ٻاهر سئنڊل جو کڙڪو ٿئي ٿو. آءٌ تڪڙو ٻاهر نڪران
ٿو. هوءَ هئي ـــ منهنجي ڪمري وٽان تيز تيز وڃي
رهي هئي. مون تي نظر پيس ته هڪ پل رڪجي وئي. مون
ڏانهن ڏٺائين. منهن تي هڪ رنگ آيس ۽ هڪ ويس. پوءِ
ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چاپ هلي وئي ــــــ وقت گذري چڪو
هو. هاڻ ڪجهه به نه ٿي ٿي سگهيو. هن مون کي منٿون
ڪيون، ايلاز ڪيا. هن جي پيءُ هن کي وڪڻڻ ٿي چاهيو…
هڪ اهڙي حويليءَ ۾ جتان هن جو جنازو ئي نڪري ها.
هن مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو… مون چرچو سمجهيو. هن
شهر ڇڏي هلڻ لاءِ چيو ته مون دڙڪا ڏنامانس… اها
چانڊوڪي رات، ياد اٿم جڏهن هوءَ سڄي رات منهنجي
سامهون ويهي سڏڪا ڀري روئندي رهي هئي. هوءَ مون
کان اجازت وٺي رهي هئي ته آءٌ کيس شادي ڪرڻ جي
اجازت ڏيان… ليڪن مون اها به نه ڏني ۽ بس، اها
آخري رات هئي، آخري رات…
”وقت ٿي ويو آهي، اٿندا ڪي رات به اتي ئي
گذاريندا.“ هوءَ پرس کنيو بيٺي هئي.
”تون شادي ڇو نه ٿي ڪرين؟“ مون هن کا سوال ڪيو.
هوءَ اهو سوال ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئي. هن جو چهرو
ڪنن سوڌو ڳاڙهو ٿي ويو.
”اهو سوال آهي يا صلاح؟“ هن ڪنڌ جهڪائي پڇيو.
”سوال ئي سمجهه.“
”ته ٻڌي ڇڏ، آءٌ سنڌي گهر جي ڇوڪري آهيان؛ اُت
اهڙن سوالن جا جواب ڪنوارين ڇوڪرين وٽ ڪونه ٿيندا
آهن.“ هوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪتي.
هوءَ ۽ آءُ تيز مينهن ۾ پُسندا پُسندا بس تائين
پهتاسين. هن پهريون قدم بس ۾ رکيو ۽ پوءِ منهن
ورائي مون ڏانهن ڏٺائين، پوءِ هٿ وڌايائين. مون کي
ائين لڳو جيئن ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو ملندو آهي ته
هن جي دل ۾ بچڻ جي اميد پيدا ٿيندي آهي.
ڪوريئڙي جو ڌاڳو ريونوسوڪي
اڪوتاگاوا
("Spider's Thread")
(Ryunosuke
Akutagawa)
(جپاني ڪهاڻي)
مترجم: ولي رام ولڀ
هڪ ڏينهن ٻُڌ سرڳ ۾ ڪنول ــ تلاءُ جي ڪناري تي
اڪيلو پسار ڪري رهيو هو.
تلاءُ ۾ ٽڙيل ڪنول جا سمورا گل اهڙا اڇا هئا جهڙا
موتي. سندس وچ ۾ سونهري مادي وار ۽ نَروار هئا، جن
هوا ۾ اٿاهه سڳنڌ جي روڪ ڀري ڇڏي هئي.
سرڳ ۾ اهو صبح جو سمو هو.
اوچتو ٻُڌ تلاءُ جي ڪناري تي بنا چُرپُر جي بيهي
رهيو. پنن پاڻيءَ جي مٿاڇري کي ڍڪي ڇڏيو هو، پر
انهن جي وٿيءَ مان کيس هيٺ جو نظارو چٽو ڏسڻ ۾ پئي
آيو.
جيئن نه نرڳ جي منزل، سرڳ جي تلاءُ جي بلڪل هيٺان
هئي، تنهنڪري ازلي وابدي اونداهيءَ ڏانهن ويندڙ
ٽِواٽي واري ندي ۽ سئي جهڙيون چهنباريون چڀندڙ جبل
جون چوٽون پري کان شفاف پاڻيءَ مان آرپار ڏسڻ ۾
پئي آيون.
سندس نظر هڪ شخص تي پيئي، جنهن جو نالو ڪنڊاٽا هو،
جيڪو نرڳ جي تري ۾ ٻين گنهگارن سان گڏ ڪيئين وانگر
سُري رهيو هو.
هيءُ ڪنڊاٽا هڪ وڏو ڌاڙيل هو، جنهن ڪيترائي ڪُڌا
ڪم ڪيا هئا ـــ قتل ڪيا هئائين ۽ گهرن کي باهيون
ڏنيون هئائين ـــ پر هڪڙو چڱو ڪم ڪيو هئائين: هڪ
ڀيري جڏهن هو هڪ گهاٽي ٻيلي مان پئي لنگهيو ته
سندس نظر هڪ ننڍڙي ڪوريئڙي تي پيئي، جيڪو رستي تي
سُري رهيو هو.
تڪڙيون وِکون کڻندي، هو کيس چيڀاٽي مارڻ وارو ئي
هو ته اوچتو کيس خيال آيو: ’نه نه، هن جيتامڙي ۾
به ساهه آهي. ائين بنان سوچئي کيس مارڻ شرم جي
ڳالهه ٿيندي،‘ ۽ هن ڪوريئڙي جي جان بچائي ورتي.
نرڳ ڏانهن هيٺ نهاريندي، ٻُڌ کي ياد آيو ته ڪيئن
ڪنڊاٽا ڪوريئڙي جي جان بچائي هئي، ۽ انهيءَ چڱي ڪم
جي عيوض، هن سوچيو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته کيس نرڳ
مان ڪڍجي. قسمت سان، هن جڏهن چوڌاري نظر ڦيرائي ته
سرڳ جو هڪ ڪوريئڙو ڏٺائين، جيڪو ڪنول جي پنن تي
چانديءَ جهڙو چمڪندڙ خوبصورت ڄار (ڌاڳو) اُڻي رهيو
هو.
ٻُڌ ڪوريئڙي جو اهو ڌاڳو هوريان پنهنجي هٿ ۾ کنيو
۽ اهو موتيءَ جهڙن اڇن ڪنول جي گلن جي وٿيءَ وچان
نرڳ جي تري تائين هيٺ ڇڏيائين.
ڪنڊاٽا نرڳ ۾ ٻين گنهگارن سان گڏ رت جي تلاءُ ۾
ڪڏهن ٻُڏو پئي ته ڪڏهن تريو پئي. چوڌاري گهُگهه
اونداهي هئي ۽ جڏهن وقت بوقت انهيءَ اونداهيءَ مان
ڪنهن شيءِ جي اُڀرڻ جي جهلڪ ڏسڻ ٿي آئي ته اها سئي
جهڙي چهنبياري جبل جي ڊيڄاريندڙ چوٽين جي تروري ۾
بدلجي ٿي ويئي. هرهنڌ قبر جهڙي ماٺ جو راڄ هو ۽
گناهگارن جي ٿڪل ۽ ساڻن ساهن جي آواز کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. اهو ان ڪري هو جو اهي
گناهگار جڏهن کان نرڳ ۾ داخل ٿيا هئا، تڏهن کان
اتي جا ايذاءُ ۽ عذاب سهي سهي اهڙا ساڻا ٿي پيا
هئا، جو زور سان دانهون ڪرڻ جي قوت به وڃائي ويٺا
هئا.
تنهنڪري ڪنڊاٽا پڻ، جيڪو جيتوڻيڪ هڪ وڏو ڌاڙيل هو،
رت ۾ ليٿڙيو پيو هو ۽ تلاءُ ۾ هڪ مرڻينگ ڏيڏر
وانگي جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري به نٿي
سگهيو.
پر هن جو وقت اچي ويو هو. جڏهن ڪنڊاٽا اتفاق سان
پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ رت جي تلاءُ کان مٿي آسمان
ڏانهن ڏٺو ته مٿان سرڳ مان ڪوريئڙي جو ڌاڳو
اونداهيءَ ۾ ڪجهه قدر چمڪندو ڄڻ انساني اکين کي
ڊيڄاريندو هجي، پاڻ ڏانهن لهندڙ نظر آيس.
جڏهن هن اهو ڏٺو ته سندس هٿ خوشيءَ جي اظهار لاءِ
تاڙيون وڄائڻ لڳا. سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هو انهيءَ
ڌاڳي سان چنبڙي پوندو ۽ انهيءَ جي آڌار تي مٿي
چڙهندو ويندو ته پڪ سان نرڳ مان بچي نڪرندو.
جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو ته ٿي سگهي ٿو ته هو سرڳ
۾ هليو وڃي، پوءِ کيس سئي جهڙي چهنبياري جبل ڏانهن
يا رت جي تلاءُ ۾ ٻوڙيو نه ويندو. جيئن اهي خيال
سندس ذهن ۾ آيا، تيئن هن اهو ڌاڳو پنهنجي هٿ ۾
مضبوطيءَ سان جهليو ۽ پنهنجي سموري سگهه سان مٿي
چڙهڻ شروع ڪيو. جيئن ته هو وڏو ڌاڙيل هو، تنهنڪري
اهڙين ڳالهين کان چڱي طرح واقف هو.
پر ڪنهن کي به سنڌ ناهي ته نرڳ، سرڳ کان ڪيترا
ڪروڙين ميل پري آهي. هن ڏاڍا وس ڪيا پر سولائيءَ
سان ٻاهر نڪري نه سگهو. ڪجهه دير مٿي چڙهڻ کان
پوءِ آخر هو ٿڪجي پيو ۽ هڪ انچ به مٿي چڙهي نه
سگهيو.
جيئن ته هو وڌيڪ ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، تنهنڪري ساهي
پٽڻ ڪاڻ ٿورو بيهي رهيو ۽ ڌاڳي کي مضبوطيءَ سا
جهلي، هيٺ، پنهنجي تمام هيٺ ڏٺائين. نرڳ جي رت جو
تلاءُ، اونداهيءَ ۾، تمام گهڻو هيٺ اکين کان اوجهل
ٿي ويو هو ۽ سندس هيٺ سُئي جهڙو، چهنبيارو
ڊيڄاريندڙ جبل ڌنڌلو چمڪي رهيو هو. هن سوچيو ته
جيڪڏهن هو انهيءَ رفتار سان مٿي چڙهندو ويندو ته
وڌيڪ سولائي سان نرڳ مان ٻاهر نڪري ويندو.
ڪوريئڙي جي ڌاڳي کي پنهنجي هٿ سان وراڪو ڏيئي
ڪڊاٽا خوشي وچان اهڙو ٽهڪ ڏنو جو هتي اچڻ کان پوءِ
سمورن سالن جي دوران نه ڏنو هئائين. هن اتساهه
وچان نعرو هنيو: ’ضرور سوڀارو ٿيندس!‘
پر اوچتو هن ڏٺو ته هيٺ ڌاڳي تي ماڪوڙين جي قطار
وانگي، بيشمار گنهگار ڏاڍي چاهه سان سندس پويان
مٿي چڙهي رهيا هئا. ڪنڊاٽا ڳهيلائي وچان، حيرت ۽
خوف ۾، کن لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
ڪوريئڙي جو ڌاڳو، جيڪو ايترو سنهڙو آهي، ائين ڏسڻ
۾ ٿي آيو ته سندس اڪيلي جي بار کان اجهو ٽٽي
پوندو، اهو ايترن ماڻهن جو بار ڪيئن جهلي سگهندو؟
جيڪڏهن اهو وچ پولار ۾ ٽٽي پيو ته هو خود، هن هنڌ
تي ايتري جاکوڙ سان پهچڻ کانپوءِ، واپس مٿي ڀر وڃي
نرڳ ۾ ڪرندو.
پر هن اڃا اهو سوچيو ئي پئي ته لکين گنهگار رت جي
اونداهي تلاءُ مان نڪري، پنهنجي سموري سگهه لڳائي،
سنهڙي چمڪندڙ ڌاڳي سان چنبڙي مٿي چڙهڻ لڳا. هو
جيڪڏهن جلديءَ سان انهيءَ جو تدارڪ نه ڪندو ته پڪ
سان ڌاڳو ٻن حصن ۾ ڇڄي پوندو ۽ هو ڪري پوندو. اهو
سوچي ڪنڊاٽا زورائتي دانهن ڪئي:
”اڙي نرڳيو! هيءُ ڌاڳو منهنجو آهي. اوهان کي
انهيءَ تي چڙهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي. هيٺ لهي
وڃو! هيٺ لهي وڃو!“
اوڏيءَ مهل، ڪوريئڙي جو ڌاڳو، جنهن جي ٽٽڻ جو هيل
تائين ڪو آثار نه هو، اوچتو ٻٽڪو ڏيئي اُتان ٽٽي
پيو، جتي ڪنڊاٽا چڙهيل هو. کيس دانهن ڪرڻ جو به
وقت نه مليو. هو اونداهيءَ ۾ بولاٽيون کائيندو،
پنهنجي چوڌاري لاٽئونءَ وانگيان ڦرندو هيٺ ڪِرندو
ويو. هاڻي سرڳ جي ڪوريئڙي جو چمڪندڙ ۽ سنهڙو ڌاڳو
آسمان ۾ لٽڪندو رهيو، جنهن ۾ چنڊ ۽ تارن جو ڪو
نانءُ نشان نه هو.
سرڳ جي ڪنول ـــ تلاءُ جي ڪناري تي بيهي ٻُڌ اهو
سارو لقاءُ ويجهائيءَ کان ڏسي رهيو هو. هن جڏهن
ڪنڊاٽا کي رت جي تلاءُ جي تري ۾ هڪ پٿر جيئن ٻڏندي
ڏٺو ته سندس چهري تي اُداسيءَ جون ريکائون ڦهلجي
ويون ۽ هو وري پسار ڪرڻ لڳو.
ڪنڊاٽا جي سرد دل، سندس رڳو پاڻ بچائڻ جي خواهش ۽
سندس نرڳ ۾ واپس ڪرڻ انهن سڀني ڳالهين ٻُڌ جي اکين
۾ تمام گهڻو افسوس ۽ رحم ڀري ڇڏيو هو، پر سرڳ جي
ڪنول ــ تلاءُ جي ڪنولن تي اهڙين ڳالهين جو ڪو
تاثر ڪونه هو.
موتين جهڙا اڇا گل ٻُڌ جي پير جي ڀرسان جهومي رهيا
هئا ۽ سندن وچ ۾ سونهري مادي وار ۽ نَروار هوا ۾
اٿاهه سڳنڌ بي روڪ ڀري رهيا هئا.
سرڳ ۾ اُن مهل منجهند ٿيڻ واري هئي.
اونداهي دنيا، روشن ڪرڻو
غلام رسول ڪلهوڙو
جڏهن هو ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيو ته ساري دنيا هن لاءِ
هڪ اوڙاهه ۽ اوندهه مثل هئي. هڪ اهڙي اوندهه، جنهن
۾ روشنيءَ جو ڪو هڪ ڪرڻو به داخل نٿي ٿي سگهيو. هو
ڄائي ڄم کان اکين جي نُور کان محروم هو. انسان،
ماڻهو، ابو، امان، ڀاءُ، ڀيڻ، مٽ مائٽ، پاڙيوارا،
اهي سڀيئي رشتا هن جي ڪنن ٻڌا ته هئا، پر اکين سان
ڏٺا ڪونه هئا. ڏسي به ڪيئن، هن جي اکين ۾ ته اهڙي
اهليت ئي ڪانه هئي. هن کي اهو به معلوم ڪونه هو ته
ماڻهو ٿيندو ڪيئن آ. ان جي شڪل ڪهڙي قسم جي هوندي
آ. ٻيو ته ٺهيو، پر هن جي آڏو پنهنجي شڪل جو به
صحيح تصور موجود ڪونه هو، جيتوڻيڪ هو شڪل جو
ٺاهوڪو ۽ رنگ جو گورو ۽ سٺن وصفن وارو هو، پر ان
سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. قدرت هن ۾ جيڪو نابينائپ
وارو وڏو عيب رکي ڇڏيو هو، تنهن هن جي ٻين مڙني
خوبين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو. جيڪڏهن هو اکين وارو
هجي ها ته هوند ساري دنيا کيس پنهنجي اکين تي
ويهاري ها، پر هينئر هو هن وسيع ڌرتي تي بار هو.
هو جڏهن پنجن ڇهن سالن جو ٿيو هو ته ٻين ٻارن جيان
هن جي دل ۾ به ڪي معصوم خواهشون اسرڻ لڳيون. هن
پنهنجي هم عمر ٻارن سان دوستي پئي ڪرڻ چاهي، ساڻن
کيڏڻ پئي چاهيو، پر اڪثر ٻار هن کان ڪترائي ويندا
هئا ۽ ڪي ته کيس ڇڙٻون ۽ دڙڪا به ڏيندا هئا. چي:
”انڌا، تون وري اسان سان ڪيئن کيڏندين. وڃ پنهنجي
گهر وڃ.“
اهڙن موقعن تي اڪثر هن جي بي نور اکين ۾ پاڻي اچي
ويندو هو ۽ هو پنهنجي ماءُ جي ڪلهن تي مٿو رکي
کانئس پڇندو هو:
”امان، گلو ۽ ڪمون مون کي انڌوڇو ٿا چون.“
۽ ماڻس پاٻوه وچان هن جي مٿي تي هٿ ڦيريندي کيس
چوندي هئي:
”پٽ، انهن جو مٿو خراب ٿيو آ. اهڙا هوندا پاڻ.“
”نه امان، گلو ۽ ڪمون چون ٿا انڌو اهو هوندو آ،
جنهن کي ڪجهه نظر نه اچي!“
هن جا اهڙا گفتا ٻڌي، سندس ماءُ جي هنيانءُ ۾ وڍ
پوندا هئا، پر هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي. اها ته
سندس رب جي حڪمت هئي، جنهن ۾ هن جو وس هلي نٿي
سگهيو.
جڏهن هو ٻارنهن سالن جو ٿيو ته آهستي آهستي، گهر
جي ٻين ڀاتين جو رويو به هن سان سرد مهريءَ وارو
ٿيڻ لڳو. پڻس احمد ته اڪثر هن کي ڇڙٻيون ڏيندو هو.
چي: ”هيڏو وڏو ڍُڳ ٿيو آ، ته به سارو ڪم اسان ٿا
کيس ڪري ڏيون. ڪپڙا کيس اسان پارايون، پاڻي کيس
اسان پياريون. حد ته اها آهي جو حاجت لاءِ به کيس
اسان ٿا ڇڏي اچون.“ نيٺ هڪ ڏينهن تنگ ٿي احمد،
پنهنجي گهر واريءَ کي چيو:
”ٻڌ نوران، هاڻي مان ان ڇوري مان ڪڪ ٿي پيو آهيان.
چڱو ته ائين آ ته ان ڇوري کي ڪنهن مدرسي يا يتيم
خاني ۾ ڇڏي اچون.“
ان تي نوران بيحد نيزاريءَ وچان احمد کي چيو:
”رحيموءَ جا پيءُ، خدا جي واسطي ائين نه ڪر. رحيمو
منهنجو هڪ ئي پٽ آ. ان کي ائين بيگانو نه ڪر، کيس
گهر مان ڪڍي ٿاٻن ۾ نه وجهه.“
ان تي احمد ڏند ڪرٽيندي چيو: ”ٻڏ نوران، ڇا به ٿي
پوي، هاڻي مان تنهنجي ان دادلي کي گهر ۾ ڪونه
رکندس. کيس جلدئي هي گهر ڇڏڻو پوندو. آخر مان ڪو
شاهوڪار ته ڪونه آهيان، جو ايڏي ڍُڳ کي ساري عمر
ويٺو کارائيندس. اسان جو گذران ته هونئن به تنگ
آ.“
اندرين ڪوٺيءَ ۾ رحيمو اهو سڀ ڪجهه ويٺي ٻڌو، پر
ڪڇيائين ڪجهه به نه. صرف هن جي بي نور اکين ۾ پاڻي
ڀرجي آيو. پوءِ هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڪوٺيءَ مان
اٿي گهر جي ٻاهرين دروازي وٽ اچي بيٺو. اڄ هو بيحد
اداس هو، کيس پنهنجي حياتي بي معنيٰ ۽ هڪ وڏو بار
پئي محسوس ٿي. اوچتو ڪنهن سندس ڪلهي تي هٿ رکندي
چيو:
”ڇا ڳالهه آهي رحيمو پٽ! اڄ تون بيحد اُداس ٿو
لڳين؟“
رحيمو ان جو آواز سڃاتو. اهو ماستر بشير احمد هو،
جيڪو شهر جي ڪنهن اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. رحيمو
ماستر جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي گهُٽيل آواز ۾ چيو:
”نه استاد سائين، ڪجهه به ناهي!“
”نه پٽ، ڪا ڳالهه ته آهي. تون مون کان ڪجهه لڪائين
ٿو.“ ماستر بشير احمد هن جي مٿي تي هٿ ڦيريندي
چيو.
بس، پوءِ ته رحيمو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ پيءُ جي
ساري روئداد ماستر کي ڪري ٻڌايائين. رحيموءَ جي
ڳالهه ٻڌي ماستر هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ پوءِ رحيموءَ
کي چوڻ لڳو:
”پٽ، اها صرف تنهنجي ڪهاڻي ناهي، پر اها هن ملڪ ۾
رهندڙ هر نابين ۽ معذور ٻار جي هڪ درديلي ڪهاڻي
آهي، جنهن جي شدت کي اسان اڃا پوريءَ ريت محسوس
ڪيوئي ناهي.“
ائين چئي ماستر بشير احمد ڪجهه وقت لاءِ ماٺ ٿي
ويو ۽ پوءِ وري رحيموءَ کي مخاطت ٿيندي چيائين:
”ٻڌ پٽ، جڏهن به ڪنهن گهر ۾ نابين ٻار پيدا ٿيندو
آهي ته پهريائين ته ان جا ماءُ ــ پيءُ، رحم ۽
همدرديءَ جي جذبي وچان ان جي خوب خدمت ڪندا آهن ۽
ان ٻار جي هر خواهش کٽ تي ويٺي پوري ڪندا آهن.
نتيجي ۾ اهڙو ٻار اڳتي هلي مڪمل طور تي والدين جو
ڳيجهو ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن هو وڏو ٿيندو آهي ته
پنهنجي والدين ۽ خود پاڻ لاءِ مسئلن جا انبار ڪندو
آهي.“
ماستر بشير احمد جي ڳالهه رحيموءَ کي پوريءَ ريت
سمجهه ۾ ڪانه ٿي آئي، پر تنهن هوندي به هو ماستر
کي غور سان ٻڌي رهيو هو، ۽ جڏهن ماستر بشير احمد
ڳالهائي ماٺ ڪئي ته رحيمو کانئس پڇڻ لڳو: ”ته پوءِ
توهان ئي ٻڌايو ته استاد سائين! آخر مان ڇا ڪيان،
ڪاڏي وڃان.“
”گهٻراءِ نه پٽ.“ ماستر بشير احمد رحيموءَ جو هٿ
مضبوطيءَ سان پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو: ”ڌڻي چاهيو
ته تنهنجا ڏکيا ڏينهن جلد ئي ختم ٿيندا!“
پوءِ ماستر بشير احمد، رحيموءَ جي پيءُ سان مليو ۽
کيس ٻڌايائين ته هو، رحيموءَ کي شهر نيڻ ٿو چاهي،
جتي هو کيس نابينن جي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندو. هن
احمد کي اهو پڻ ٻڌايو ته نابينن جي اسڪول ۾
رحيموءَ کي نه صرف علم جي زيور سان آراسته ڪيو
ويندو، پر ان سا گڏ کيس هنر به سيکاريو ويندو. ان
کان سواءِ سرڪار طرفان کيس رهائش، لٽو ڪپڙو، کاڌ
خوراڪ، مفت مهيا ڪئي ويندي.
احمد ته رحيموءَ مان اڳيئي تنگ ويٺو هو، سو خوشيءَ
سان رحيموءَ جو هٿ، ماستر جي هٿ ۾ ڏنائين، البت
نوران پنهنجي اڪيلي پٽ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪانه هئي.
پر ماستر بشيراحمد جي چوڻ تي لاچار هن به کڻي ماٺ
ڪئي.
ماستر بشير احمد، رحيموءَ کي شهر ۾ وٺي آيو ۽
نابينن جي هڪ اسڪول ۾ اچي داخل ڪرايائينس. اسڪول
جو هيڊماستر نهايت ئي درد دل رکندڙ انسان هو. ٻيو
عملو ۽ نابين شاگرد پڻ رحيموءَ سان همدردي ۽ پيار
سان پيش ايندا هئا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ رحيمو اسڪول
جي ماحول سان هري مري ويو ۽ دل وجان سان پڙهڻ لڳو.
اڄ اسڪول ۾ آئي رحيموءَ کي اٺ سال ٿي چڪا آهن. هن
نه صرف اسڪولي تعليم پوري ڪري ورتي آهي، پر سرڪار
طرفان اسپيشل ڪيس ۾ کيس ساڳئي اسڪول ۾ ماستري پڻ
ملي آهي. هينئر هو رحيمو نه پر ’مسٽر رحيم بخش‘
آهي. اکين تي ڪارو چشمو، جسم تي صاف سٿرو لباس، ۽
هٿ ۾ وائيٽ اِسٽڪ (سفيدِ ڇَڙي) جيڪا هن کي گهمڻ
وقت هڪ گائيڊ جو ڪم ڏيندي آهي. هينئر رحيم بخش هڪ
معذور يا نابين نه، پر معاشري جو هڪ اهڙو انسان
آهي، جيڪو پنهنجي زندگي نه صرف باعزت طريقي سان
گذاري ٿو، پر ملڪ ۽ معاشري جي ترقيءَ ۾ پڻ پنهنجي
طرفان مناسب پارٽ ادا ڪري ٿو.
اڄ رحيم بخش کي پنهنجي حق حلال جي ڪمائيءَ مان
پهرين پگهار ملي هئي. بيحد خوش هو ۽ ڳوٺ وڃڻ جون
تياريون ڪري رهيو هو. ڳوٺ جي ننڍڙي بس اسٽينڊ تي
جڏهن پهرين بس اچي بيٺي ته ان مان هڪ پروقار شخص
لٿو. اکين تي ڪارو چشمو، هڪ هٿ ۾ بريف ڪيس ۽ ٻئي
هٿ ۾ سفيد ڇڙي، جنهن جي مدد سان، هو وڏي اعتماد
سان وکون کڻندو ڳوٺ جي هڪ گهرڙي ڏانهن وڌڻ لڳو.
جڏهن هو گهر اندر داخل ٿيو ته سڀ کان پهريائين هن
تي جنهن نظر وڌي، اها سندس جيجل ماءُ هئي. نوران
ڊوڙندي اچي پنهنجي پُٽ سان ملي ۽ کيس پنهنجي سيني
سان لڳائي روئڻ ۾ اچي ڇُٽڪي.
”روئين ڇوٿي جيجل“، رحيم بخش پنهنجي ماءُ کي آٿت
ڏيندي چيو: ”چري امڙ، مان هاڻي معذور ٿوروئي
آهيان. مان ته هڪ مڪمل انسان آهيان، مڪمل“ ائين
چئي هن پنهنجي کيسي مان ڪجهه ڳاڙا نوٽ ڪڍيا ۽ اُهي
نوران جي هٿ ۾ ڏيندي چيائين: ”امان، هي وٺ، منهنجي
پهرين پگهار.“
احمد به ان وقت گهر ۾ موجود هو ۽ پري کان ويٺي اها
ساري روئداد ڏٺائين. جڏهن رحيم بخش پنهنجي پهرين
پگهار نوران کي هٿ ۾ ڏني پئي ته ان وقت احمد
پنهنجو ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو ۽ پوءِ هن جي اکين مان ٻه
وڏا لڙڪ وهي نڪتا ۽ هيٺ ڪري زمين ۾، جذب ٿي ويا.
سچو
سنسار
افروز شورو
سومر اڃا ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ سِلهه جي
بيماريءَ ۾ گذاري ويو. سومر جي ماءُ مائي رحمت
تمام غريب عورت هئي. هوءَ پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پٽ
جو پيٽ پاليندي هئي. اُن سومر کي ڪڏهن به پيءُ جي
ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني. سندس سڀ ننڍيون ننڍيون
خواهشون پوريون ڪندي هئي، اُن ڪري سومر کي يتيم
هجڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو.
مائي رحمت کي پٽ سان تمام گهڻو پيار هو. اُن جو به
سومر کان سواءِ هن دنيا ۾ ٻيو ڪير نه هو. سندس سڀ
آسون اميدون پُٽ ۾ هيس ته وڏو ٿي سهارو ٿيندس.
”ڏکن جا ڏينهن ٿورا آهن. سومر وڏو ٿي ويو ته سڀ
سڻايون ٿينديون. ربّ ڪندو سومر وڏي ڄمار ماڻيندو،
ڏکن جا ڏينهن لهي ويندا. آءٌ به پيريءَ ۾ سکي ٿي
گذاريندس.“ هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيندي هئي.
مائي رحمت جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ڪجهه پنڌ پري
هو. هوءَ روزانو صبح سوير اُتان نڪرندي هئي ۽ اسان
جي ڳوٺ پهچي گهرن جو ڪم ڪندي هئي. هوءَ سومر کي به
ساڻ وٺي ايندي هئي. جڏهن سومر چڱو وڏو ٿيو ته هو
به ماءُ جي ڪم ۾ مدد ڪندو رهندو هو.
اسان جا گهر وارا ته سومر کي بلڪل پنهجي پٽ وانگر
سمجهندا هئا: سومر کي جيترو پيار هن ڳوٺ ۾ مليو هو
اوترو سندس ڳوٺ ۾ به نه مليو هئس، اُن ڪري واپس
پنهنجي ڳوٺ وڃڻ کان جواب ڏيئي ويهي رهيو. تڏهن
مائي رحمت کي به هتي ئي رهڻو پيو. پٽ کي ڪٿي ٿي
اڪيلو ڇڏي سگهي، جو ان ۾ ئي ته سندس ساهه پساهه
هوندو هئس.
مائي رحمت ڏاڍي نيڪ طبيعت جي پيار ڪرڻ واري عورت
هئي. هوءَ اسان سڀني ٻارن کي پنهنجي اولاد جيان
پيار ڪندي هئي. |