شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو (1626-1538ع)
المعروف شاهه ڪريم بِن سيد لعل محمد جي ڪلام ۾
انيڪ خوبيون آهن. کيس، قاضي قادن ۽ شاهه لطيف جي
وچ واري، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڪڙيءَ ۽ سنڌ جو
”چاسر“
چيو وڃي ٿو. صبر ۽ شُڪر سميت سماجي/
عوامي موضوعن،
اخلاقيات،
سئوڻن ساٺن، ريتن رسمن روايتن تي هُن گهڻو لکيو
آهي ۽ اهو ئي سندس شعر جو موضوع، حُسن ۽ فلسفو
آهي. بُنيادي طور هُن تصوف جي فڪر تحت ڪلام چيو پر
نسبتن آسان ٻولي استعمال ڪئي اٿائين ۽ سماجي
دلچپسيءَ جي موضوعن کي وڌيڪ ڇُهيو اٿس، جنهنڪري
سندس شعر جي خوبصورتي ۾ واڌارو ٿئي ٿو. علامه
دائودپوٽو سندس شعري فڪر جي باري ۾ لکي ٿو:
”شاهه
ڪريم جو شعر قدامت جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏو
پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گوناگوني سا ڪانهي،
باقي سچ، سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ موجود
آهن. پڙهندڙن کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي.
سندس ڪلام سُريلو ۽ سوزناڪ آهي. ڪيترا بيت ته اهڙا
آهن جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهيءَ وقت جي
سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ ۽ تصوف تي آهن، جن
۾ عرفان ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن.توحيد، وحدت
درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال وغيره جا باريڪ نڪتا
نهايت خوبيءَ ۽ ابجاز سان بيان ڪيا اٿس“.
(41) شاهه ڪريم جي شعري
فلسفو تمام گهڻو ناصحاڻو آهي، بِلڪل قاضي قادن
واري روايت جو تسلسل. پر ڪٿي ڪٿي هُن قاضي قادن
واري روايت کان هٽي ڪري سماج ۽ انسان جي روحاني
مسئلن ۽ خُدا سان اُن جي رشتي، توحيد ۽ هيڪڙائي،
جدوجهد، عزم حوصلو، وڇوڙي ۽ وصال جي مضمونن جو دل
لڀائيندڙ ۽ سلوڻي انداز ۾
ڳايو
آهي، جنهنڪري علامه دائودپوٽي چواڻي ته سندس ڪيترن
شعرن کي هوند پهاڪن طور به استعمال ڪري سگهجي
ٿو:
ڏوران پسي ڏور، وئين جي وهرو ڪري
ماڪرياڙيءَ مڇڙا، هوند نه وڌين هور (42)
علامه دائودپوٽو شعر جي فلسفي متعلق لکي
ٿو:
”يعني
اي مڇڙا، تو جا ڪنڍي گهٽ اندر گهيڙي آهي، تنهن
ڪنڍيءَ ڪيترن ئي کي ٻاهر ڪڍي پٽ تي سٽيو آهي.
جيڪڏهن پري کان ڏور کي ڏسي تڪڙو تڪڙو نڪري وڃين ها
ته اي مڇڙا، ڪنڍي تو کي اهڙي مامري ۾ نه وجهي ها”.(43)
ناصحاڻي فلسفي جو هيءُ شعر، انساني اخلاق ۽ ڪردار
جي
”ارادي
۽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت“
واري خاصيت تحت چيل آهي. شاهه ڪريم فرمائي ٿو:
”اي
مڇڙا! (مڇي ماريندڙ) تو مڇي (شڪار) ڦاسائڻ لاءِ
جيڪا ڪُنڍي (اٽڪل) اختيار ڪئي آهي، تنهن تحت ڪيترن
کي پنهنجي ارادي ۾ ناڪامي ٿي آهي. پر تُون ڏور کي
پري کان ڏسي يعني پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ وقتائتو
فيصلو ۽ ارادو ڪري وٺين ها ته اهڙي مامري (اجائي
مصيبت) ۾ نه ڦاسين ها“.مطلب ته شاهه ڪريم جي نظر ۾
پنهنجي منزل مقصود جي حاصلات لاءِ مربوط ارادي ۽
وقتائتي فيصلي جي وڏي اهميت آهي ۽ جيڪڏهن انسان
اهڙي هيلي کان گُريز ڪندو ٿو ته کيس پلئه ۾ ناڪامي
نصيب ٿيڻ جا وڏا اسباب پيدا ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري
وقت تي دُرست فيصلو انسان کي گهڻن نقصانن کان
بچائي سگهي ٿو.
چرين جينءَ چت ڪري، سڱ سڀيئي ڇن
جي ڀائين پرينءَ مڙان، ته مت منهنجي ڳن.(44)
علامه دائودپوٽو هن شعر متعلق لکي ٿو :
”پرين
کي ملڻ لاءِ لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهڻ گهرجن. متيون ۽
عقل ميڙي ساڙي ڇڏجن. پاڻ وڃائڻ کان سواءِ دوست جو
ديدار ميسر نه ٿيندو“.
(45) هِن شعر ۾ مقصد سان سچائي، وفاداري ۽
اُن ڏانهن مستقل مزاجيءَ جو رويو رکڻ وارو عُنصر
حاوي آهي. ڪو به ڪم جيڪڏهن دل لڳي ۽ ڌيان سان نه
ڪبو ته اُن ۾ گهاٽي جو انديشو آهي. ساڳي ريت
جيڪڏهن محبت ۾ پرينءَ کي ماڻڻ لاءِ سڀ هيلا بهانا
هلائڻ ۽ لوڪ جا طعنا مهڻا برداشت ڪرڻ واري سگهه نه
ساربي ته محبوب جو وصال ماڻي نه سگهبو. جيئن هِن
شعر ۾ شاهه ڪريم چون ٿا:
”جيستائين
لوڪ سان لاڳاپا لاهي (سمورا رشتا ناتا ٽوڙي) چرين
جهڙي چِت (جنونيت واري دل لڳي ، منزل مقصود جي
حصول لاءِ جذبي جي سرشاريت) اختيار نه ٿو ڪري،
تيستائين پرينءَ (محبوب جو ديدار، حق تعاليٰ جي
قربت) جو نصيب ٿيڻ مُشڪل آهي“.
شاهه ڪريم جي نظر ۾ پنهنجي مقصد ۽ محبت جو وصال
ماڻڻ لاءِ ارادي جي سچائيءَ اڻٽر آهي، جيڪڏهن
پُختي ارادي ۽ سچائيءَ کان سواءِ اهڙي ڪا ڪوشش
ٿيندي ته اُن ۾ انسان کي ناڪامي پلئه پوندي.
پاڻِياري
سِرِٻهڙو، جَرَ تي پَکي جِينءَ
اَسان سَڄَڻُ تِينءَ، رهِيو آهي رُوح ۾ (46)
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ شعر متعلق لکي ٿو :
”هن
شعر ۾ ڳوٺاڻي عورت جي پاڻي ڀرڻ جي منظر ڪشي آهي
پر هڪ خاص علامتي انداز پڻ آهي، جنهن ۾ شاعر
پنهنجي اندر جي ڪيفيت جي فطرتي منظرن سان ڀيٽ ڪري
ٿو”.(47)شعر
جي فڪري لاڳاپي ۽ تعلقداري
(attachment)بابت
مٿئين
راءِ پنهنجي جاءِ تي البته هيءُ شعر محبت يا مقصد
سان وابسطگيءَ جو لازوال اُهڃاڻ پيش ڪري ٿو ۽
اِهو غير مشروط محبت واري خاصيت جي نمائندگي ڪري
ٿو. شاهه ڪريم جي شعري فلسفي جي اُها خوبي آهي ته
هُو شعر ۾ اظهار جي سادگيءَ جو انداز اختيار
ڪندي، پهاڪائي انداز ۾ خيالن جو اظهار ڪري ٿو،
جيڪو شعر جي مضمون کي وزندار بڻايو ڇڏي ۽ اُن
سان شعر جي مطلب تي، مڪمل طرح ڌيان مرڪوز رهي ٿو.
جيئن هِن شعر ۾ آهي :
”جيئن
پاڻياري (پاڻي ڀريندڙ عورت) جي مٿي تي هڪٻئي جي
مٿان رکيل دِلن جو پاڻ ۾ تعلق (اڻ ٽُٽ) آهي يا جر
۽ پکي (اُڃايل) جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي، مُنهنجو
سڄڻ به مُنهنجي روح ۾ ائين واسو ڪري ٿو“.
شعر جو مفهوم مجموعي طرح دل لڀائيندڙ آهي. ان جو
موضوع، سِٽاءُ، تشبيهه ۽ تمثيل تمام ٺهڪندڙ آهن،
جن شعر جي حُسن ۽ معنيٰ کي وڻندڙ بڻايو آهي.
متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پوءُ،
جو تو سائِرَ ڀائيو، سو هُرَ ٻوئِي ناههِ
(48)
”سڀ
متيون ميڙي کانءِ (سڀ ٻيڙا ساڙي ڇڏ ۽ توڪل ڪري
اُٿي پئو) ۽ واچا (سِڪ) مان کِجي، وچ (درياءَ،
سِير) ۾ ڪاهي پئو، ڇو ته جو تو درياءَ سمجهيو آهي
سو ته هڪڙي وک برابر به نه آهي“.
ظُلم، ناانصافي ۽ جبر خلاف مزاحمت تي آمادگيءَ ۽
جدوجهد جو زبردست اظهار، هِن شعر جو فلسفو آهي.
لفظ ۽ معنويت جو بهترين استعمال ڪندي، شاهه ڪريم
هِن شعر ۾ ڏاڍ جي پاڙ کي ناپائيدار ۽ ڪمزور قرار
ڏنو ۽ اُن خلاف مزاحمت جو درس ڏنو آهي. هيءُ شعر
دل شِڪسته، مُنجهيل ۽ حالتن کان هاريل انسان لاءِ
اُتساهه جو سبب ۽ لازوال پيغام رکي ٿو ته خراب
حالتن کي بدلي سگهجي ٿو ڇو ته سائر (ظلم، بي
انصافي ۽ ڏاڍ) جو هميشه ڪو بُنياد نه هوندو آهي.
سَڄَڻَ منجهه هُئامِ، مُون ويٺي واءُ ٿِئا،
هيڏان هوڏان هَٿَڙا، هِيئين جاڙِ وِڌامِ
(49)
شعر ۾
”پاڻ
سُڃاڻ“
جو وسيع فلسفو سمجهايل آهي ته: ”اي انسان! سڄڻ
(سچائي) ته تنهنجي اندر ۾ موجود آهي پر تُون اُن
کي هيڏانهن هوڏانهن پيو ڳولين. ائين ڪرڻ بيڪار آهي
جو تُون اجايو پيو هٿڙا هڻين.“ دُنيا جا سمورا
اصلاح پسند، صوفي ۽ اڪابر سماجي ترقيءَ کي شخصي
اصلاح جو پيش خيمو سمجهن ٿا. ائين آهي به، ته
جيستائين هڪ شخص پنهنجا اعمال ٺيڪ نه ٿو رکي ته
هُو سماج لاءِ هاڪارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندو ته
تيستائين معاشرتي ترقي ممڪن نه بڻبي. شاهه ڪريم
هِن شعر ۾ انسان کي
”پاڻ
سُڃاڻ“
جو پيغام ڏئي ٿو، جيڪو دراصل معاشرتي ايڪي، اتحاد
۽ ڀائيچاري جو پيش خيمو آهي.
نيهه نِياپي نَه ٿِي، سَڌين سيڻَ نَه هون،
ڪارِيين راتين رت ڦُڙا، جان جان نيڻ نَه رون (50)
هيءَ سنڌيءَ جي عام چوڻي آهي،
”ته
گهر ويٺي ڪو ڪم نه ٿيندو يعني معنت کان سواءِ ڦل
ناهي ملندو“
جنهن کي شاهه ڪريم پهاڪائي انداز ۾ بيت ۾ خيال جي
نهايت عمدگيءَ سان بيان ڪيو آهي “نينهن نياپي سان
ٿئي نه خالي سڌون ڪرڻ سان محبوب (منزل) ملندو آهي.
جيستائين اونداهين راتين ۾ اکيون رت جا ڦڙا نه
روئن (سخت محنت ۽ ڪشالا نه ٿا ڪڍجن)، تيستائين
محبوب راضي ٿيندو نه منزل مقصود تي پُڄي سگهبو)“.
هِن شعر ۾ زندگيءَ ۾ سخت محنت ۽ جدوجهد جو سبق
سمجهايل آهي. محبوب جي وصال يعني منزل مقصود جي
حصول کي، سخت محنت ۽ پورهيي سان مشروط ڪندي شعر جي
پيغام کي وڌيڪ وزندار بڻايو ويو آهي ته محبوب
ماڻڻ لاءِ خالي سڌو ڪرڻ بجاءِ ڪشالا ڪڍجن(عملي ڪم
ڪجي) تڏهن اُن جو وصال ممڪن ٿي سگهندو.
ور سا سُڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪڙو
سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙ
ڪمائين.(51)
ھن
شعر ۾ سماجي ڀلائيءَ جو وڏو فلسفو
آھي.
شاهه ڪريم خيال ۽ لفظن جي عمدگيءَ جو اعليٰ
استعمال ڪندي فرمائي ٿو:
”اها
ويڙ (ويڙهو، پاڙو، علائقو) سُڃ ۽ ويراني مِثل
آهي، جِتي سڄڻ يعني گُڻن وارو، با اخلاق ۽
باڪردار انسان اڪيلو هُجي (اُن جو ڪو ساٿ ڏيندڙ يا
ڀرجهلو نه هُجي) اهڙو ماڳ مٽائڻ گهُرجي جتي سچي
ماڻهوءَ جي قدُر شناسي نه هُجي يا جتي ڪوڙ جو
ڪاروبار هلندو هُجي“.
شعر جي مختصر سِٽاءُ ۾ توجهه طلب معنيٰ سمايل آهي
۽ اِها سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي وڏي خوبي آهي ته
اِنهن ابتدا ۾، شعر ۾ اظهار جو مختصر طريقو ڪتب
آندو ۽ اُن ۾ وري وزندار، بامعنيٰ فلسفي پيغام ڏئي
انسان جي نفس ۽ سوچ کي جهنجهوڙ جو ڪم ڪيو. شاهه
ڪريم جو هيءُ شعر اُن جو اعليٰ مثال آهي، جنهن ۾
هُو اهڙو ماڳ ئي مٽائڻ جو پيغام ڏئي، بُرائي ۽
بي اتفاقي کان نفرت جو کُليو اظهار ڪري ٿو ۽ عدل،
انصاف ۽ باعمل ماڻهوءَ جي حُسن خوبي بيان فرمائي
ٿو.
مُٺِ ڀِيڙِيائي ڀَلي، جو اُپٽي ته واءُ
جو پَڌَرِ وِڌِي ڳالڙي، تو ڇڏي وَڃي ساءُ (52)
هِن شعر ۾ اتحاد ۽ اتفاق واري خاصيت جو بيان آهي.
شعر جي مفهوم ۾ چيل آهي ته: مُٺ ڀيڙيل (بند ٿيل)
چڱي آهي (يعني اتحاد ۾ طاقت آهي) پر جي اِها مُٺ
کُلي ٿي ته انساني طاقت واءَ ٿي وڃي ٿي (وکري وڃي
ٿي) تڏهن اهڙي ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ۽ اُن مان مزو
ڇڏايو وڃي ٿو (مطلب ته بي اتفاقيءَ ۾ بُرائي آهي).
”شعر جي معنيٰ ۾ انساني اتحاد ۽ اتفاق جي اهميت
عمدي نموني بيان ٿيل آهي. اتحاد ۽ اتفاق کي مُٺ
سان مُشابهت ڏئي، انساني اتحاد کي حوصلا افزا عمل
قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن انسان، سماج ۾ اتحاد ۽
ڀائيچاري سان گُذاري ته ڪو به سندس وار ونگو ڪو نه
ڪري سگهندو پر جي بي اتفاقي هوندي ته اُن جو کيس
نقصان ٿيندو.
وَرَ وِسَرِي ته ڪوههُ، پر وَرَ نه وِسرئوِس،
ڪو نه چوندو ڪَڏهين، ته اَڱڻ اونداهوسِ (53)
حُسن خلق، وفاداري ۽ ڪردار جي اهميت واري خاصيت
هِن شعر جو مضمون آهي، جنهن ۾ مڙس ۽ زال جي ڪردار
کي تمثيلن ڪتب آڻيندي هڪٻئي سان وفاداري ۽ ڪردار ۾
سچو رهڻ وارو ڳُڻ ڏسيو ويو آهي. شعر جي مفهموم ۾
چيل آهي ته: ”جيڪڏهن مڙس کان (زال) وسري وئي ته
ڇا ٿيو؟ پر (زال کان) مڙس ته نه وسريو آهي.
(تنهنڪري) ڪو ڪڏهن ائين ڪو نه چوندو ته سندس گهر
۾ اوندهه آهي (سندس زال ڳُڻائتي نه هُئي).“ هڪ
ڳُڻائتي سُگهڙ زال جي اعليٰ ڪردار ۽ مڙس سان
وفاداريءَ واري فعل جي مثال ۾ انسان جي حُسن خلق،
سچائي ۽ وفاداري واري جذبي جومثال هِن شعر ۾
ڏيندي اهڙي عمل کي ساراهيو ويو آهي ۽ درس ڏنو ويو
آهي ته اهڙا عمل انسان کي پنهنجي ڪردار ۾ اُتم
بڻائين ٿا ۽ اهوئي وڙ هئڻ گهرجي.
ڪاڻِياريوُن ڪِي ڪَنَ، عُمَرَ اَڇا ڪَپَڙا
جَني جا ٿرن ۾، وَر ٿا ويڻ سَهَن (54)
”وطن
جي محبت“
هِن شعر جو موضوع آهي. ماروي جي پنهنجي وطن ٿر سان
محبت جو اظهار سنڌ جي لوڪ داستانن جي تاريخ جو اڻ
مٽ حصو آهي. شعر جي مفهوم ۾ اهڙي محبت جو علامتي
اظهار ڪندي چيل آهي: ”اي عمر! اُهي ڪاڻ واريون
زالون اڇا ڪپڙا ڪيئن ڪنديون، جن جا ڀتار ٿرن ۾
مهڻي هاب آهن“.
ماروي، پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن سان محبت ۽ وفاداريءَ
جو مثال
آهي. هِن شعر ۾ اُن جو اظهار تمام سُهڻي ۽ سادي
نموني ڪيل آهي. اُن صورت ۾ اڇا ڪپڙا ڪيئن پائجن
(مطلب خوشي ڪيئن ملهائجي)، جنهن صورت ۾ ڪنهن کي
ناحق قيد ڪري، پنهنجي مُلڪ ۽ ماروئڙن کان پري ڪيو
ويو آهي ۽ اُتي سندن
مٽ مائٽ
مهڻا
سهن.
وطن سان محبت کي ايمان جو جُز قرار ڏنو آهي ۽ هِن
شعر ۾ اُن جو تمام سُٺو ۽ وڻندڙ اظهار آهي، جنهن
جي مفهموم سان دل ۾ وطن سان محبت جو جذبو جاڳي
ٿو.
جي اُتَرَ جي لاه، سَڄڻَ سَڀ پرکئا،
ري پاجي کَٽئي، سُڀر ٻري نه باهه (55) |