ڪلاسِڪ سان لاڳاپيل) 2.ڪلاسيڪل
“Classical”
(صفت) معنيٰ: ڪلاسِڪ+ال
”سڀ
کان اعليٰ درجو“
(اصل ۾ ادب ۾).
انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي مشهور ويب سائيٽ وڪي پيڊيا
تي لفظ
”ڪلاسِڪس“
لاءِ ڄاڻايل آهي ته:
The word Classics is
derived from the Latin adjective
classicus,
meaning "belonging to the highest class of
citizens". The word was originally used to
describe the members of the highest class in
ancient Rome. By the 2nd century AD the word was
used in literary criticism to describe writers
of the highest quality.[1] For
example,Aulus
Gellius, in
his Attic
Nights, contrasts "classicus" and "proletarius"
writers.[2] By
the 6th century AD, the word had acquired a
second meaning, referring to pupils at a school.[1] Thus
the two modern meanings of the word, referring
both to literature considered to be of the
highest quality, and to the standard texts used
as part of a curriculum, both derive from Roman
use.
(3)
ترجمو:
”لفظ
ڪلاسِڪس
”Classics“
اصل ۾ لاطيني صفت ڪلاسِڪُس
“Classicus”
تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي:
”شهرين
جي اعليٰ طبقي سان تعلق رکندڙ“.
شروع ۾ هيءُ لفظ قديم روم ۾ طبقاتي طور مٿانهين
درجي جي ماڻهن جي سُڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
ٻي صدي عيسويءَ ۾، اُن جو ادبي تنقيد ۾ استعمال
شروع ٿيو ۽ اُهو لفظ اعليٰ قسم جي مصنفن جي جي
مصنفن جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
جهڙوڪ قديم رومي مصنف اولس گيلليس
(Aulus Gellius)
پنهنجي تصنيف اِٽڪ نائٽس
(Attic Nights)
۾ ڪلاسڪس ۽ پرولتاري ليکڪن جي وچ
۾ ڀيٽ پيش ڪئي هئي. 6 هين صدي عيسوي ۾ هِن لفظ
معنيٰ جي هڪ ٻي صورت اختيار ڪئي اهو لفظ هڪ مخصوص
اسڪول جي شاگردن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.
(اڳواڻي ڪرڻ وارو)
لاءِ استعمال ٿيو. اهڙي طرح هن لفظ ٻه جديد
معنائون اختيار ڪيون، جي ٻئي اعليٰ معيار جي ادب ۽
اهڙي معياري لکتن لاءِ استعمال ٿيو جيڪي نصاب طور
رائج هيون. ٻئي معنائون رومن مان ورتيون ويون
هيون.
مٿئين ويب سائيٽ تي هِن حوالي سان وڌيڪ ڏسيل آهي
ته:
Classics encompasses the study of the
Graeco-Roman world, particularly of its
languages, and literature (Ancient Greek and
Classical Latin) but also it encompasses the
study of Greco-Roman philosophy, history, and
archaeology. Traditionally in the West, the
study of the Greek and Roman classics was
considered one of the cornerstones of the
humanities and a necessary part of a rounded
education. The study of Classics has been
traditionally a cornerstone of a typical elite
education.(4)
ترجمو:
”ڪلاسِڪس
يوناني ۽ رومن دور جو احاطو ڪري ٿي
خاص طور اُن جي ٻولي ۽ ادب يونان (قديم يوناني ۽
لاطيني ڪلاسيڪل ادب) بلڪه اِن ۾ يوناني رومن تاريخ
۽ ثقافت، فلسفه، تاريخ ۽ آثار قديمه جو مطالعو به
شامل آهي. روايتي طور اولهه ۾ اڃا تائين به يوناني
۽ رومن ڪلاسِڪ جو مطالعو علم النسان ۽ وسيع تعليم
جو لازم جُز سمجهيو وڃي ٿو. مذڪوره ڪلاسِڪ جو
مطالعو روايتي طور تي اشرافيائي تعليم ۾ بنيادي حيثيت
رکي ٿو.
هيءَ مغربي مُعاشرت جي تناظر ۾
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
لفظ جي مروج معنيٰ يا اصطلاحي بيان ڏنو آهي پر
باقي دُنيا ۾ به اڳتي هلي مُختلف ٻولين جي ادب جي
ڪلاسيڪل دورن واسطي هن لفظ جو استعمال ٿيو ۽ هر
ٻوليءَ جي ادب جي ڪنهن هڪ دور کي اُن جو
”ڪلاسيڪل“
دور سڏيو ويو جيئن: انگريزي ادب جو ڪلاسِڪ، فرينچ
ادب جو ڪلاسِڪ، جرمن ڪلاسِڪ، عربي ٻوليءَ
جو ڪلاسِڪ وغيره پر هاڻ ته هن لفظ جو ادب ۽
موسيقيءَ کان هٽي ڪري گهڻ پاسائون استعمال به عام
جام آهي. جيئن: راند جي مُک مقابلي يا ٽورنامينٽ
۾، خاص طور گولف ۽ ٽينس ۾
“The Australian Classic”،
ڪنهن اسڪول يا يونيورسٽيءَ جو هڪ مضمون، جنهن ۾
قديم يوناني يا لاطيني ادب، فلسفي جو مطالعو شامل
هُجي، جي ڊگري لاءِ“an
honours degree in classic”
يا ڪنهن مخصوص قسم جي منفرديت واسطي، جيئن:
“ Hamlet is the classic example of a tragedy”
يا وري بين القوامي تعلقات ۾ ڪلئسيڪل اپروچ
''Classical Approach''
وارو اصطلاح
(Term)جيڪو
بين القوامي معاملن کي سمجهڻ جو هڪ طريقو آهي ۽
ٻين مدن ۾ به
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
لفظ جو استعمال عام ٿئي ٿو.
ڪلاسيڪل ادب
(CLASSICAL LITERATURE):
”ڪلاسيڪي ادب: هيءُ اهو ادب آهي، جيڪو
پنهنجي ابديت ۽ آفاقيت، گهرائي، حسن ۽ صداقت جي
ڪري، زماني جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي ٿي ويو
هجي. حالتون بدلجن ٿيون، پر اهڙي ادب جي عظمت ۾
ڪو فرق نه ٿو اچي. اهو ئي ڪلاسيڪي ادب آهي.“ (5)
ڪلاسيڪل ادب
(Classical Literature)جو
مطلب ڪنهن ٻوليءَ جي شاهڪار ادبي دورن، اعليٰ ادبي
(نثر توڙي نظم) تصنيفن، تخيلقي شهپارن، همئه گير
آفاقي سوچ ۽ فڪر جي حامل تخليقڪارن جي تخيُل ۽
تخليقن، جيڪي
”ڪلاسِڪ“
جي بُنيادي ضابطن ۽ مضمونن مُطابق چيل هُجن، جي
لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اِهو پهرئين پهرئين
قديم يونان ۾ ٿيو. درجه بنديءَ جي لحاظ کان قديم
يونان جي ادب کي وري ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
هِن حوالي سان، انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي ويب سائيٽ
انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا تي ڄاڻايل آهي ته:
The history of ancient Greek literature may be
divided into three periods: Archaic (to the end of the 6th century bc); Classical (5th and 4th centuries bc); and Hellenistic and Greco-Roman (3rd century bc onward).
(6)
ترجمو:
”قديم
يونان جي ادب کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1)
قديم زمانو( دور: 6 هين صدي قبل مسيح) (2) ڪلاسيڪل
زمانو (دور:5 کان 4 صدي قبل مسيح). (3)
هيلينٽڪ ۽ يوناني رومي دور، گريڪو
-رومن
(دور:
3
صدي قبل مسيح).
ساڳئي ويب سائيٽ تي هِن ئي حوالي سان وڌيڪ ڏسيل
آهي ته:
At the beginning of Greek literature stand the
two great epics, the Iliad and
the Odyssey. Some features of the poems reach
far into the Mycenaean age, perhaps to 1500 bc, but the written works are traditionally
ascribed to Homer; in something like their
present form they probably date to the 8th
century. The Iliad and the Odyssey are primary
examples of the epic narrative, which in
antiquity was a long narrative poem, in an
elevated style, celebrating heroic achievement.
(7)
ترجمو:
”يوياني
ادب جي شروعات ۾ ٻه هاڪارن تصنيفن ايليڊ ۽ اوڊيسي
جون منظوم تحريرون مِلن ٿيون، انهن نظمن مان ڪجهه
حصن ۾ ميسينين دور جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جيڪي
(غالبن 1500 قبل مسيح) ڌاري جون آهن، پر اُهي
لکتون روايتي طور هومر ڏانهن منسوب ڪيون وڃن ٿيون
۽ اُهي لڳ ڀڳ 8صدي جي زماني جون سمجهيون وڃن ٿيون.
ايليڊ ۽ اوڊيسي قديم قسم جو بنيادي نمونو آهن. اهي
قديم دور جا قصا بيان ڪندڙ نظم آهن جيڪي شاهڪار
انداز ۾ لکيل آهن. جن ۾ اُن دور جي بهادرانه
ڪارنامن کي ڀيٽا پيش ڪيل آهي.
”يونان
جي ادبي تاريخ ۾ هومر انساني تاريخ جو اِهو پهريون
شاعر آهي، جنهن جو ڪلام رڪارڊ تي دستياب آهي، جيڪو
غالبن 8 هين صدي عيسوي ۾ نظر اچي ٿو. هومر بذات
خود ڪو ماڻهو نه هو، هومر معنيٰ
”انڌو“.
پر اِهي يونان جا ڪردار هئا، جن يونان تي جنگي
ڪاهُن دوران يونانين جي بهادريِ سان ڪيل مزاحمت ۽
حوصلي کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو“.
(8)
قديم يوناني ادب ۾ جن شاعرن ۽ ليکڪن جو ذڪر ملي
ٿو، اُنهن ۾ هيزيوڊ، ٿيوگوني ۽ ڪام اوردن جا نظم ۽
سيفو، الڪيس ۽ پندار جي پُراثر شاعري کي به ڪلاسِڪ
جو درجو حاصل آهي يا اُن کان اڳ سُقراط ۽ اُن جي
شاگرد افلاطون جيڪي فلسفي گُفتا لکيا، اُنهن کي به
يوناني ادب ۾ ڪلاسِڪ جي حيثيت حاصل آهي. ساڳي ريت
فرينچ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ وري ايڊهم ڊي هالي، پال
ويلاين، ڪيٿرين ڊي ايمبوز، انڊنين آرٽوڊ، گويليوم
اپوليناائر، والٽيئر، وڪٽر هيوگو جا نالا ڳڻيا وڃن
ٿا. اهڙي ريت ٻين نامور ڪلاسيڪل شاعرن ۾ ڊينٽي
اليگيري
(Dante Alighieri)،
ايني براڊاسٽريٽ
(Anne Bradstreet)ڪيٽلس
(Catullus)
، جيفري چاسر
(Geoffrey Chaucer)
، جان ڊوني
(John Donne)
، بين جانسن
(Ben Jonson)
، جان ملٽن
(John Milton)
، سيفو
(Sappho)
، شيڪسپيئر
(Shakespeare)
، مولانا رومي، فردوسي، حافظ شيرازي، ڪاليداس يا
سنڌ ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، مخدوم نوح، شاهه لطف
الله قادري، ميين شاهه عنات، شاهه عبدالطيف ڀٽائي،
سچل سرمست جي شاعريءَ کي ڪلاسيڪل قدرن جو آئيندار
سمجهيو وڃي ٿو. کين پنهنجي پنهنجي ٻولين جي
ڪلاسيڪل ادب ۾ خاص حيثيت حاصل آهي ۽ سندن ڪلام کي
ادبي خزانو سمجهيو وڃي ٿو.
”ڪلاسيڪل“
جو آڳاٽو استعمال، جيئن ته قديم يونان، لاطين (روم
۽ مصر) جي ادب ۾ ٿيو، تنهنڪري اول اول اُن جي
معنيٰ
(meanings)
يا وصف
(definition)
يا اصطلاح
(Term)
بين القوامي سطح تي وضع ٿي. انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي
انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا، وڪي پيڊيا ۽ ڪُجهه ٻين
گهڻ استعمال ويب سائيٽس تي
”ڪلاسيڪل
ادب“
جي وصف يا اصطلاح ۾ ڄاڻايل آهي:
Classical literature, the literature of ancient
Greece and Rome (see Greek literature: Latin
literature). The term is also used for the
literature of any language in a period notable
for the excellence and enduring quality of its
writer’s works. In ancient Greece such a period
extended from about 500 to 320 BC; the Golden
Age of Rome ran from about 70 BC to AD18. French
literature of the second half of the 17th
century is considered classical, as is English
literature of 1660-1714; the works produced and
the critical standards that prevailed in both
eras emulated those of the classical periods in
Greek and Latin, although this criterion is not
an essential characteristic of a classical
literature.(9)
ترجمو:
”ڪلاسيڪل
ادب، قديم يونان ۽ روم جو ادب (يوناني لاطيني
ادب) آهي. اهو اصطلاح ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان
اهڙن زمانن بابت به استعمال ٿيندو آهي، جيڪي زمانا
ان دور جي لکندڙن جي اعليٰ قسم جي تصنيفي صلاحيتن
طور حقيقي حيثيت ۾ قديم يونان ۾ 500ق.م کان 320ق.م
واري دور کي ڪلاسيڪل دور سڏيو وڃي ٿو. روم جو
سنهري دور 70ق.م کان 18صدي تائين ليکيو وڃي ٿو. 17
صديءَ جي ٻي اڌ جو فرانسيسي ادب ۽ 1660کان 1714
تائين جي انگريزي ادب کي ڪلاسڪ درجو حاصل آهي،
انهن ٻنهي دورن جون تخليقون ۽ تنقيدي معيار
ڪلاسيڪل دور جي رومي ۽ يوناني معيار هئا. جيتوڻيڪ
اهو ماپو ڪلاسيڪل ادب جي خاص خوبي نٿو سمجهيو وڃي.
Classical studies (Classics for short)-earliest
branch of the humanities, which covers the
languages, literature, history, art, and other
cultural aspects of the ancient Mediterranean
world. The field focuses primaritly on, but is
not limited to, Ancient Greece and Ancient Rome
during classical antiquity, the era spanning
from the late Bronze Age of Ancient Greece
during the Minoan and Mycenaean periods (C.1600-
1100 BCE) through the period known as Late
Antiquity to the fall of the Western Roman
Empire, c. 500. The word classic is also used to
refer to the literature of the period. (10)
ترجمو:
”ڪلاسيڪل
مطالعو (مختصرن ڪلاسڪس)
ھيومنٽيز جي
شاخ آهي، جيڪا ٻولين، ادب، تاريخ، آرٽ قديم بحيره
روم جي دُنيا جي ٻين ثقافتي پهلوئن جي مطالعي جو
بُنياد آهي پر
اھو
رُڳو قديم يونان ۽ قديم روم تائين محدود ناهي. اهو
دور ٽامي واري قديم يوناني آخري دور کان وٺي قديم
يونان ميسينين دور ((1600-1100
قبل مسيح) جي دور کي قدامت جي بُنياد تي مغربي
رومي سلطنت جي زوال 500 تائين جو زمانو اچي وڃي
ٿو. لفظ ڪلاسڪس ان دور جي ادب لاءِ استعمال ٿئي
ٿو.
Classical or classic literature first referred
to works written for the nobility and upper
class audience. Over time, however, this term
came to signify any Greek or Roman works deemed
particularly worthy and subsequently
Graeco-Roman writing in general. Classical can
also be used to describe works that exhibit the
qualities or characteristics of classicism, a
complex set of attitudes and standards that
classicist, scholars of Graeco-Roman antiquity,
believe to be reflected in the art,
architecture, history, philosophy, politics, and
literature of ancient Greeco and Rome. (11)
ترجمو:
”ڪلاسِڪ
يا ڪلاسيڪل ادب، سڀ کان پهرين اعليٰ طبقي سان تعلق
رکندڙن لاءِ لکيو ويندو هو. اُن وقت تائين اهو
اصطلاح يوياني يا رومن لکيتن، خاص طور ۽ بعد ۾
گريڪو
-رومن
ادب لاءِ عام طور استعمال ٿيڻ لڳو.
لفظ ڪلاسڪس اهڙن تخليقن لاءِ استعمال ٿيندو آهي
جيڪي ڪلاسيڪي ادب جي خصوصيتون موجود هجن اُن مان
مراد ادبي معيارن ۽ روين جو اهڙو پيچيده مجموعو
آهي جنهن جو اظهار اسان کي قديم رومي يوناني فن،
تاريخ، فلسفي، سياست ۽ ادب ۾ ملي ٿو.
”بهرحال
ڪلاسيڪي ادب آفاقي آهي، ۽ انجا قدر دائمي آهن.
ڪلاسڪ جو لفظ ٻي صدي هجري(1) کانپوءِ سڀ کان
مٿاهين درجي جي ادبي ڪارنامن لاءِ پهريائين روم ۽
يونان ۾ مشهور ٿيو. پر پوءِ سڀني قومن جي معياري
ادب لاءِ استعمال ۾ اچڻ لڳو“.
(12)
اسان جي مُنتخب لفظ جو هِتي وري بُنيادي
(particularly)
ڳانڍاپو
”ڪلاسيڪل
شاعري“
سان آهي، تنهنڪري اُهو ڏسڻ لازم آهي ته جڏهن
ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ڳالهه ٿئي ته خود اُن لاءِ
ڪهڙي راءِ اڳيان اچي ٿي: |