باب ٻيون:
ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي تاريخ
ڪلاسيڪل/
ڪلاسيڪي/
اساسي جو بيان:(
DESCRIPTION)
ڪلاسِڪ ۽ ڪلاسيڪل جي معنيٰ ۽ اصطلاح جو بيان، هِن
کان اڳئين باب ۾ تفصيل سان
آيو آهي. سنڌيءَ ۾ مروج لفظ
”ڪلاسيڪي“
جو بُنياد ساڳيو لاطيني لفظ
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
آهي. سنڌي ادب جا شاگرد يا پڙهندڙ هِن گُمان ۾ نه
پون ته لفظ
”ڪلاسيڪي“
جي ڪا الڳ ٿلڳ معنيٰ آهي ڇو ته سنڌي ٻوليءَ جي
تقريبن لُغتن ۾
”ڪلاسيڪي“
جو ڪو بيان دستياب نه آهي ته لاطيني لفظ
”ڪلاسِڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
جو بگڙيل
سنڌي صورت
”ڪلاسيڪي“
جي اِهائي معنيٰ آهي، جيڪا
”ڪلاسڪ“
۽
”ڪلاسيڪل“
(صفت) جي آهي. البته سنڌيڪا اڪيڊمي جي ڇپايل
”سنڌيڪا
لُغت“
تحقيق ۽ ترتيب عبدالستار بلوچ ۽ تقديم ڊاڪٽر غلام
علي الانا، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ مروج ڌارين لفظن کي به
شامل ڪيو ويو، اُن ۾ ڪلاسيڪل جي معنيٰ ڏيندي آخر ۾”ڪلاسيڪي“
لفظ جو اضافو ٿيل آهي.
”ڪلاسيڪل:
ص (انگ) اعليٰ درجي جو-مستند-
ڪلاسيڪي“.(1)
هِن منجهان اسان جي ڳالهه کي تقويت پُڄي ٿي ته
لفظ ڪلاسيڪي،
”ڪلاسيڪل“
جو ئي بگڙيل صورت آهي. البته ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي هڪ
جُلدي توڙي بعد ۾ سُڌاري سنواري ڇپايل لُغت ۾ هِن
لفظ کي شامل نه ڪيو آهي. قياس آهي ته شايد کيس
اِهو لفظ گهڻو پسند ڪو نه هو ۽ هُن
”ڪلاسيڪي“
جي جڳهه تي
”اساسي“
کي وڌيڪ موزون سمجهيو. بهرحال هيءَ اسان جو محض
قياس آهي.
”اساسي“
جو البته قصو مختلف آهي. هِن حوالي سان ڊاڪٽر
بلوچ جي موقف سان اختلاف جي گنجائش موجود آهي. هُو
قاضي قادن کان شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري،
ميين شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ اُن کان پوءِ گرهوڙي
صاحب، روحل، سچل سرمست،
خليفي نبي بخش
کانپوءِ
غلام محمد خانزئي تائين شاعرن جو ڳاڻيٽو اساسي
شاعر طور ڪري ٿو ۽ اهڙي شاعريءَ کي وري ٽن دورن
يعني:
اساسي شاعريءَ جو ابتدائي دور، وچون ۽ آخري دور ۾
ورهائي ٿو. پر معنيٰ جي حساب سان ڏسبو ته ٻنهي
لفظن يعني اساسي ۽ ڪلاسيڪي ۾ فرق آهي. اساسيت ۾
ڪلاسيڪيت ٿي سگهي ٿي پر سموري ڪلاسيڪي شاعريءَ کي
اساسي يا اساسي شاعريءَ کي ڪلاسيڪي شاعري ڪو نه
ٿو ڪوٺي سگهجي جيئن ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن، کان
غلام محمد خانزئي تائين کي اساسي شاعري شُمار ڪيو
آهي:
”حضرت
شاه عبداللطيف رحه جو رسالو سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي)
شاعري ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. مگر سنڌي اساسي شاعري
جي مقصد ۽ ماهيت توڙي تاريخي سلسلي کي سمجهڻ لاءِ
ان جي سڄي سرمايي کي سهيڙڻ ۽ سامهون رکڻ ضروري
آهي؛ يعني ته شاه عبداللطيف کان اڳ واري دور جي
اعليٰ شاعرن جي ڪلام، شاه جي رسالي، ۽ شاه کان
پوءِ واري دور جي اهڙن شاعرن جي ڪلام کي جيڪو
اساسي نوعيت جو آهي، پرکڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي.
انهيءَ مقصد تائين پهچڻ خاطر، بنده راقم گذريل
پنڌرهن ويهن سالن کان وٺي سنڌي
”اساسي
شاعري“
جي سرمايي کي سهيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. انهيءَ
سلسلي ۾، شاه عبداللطيف کان اڳ واري دور جي ٻن وڏن
شاعرن، يعني شاه لطف الله قادري ۽ ميين شاه عنات
جي ڪلام جو دستياب ٿيڻ هڪ نيڪ فال هئي: شاه لطف
الله قادري جي رسالي ۽ ميين شاه عنات جي ڪلام جي
شايع ٿيڻ سان (1) سنڌي اساسي شاعري جو پهريون توڙي
وچون دور ٻئي پوريءَ طرح روشن ٿين ٿا. البت آخري
دور، يعني شاهه عبداللطف کان پوءِ واري دور، جي ڪن
بلندپايي شاعرن جو ڪلام، جيڪو اساسي حيثيت رکي ٿو،
سو اڃان تائين پوري تحقيق سان شايع نه ٿيو آهي.
گرهوڙي صاحب، روحل ۽ سچل سائين انهيءَ دور جا
معلوم ۽ مشهور شاعر آهن، انهن کان سواءِ خليفو نبي
بخش صاحب، سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي، غلام حيدر
فقير ٿيٻو، فقير محمد صديق سومرو، سيد غوث محمد
شاهه ڪڇ وارو ۽ مولوي غلام محمد خانه زئي هن پوئي
دور ۾ اساسي شاعري جا علمبردار ۽
”رسالن
جا ڌڻي“
ٿي گذريا آهن .(2)
هِن مان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڊاڪٽر بلوچ جي،
سمورن اوائلي شاعرن قاضي قادن کان شاهه لطيف ۽ سچل
سرمست يا اُن کان به پوءِ جي غلام محمد خانه زئي
تائين جي شاعرن کي اساسي شاعر ڪوٺڻ مان ڇا مُراد
وٺجي؟ سچل سرمست ٽالپر دور جو شاعرآهي. اسان ڄاڻون
ٿا ته ڪلهوڙا دؤر ۾ نور محمد خسته جي صورت ۾ سنڌي
شعر ۾ عروضي شاعريءَ جي شروعات به ٿي چُڪي هُئي
يعني شعر سُڌريل ۽ بدليل صورت به اختيار ڪري چُڪو
هو ته اِن صورت ۾ سچل ۽ اُن کان بعد جي شاعرن کي
اساسيت ۾ شُمار ڪرڻ سمجهه کان بالاتر آهي. ساڳي
قسم جي غلطي مقابلي جي امتحان واري سنڌيءَ جي پيپر
۾ ۽ ٻين ٽيسٽنگ سروسز جا ادارا، جيڪي سنڌيءَ ۾
ايم.فل، پي.ايڇ.ڊي ۾ داخلا واسطي سواليه پيپر ڪڍن
ٿا، اهي به ڪن ٿا، جنهن سان مونجهاري ۾ ويتر اضافو
ٿئي ٿو. هونئن اساسيت جي ذڪر ۾ ته ڀاڳو ڀان،
سُمنگ چارڻ يا اُن کان به اڳ جي شاعرن کي ڳڻڻو
پوندو ۽ شاهه لطيف يا سچل جي شاعري اساسيت ۾ شُمار
نه ٿيندي. اساسي شاعريءَ جو دائرو، ميين شاهه عنات
تائين اچي سگهي ٿو ڇو ته ميين شاهه تائين پُڄندي
سنڌي شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان مڪمل
Maturity
کي پهتي. شاهه لطيف ۽ سچل ته قاضي قادن (جنهن کان
اساسي شاعريءَ جي شروعات سمجهي وڃي ٿي) کان لڳ ڀڳ
ٻه اڍائي صديون پوءِ ٿي گُذريا آهن. لڳ ڀڳ ساڳي
راءِ جو اظهار، هن کان اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
به پنهنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهي. ٻي ڳالهه
ته
”اساسي“
۽
”ڪلاسيڪي“
جي معنيٰ ۾ به ڏينهن رات جو فرق آهي. لفظ اساس
۽ اساسي
جي معنيٰ خود ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي
جامع سنڌي لُغات
۾ ڄاڻايو آهي:
-
اَساسَ:
ذ (ع)
واحد طور ڪم ايندڙ لفظ.
بنياد-پاڙ-جڙ-
پيڙهه،
اَساسي ج اَساسي: صفت. بنيادي-اصولي
(3). اُن لحاظ کان
”اساسي
شاعري“
جي اصطلاح جو مطلب :
”بُنيادي/
ابتدائي/
شروعاتي
شاعري“
ٿيندو. جڏهن ته ڪلاسيڪي شاعري جي معنيٰ، ڪلاسِڪ يا
ڪلاسيڪل جي توسط سان:
ڪلاسڪِ
”Classic“
(صفت) معنيٰ
ٿيندي:
”اعليٰ
قسم جو يا بهتر۽ شاندار“
(نموني يا معيار جي حوالي سان)
۽
ڪلاسيڪل
“Classical”
(صفت) معنيٰ: ڪلاسِڪ+ال
”سڀ
کان اعليٰ درجو“
(اصل ۾ ادب ۾) اِهائي ٺهندي.
بُنيادي شاعري ته ڀاڳون ڀان يا سُمنگ چارڻ جي لوڪ
شاعري به آهي. هِن ڪري ٻنهي لفظن يعني
”ڪلاسيڪي“
۽
”اساسي“
۾ بُنيادي فرق آهي ۽ اهڙي فرق کي بِلڪل محسوس ڪرڻ
گهرجي بلڪه اِنهن لفظن کي استعمال ڪرڻ وقت مڪمل
احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ ٻي اهم ڳالهه ته جڏهن
اسان ڪلاسيڪي چئون ته اُن جو سِڌو مطلب
“سنڌي
ڪلاسيڪي“
شعر ٺهيو نه ڪي
”ڪلاسيڪي“
سان
”سنڌي“
جو لکڻ لازم آهي، اِهو غلط ٿيندو ڇو ته ڪلاسيڪي
جو لفظ مروج ئي فقط سنڌي زبان ۾ آهي ته
”ڪلاسيڪي“
سان
”سنڌي“
جو لکڻ غلط آهي. جيئن ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ
پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ۽ يا ٻيا به لِکن ٿا. ها البته
ڪلاسيڪل سان سنڌي جو لکڻ لازم ٺهندو آهي.
”ڪلاسيڪي“/
”اساسي“
جو استعمال:
(USE
OF CLASSICI/ASSASI)
سوال آهي ته هِنن ٻنهي لفظن جي استعمال جو رواج،
سڀ کان پهرين ڪڏهن پيو؟ مُون پنهنجي تحقيق دوران
اِهو ڏسڻ جي ڪوشش به ڪئي. هِن حوالي سان ابتدائي
سنڌي شعر تي تحقيق ڪندڙ اسڪالر جِن ۾ ڊاڪٽرعلامه
عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
هيرو ٺڪر يا چند ٻيا عالم، جِن جو اوائلي شعر تي
چڱو چوکو تحقيقي ڪم ٿيل آهي، کي خاص طور مطالعي
هيٺ آندو. ابتدائي شعري خزاني جي سهيڙ ۾ علامه
دائودپوٽي جو
”شاهه
ڪريم جوڪلام“
ڇپائيءَ جو سال1934ع بمبئي، کي اولين حيثيت
حاصل
آهي،
کي مطالعي هيٺ آندو. علامه صاحب جي هِن ڪتاب ۾ ڪٿي
به ڪلاسيڪي يا اساسي جو اصطلاح
(Term)
نظر ڪو نه آيو. ساڳي طرح علامه صاحب جي مضمونن
جو ڪتاب
”مضمون
۽ مقالا“
ڇپائيءَ جو سال 1978ع، پر اِن جي لکڻ جو حقيقي
سال معلوم نه آهي، ۾ به ڪٿي
”اساسي“
يا
”ڪلاسيڪي“
جو
Term
علامه صاحب استعمال ڪو نه ڪيو آهي، بلڪه اُن جي
جاءِ تي
”موزون
ڪلام“
جو لفظ ڪتب آندو اٿس، جنهن منجهان لڳي ٿو ته
ابتدائي شعر لاءِ شايد اڃا اهڙي اصطلاح جو استعمال
رواج هيٺ ڪو نه هو. حالانڪه شاهه ڪريم اساسي يا
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم نالو آهي ۽ ابتدائي شاعرن
۾ قاضي قادن کان پوءِ سندس نالو اچي ٿو. جي اهڙو
اصطلاح استعمال هيٺ هُجي ها ته علامه دائودپوٽو
شاهه ڪريم لاءِ اُن جو استعمال ڪري ها.
ڊاڪٽر بلوچ
جو ”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
1962ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو، جنهن جا بعد ۾1999ع
تائين لڳ ڀڳ چار ايڊيشن اچي چُڪا آهن. اُن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر بلوچ ابتدائي شعر جي ذڪر ۾، سُمنگ چارڻ،
ڀاڳو ڀان جي لوڪ شاعري جو ذڪر ڪندي قاضي قادن،
شاهه ڪريم، مخدوم نُوح، پير محمد لکوي،
شاهه لطف الله قادري وغيره جي شعر جو مثال ڏنو
آهي. شعرن جو مثال ڏيندي هُن
”ڪلاسيڪي“
جو استعمال ڪو نه ڪيو آهي.”اساسي“
جو استعمال به هُن ٻِن مختلف جاين تي محض ٻه ڀيرا
ڪيو آهي. البت شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، تصحيح
۽ تحقيق ڊاڪٽر بلوچ، ڇپائيءَ جو سال 1972ع جي
مقدمي ۾ هڪ جڳهه تي اساسي جي پُٺيان ڏنگيءَ ۾
(ڪلاسيڪي) ڏنل آهي. جنهن منجهان لڳي ٿو ته سنڌي
شعر لاءِ
”ڪلاسيڪي“
جو خصوصن عام استعمال ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيو هوندو ۽
ڪنهن ترقي پسند اديب، عالمي ادب جي
”ڪلاسيڪل“
جي اصطلاح تان کڻي پهريون ڀيرو عام رواج هيٺ آندو،
جيڪو پوءِ گهڻو مقبول ٿيو. اهڙن اديبن ۾ ڊاڪٽر
بلوچ کان
علاوه
سراج الحق ميمڻ، محمد ابراهيم جويي، هيري ٺڪُر،
شيخ اياز، تنوير عباسي يا رشيد ڀٽي وغيره مان ڪو
ٿي سگهي ٿو. بهرحال هِن حوالي سان ميدان کُليو ۽
تحقيق جي تقاضا ڪري ٿو.
ڪلاسيڪي تاريخ:
(HISTORY)
ياد رکڻ گهرجي جڏهن اسان ڪلاسيڪي شاعريءَ
جي تاريخ لکون ٿا ته اُن جو مطلب ڪلاسيڪي شاعريءَ
جي تاريخ سمجهڻ گهرجي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ نه.
ڇو ته اُن جو ڪئنواس تمام گهڻو وسيع آهي ۽ ڪو به
محقق هِن حوالي سان حتمي راءِ قائم ڪرڻ کان قاصر
آهي ۽ هر هڪ اندازا قائم ڪيا آهن ته هتي اسان محض
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ جي ڳالهه ڪيون ٿا.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ تحت اسان اُن جي ابتدائي
اُهڃاڻن ۽ شروعات بابت ڄاڻينداسين. گڏوگڏ عالمن ۽
اسڪالرن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ شروعاتي ڪلاسيڪي
شاعرن
بابت
پڻ رايو قائم ڪيو ويندو.
جيئن چيو ويندو آهي ته هر قوم جي علم ادب جي ابتدا
شعر سان ٿئي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جو ادب به انهيءَ
قاعدي کان ٻاهر نه آهي. اِها ڳالهه تسليم ٿيل آهي
ته سنڌي شاعري پنهنجي تاريخ ۾ قدامت رکي ٿي. گهڻا
محقق اِن راءِ جو اظهار ڪري چُڪا آهن ته عربن جي
زماني يا اُن کان به اڳ سنڌي زبان ۾ شعر چوڻ جي
وسعت موجود هُئي ۽ گُمان غالب آهي ته تڏهن شعر چيو
ويندو هو. پر اهڙو شعر زماني جي وهڪري ۾ لُڙهي ويو
۽ محفوظ نه ٿيڻ سبب اُن جو تحريري رڪارڊ دستياب نه
آهي. هِن سان سنڌي شاعري جي شروعات بابت اِشارا
ملن ٿا، تنهن سان اسان کي ڪلاسيڪي
شاعري جي ابتدا جو سُٽ سُلجهائڻ ۾ سولائي ٿيندي.
هِن حوالي سان ابهام ڪجهه دور ٿيو آهي ته ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي باقاعدي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ يا پهريون
ڪلاسيڪي
شاعر ڪير هو؟ محقق، قاضي قادن (1551–1463ع)
سان ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي شروعات جا سِرا ڳنڊين ٿا ۽ اُن کي
پهريون وڏو شاعر قرار ڏين ٿا. البته ڊاڪٽر
دائودپوٽو
ساڳي جاءِ تي ڪلاسيڪي
شاعريءَ جا ابتدائي اُهڃاڻ اُن کان اڳ موجود هئڻ
جو اشارو به ڪري ٿو، جيڪو غالبن سومرا دور جي لوڪ
ادب يا اسماعيلي مُبلغن جي گنانن ڏانهن سمجهڻ
گهرجي.
”اگرچه
سنڌي زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس موزون ڪلام
تقريبن 11 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ٿيو. اهو ڪلام
آهي سيد عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت، جي سندس خاص
مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف
”بيان
العارفين“
۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044
هجريءَ ۾ قلمبند ڪيا. پر انهي عرصي کان گهڻو گهڻو
وقت اڳي، سنڌي نظم جو پڙاڏو ڪن تي پوي ٿو“.
هُو اڳتي هلي لکي ٿو:
”پر
راڄي فقير کان گهڻو اڳي قاضي قادن جو اسم گرامي
اچي ٿو. سندس وسيع ڪلام مان فقط ست بيت
”بيان
العارفين“
۾ موجود آهن. اهي سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن
تارن وانگر چمڪندڙ آهن“.
علامه دائودپوٽو اڳئين صفحي تي وضاحت ڪندي
لکي ٿو:
”مٿين
حقيقيتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات
چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۽ پنڌرهين صدي جي اوائل ۾
ٿي آهي. ان کان اڳ سنڌي شعر تي ايترو ته ڌنڌ چڙهيل
آهي، جو نور جو هڪ ترورو به نظر نٿو اچي“.
(4)
علامه دادئوپوٽو پنهنجي راءِ ۾ ڪٿي به لفظ
”ڪلاسيڪي“
يا
”اساسي“
جو استعمال نه ٿو ڪري بلڪه اُن بدران
”موزون
ڪلام“
جو لفظ ڪتب آندو اٿس، جنهن مان اندازو آهي ته شايد
شاعريءَ لاءِ تڏهن
”اساسي“
يا
”ڪلاسيڪي“
جو اصطلاح سنڌي ادب ۾ مروج نه هو يا گهٽ ۾ گهٽ
شاعريءَ لاءِ اڃا اهڙو معيار مقرر نه ٿيو هو ته
ڪهڙو ڪلام ڪلاسيڪي
۽ ڪهڙو اڻ ڪلاسيڪي
آهي، جنهنڪري علامه دائودپوٽو
”موزون
ڪلام“
جي ابتدا جي ڳالهه ڪري ٿو. ڇا هِتي اهو اندازو
قائم ڪجي ته
”موزون
ڪلام“
مان پهرين سندس مطلب
”آسودو
ڪلام“
۽ پوءِ
”ڪلاسيڪي
ڪلام“
وٺجي؟ هونئن هِتي
”موزون
ڪلام“
جو مطلب وڃي ٰ
”مُناسب
يا معيار تي پورو لهندڙ ڪلام“
بيهندو. پر هاڻي ته موزون ڪلام ان کي چئجي ٿو،
جيڪو علم عروض جي قاعدن تحت وزن ۽ بحر تي پورو
لهندو هُجي. علامه دائودپوٽي جي مٿين راءِ مان
هيٺيان مطلب نڪرن ٿا:
(الف)
هُو قاضي قادن جي ڪلام کي سنڌي ادب جي آسمان جي
ثريا ستارن سان تشبيهه ڏئي ٿو، جنهن جو مطلب ته
علامه صاحب پنهنجن لفظن ۾ قاضي قادن جي ڪلام کي
”موزون
ڪلام“
سمجهي ٿو، جيڪڏهن
”موزون“
لفظ کي هتي اسان
”ڪلاسيڪي“
يا
”اساسي“
جي مطلب ۾ وٺون ته پوءِ سمجهجهي ته علامه
دائودپوٽو، قاضي قادن کي پهريون ڪلاسيڪي
شاعر ڪوٺڻ جو اشارو ڏئي ٿو. (ب)
بهرحال هُو چوڏهين صديءَ عيسوي جي آخر ۽ پندرهين
صديءَ عيسوي جي اوائل ۾ سنڌي شاعري (ڪلاسيڪي
يا اساسي نه) جي ابتدا جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو
سومرن جي
دور (1050-1350ع)
کان ٿورو پوءِ ۽ قاضي قادن جي پيدائش (1551–1463ع)
کان ٿورو اڳ جو زمانو ٿو ٺهي.
”غالبن
نائين صدي هجري (15 صدي عيسوي) کان وٺي سنڌ جي
ڀلارن بزرگن، عالمن ۽ عارفن انساني اخلاق ۽ معاشري
جي اصلاح واسطي پنهنجي تلقين ۽ تبليغ کي سنڌي شعر
ذريعي عام ڪرڻ شروع ڪيو. تزڪيه نفس ۽ اخلاقي تربيت
خاطر خالق جي شناس، مخلوق سان همدردي، حق ۽ حقيقت
جي تلاش وغيره سندن شاعريءَ جا اهم باب بنيا، ۽
اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ محض
”ڳالهه
۽ بيان“
جي بدران
”فڪر
۽ معنيٰ“
جا پيوند لڳڻ شروع ٿيا. آسانيءَ خاطر قصن ۽ ڳالهين
جي قالب کي تمثيل طور استعمال ڪري، حق ۽ حقيقت جي
نڪتن کي نروار ڪيو ويو ۽ انساني اخلاق ۽ روحاني
سربلندي جي راه کي روشن ڪيو ويو. فڪر ۽ خيال سان
لبريز هن اخلاقي ۽ عارفانه شاعري جي شروعات سان
سنڌي اساسي شاعريءَ جو سلو سائو ٿيو جو اسان کي
قاضي قادن
(958-870)
جي ڪلام ۾ نکرندو نظر اچي ٿو“.
(5)
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي راءِ ۾ قصن ۽ ڳالهين (غالبن
ڳاهن) جيڪي سومرا دور سان تعلق رکن ٿا، جي قالب کي
تمثيل طور استعمال ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي، شاعري وسيلي
حقيقت جي نُڪتن کي نروار ڪرڻ جو بيان ڏئي، ان
وسيلي انساني اخلاق ۽ روحاني سربلندي (جيڪو ڪلاسيڪي
شاعريءَ جو موضوع ۽ فلسفو آهي)، جو بيان ڏئي ٿو.
ساڳي جاءِ تي هُو
”غالبن“
جو لفظ ڪتب آڻيندي، نائين صدي هجري (15 هين صدي
عيسوي) ۾ انساني اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح واسطي
تلقين ۽ تبليغ سنڌي شعر ذريعي عام ڪرڻ جي ڳالهه به
ڪري ٿو.
”تبليغ“
۽
”تلقين“
سان سنڌي شعر کي ڳنڍڻ جو مطلب اسماعيلي خواجن جي
مُبلغن ڏانهن اشارو آهي، جن مان پير صدرالدين جو
نالو انتهائي اهم آهي، جنهن جو ڪثر نفس، خالق جي
هيڪڙائي ۽ اخلاقيات تي مُبني هڪ ڊگهو شعر ۽ چند
ٻيو ڪلام ادبي تذڪرن ۾ اچي چُڪو آهي. جڏهن ته قاضي
قادن تائين پُڄندي هُو سنڌي اساسي شاعريءَ جو سلو
سائو ٿيڻ جو واضح بيان ڏئي ٿو.
”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
۾ وري ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن کي پهريون
”وڏو
شاعر“
۽
”سنڌي
شاعريءَ جو ابو“
ڪوٺي ٿو:
”قاضي
قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر آهي. هُو
سنڌي شاعريءَ جو ابو هو. پهريون مشهور شاعر آهي،
جنهن جا گهڻي ۾ گهڻا بيت اسان کي پوري تصديق سان
لکت ۾ ملن ٿا، جن مان اُن دور جي بکر واري علائقي
جي سنڌي ٻولي تي روشني پوي ٿي“.
(6)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
”سنڌ
جي ادبي تاريخ“
۾ لکي ٿوته:
”زباني
سنڌي شعر ٻيو به گهڻو ئي آهي، پر جيئن ته ڪا ثابتي
ڪا نه ٿي ملي ته اهو ڪنهن چيو ۽ ڪڏهن ٺهيو، تنهن
صورت ۾ انهيءَ جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ سان ديس جي علم
ادب کي ڪو لاڀ ڪو نه ملندو. تحفته الڪرام وارو ڪن
سنڌين جا نالا ڏئي ٿو جي سنڌي شعر ۾ طبع آزمائي
ڪندا هئا، پر جيڪي ڏوهيڙا يا بيت چيا اٿن سي ميسر
ٿي نه سگهيا. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو
سمن جي حڪومت ۾ (1351 کان 1521ع) تائين سنڌيءَ ۾
بيت چوندا هئا، ماموئيءَ جا بيت، پيشن
گوئي جي صورت ۾ چيل آهن سي به انهي زماني جا ليکجن
ٿا. انهن مان ڪي ڪي بيت اڃا تائين ماڻهن جي وات ۾
آهن“.
خانبهادر ميمڻ اڳتي هلي لکي ٿو :
”اڳوڻي
مضمون ۾ اسان ڏيکاري آيا آهيون ته سنڌ ۾ سنڌي
زباني شعر ڏوهيڙن جي صورت ۾ گهڻو ئي هو. بنيادي
تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿو ٿئي“.
(7)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ سمن جي دور ۾ شيخ حماد،
اسحاق آهنگر يا ماموئي جو نالو کڻندي سندن بيت
زباني ياد هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري پر شايد تحريري
صورت ۾ نه هئڻ ڪري هُو قاضي قادن کي پهريون شاعر
قرار ڏيئي ٿو جو سندس نظر ۾ قاضي قادن جي شعر جا
لکت ۾ ثبوت مِلي چُڪا هئا.
Later during the samma rule in sind(1350-1520)
various poets wrote on subjects such as Sufism
and philosophy. In fact, the foundations of Sufi
poetry in sindh were laid in this period by
poets such as shaikh Hammad, Qazi Qazan, Ishaq
Ahangar (the blacksmith), Mamui faqir, Ali
shirazi, Pir Murad and others. Few of their
verses are extant but by reading these that have
survived, one has the distinct impression that
they form part of a much more extensive corpus
of poetry, which was, moreover, mature. Among
these poets, Qazi Qazan (d.1551) is the most
prominent.(8)
ترجمو:
”سنڌ
۾ سما دور عهد
(1350-1520)
۾ مختلف شاعرن صوفي ازم ۽ فلسفي جي موضوعن تي
لکيو. اُها حقيقت آهي ته صوفي شاعريءَ جي شروعات
هِن دور ۾ ٿي. ابتدائي شاعرن ۾ شيخ حماد، قاضي
قاضن، اسحاق آهنگر، ماموئي فقير، علي شيرازي، پير
مُراد ٻيا شامل آهن. اُنهن مان ڪجهه بيت جيڪي بچي
سگهيا دستياب آهن، ان مان ثابت آهي ته اُهي شعر جي
هڪ وسيع ڪئنواس جو حصو بڻجي وڃن ٿا. اُنهن شاعرن
مان جنهن جو ڪلام وڌيڪ فصيح بليغ آهي، اهو قاضي
قاضن (1551ع) آهي“.
پروفيسر محرم خان وگهامل
”سنڌ،
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)“
۾ سنڌي شاعريءَ ۽ ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي ابتدا جي ڳالهه، شعر ۾ موضوعاتي
تبديليءَ جو اشارو ڪندي ڪري ٿو. جيڪو غور طلب ۽
سڌي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ابتدا ۽ موضوعن سان
منسوب آهي:
”پندرهين
صديءَ جي خاتمي سان گڏوگڏ، سومرن جي ستن اٺن صدين
جي ڊگهي حڪومت به ختم ٿي، ۽ انهيءَ سان گڏ ئي
”قديم
سنڌي شاعريءَ“
جو لڳ ڀڳ هزار سالن جو پراڻو عهد پڻ پورو ٿيو.
سنڌي شاعريءَ جو هيءُ اوائلي دور، موضوع توڙي
مفهوم جي لحاظ کان سڌو سنئون ۽ سادگيءَ وارو دور
آهي. هن ۾ نه الاهي راز آهن ۽ نه باطني رمزون: نه
عشق مجازي ۽ حقيقيءَ جي ڇڪتاڻ، ۽ نه وري شريعت ۽
طريقت جو بحث. هن دور جي شاعريءَ ۾ اُهي ڳالهيون
ڳولڻ اجائي خوشفهمي آهي. سورهين صدي عيسويءَ جي
شروع ٿيڻ سان ئي، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪدم ڦيرو اچڻ
شروع ٿيو آهي. سادن ۽ بيترتيب ڳيچن ۽ ڳاهن جي جڳهه
تي دوهي ۽ سورٺي جهڙيون ماڇيل ۽ تُريل پڪيون
پختيون صنفون اُڀري آيون ۽ نڪري نروار ٿيون، جن ۾
پوريءَ طرح ڇند جا نيم نڀايل آهن. هن دور جي موضوع
۽ مضمون تي، سينگار رس يا عشقيه شاعري (تغزل) جو
رنگ غالب آهي. سنڌي شاعريءَ جو هيءُ ٻيو دور شروع
ٿيو آهي، جنهن کي
”دل
جي سُجاڳي“
يا
”روحاني
بيداريءَ“
وارو دور چئي سگهجي ٿو“. (9)
”سنڌي
زبان جي اوائلي شاعري تصوف تي مبني آهي يا ائين
چئجي ته اوائلي سنڌي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ تصوف
آهي ٻين لفظن ۾ صوفي ئي سنڌي شاعريءَ جا معمار
آهن. انهيءَ پس منظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾
قاضي قادن (وفات 1551ع) کي پهريون صوفي شاعر تسليم
ڪيو ويو آهي“.
(10)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
جي نالي سان تحقيقي ڪتاب لکيو. اُن ۾ هُن ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي ابتدا جي حوالي سان به بحث ڪيو آهي:
”ملڪ
جي لاهن چاڙهن جي ڪري شاهه ڪريم کان اڳ جو سنڌي
شعر گهڻو ڪو نه ٿو ملي. ٻڏي ٻيڙيءَ جي هريڙن جي
مصداق سومرن ۽ سمن جي دور جا ڪجهه بيت ملن ٿا، سي
به جيئن ته زباني روايتن ذريعي مليا آهن، انهيءَ
ڪري شڪ گاڏئان آهن. البته تاريخن مان ايتري پڪي
ثابتي ملي ٿي، ته ان زماني ۾ سنڌي شاعر موجود هئا،
۽ سنڌي زبان ۾ شعر چيو ويندو هو“.
اڳئين صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته:
”
ان کان پوءِ اسان کي شاه ڪريم جي ملفوظات
”بيان
العارفين“
ملي ٿي، جنهن ۾ قاضي قاضن، شاه ڪريم ۽ ٻين شاعرن
جا بيت محفوظ ڪيل آهن. جيئن ته هي بيت اسان کي
تحريري صورت ۾ دستياب ٿيا آهن، انهيءَ ڪري هنن
بيتن کي سنڌي شعر جي عظيم عمارت جي پيڙه جو پٿر
چئي سگهجي ٿو“.
(11)
شمس الدين عُرساڻي
”سنڌي
ادب جي ارتقائي تاريخ“
(نثري ادب) ۾ 15 هين صديءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب
۽ شعر جي فني ۽ پُختي روايت پوڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
جڏهن ته قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم لاءِ سورهين صدي جا
وڏا شاعر هئڻ جو بيان ڏئي ٿو. هُو مذڪوره ڪتاب ۾
لکي ٿو ته:
”15
صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب ۽ شعر جي فني ۽ پختي
روايت پيدا ٿي. سورهين صديءَ ۾ وڏا وڏا شاعر پيدا
ٿيا. قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ ان سطح جي ٻين ڪيترن
شاعرن جو تحريري ڪلام دستياب ٿيو آهي.
”دوها،
بيت ۽ وائي“
ان کان ادبي معيار مقرر ٿيو. شعري مجموعي ۽ حسن
ڪمال جي روايت پيدا ٿي، جنهن شاعرن جي رسالن کي
وجود ڏنو“.
(12)
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي هڪ مقالي ۾ قاضي قادن
کي پهريون شاعر تسليم ڪري ٿو:
”قاضي
قادن، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات، توڙي
ان کان اڳ وارن سنڌي شاعرن جي مقامي روايتن کي،
شاهه لطيف پنهنجي ڏات ۽ ڏانو سان سوڌي، سنواري،
اجاري، ڇلي ۽ گهڙي، چوٽ تي پهچايو، قاضي قادن سنڌي
شاعريءَ جي عمارت لاءِ کوٽائي ڪئي، شاهه ڪريم ان
جي جي پيڙهه رکي، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه
عنات اوساري ڪري ان جو ڍانچو تيار ڪيو ۽ شاهه لطيف
ان کي رنگ روپ ڏئي چٽسالي ڪري ان کي خوبصورت بنايو“.
(13)
هيري ٺڪر جو، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان
”قاضي
قادن جو ڪلام“
هڪ اهم تصنيف آهي، جنهن ۾ هُن ڪلاسيڪي يا اساسي
شاعريءَ جي حوالي سان تحقيق ڪندي
ابتدائي شعر جو کوڄ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.”قاضي
قاضن زباني روايتن تائين محدود، اڻ گهڙيل سنڌي
شاعريءَ کي نئين سوچ، محاورا، نئين محاڪات ۽ نئين
عبارت ڏني. اهي حقيقتون قاضي قاضن کي سنڌي شاعريءَ
جي باني ۽ ڀٽڪندڙ سنڌي شاعريءَ کي نئين ڏسا
ڏيکاريندڙ جو درجو ڏيارين ٿيون. سندس سوچ، محاوري،
محاڪات ۽ عبارت کان کانئس پوءِ وارا ڪيترائي شاعر
متاثر ٿيا جن ۾ شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جهڙا عظيم
شاعر به شاملن آهن“.
(14)
|