سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

باب:

صفحو:2 

Classical poetry is poetry rooted in Classicism, which emphasizes simplicity and clarity while limiting the display of emotion. It emphasizes a “less is more” mentality that values things that are aesthetically beautiful and possess the appearance of perfection. This perspective appears in several different genres from that time including tragedy, comedy and epic.

In ancient Greece and Rome, Classicism developed as an aesthetic attitude much like Romanticism and Realism. Where Romanticism focuses on what our hearts tell us the world should be and Realism deals with the world as it is, Classicism presents an ideal version of the world. (13)

ترجمو:ڪلاسيڪل شاعري اُها شاعري آهي، جنهن جا سِرا ڪلاسيڪل ازم سان ڳنڍيل آهن جيڪا سادگي ۽ چٽائي سان جذبن جي محدود اظهار تي زور ڏئي ٿي. اُها ٿوري کي وڌيڪ سمجهڻ واري“ ذهنيت تي زور ڏيندي، شين کي جمالياتي طور تي خوبصورت بڻائيندي آهي ۽ اُن کي ڪمال جو ظهور ڏئي ٿي. ان قسم جو اظهار مختلف صنفن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ واقعاتي شعر، مزاح نگاري ۽ اعليٰ تخيُلاتي شعر شامل آهن. قديم يونان ۽ روم ۾ ڪلاسڪس رومانيت ۽ حقيقت پسندي وانگر هڪ رويي طور اُڀرندو نظر اچي ٿو. رومانٽڪ ازم جو ڌيان اُن تي مرڪوز رهي ٿو ته اسان جي دل جيڪا چاهي  دُنيا کي ائين هجڻ گهُرجي ۽ حقيقت پسند دنيا جيئن آهي ائين ڏسي ٿو. ڪلاسيڪل ازم  زندگيءَ جو معقول نظريو پيش ڪري ٿو.

 ڪلاسِڪ جو تعلق وقتيت ۽ قدامت سان گهرو آهي. اهڙا شاهپارا ۽ تخليقون جن ۾ وقت کي مات ڪرڻ جي قوت آهي، ڪلاسڪ ڪوٺجن ٿا. ايران ۾ فردوسيءَ جو شاهنامو، روميءَ جي مثنوي، حافظ جا غزل، انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما، ڀارت ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا، سنڌ ۾ شاهه جو رسالو ۽ سچل جو ڪلام ڪجهه اهڙا شاهپارا آهن، ان وقت کي مات ڪري ڇڏيو آهي.(14).

 17، 18هين صدي (1600-1715ع) جي، فرانسيسي ڪلاسيڪل تحريڪ کي به دُنيا جي ڪلاسيڪل ادب ۾ اهم حيثيت حاصل آهي. اوڊيس (Odes) جيڪو 1600-1628ع ۾ اُڀريو، پهريون شاعر هو، جنهن قديم ڪلاسيڪل روايتن کي چئلينج ڪيو ۽ ڪلاسيڪل ادب ۾ موضوعاتي انقلاب جو مُحرڪ ثابت ٿيو. نامور فرانسيسي نقاد بوالو (Boileau) ڪلاسيڪل ازم جا نوان ضابطا تشڪيل ڏنا، جن تي مختلف  ليکڪن جهڙوڪ مائلر (Moliere)  ۽ رائسن (Racine)  عمل پيرا ٿي شاهڪار تخليقون، فرانسيسي ڪلاسيڪل ادب جي جهوليءَ ۾ وڌيون. فرانسيسي ڪلاسيڪل تحريڪ کي ٽن دورن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن  جي وچيئن دور 1659-1688ع کي، اُن جي ڪلاسيڪل ادب جو سُنهري دور سڏيو وڃي ٿو.

        اسان شروعاتي بيانن ۾ لفظ ڪلاسِڪ ۽ ڪلاسيڪل جي معنيٰ، وصف ۽ اصطلاح ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي ريت تنهن بعد ڪلاسيڪل ادب(Classical Literature)  ۽ ڪلاسيڪل شاعري(Classical Poetry)  بابت رايا نقل ڪيا ته جيئن موضوع جي تهه تائين پُڄندي، هِن باري ۾ اسان جي ذهن ۾ ڪو ابهام نه هُجي ته جيئن ممڪنه مقصد جي حاصلات ممڪن ٿئي. هاڻي ڪلاسيڪل ادب جي موضوعن بابت معلوم ڪنداسين.

موضوع: (TOPICS):

        ڪلاسيڪل ادب جا بُنياد فطرت ۽ انساني سماج جي باهم تي بيٺل آهن، تنهنڪري اُن جا موضوع به مٿئين دائره ڪار تي مدار رکن ٿا. (1) فطرت ڇا ۽ ڇو آهي، اُن جا اصول ڇا آهن؟ فطرت جو انسان ۽ انسان جو فطرت سان ڪهڙو تعلق ۽ اثر آهي؟ (2) انسان، مذهب، فلسفو، سماج، ثقافت، اخلاق، قدر ڇا آهن، اُنهن جي انساني سماج ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ بُرو ۽ ڀلو ڇاهي ۽ اُن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ساڳي طرح جدليات، منطق، موت، آخرت ۽ زندگيءَ جو فلسفو، اِهو سڀ ڪلاسيڪل ادب جا موضوع آهن. بين القوامي ڪلاسِيڪل ادب جي موضوعن جو بيان، انٽرنيٽ پبلشنگ ادب جي هڪ ويب سائيٽ تي هن طرح آهي:

ڪلاسيڪي مزاج رکندڙ هيئت پرست آهن. هُو نثر ۽ نظم ۾ تنظيم، تناسب، توازن تي زور ڏيندا آهن، ۽ اصول ۽ ڪردار لاءِ نموني (Type)  جي پابنديءَ  کي لازمي سمجهندا آهن“. مصنف مضمون جي اڳئين صفحي تي لکي ٿو: ميٿيو آرنلڊ، جيڪو ڪلاسيڪي نقطه نظر جو حامي هو، پلاٽ ۽ عمل کي اوليت ڏئي ٿو ۽ موضوع لاءِ سنجيدگي کي ضروري سمجهي ٿو. سندس خيال هو ته رڳو اهي موضوع سٺا هوندا آهن، جيڪي بنيادي انساني احساس کي شديد نموني ۾ متاثر ڪندا هجن.(15)  ڪلاسيڪي شاعري اها آهي، جنهن جي فن توڙي فڪر ۾ توازن هجي، ان جو مضمون انساني مزاج ۽ فطرت جي ترجماني ڪندو هجي، ان جو مقصد اعليٰ انساني قدرن جي اپٽار ڪندڙ هجي، ان ۾ رواني ۽ تاثر هجي. مصنف ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو: ڪلاسيڪي ادب اهو آهي، جنهن ۾ آفاقيت ۽ ابديت هجي، اهو ڪنهن هڪ دور ۾ وقت جي ڪسوٽيءَ تي پورو بيهي. ان ۾ فطرت جي عڪاسي هجي، ۽ انساني مزاج ۽ فطرت جي ترجماني هجي. حقيقت پسندي ۽ جدت پسندي هجي، ان ۾ صداقت ۽ خلوص هجي، ان ۾ مستقل دلڪشي ۽ تاثير هجي، ان ۾ فڪري ۽ فني توازن هجي، ۽ ان ۾ اهڙي ڪشش هجي، جنهن جو  اثر رنگ، قوم ۽ نسل جي قيد کان آجو هجي. نه فقط ايترو، پر ان مان هر مزاج، ذوق، عمر ۽ طبقي جو ماڻهو حظ حاصل ڪري سگهي. هن ۾ هيئت، ترتيب، توازن ۽ تنظيم جي سختي سان پابندي ڪيل هجي. انهن خوبين ۽ خصوصيتن سان گڏ ڪلاسيڪي ادب ۾ اخلاقي قدرن جو به خاص خيال رکيل هوندو آهي. (16)

هومر جنهن جي شاعري قديم يونان جي لکت ۾ موجود پهرين شاعري آهي، اُن جو ڪلام رزميه موضوع تي آهي. تنهن زماني ۾ خاص طور ايرانين پاران يونان تي جيڪي ڪاهون ٿيون ، هومر اُن دوران يوناني بادشاهن ۽ جرنيلن جي سورهيائي ۽ هُنن ڪهڙي ريت پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو، اهڙن ڪردارن کي پنهنجي شاعري ۾ ساراهيو ۽  اُنهن کي سورهيه ۽ سورمو ڪري پيش ڪيو، اُها بُنيادي طور رزميه شاعري آهي. بلڪل ائين جيئن اسان وٽ سومرا دور  جي سُمنگ چارڻ يا ڀاڳو ڀان جي رزميه شاعري آهي. اهڙي طرح يورپي ڊس واحد شاعر آهي، جيڪو سقراط جو همعصر ۽ دوست هو،   جنهن غريبن ۽  عام ماڻهو  کي پنهنجي موضوعن  ۾ آندو نه ته عام طرح سورهيه ۽ سورما عام ماڻهو ڪو نه ليکبا هئا. سورهيه ۽ سورما  وڏا فوجي جرنيل، ويڙهُو يا بادشاهن کي ليکيو ويندو هو، اُنهن جي ثنا خواني ٿيندي هُئي. گريڪو رومن تهذيب جي جيڪا قديم ڪلاسيڪل شاعري آهي، اُن تي ٻه ٽي عنصرحاوي آهن.  اُن ۾ مزاحمت، سورهيائي، ٽريجڊي، منظرنگاري، احساس نگاري وغيره شامل آهن. پر بُنيادي طرح گهڻي ڀاڱي موضوع بادشاهه يا ديوتا آهي. هونئن هر خطي ۾ وري ڪلاسيڪل دور جون روايتون مختلف آهن. اِهو ته ٿيو گريڪو رومن ڪلاسيڪل دور پر جيڪڏهن هِن خطي جي ڪلاسيڪل کي کڻون ته سنسڪرت جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ وري گهڻي ڀاڱي جسماني محبت (physical Love) روحاني(spiritual)  نه، جو ذڪر ملندو، اُن ڪري امارو، ڀرتري هري، بهاري ۽ ٻيا تمام گهڻا شاعر آهن، جن جي شاعري ۾ توهان کي جسماني محبت، (physical Love) جو  عنصروڌيڪ حاوي نظر ايندو. يا  مثال اوهان عربن جو ڪلاسيڪل دور کڻندو (اسلام کان اڳ وارو) ان ۾ وري ٻئي شيون گڏ ملنديون. رزميه شاعري ته اُن ۾ آهي ئي آهي ڇو ته اهو دور رزميه شاعريءَ جو هو. ساڳي جاءِ تي  سنسڪرت واري physical Love واري روايت به اتي تمام گهڻي آهي. قديم چيني ٻولين ۾ وري ڏند ڪٿائون وڌيڪ حاوي آهن.  ڪلاسيڪل جون جيڪي به وڏيون ٻوليون آهن، جن ۾ يوناني، لاطيني، عربي، فارسي وغيره اُنهن جون روايتون اِهي هيون. (17)

اڪبر لغاري  ڪتاب ادبي تنقيد جي تاريخ ۾ قديم يوناني علم ۽ ادب جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هُن يوناني ڪلاسِڪ جي موضوعن جو ذڪر به ڪيو آهي، جنهن منجهان اُن زماني جي ڪلاسيڪل ادب جي موضوعن طرف  اشارو ملي ٿو. قديم يونان، جتي علم ۽ فلسفي جو گهر هو، اتي ادب ۽ ثقافت پڻ بي انتها ترقي ڪئي. وڏا شاعر ۽ ڊراما  نگار، يونان جي هر شهر ۾ موجود هئا. ڊرامو، يوناني ثقافت جو اهم حصو هو ۽ ان جا ڊائلاگ گهڻو ڪري شاعري ۾ ادا ڪيا ويندا هئا. ميلن ملاکڙن ۾ پڻ ڊراما ڪيا ويندا هئا ۽ اُنهن جا ساليانا مقابلا به  ڪرايا ويندا ھئا ۽ سُٺن ڊرامن تي انعام ڏنا ويندا هئا. انعامن ڏيڻ لاءِ منصف مقرر ٿيندا هئا جيڪي اهو تعين ڪندا هئا ته سٺا ڊراما ڪهڙا آهن. انهن ججن کي (Kritai)  چيو ويندو هو. ڊرامن کي انعام ڏيڻ لاءِ ڪهڙي ڪسوٽي هجڻ گهرجي؟ انهن جي سياسي ۽ سماجي افاديت ڏسجي يا جمالياتي ۽ نفسياتي حيثيت. (18)

        مٿيان رايا قديم ڪلاسيڪل ادب جي موضوعن سان منسوب آهن. جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته: قديم ڪلاسيڪل ٻوليون جن ۾ يوناني، گريڪو رومن، سنسڪرت، عربي، فارسي جو ڪلاسيڪل ادب، گهڻي ڀاڱي شاعري، ڊرامن، ٿيٽر تي خاص طور ۽ ٻين نثري صفن تي عام طور مُبني هو.  اُن جي موضوعن ۾ رزميه شاعري، جسماني مُحبت، سياسي ۽ سماجي حالتن سان لاڳاپيل مضمون، جمالياتي ۽ نفسياتي عنوان ۽ ثقافتي، اخلاقي قدُر خاص طور شامل هُئا. هِن راءِ سان اسان جي گهڻي ڀاڱي رهنمائي ٿي آهي ته بين القوامي ڪلاسيڪل ادب جا موضوع سماج، اُنهن جي مسئلن ۽ ماڻهن سان سلهاڙيل هئا. تنهنڪري اُن جا بُنيادي موضوع به اهي سمجهڻ گهرجن. ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ به ساڳيا اولڙا نظر اچن ٿا. ھاڻي ادب ۾ ”ڪلاسِڪ“ جي اھميت معلوم ڪنداسين.  

اهميت  (IMPORTANCE):

        ادبي ڪلاسِڪ، هر ٻوليءَ جي ادب ۾ خصوصي اهميت جو حامل آهي، ڇاڪاڻ ته اُن منجهان انساني  سماج، تاريخ، ارتقا، فطرتي رعنائين ۽ ثقافتي قدرن جا اولڙا نظر ايندا آهن. ڪلاسيڪل طرز تحرير ۾ انتهائي دلڪش، ماهراڻو ۽ شاعراڻو انداز اپنايل هُجي ٿو، جيڪو دل لڀائيندڙ آهي ۽ اُن سان پڙهندڙ طرز تحرير جو گرويده بڻجي ٿو. اُن کانسواءِ ڪلاسيڪل ادب ثقافتي قدرن کي اُجاگر ڪرڻ جو ڪارگر وسيلو پڻ آهي ۽ اُهو رُڳو ڪتابي ڳالهين تي مشتمل نه آهي پر منجهس وڏا تهذيبي، روحاني ۽ اخلاقي درس سمايل آهن: ڪلاسيڪل ادب مڪمل طرح مُنفرد ادب آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي ماضيءَ جي پرجوش قدرن سان روشناس ڪري ٿو.

Classical literature is important because it is another way to look at history, reading classic novels improves your overall vocabulary and writing skills and finally classic literature is unique. Tradition has held that classics are works of a very high order that touch on matters of immense importance. Cowan (1998) alluded that this set of literature can be identified by some of the following characteristics:

·       The classics not only exhibit distinguished style, fine artistry, and keen intellect but create whole universes of imagination and though.

·       They portray life as complex and many-sided, depicting both negative and positive aspects of human character in the process of discovering and testing enduring virtues.

·       They have a transforming effect on the readers’s self-understanding.

·       They invite and survive frequent re-readings.

·       They adapt themselves to various times and places and provide a sense of the shared life of humanity.

·       They are considered classics by a sufficiently large number of people, establishing themselves with common readers as well as qualified authorities.

·       And, finally, their appeal endures over wide reaches of time”.(19)  

ترجمو: ”ڪلاسيڪل ادب تمام اهم آهي، ڇو ته اِهو تاريخ کي الڳ رُخ کان پرکڻ جو  رستو آهي. ڪلاسيڪل ناولن جو مطالعو پڙهندڙ جو لفظي ذخيرو وڌائي ٿو ۽ اُن جي پڙهڻي واريون مهارتون بهتر بڻائي ٿو. مطلب ته ڪلاسيڪل ادب مڪمل طرح مُنفرد ۽ روشن آهي. روايت آهي ته ڪلاسيڪل ادب اعليٰ سطحي ڪم آهي، جنهن ۾ اعليٰ قسم جي مسئلن جي اُپٽار ٿيل آهي.    ڪائونن (1998) اهو بيان آهي ته ڪلاسيڪي ادب هيٺين خاصيتن جو حامل آهي. 

·       ڪلاسِڪ نه رُڳو ممتاز انداز، عمده فنڪارانه خيال ۽ فهم رکي ٿو بلڪه اهو تخيل ۽ سوچ جي پوري ڪائنات وضع ڪري ٿو.

·       اُن زندگيءَ جا پيچيده ۽ مختلف رُخ پيش ڪيا، جن ۾ انسان جي منفي ۽ مثبت پهلوءَ دريافت ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۽ ثابت قدميءَ جي پڙتال ڪئي.

·       اُهو پڙهندڙ جي فهم تي پاڻ سڃاڻن واري تبديليءَ جو اثر ڇڏي ٿو.

·       اُهو پڙهندڙ کي اڪثر ۽ بار بار مطالعي لاءِ هرکائي ٿو

·       اُهو هر وقت پاڻ کي، مُشترڪه انساني زندگي اپنائڻ جو احساس ڏياري ٿو.

·       اُهو ماڻهن جي معقول تعداد کي ڪلاسڪس ڏي راغب ڪندي منجهانئن پاڻمرادو اجتماعي پڙهڻ جو سلسلوپيدا ڪري ٿو.

·       ۽ آخر ڪلاسيڪس جي پسنديدگي زمانن تائين قائم رهي ٿي.

 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي  ڪتاب لطيفي لات ۾ برونيتيئر جو خيال حوالي طور آندو، جنهن ۾ هُن ادب ۾ ڪلاسِڪ جي اهميت ٻُڌائي آهي:ڪلاسيڪي دور هر قوم جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي، ۽ اهو اُن وقت ايندو آهي، جڏهن ان جي زبان ڪمال درجي کي پهچندي آهي. هو وڌيڪ چوي ٿو ته: ڪلاسيڪي ادب ڪنهن قوم جي هڪ اهڙي دور جي پيداوار هوندو آهي، جنهن ۾ هن شعوري طور ذهني، اخلاقي ۽ سياسي ترقيءَ جو هڪ بلند درجو حاصل ڪيو هُجي.(20) ڪلاسيڪي ادب: هيءُ اهو ادب آهي، جيڪو پنهنجي ابديت ۽ آفاقيت، گهرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري، زماني جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي ٿي ويو هُجي. حالتون بدلجن ٿيون، پر اهڙي ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي. اهو ئي ڪلاسيڪي ادب آهي، جنهن کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ مزاج، ذوق، عمر، ٻوليءَ  وغيره جا اختلاف به حائل نه ٿا ٿين. هن قسم جي ادب تي نقاد به قلم کڻڻ وقت ڏاڍي خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا.(21)

        مٿين بيانن ۾ ڪلاسيڪل ادب جي اهميت جو نهايت واضح نقشو چٽيل آهي. ڪنهن قوم جي تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي قدرن، اُن جي حالتن واقعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي ماضيءَ سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو. ڪلاسيڪل ادب، ماضيءَ کي پرجهڻ جو اهم وسيلو آهي. مثال طور قديم يونان جي ڪلاسيڪل ادب ۾ ارسطو يا افلاطون جا فلسفياڻا گُفتا ڏسو. الياڊ، اوڊيسي يا سيفوءَ جي شاعري پڙهو. انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامن جي تاريخي حيثيت ڏسو. مطالعي مان خبر پوندي ته هزارين سال گُذرڻ باوجود اڄ به ارسطو ۽ افلاطون جو فلسفو لاجواب آهي ۽ دُنيا سندن فهم ۽ تدبُر مان رهنمائي حاصل ڪري ٿي. تاريخ کي پرکڻ جو واحد رستو ڪنھن ٻوليءَ جي قدرن، واقعن يا ڪنهن خاص دور بابت ڄاڻڻ چاهيو ته اُن جي ادبي تصنيفن کي ڏسندو ته تاريخ اوهان جي اکين جي اسڪرين تي اچي ويندي. حالتن جو پورو عڪس چٽجي ايندو، ڇاڪاڻ ته تاريخ يا نصابي ڪتابن ۾اڪثر ڪري حقيقيتن کي ٽوڙي مروڙي به پيش ڪيو وڃي ٿو پر ادبي تصنيفن ۾ ائين نه هوندو آهي. اُن ۾ تاريخ، واقعن ۽ حالتن جو بيان پوريءَ سچائيءَ سان ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ادب عوام لاءِ هوندو آهي، جنهن وسيلي عوامي اُميدن جي ترجماني ٿئي ٿي. ادب ئي  قومن جي سماجي زندگيءَ جو بهترين عڪاس ۽ مُبصر آهي ۽ اُن ۾ ڪلاسيڪل ادب کي خصوصي اهميت حاصل آهي.

مثال طور 19 هين صديءَ جي اوائل ۾ فرانس ۾ جڏهن الزبيٿ (پهريون) جو زمانو هئو، سندس غلط پاليسين سبب اُتان جو عوام نالان هئو ۽ رعيت ۾ وڏي بي چيني هُئي. پر جي اوهان فرانسيسي انقلاب جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيندو، ته اهڙين حالتن جو ذڪر اُن جي، تاريخ يا ڪريڪيوليم ۾ ڪونه ملندو بلڪه فرانسيسي سماج جي سڄي صديءَ جي روح جو درد اُن جي ڪلاسيڪل ادب ۾ اوتيل آهي. جين آسٽن (Jane Austen)، جارج ايليٽ (George Eliot)، ايليگزينڊر ڊمس (Alexander Dumas)، ليو ٽالسٽاءِ (Leo Tolstoy) ۽ ٻين سماجي حالتن ۽ انساني پيڙاءُ جو پورو احوال، پنهنجي ناولن، تحريرن ۽ تصنيفن ۾ پلٽيو. عوامي بي چيني، سماجي کيڙ اُکيڙ جو پورو نقشو سندن تحريرن ۾ چٽيل ملندو. ائين، ڄڻ  ھنن ليکڪن هڪ صديءَ جو درد، پنهنجي تحريرن ۾تحويل ڪيو آهي. فرانس جو ادبي ڪلاسِڪ،  دُنيا جي شاهُوڪار ادبي ڪلاسِڪس ۾ شمار ٿئي ٿو. اهڙي طرح ٻين ٻولين جي ڪلاسيڪل ادب کي به سندن سماجن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.

اسان وٽ شاهه لطيف اُن جو زنده مثال آهي. شاهه جي شاعري سنڌ جي ڪلاسيڪي دور جو ڪلام آهي.  شاهه جي ڪلام ۽ اُن جي فڪري اونهائيءَ تي دُنيا جا وڏا مُفڪر تحقيق ڪري چُڪا آهن. سندس ڪلام تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، فڪري بحث مُباحثا ٿيا، جواب در جواب ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا پر وڏا وڏا مُفڪر مٿاڪٽ کانپوءِ به اُن جي شعري فلسفي جو پورو احاطو ڪرڻ کان قاصر آهن. شاهه پنهنجي دور جو پورو انساني درد ۽ احوال، پنهنجي ڪلام ۾ اوتيو آهي. اِها سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وڏي افاديت آهي جو سنڌ جي سموري سوچ ۽ فڪر صديون گُذرڻ کانپوءِ به شاهه لطيف جي گرد گهُمي ٿو.  اِھو ڪلاسيڪل ادب ۽ اِها اُن جي اهميت آهي.

        ڪلاسيڪل ادب لاءِ مٿي بيان ٿيو آهي ته قديم يونان ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي چيل فلسفياڻن گُفتن کي به ڪلاسِڪ جي حيثيت حاصل آهي، اُن کان سواءِ مغربي ادب جي ڪلاسِڪ جي عمارت جا بُنياد نثري ڪلاسِڪ تي بيٺل آهن. جنهن ۾ ڪلاسيڪل ناول، افسانوي ۽ انقلابي ادبي تصنيفون شامل آهن. جن ۾  تحرير جي شاندار انداز بيان ۽ مصنف جي فنڪاراڻي ڪاريگريءَ سان واقعن ۽ ڪردارن جو بيان دلچسپيءَ سان ٿيل آهي، جو اهڙي ادب کي، عام ماڻهو پنهنجي روح جي ويجهو ۽ جذبن جي ترجماني سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل ادب  تنهن ٻوليءَ جو هڪ نه وسرندڙ باب تصور ڪيو ويندو آهي.

اسان جي مطالعي جو نچوڙ ھِن ريت نڪري ٿو:

·       اصل ۾ لفظ ڪلاسِڪ ۽ ڪلاسيڪل جو بُنياد قديم يونان، لاطين ۽ روم جي ادب ۾، قبل مسيح جي زماني ۾ پيو. جتي اُن جو اول اول استعمال طبقاتي طور اعليٰ يا مٿانهين درجي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي سُڃاڻپ واسطي ٿيو.

·       ٻه صدي عيسوي ۾ اُن جو ادبي تنقيد ۾ استعمال شروع ٿيو. گهڻوتڻو لفظ ڪلاسِڪ فلسفياڻن موضوعن تي لکيل تحريرن يا ادبي ڊرامن، ٿيٽرن، ناولن، شاعري وغيره ۽ اعليٰ قسم جي ادبي تخليقن، ڪتابن، شهپارن يا ليکڪن لاءِ ڪتب آندو ويو. اڳتي هلي يوناني، رومي ۽ لاطيني ادب جي هڪ دور کي اُن جو ڪلاسيڪل دور سڏيو ويو. اهڙي طرح اولهه جي ٻين زبانن جي ادب ۾ به بعد ۾ اُن جو استعمال ٿيو ۽ فرينچ، جرمن، ڊچ، انگريزي ۽ ٻين زبانن جي ادب جي هڪ دور کي اُن جو ڪلاسيڪل دور ڪوٺيو ويو.

·       اهڙي تخليق يا تحرير کي ڪلاسيڪل چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دائميت هُجي ۽ اُها زمان مڪان ۽ سرحدي حد بندين کان بالاتر، هر زبان ۽ مُلڪ جي ماڻهن کي احساساتي طور هڪ جيترو متاثر ڪري. اهڙو ادبي شعري خزانو، جيڪو مقرر معيارن تي چيل هُجي ۽  جنهن جا موضوع فطري، انساني، اخلاقي، سماجي قدرن جي اُپٽار تي مشتمل هُجن ۽ اهو مذهبي رنگ ۽ نسل کان بالاتر هُجي ۽ پنهنجي فلسفي ۾ بين القواميت رکندو هُجي، منجهس فطرت جي عڪاسي ۽ انساني قدرن مزاج، نفسيات ۽ حقيقت پسنديءَ جي ترجماني ڪندو هُجي. اُهو غاصباڻي يا جابراڻي سوچ ۽ پرماريت لاءِ همدرداڻو رويو نه پر مظلوميت جو طرفدار هُجي ۽ منجهس اعليٰ انساني قدرن جو بيان ۽ آفاقي پيغام سمايل هُجي. اهڙي ادب کي ڪلاسِڪ “Classic”  جي حيثيت حاصل آهي.

·        اُن جا موضوع گهڻي ڀاڱي سماجي، سياسي، نفسياتي ۽ جمالياتي رهيا آهن. عوامي موضوعن ۽ مسئلن کي به اُن ۾ خاص انداز سان پيش ڪيو ويندو آھي.

 ڪلاسيڪل ادب کي مختلف ٻولين جي ادبن ۾ ايتري اهميت حاصل آهي جو اُن کي عمده فنڪاراڻن خيالن، سوچ، فهم ۽ ادراڪ جو لبادو ٺهرائيندي، انسان کي پنهنجي تاريخ، ثقافت، روايتن ۽ ماضيءَ جي هاڪارن پهلوئن سان روشناس ڪرڻ جو واحد وسيلو قرار ڏنو ويو آهي.

حوالا

1.          آن لائين انگلش  اردو ڊڪشنري آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ص

2.         حيدربخش عزيز گوپانگ ۽ ٻيا (ايڊيٽر)2003ع: ”سنڌيڪا ڊڪشنري، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 203

3.      https://en.wikipedia.org/wiki/Classics

4.      https://en.wikipedia.org/wiki/Classics

5.         مهر ممتاز، 1980ع: ”ويچار آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، ص  33

6.      https://www.britannica.com/art/classical-literature

7.      https://www.britannica.com/art/classical-literature

8.         چانڊيو جامي، (انٽريو)، 2018ع): سي پي سي ايس آفيس، گُلشن بختاور، حيدرآباد

9.      https://www.britannica.com/art/classical-literature

10.   https://en.wikipedia.org/wiki/Outline_of_classical_studies

11.    http://www.bachelorandmaster.com/literaryterms/classical-poetry.html

12.      سنڌي عبدالمجيد ميمڻ، 1991ع:  لطيفي لات (سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو گڏيل اڀياس) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ص 10

13.   https://www.reference.com/art-literature/classical-poetry

14.    قادري اياز، 2007ع: ”مشعل اياز،  ص 119،120

15.      مهر ممتاز، 1980ع: ”ويچار آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، ص  34، 45

16.    سنڌي عبدالمجيد ميمڻ،1991ع: لطيفي لات (سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو گڏيل اڀياس) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ص ص8،9،10)

17.     چانڊيو جامي، انٽريو، 2018ع): سي پي سي ايس آفيس، گُلشن بختاور، حيدرآباد

18.      لغاري اڪبر، 2016ع: ادبي تنقيد جي تاريخ ماءِ پبلڪيشن سکر، ص 19

19.   https://joseardila93.wodpress.com

20.     سنڌي عبدالمجيد ميمڻ، 1991ع: لطيفي لات (سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو گڏيل اڀياس) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ص 9

21.      مهر ممتاز، 1980ع: ”ويچار آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، ص  33-34 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org