مخدوم محمد هاشم ”فرائض الاسلام“ نالي هڪ عربي
ڪتاب تيار ڪيو، جنهن جو هي سنڌي ترجمو نظم ۾، علي
بن حافظ ڪيو آهي. هن ۾ 1262ع اسلامي مسئلن جو ذڪر
ملي ٿو. ٽائٽل تي هي نالو ڏنو ويو آهي:
”سنڌي فرائض الاسلام مخدوم هاشم ترجمه علي بن حافظ
نمهه (؟)“ 1177 هجري.
هن نسخي جي ابتدا هن ريت آهي:
ساراهه سڀ سبحان کي مالڪ جو موجود |
خالق رب خلق جو مرن سو معبود |
مخدوم صاحب جي هيءَ هڪ اهم عربي تصنيف آهي. مصنف
پاڻ به ”فرائض الاسلام“ جو سنڌي ترجمو ڪيو ۽ سندس
پٽ مولوي عبداللطيف به ان جو ترجمو نروار ڪيو هو.
هن ڪتاب جو ذڪر هيٺ آيل نسخو، ان جو ٽيون ايڊيشن
آهي، جو مصنف جي هڪ مريد، سندس وفات کان ستت پوءِ
21- ذي القعد 1177هه (1764ع) تي تيار ڪيو.
پڄاڻي: ويداسي ايمان س ڪلمون جي چندا تمت بالخير
(7) حياة العاشقين
ڪل ورق 184، سائيز 14+5ء.2 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي
13 کان 14 سٽون، صاف سنڌي نسخ ۾، حاشين جي وچ ۾
ڳاڙهي مس سان بابن جا عنوان، تاريخ 21ــ ذي القعد
1227هه (1812ع).
ڪتاب مخدوم محمد هاشم جي فارسي ڪتاب جو منظوم سنڌي
ترجمو آهي، جو سندس پٽ مولوي عبدالرحمان ڪيو آهي.
هي ڪتاب حج بابت آهي.
ڪتاب تعارف ۽ پنڌرنهن بابن تي مشتمل آهي ۽ ان جو
خاتمو 1168هه (55-1754ع) تي ٿيو. مترجم پنهنجي
محنت بابت هن ريت سمجهاڻي ڏني آهي:
هاڻي هي من رسالو جوڙئوڪڍي سنڌي واء
ڪنا رسالن فارسي جنهن ۾ مسائل جمع سندا
سي آهين تصنيف منهنجي والد جي محمد هاشم جنهن جو
ناء
جو استاد مرشد منهنجو ۽ زياده منجه علماء
هن نسخي جي پڄاڻي هن ريت ٿئي ٿي:
وج په پنهنجي پار جو رکه غير ڪنا |
ياد ڏي ڪلمون يقين س پوي پساها |
هن نسخي جو نقل نويس خواجه منور علي علوي الهروي
آهي.
(8) مطلوب المؤمنين
ڪل ورق 119؛ سائيز 12x5ء13
سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11 سٽون؛ ارڙهين صدي.
هي مخطوطو اسلام جي بنيادي عقيدن بابت آهي، ۽ ٺٽي
جي مولوي عبدالخالق ان کي نظم ۾ تيار ڪيو. مولوي
صاحب پنهنجي تصنيف جي ابتدا هن ريت ڪئي آهي.
ڪريان ثناء سائي کي مٿي ته رضا
چوان صلواة سلامس مٿي محمد مرتضا
هي نسخو پنڌرهن بابن تي مشتمل آهي ۽ ان جو بنياد
’طريقت محمدي‘ نالي هڪ عربي ڪتاب آهي. هي سن
1157هه (1744ع) ۾ تيار ٿيو. مولوي عبدالخالق
پنهنجي ڪتاب بابت پنهنجي مرشد مخدوم محمد هاشم کان
تصديق ورتي. مخطوطي تي ڪتاب جو نالو ڪٿي به ڪونهي.
البت انڊيا آفيس لاءِ جنهن انگريز هي قلمي ڪتاب
مهيا ڪيو، ان پنهنجي نوٽ ۾ ڪاتب جو نالو محمد ملوڪ
ڄاڻايو آهي. هي ڪتاب ’زاد الفقير‘ ۽ ’راحت
المؤمنين‘ سان گڏ ڇپيل آهي.
پڄاڻي:
ڪر ڪريم قبول تُن هن گولي جي گفتار
مرهم مرنِ مومن جي علم ڪن پچار
(9) اسلامي مسئلن بابت چار نظم
ڪل ورق 175؛ سائيز 11+20 سينٽي ميٽر؛ هر صفحي تي
11 سٽون؛ ارڙهين ـــ اوڻيهين صدي.
ڪيفيت:- هي چار ڪتابڙا مختلف عنوانن بابت، عربي
مان ترجمو ڪيا ويا آهن.
(الف) هن نظم جو بنياد ڪو عربي ڪتاب آهي. سيد
هارون ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ۾ هڪ ظالم
بادشاهه جو ذڪر آهي. ڪاتب عربي شعر ڳاڙهي مس ۾
نقتل ڪيو آهي.
ابتدا: الـف الله ايـڏو ئي ڌڻـي جـل جلاله قادر
ڪـريما
جو ڪين وحيائي ڪنجو ڪري ذرو نزايا (؟).
(ب) هي مخطوطو ڪنهن ٻئي ڪاتب جي هٿ اکرين آهي.
عربي نظم ڳاڙهي مس سان چٽو ڪيل آهي. شاعر متعلق
ڪابه ڄاڻ ڪانهي. هن نظر جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
ساراهجي سو ڌڻي واحد سپ ويراء
جو رب رحمان رحيم ڌڻي جليل جباراء
(ج) مٿئين مخطوطي واري ڪاتب جي هٿ اکرين آهي. هي
رسول ڪريم صلعم جي شان ۾ هڪ نعت آهي، جيڪا اصل
عربي ۾ مولانا عبدالرحيم مجاهري جي چيل آهي. سنڌي
مترجم بابت خبر پئجي نه سگهي. هن جي ابتدا عربي
شعر سان هن ريت ٿئي ٿي:
ياقبر طيبد، هل نبيڪ يسمع
ويغيث ممانحن فيہ و يسرع
اي مقبر محسن ملاحت ڀرئا احسن اطيبا
اي قبا ڪر امتجاز وضاراه نماء
(د) هي ڪنهن الڳ ڪاتب جي هٿ اکرين آهي. تختي
11+15.5 سينٽي ميٽر آهي ۽ هر صفحي تي 7 کان 11
سٽون آهن. هي ٺٽي جي مولوي عبدالخالق جي ڪاوش آهي،
جنهن ۾ روز محشر جو ذڪر ملي ٿو. هن جو بنياد ڪو
عربي ڪتاب آهي ۽ چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. هن جي
پڄاڻي هن ريت ڏسجي ٿي:
۽ ڏاڍو ڏيه قيامجو کر سُهکو سباجا
مين شفاعت شفيع جي ڇو تاءِ تنکا
جن چيو ڪلمو ڪريم اتي سچا سچه منجا
(10) اسلامي عقائد بابت چار نظم
ڪل ورق 94؛ سائيز 5ء. 1+19.5 سينٽي ميٽر؛ هر صفحي
تي 7 کان 13 سٽون؛ تاريخ 14 رجب 1228هه (1813ع).
(الف) هي سيد هارون جي محنت آهي، جنهن جو مدار
قرآن ۽ حديث آهي. ان جي ترتيب الف ــ باءِ موجب
آهي.
ابتدا هن ريت آهي:
الف اکي پنڌ جو ساٿي ڪر سانڀاءِ
جي منجارا جو وتن پرين ساڻ پساءِ
ڊاڪٽر شيڪل هن ۽ هڪ پنجابي نسخي جي اڀياس بعد،
همعصر سنڌي ۽ پنجابي ادب جي تعلق کي ظاهر ڪيو آهي.
هن نسخي جي پڄاڻي هن ريت ڪيل آهي:
مولي مرهم مؤمنکي س، حرمة حضرتا
خاصوئي سيد هارونکي جه سنڌي کي صفتا
ڪڍي معنيٰ قرآن ۽ حديثجي اڇئاءِ اکرا
اهين اوءِ ايمان س، جي ڪلمو چون مها
(ب) پهرئين کان ڪنهن مختلف ڪاتب ان کي نقل ڪيو
آهي. ان ۾ ڪنهن گمنام مصنف ٻه شعر حضرت علي، حضرت
حسن ۽ حسين جي تعريف ۾ چيا آهن.
ابتدا: واکانئو واحد کي جو قدرت ڪمالا
مشهور ڪيا ۽ محمد مير جو جلوو جمالا
(ج) ڪاتب مختلف آهي. هن جي تختي 1+5ٗ16 سينٽي ميٽر
آهي، ۽ هر صفحي تي 7 کان 9 سٽون ملن ٿيون. ڪنهن
نامعلوم شاعر هي نظم بسم الله جي برڪت بابت چيو
آهي. شاعر پنهنجو داستان هن ريت شروع ڪيو آهي:
هاڻي برڪت بسم الله جي سهڻو مومناه
آهي جه جي بي ۾ سيحـٖـي قرآن جي معنيٰ
هن مخطوطي جو ڪاتب محمد احسن آهي ۽ نسخي جو انجام
هن ريت ڪيو اٿس.
کاتبه محمد احسن بتاريخ 14ــ رجب 1228هه.
(د) ڪنهن نامعلوم شاعر، هن نظم ۾ حضرت عليءَ،
امامن سڳورن ۽ رسول پاڪ متعلق خيال قلمبند ڪيا
آهن.
ابتدا: هي حڪايت هيڪري سا پڻ سيجاه
ته قادر قدرت جو ڌڻي غالب غيورا
(11) رسول پاڪ جي شان ۾ شعر
ڪل ورق 138؛ سائيز 5ء=18
سينٽي ميٽر؛ هر صفحي تي 7 کان 14 سٽون؛ 12 رمضان
1201هه (1780ع).
ڪيفيت: هي نائين نمبر وانگر هڪ وڌيڪ مجموعو آهي.
هن مخطوطي جي جلد بندي نازڪ آهي ۽ ڪجهه ورق ضايع
ٿيل اٿس.
(1) هر صفحي تي 14 سٽون: ڪنهن اڻ ڄاتل شاعر هن ۾
رسول پاڪ جن جو معراج بيان ڪيو آهي.
ابتدا: جڏهن رسئو رسول رب جو هاشمي حرما
صحي ڇه اڀ تي پهتو پيغمبر خدا
پڄاڻي: حرمت حبيب رب جي محمد مصطفيٰ
ڪڍ، هن ڪو جي ڪناس، ڪلمي طيبا
(2) تختي 11+14 سينٽي ميٽر: هر صفحي تي ڏهه سٽون
آهن ۽ بدشڪل اکرن ۾ نقل ٿيل آهي. هن ۾ حضرت عليءَ
جي شان ۾ ٻه نظم آهن.
(3) هر صفحي تي 13 سٽون: هن ۾ ڪنهن نامعلوم شاعر،
حضرت محمد صلعم، حضرت علي ۽ امامن سڳورن جي ساراهه
۾ شعر چيو آهي.
(4) هر صفحي تي 11 سٽون: هيءَ انتهائي صاف تحرير
آهي. هي مخدوم محمد هاشم جي ’قوة العاشقين‘ جي
ابتدا آهي. عربي شعر ڳاڙهي مس ۾ درج ٿيل آهن.
(5) هر صفحي تي 9 کان 12 سٽون: هن ۾ ڪنهن نامعلوم
شاعر رسول پاڪ جن جي شان ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪيو
آهي. ابتدا هن ريت ڏجي ٿي:
ساراهيان سو ڌڻي رهندو جو آهي
ته قدرة پاڻي ڄاڻي جيڪٖ پاڻ ڪري
(6) هر صفحي تي 11 سٽون: هي هڪ وڌيڪ مدح رسول پاڪ
جن جي شان ۾ آهي، ليڪن شاعر بابت ڪابه ڄاڻ ملي نه
سگهي.
ابتدا: پاڪي سڀ الله جل جلاله آهي جيڪا ڪا
جو برزکـُه بلند بارءُ مِرنو وڏو وڏيڻا
پڄاڻي: جن سڪ سريسر ۾ سهد سرور سان
اوهِ ويدا ايمانسين جي ڪلمون چون مها
هن نسخي جو ڪاتب خليفو محمد بن عبدالخالق آهي،
جنهن هن ريت پنهنجي محنت کي پورو ڪيو آهي.
”کتبه الفقير خليفه محمد بن المرحوم عبدالخالق…
بتاريخ 21 شهر رمضان المبارک سنه 1251.
(12) اسلامي مسئلن بابت نظم
ڪل ورق 118؛ سائيز 10+15 سينٽي ميٽر؛ هر صفحي تي
11 کان 19 سٽون؛ ارڙهين صدي.
ڪيفيت: نائين نمبر وانگر آهي، جنهن ۾ جدا جدا
عنوانن تي، ننڍڙا مقالا شامل آهن. هي خليفي محمد
بن عبدالخالق ڏي منسوب آهي. مخطوطي ۾ ڪاتب جو نالو
ڪٿي به ڪونهي، البته اندر هڪ انگريزي نوٽ موجب
محمد ملوڪ، ان کي سنه 1180هه ۾ نقل ڪيو. مصنف جو
ذڪر ادبي تذڪرن ۾ نه ٿو ملي. ڊاڪٽر شيڪل هن کي
ڪافي جهونو مخطوطو ڄاڻايو آهي.
(1) قصو شهادت امام حسين، محمد مقيم: هر صفحي تي
11 سٽون؛ هن نسخي جي ابتدا شاعر رب ڪريم جي ثنا
سان هن ريت ڪئي آهي:
سڀ ساراهه رب کي جل جلاله وصف وڏايا
آهين جهي جهان ۾ عجب جها ڪمرا
شاعر ان جي پڄاڻي هن خواهش تي ڪئي آهي ته شال ڪلمي
سان منهنجي پڇاڙي ٿئي:
حرمت شهادت ۽ عزت امام حسين شاهه
ڪڍ منکي ڪلم سان دار منجا دنيا
(2) ترجمو منظوم: ’سورت الملڪ‘ (نمبر 67) از خليفو
محمد: هن جي ڪيفيت به هڪ نمبر
واري آهي. عربي شعر ڳاڙهي مس سان چٽيل آهن. خليفو
محمد، مخدوم محمد هاشم جي مريد مولوي عبدالخالق جو
پٽ هو، جيڪو پاڻ به مصنف هو. مصنف جو چوڻ آهي ته
هي ترجمو محرم 1193هه ۾ پورو ٿيو. خليفي محمد هن
پورهئي جي ابتدا هن ريت ڪئي آهي:
ساراهجي ته صاحب کي جد قادر مڪو قرآن
مٽي مير محمد ڪارڻي جو شفيع سڀ جهان
(3) فداءِ ميت: از عبدالخالق: ميت جي ڇوٽڪاري لاءِ
مختصر شعري مقالو. آخر ۾ مصنف کي مرحوم خليفه
عبدالخالق لکيو ويو آهي.
ابتدا: ساراهجي سو ڌڻي جو جياري ۽ ماري
او رحمان ۽ رحيم ڌڻي بخشي ۽ بخشائي
(4) سنڌي نظمن جو ميڙ: جنهن ۾ حديث تي تبصرا ڏنل
آهن (شرح): پوري مخطوطي ذريعي مصنف جو ڪوبه پتو
نٿو پوي. ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
ساراهيان ته سبحان کي جه ڪامل قدرتا
بخشي ڏوهه بندن جا ڪري عفو خطا
(5) افادت العينين تان ورتل؛ هر صفحي تي 19 سٽون:
هن مجموعي ۾ آيل چئن مخطوطن (1ــ4) جي ڀيٽ ۾، هن
جو ڪاتب مختلف آهي. هي امام حسين جي معجزن بابت
آهي. سنڌي تصنيف ”حليه شريف“ جو تتبع ڏسجي ٿو.
اهڙي رسم ان دور ۾، پنجابي مصنفن وٽ به هئي(1).
شيڪل جو خيال آهي ته هي تصنيف به خيلفي محمد جي
آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿيو آهي. هن تصنيف ۾ رسول
پاڪ، امامن سڳورن ۽ شيخ عبدالقادر بابت ذڪر ملي
ٿو.
(6) پهرئين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه زياده سائيز؛ هي ڪنهن
ٽئين ڪاتب جي هٿ اکرين آهي. هن جو مصنف به خليفو
محمد آهي. ڪاتب هر صفحي تي 11 سٽون رکيون آهن. هن
نسخي جي ابتدا ”مناقب علي“ سان ٿئي ٿي:
هيءَ مناقب مرتضوي سنهو سنڌي واءِ
ان بعد ساڳئي مصنف الف ــ اشباء جي صورت ۾، رسول
پاڪ جي ساراهه چئي آهي:
الف الله ايڏوئي ڌڻي صاحب سلطانا
جه پيغمر پاڪ پيدا ڪئو پنهنجي نور منجا
هي نظر مٿي آيل يارهين نمبر (11) وانگر آهي ۽ ان
کي ’سہ اکري‘ به سڏيو ويو آهي. هي مخطوطو ڪل ٽيهن
حصن
(Stanlas)۾
آهي، ۽ هرهڪ ۾ ڏهه سٽون اچن ٿيون. ان بعد ساڳئي
مصنف جا چيل حضرت علي جي شان ۾ چار نظم ڏنل آهن،
جن ۾ آخري اڻ پورو ڏسجي ٿو، ڇو ته مخطوطو
اٻهرائيءَ ۾ ختم ڪيو ويو آهي.
(13) ڪنزالعبرت
ڪل ورق 478، سائيز 5ء14+20 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي
13 سٽون، اوڻهين صدي.
هي ڪتاب اسلام جي بنيادي عقيدن بابت، مخدوم
عبدالله نظم ۾ تيار ڪيو هو. ان ۾ نبين ۽ خليفن جو
احوال به ڏنل آهي. هن نسخي جو پهريون ورق گم آهي.
هي ڪتاب رمضان 1175هه (1762ع) ۾ تيار ٿيو. ڊاڪٽر
شيڪل اڳين روايت قبول ڪندي، ان کي مخدوم عبدالله
عرف ميان موريي (ڀاڻيجو: ميون ابوالحسن) جي تصنيف
ڄاڻايو آهي. ليڪن غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي تحقيق
موجب هي تصنيف مخدوم عبدالله مينڌري (نرئي وارو)
جي آهي.
ابتدا: کني کنيان ڪيترا آءُ ڪرم ڪريم سندا
جن مڪا محمد مير کي ڏيئي نبوّنا
پڄاڻي:
۽ پڻ مرهي مائت اسا هجا ۽ عزيز خويش و يار
سان سڀن مومن جي ڪلمون چون مُها
ڪاتب محمد بن محمدن (؟) ڄاڻايل آهي، جنهن هن ريت
پنهنجو قصو ختم ڪيو آهي:
”قدتم بحمدالله تعالا النسخته الشريفته المسميٰ
بکنز العبرت السندي التصنيف علامة الدهر مخدوم
عبدالله عليہ الرحمة بيدالاضعف المذنب التائب محمد
ابن محمدن الاشرف الکاتب غفرلہ…“
(14) تفسير سورت يوسف
ڪل ورق 182، تختي 15+22 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11
۽ 12 سٽون، اڏوهي کاڌل، حاشين ۾ عربي شعر ڳاڙهي مس
۾، سال 1800ع؟؟
|