ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ابتدا جي حوالي سان اسان نئين
نسل جي نمائنده ليکڪن جو رايو جانچڻ جي ڪوشش به
ڪئي ۽ اُن حوالي سان جامي چانڊيي کان هڪ خصوصي
انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ جامي چانڊيي ڪُجهه اهم نُڪتن
طرف اشارو ڪيو.
”ڪلاسيڪي
جا معيار مقرر ڪرڻ لاءِ هر هِڪ اسڪالر وٽ پنهنجا
معيار آهن ڇو ته هيءَ ڪي فزڪس يا ڪيمسٽريءَ جا
معيار ڪونهن. سنڌيءَ
۾ اسان کي پهريان پهريان جيڪي شاعر مِلن ٿا، اِهي
اسماعيلي داعي آهن، اِن کان اڳ جي دور جو رڪارڊ،
جيڪو هوندو ته يقينن پر اسان کي ملي ڪو نه ٿو. يا
اڃا به اڳ يعني سمن ۽ سومرن جي دور ۾ رزميه
شاعري جا ڀاڳو ڀان ۽ سُمنگ چارڻ ٻه وڏا نالا آهن.
انهن جو مزاج به اهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو هومر جو
آهي. ڇو ته اِها به رزميه شاعري آهي، جنهن ۾ ٻولي
جي رواني ۽ ترڪيبون ڪمال جون آهن. جيڪڏهن هومر جي
شاعري ڪلاسيڪل دور ۾ اچي ٿي ته پوءِ ڀاڳو ڀان ۽
سُمنگ چارڻ جي شاعري ڇو نه ٿي اچي سگهي؟ پر هيئن
ضرور آهي ته قاضي قاضن کان وٺي، تصوف جي حامل
شاعريءَ جو دور
Proper
نموني شروع ٿئي ٿو. قاضي قاضن رڪارڊ تي موجود
پهريون شاعر آهي، ٻيا به ماڻهو (شاعر) ضرور
هوندا. قاضي قاضن سان چار وڏا شاعر شُمار ٿين
ٿا. قاضي قاضن، لطف الله قادري، شاهه عبدالڪريم
بُلڙي وارو، ميون شاهه عنات . اِهي چار شاعر آهن،
جيڪي ڪلاسيڪي
دور جا وڏا اُهڃاڻ آهن. جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻيئي
شاعر هوندا پر اِهي
Major
شاعر آهن، جِن جو وڏو
Impact
پيو آهي“.
(15)
هيستائين پُڄندي، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ابتدا يا
تاريخ جي حوالي سان ڌنڌ ڪافي هٽجندي محسوس ٿئي ٿو
.
اسان جي مطالعي جو نچوڙ هِن ريت نڪري ٿو:
·
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي شروعات سمه دور عهد(1520–1351ع)
جي آخر ۽ ارغون، ترخان، مغليه دور1520-1718)ع)
جي اوائل ۾ ٿي.
·
محققن جي اڪثريت جي اشارن مُطابق قاضي قادن بن
قاضي ابو سعيد بکري (1551–1463ع)
کي پهريون ڪلاسيڪي شاعر سمجهڻ گهرجي. (البت علامه
دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جا رايا وڌيڪ تحقيق طرف
اشارو ڪن ٿا).
·
تنهن بعد ٻين شاعرن جهڙوڪ مخدوم نوح رحه، شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شاهه لطف الله قادري ۽ ميين
شاهه عنات رضوي( 1701–1613ع)
تائين پُڄندي ڪلاسيڪي
شاعري، موضوعاتي اعتبار کان پنهنجي عروج تي پهتي.
شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين بعد ۾ اُن کي
عروج تي رسايو ۽ وسعت ڏني.
·
اُن زماني يعني ڪلاسيڪي
شاعريءَ
جي شروعات وقت ارغون، ترخان مُغليه دور ۾ سنڌ جون
سماجي حالتون ناخوشگوار هيون ۽ ڌاريا حُڪمران
مقامي رهواسين سان سختي سان پيش اچي رهيا هئا،
جنهن ڪري اُن جي سُڄاڻ ۽ باشعور طبقي يعني ڪلاسيڪي
صوفي شاعرن عوامي درد، محرومي ۽ احساس کي پنهنجي
شعر جو موضوع بڻايو ۽ سندن احساسن جي ترجماني ڪئي.
سماج ۾ قومي شعور بيدار ڪيو.
هِتي ڪلاسيڪي
شاعريءَ
جي تاريخ تي بحث سميٽجي ٿو ته: محققن جي قائم ڪيل
راءِ مُطابق قاضي قادن،
ڪلاسيڪي
شاعريءَ
جو پهريون وڏو، پختو شاعر ٿيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي
راءِ مُطابق ته هُو سنڌي شاعريءَ جو ابو آهي.
البته ڪٿي ڪٿي لائَق محققن جي راءِ جو بغور مطالعو
ڪرڻ سان اِهو تاثر پڻ اُڀري ٿو ته قاضي قادن جو
ڪلام ڪلاسيڪي
شاعريءَ جو سُڌريل نمونو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اُن
جي شروعات اڃا اڳ ٿي هجي.
محققن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر بلوچ اهڙو واضح اشارو ڪري
ٿو.
ڪلاسيڪي
شاعر
(POETS):
هِن مرحلي تي پُڄندي هڪ وڏو مونجهارو اڳيان اچي
ٿو. ڪهڙو شاعر ڪلاسيڪي آهي ۽ ڪهڙو ناهي؟ هِن بابت
ماضيءَ جي محققن ڪو چٽو فرق يا واضح لڪير نه ڪڍي
آهي. حالانڪه ڪلاسيڪيت جا واضح معيار
(standards)
بين القوامي سطح تي متعين ٿيل آهن ۽ اُنهن جو
مختصر مثال ۽ مطالعو اسان باب پهرين ۾ ڏئي آيا
آهيون. اهڙن معيارن کي اڳيان رکي اُن جي ڇنڊڇاڻ
ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو. هينئر نقشو ڪُجهه هن
ريت آهي ته جِن محققن ماضيءَ ۾ هن موضوع تي ڪم ڪيو
آهي اُنهن ۾: (الف)
ڊاڪٽر بلوچ ڪلاسيڪي شاعرن سميت تصوفي مضمونن تي
چيل يا اوائلي سموري شاعريءَ کي اساسي سڏي ٿو. اُن
۾ مُک ڪلاسيڪي شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه
لطف الله قادري، شاه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف،
خواجا محمد زمان، روحل، سچل سرمست، سامي، خليفي
نبي بخش لغاريءَ
کان علاوہ
شاهه شريف ڀاڏائي، سيد قنبر علي شاهه، غلام حيدر
فقير ٿيٻي، فقير محمد صديق سومري، سيد غوث علي
شاهه ڪڇ واري، مولوي غلام محمد خانزئي ۽ ٻين کي
هُن اساسي شاعريءَ جي سري ۾ شُمار ڪيو آهي. هِن
منجهان تاثر اُڀريو ته ڊاڪٽر بلوچ مذڪوره سڀني
شاعرن کي اساسي سڏيو ته اُهي ڪلاسيڪي به ٿيا. (ب)
پروفيسر عطا محمد حاميءَ جو ڪتاب
”ڪلاسيڪي
شاعري“
ڇپائيءَ جو سال1981ع ۾ سترهن شاعرن جو ڪلام شامل
آهي، جنهن کي پروفيسر حامي ڪلاسيڪي شاعر سڏيو آهي.
جن ۾: قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري،
شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، خواجا محمد زمان
لنواريءَ وارو، روحل فقير، سچل سرمست، سامي، خليفو
نبي بخش، بيدل، بيڪس، فقيرنانڪ يوسف، پير علي گوهر
شاهه راشدي، حمل فقير، مخدوم امين محمد، مصري شاهه
ڪُل سترهن شاعر شامل آهن.(ت)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتاب
”لطيفي
لات“
(سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس) 1989ع ۾
قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميين
شاهه عنات، شاهه عبداللطيف، خواجا محمد زمان،
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، بيدل، غلام
محمد خانزئي ڪُل ڏهه شاعر شامل آهن. (ث)
جي الانا جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب
four Classical Poets of Sind
۾ چئن شاعرن ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف، سچل
سرمست ۽ سامي جو ڪلام شامل آهي. (ٽ)
ڪتاب
” سنڌي
ڪلاسيڪي شاعرن جي لُغت“
ڇپائيءَ جو سال 2004ع ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ وارو، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواريءَ
وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، ڀائي
چين راءِ سامي ۽ خليفو نبي بخش لغاري ڪُل ڏهه
شاعرن کي شامل ڪيو ويو.
هِتي هِن ڳالهه جو پورو احساس ٿئي ٿو ته
ڪلاسيڪيت يا اساسيت بابت هر هڪ محقق وٽ، گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجو معيار يا پنهنجي پسند نظر اچي ٿي. جنهن
مُطابق هُن مختلف شاعرن جي ڪلام جو
”ڪلاسيڪي“
يا
”اساسي“
هجڻ جو تعين ڪيو آهي. هيءَ هڪ اهم ۽ وڏو ذميداريءَ
جو ڪم آهي، جيڪو مُنهنجي نظر ۾ هينئر تائين اڻ
پورو آهي ۽ اُن جو هاڻ واضح تعين ٿيڻ گهرجي پر
اڪيلي سر ڪو هِن جو مجاز ڪو نه آهي، اُن جي لاءِ
محققن
کي گڏجي مٿاڪٽ ڪري حتمي رايو قائم ڪرڻ گهرجي ته
جيئن هيءُ مونجهارو دُور ٿئي. البته مون هِن ڪتاب
۾ مڪمل طور نشانبر(declared)
يعني جِن کي سڀني محققن ڪلاسيڪي شاعر ڪري ليکيو
آهي، جي ڪلام جو فلسفي جائزو پيش ڪيو
آھي،
انهن ۾: قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ وارو ، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات
رضوي،، شاهه عبداللطيف، خواجا محمد زمان لنواريءَ
وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، روحل
فقير، ڀائي چين راءِ سامي ۽ خليفو نبي بخش لغاري
شامل آهن. ڪتاب ۾، قاضي قادن کان شاهه عبداللطيف
تائين شاعرن جي شعر جا، ڌار ڌار فلسفي مثال ڏنا
آهن جڏهن ته ٻين شاعرن يعني خواجا محمد زمان،
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، روحل فقير،
ڀائي چين راءِ سامي ۽ خليفي نبي بخش جي شعري فلسفي
جا
فقط مثال ڏنا آھن.
وچ جا ڪُجهه شاعر يعني پير محمد لکوي، دادو ديال،
عثمان احساني، مخدوم ضياءَ الدين، جرڪس فقير،
مهراج پراڻناٿ وغيره جو ذڪر لازم آهي، جو سندن
ٿورو ڪلام دستياب آهي، جو به اساسيت جي دائري ۾ ته
اچي ٿو تنهنڪري اسان سندن بيان کان پاسو ڪيو آهي.
سياسي سماجي حالتون ۽
اثر
(SOCIAL IMPACT)
(الف)
سياسي حالتون:
مٿي پيش ڪيل تحقيقي بيانن مُطابق جنهن دور ۾ قاضي
قادن(1551–1463ع)
جي رُوپ ۾، ڪلاسيڪي
شاعريءَ جا مضبوط بُنياد پئجي چُڪا هئا ۽ هُو
پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن گُذاري عمر جي پڇاڙڪي حصي
۾ داخل ٿيو هو، تنهن دور يعني 10 هين صدي هجري
سورهين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾، سنڌ ۽ اُن جي
آسپاس جون حالتون سازگار نه هُيون.
”ڏهين
صدي هجري جي پهرين چوٿائي، ماورا، النهر، خراسان،
ايران ۽ سنڌ وڏن وڏن انقلابن ۽ لاهن چاڙهن جي لپيٽ
۾ رهي. پريشاني، بربادي، خون خرابي، جو عجيب و
غريب عالم رهيو. ڪيئي خاندان مٽجي ويا. ڪي ئي
حڪومتون ناس ٿي ويون، ۽ ڪيترن ئي نين سلطنتن جو
آغاز ٿيو. شاهه اسماعيل صفوي پنهنجي نئين سلطنت جو
بنياد انهيءَ چوٿائي ۾ وڌو. انهيءَ ئي زماني ۾
محمد خان شيبني پنهنجي خونريزين ۽ لشڪر ڪشين ذريعي
ايران، توران ۽ خراسان جي سرزمين کي ڀيليندو، خون
جا واهڙ وهائيندو رهيو“.
(16)
اهڙي جنگ ۽ جدل جي ماحول ۾ شاهه بيگ ارغون
فوجي ڪٽڪ ساڻ ڪري سنڌ تي حملي آور ٿيو ۽ وڏي
خونريزيءَ کانپوءِ سنه 928 هه يعني 1520ع ۾ سمه
عهد جو خاتمو آڻي ٺٽو فتح ڪيو. شاهه بيگ ۽ ٻين
ارغون حُڪمرانن جي ظلمن جو داستان تاريخ جي ڪتابن
تاريخ طاهري، ترخان نامه، تاريخ معصومي، بيگلار
نامه وغيره ۾ تفصيل سان درج ٿيل آهي.
”مرزا
شاهه حسن جي عزيزن، ملڪ ۽ ملڪيت جي تنازعي ۾ هڪ
ٻئي سان سخت وير ويڇا وڌا. ارغون ۽ ترخان جيڪي
حڪومت هلائڻ ۾ هن سان شريڪ ۽ سندس ساٿياري هئا، تن
کي پاڻ تُڏي حڪومت جو سڄو ڪاروبار اهڙن ڪميڻن
ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيڪي سندس حڪومت جي
زوال جو سبب بڻيا. انهن مان اسماعيل بٺارو ۽ عربي
ڳاهو(1) جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻن مان هئا، تن کي خاص
مقرب ڪري رکيائين ۽ سندن ئي اَهاريءَ تي هلندو
رهيو. هنن کيس جيڪي به ڪوڙيون ۽ ڪميڻپ جهڙيون
ڳالهيون ٿي ٻڌايون، تن تي اکيون ٻُوٽي عمل تي
ڪيائين، ايتري قدر جو ٻئي ڪنهن جي ڪاچڱي ڳالهه به
ڌيان ۾ نٿي آندائين. هن وٽ انهن ماڻهن کان سواءِ
ٻئي ڪنهن جي به ڪا عزت ڪا نه هئي. ملڪ ۾ جيڪا به
چڱي مدي ٿيندي پئي رهي، تنهن جي ڪا خبر چار ڪا نه
ٿي رهي، نه وري اهڙي ڪا پرواهه ئي هيس. اهي ٻئي
اهڙا بڇڙا ماڻهو هئا جو ڪنهن کي به چڱي نگاهه سان
نٿي ڏٺائون“.
(17)
”تاريخ
طاهري“
۾ هڪ هنڌ مرزا باقي بيگ جي ظلمن بابت لکيل آهي:
”جڏهن
سندس ظلم حد کان وڌي ويو ۽ ماڻهو هن کان تمام تنگ
ٿي ويا، ته مسلمانن مسجدن ۾ وڃي سندس موت جون
دعائون گهريون ۽ هندن هوڻ(1) شروع ڪيو. رات ڏينهن
هر هنڌ اهو پِٽڪو هلندو رهيو، ته خدايا! هن بڇڙي ۽
ظالم حاڪم جو پاڇو اسان تان لاهه! اڃا انهيءَ
واويلا ۾ ڪي ڏينهن مس گذريا، ته سندس پياري پُٽ ۽
نصرپور جي حاڪم مرزا شاهه رُخ وفات ڪئي (2) جنهن
جي خبر ٻڌي، مرزا باقيءَ جا ڍَڍَر ئي ڍَرا ٿي پيا.
هيلتائين دنيا دولت ميڙڻ جا جيڪي جتن ٿي ڪيائين
(150)، تن تان ارواح کڄي ويس. مرزا شاهه رُخ جا
جيڪي به خاص ماڻهو هئا، تن کي انهيءَ خار ۾ ڏاڍو
خوار خراب ڪيائين، مردن کي ته ڪو نه ڇڏيائين پر
زالن کي به شلوارن ۾ ٻليون وجهرائي، سندن ڇاتيون
وڍرائي چوندو رهيوته : اوهان ئي منهنجو پُٽ مون
کان جدا ڪرائي ڇڏيو! ڪيترن ماڻهن کي هاٿيءَ جي
پيرن سان ٻڌرائي، گهٽين ۽ بازارين ۾ گهلي مارڻ جو
حڪم ڏنائين“.
(18)
”ترخان
نامو“
۾ به تنهن دور جي حُڪمرانن ۽ مرزا باقيءَ جي ظلمن
جو تفصيلي احوال ڏنل آهي، جنهن منجهان اندازو ٿئي
ٿو ته ارغون ۽ اُن جي تسلسليه ترخان دور ۾ سنڌ
جون سماجي حالتون بهتر نه هيون.
”مرزا
محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سمورن ترخانن
۽ ارغونن فرمانروائن مان هن جو سڀ کان زياده
ظالمانه دور حڪومت هو. هن سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن
کي جيڪي اذيتون ڏنيون تن کي پڙهڻ سان انسان لزره
براندازم ٿئي ٿو. هو پنهنجي ظالمانه طينت جي
آسودگي لاءِ ظلمن جا نوان نوان بهانا گهڙيندو هو.
جاهلن، خوشامدڙين ۽ چاپلوسي ڪندڙن کي پنهنجي حڪومت
۾ وڏا وڏا منصب ڏئي ظلم جي چڪي کي پاڻ وڌيڪ تيز تر
پيو ڪندو هو“.
(19)
هِنن بيانن مُطابق ارغونن، فتح وقت ٺٽي ۾ قتلام
ڪرايو. سندن جا باقي ڏينهن به سنڌ واسين لاءِ ڪي
گهڻو مختلف نه هئا، ويندي ڪلهوڙا دور جي ابتدا سنه
1718ع تائين اهڙيون حالتون رهيون. چئجي ته ارغون،
ترخان ۽ مُغليه نائبن ڪلهوڙا عهد جي ابتدا يعني
اهم ڪلاسيڪي شاعر شاهه عبداللطيف تائين سنڌ جون
سماجي حالتون بِلڪل ناخوشگوار هُيون ۽ سنڌ هڪ وڏي
سماجي گردشي گهيري ۾ هُئي.
ارغونن جي قبضي دوران 1538ع ۾ سنڌ جي هڪ
ٻگهڻ ڪلاسيڪي شاعر شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي
پيدائش ٿي. اِن وچ ۾ سنڌ جي اقتدار شاهه بيگ ارغون
جي انتقال سان سندس پٽ شاهه حسن ارغون ڏي منتقل
ٿي. پر سنڌ جون سماجي حالتون نه بدليون:
”مٿين
احوال مان معلوم ٿيندو، ته شاهه عبدالڪريم جي
جوانيءَ جي زماني کان پڇاڙيءَ تائين سنڌ سان ڪيئي
ويل وهيا. مرزا عيسيٰ ۽ محمود بکريءَ جي خانه
جنگي، گوا جي پورچوگيزن جي ڦر ۽ باهه، مرزا باقيءَ
جا ظلم ۽ ڏاڍ مرزا جاني بيگ جا ڪِيس ڪلور ۽ مرزا
محمد صادق خان جي چڙهائين ملڪ کي ناس ڪري ڇڏيو.
اهڙين حالتن جي ڪري عوام تي خوف ۽ هراس ڇانيل
هوندو هو. امن امان تباه ٿي ويو هو“.
اڳئين صُفحي تي هُو بي رحم حالتن جي ذڪر کي
سميٽيندي لکي ٿو:
”ملڪي
حڪومت جي خاتمي ۽ ڌارين جي غلبي سڄيءَ سنڌ کي کنا
کيڙ ڪري ڇڏيو. ارغونن جي اچڻ کان پوءِ درٻيلي ۽
پاٽ جا ڪيترائي عالم بد دل ٿي سنڌ ڇڏي گجرات ۽
مدينه طيبه ڏانهن هليا ويا. انهيءَ ڪري سنڌ جو
علمي نظام درهم برهم ٿي ويو“.
(20)
“جهانگير پنهنجي “تزڪ“
۾ پنهنجي ٺٽي جي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آهي ته
”ماڻهن
سان هُن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چوطرف دانهن
پئجي وئي. ۽ ٻيون به ڪيئي خرابيون هُن بابت ٻڌڻ ۾
آيون“.
هڪڙي سندس مغل نواب قوج عليءَ بابت، جيڪو بکر جي
ماتحت هڪ جاگير جو حاڪم هو،
”ذخيرته
لخوانين“
۾ ٻڌايل آهي ته:
”ٻه
ڪناهه پاڻيءَ جا سدائين وٽس باهه تي پيا ٺهڪندا
هئا، ۽ ڪو چور يا ساڌ يا ڪوٻيو بي ڏوهي هٿ چڙهيس
ته اُن جا هٿ پير ٻڌي، اُنهن ڪناهن ۾ اڇلارائي
ڇڏيندو هو، ۽ اُهي اُتي ئي رِجهي پاهه تي ويندا
هئا. تقريبن هڪ هزار کن ماڻهو اُن پٽ جا هُن ائين
ماريا. ڪميڻپ ۽ بيپرواهيءَ ۾ هن جو ٻيو مثال ڪو نه
هو“.
(21)
”سمن
جي راڄ جي خاتمي بعد ارغون آيا ۽ ائين سنڌ جو زوال
شروع ٿيو. اِهو سنڌ جو تمام بحراني دور آهي. هِن
سڄي دور ۾ سنڌ ۾ خودمختياري ڪو نه هُئي، سنڌ جي
ماڻهن مٿان وڏا عذاب هئا ۽ سنڌ ورهائي ڇڏي
هئائون. مارا ماري ۽ ڦرلٽ تمام گهڻي هُئي.ارغونن
۽ ترخانن هر ڦورو ۽ جابر حُڪمران وانگر پنهنجي
حُڪمراني کي قائم رکڻ لاءِ اسلام ۽ فقه جو بدترين
استعمال ڪيو، جنهن جو شڪار مخدوم بلاول به ٿيو،
تنهنڪري هيءَ جيڪو دور آهي، اِن ۾ مذهبي
انتهاپسندي رياستي سطح تي تمام گهڻي وڌائي
وئي.ارغونن ۽ ترخانن خاص طور تي ٻئي هر قسم جي
جبر سان گڏ مذهبي انتهاپسندي کي تمام گهڻو وڌايو“.
(22)
سياسي حالتن جي پڙتال بعد هاڻ فڪري حالتن طرف
اينداسين. |