ذوالفقار سيال
ڳاڙها ڳاڙها گل ٽڙن ٿا، پسي تنهنجا ڳل،
تون آن مند بهار جي.
ساهن ۾ سرهاڻ ٿي ڦهلي، سپنا سڀ وسريل،
تون آن مند بهار جي.
پنهنجو پــيــار نماڻو آهي، ديــوانــن جــا گل،
تون آن مند بهار جي.
تنهنجي خاطر موٽي آيس، جهوليءَ پائي گل،
تون آن مند بهار جي.
منهنجي ياد نه وسري سگهندئي، توکي آهي ڀل،
تون آن مند بهار جي.
مخدوم جميل الزمان
هن طرف شمس و قمر جو اشتراڪ،
هن طرف مرسل جو روئي تابناڪ.
شافع محشر کنئي هڪڙي نگاهه، |
سينهء شاهه فلڪ اُن دم ٿيو چاڪ. |
اُن کان وڌ ٻيو ڪير هوندو باخبر، |
جنهن کي مَدحِ مصطفيٰ جو انهماڪ. |
اصليت جو ڪير اندازو هڻي، |
هو تصوّر ۾ به آهي پاڪ پاڪ، |
چنڊ، تارا، ڪهڪشان ۽ آسمان، |
رهبر دارين جي قومن جي خاڪ. |
نعمت ۾ شامل ٿيڻ جي واسطي، |
لفظ هڪٻئي ساڻ ڪن ٿا انسلاڪ. |
شال محشر کان به پو آءٌ هجان، |
عشق محبوب خدا ۾ پرتپاڪ. |
سنڌ جو رهواسي جميل ابن امين،
شربتِ ديدار جو آهي پياڪ.
راشد مورائي
غزل
ٽلندي ٽپندي سهڻيءَ ٽورَ،
نياپا آندا ڪانگ نِڪورَ.
اچ اچ کنياتا، نچ نچ آءُ، |
گهور وڃان مان توتان گهورَ. |
منهنجو روح اُڃايل ڍورُ، |
تنهنجو در مون لاءِ اَجهورَ. |
مون کي پنهنجي ناهه پروڙ، |
تُنهنجِي ڳالهه ڳجهارت، ڏورَ. |
ڪَمَ پئي ڪُنئرا پوءِ ڪَٺورَ، |
هاءِ الا ماڻهو ڳُڻَ چورَ. |
ڀريو ڪاڳر شعرن ساڻ، |
تنهنجو پيار پني تي پَورَ. |
ڪيچ سان پئجي ويو آ پيچ، |
ڀڙڪِي! پؤ ڀَلِ اي ڀنڀورَ. |
’راشد!‘ نيٺ ڪيو بيمارُ، |
بيمارن جي ٽهل ٽَڪورَ. |
هدايت بلوچ
تون مون کان پري پيارا هڪ پل به نه ٿيندو ڪر،
غيرن جي خبر ڪهڙي، تون ڪنهن سان نه ويندو ڪر.
مان دل جي اڪيلائي توڏانهن کڻي آيس،
صدين جا نراسائي توڏانهن کڻي آيس،
ڪنهن وقت نراس کي ڪا آس ته ڏيندو ڪر.
تارن ڏي تڪڻ وارا، ڌرتيءَ ڏي نهاري ڏس،
سنسار جي ظلمن تي، ڪي لڙڪ به هاري ڏس،
ڌارين کي ڌِڪي ٻاهر،پنهنجن کي سڏيندو ڪر.
مان تنهنجي ڪري پيارا، پنهنجن کان پري آهيان،
تون منهنجي ڪري آهين، مان تنهنجي ڪري آهيان،
ڏک سور سڀئي پنهنجا، مون سان ئي سليندو ڪر.
مفلس جي حياتي ڇا، غربت جي سزا آهي،
نِرڌن جو جيئڻ سائين خود هڪڙي خطا آهي،
جن کي آ ڌڪيو دنيا، تن کي نه ڌڪيندو ڪر.
هن دل جي عذابن جو دارون ۽ دوا ناهي،
ڪو تو کان سوا ناهي، ڪو تو کان سوا ناهي،
لاچار اچان تو وٽ مون کي نه جهليندو ڪر.
نظام ’زائر‘
غزل
منهنجا گيت غزل ۽ وايون،
ڄڻ ڪي آهن پوکون سايون.
پن ڇڻ جي رُت ڪيسين رهندي، |
ڄاڻ بهارون آيون آيون. |
دل ۾ جاءِ ڏيڻ وارن کي، |
ڇونه ڏيان جِيءَ ۾ جايون. |
سونهن ته سچّ جي ديوي آهي، |
اُن جي آڏو سيس نوايون. |
هي ته اسان جو شيوو آهي، |
جنهن سان لايون توڙ نڀايون. |
آهيون ڪيڏا دل جا سادا، |
دُشمن کي ٿا پنهنجو ڀانيون. |
اَمن جي منزل ماڻي هرڪو، |
اهڙي ’زائر‘ جوت جلايون. |
مير غلام الله خان ٽالپر
مور جهنگو
ڪيڏو معصوم آهي افسانو بنائي ٿو ڇڏي،
مون کي هٿ ساڻ گهرائي پوءِ نٽائي ٿو ڇڏي.
ڪيئن ٿئي مون کي يقين صبح درخشان جو وري،
هُو جڏهن زلف کي چهري تي ورائي ٿو ڇڏي.
ڪيئن کٽي پاڻ سگهون عشق جي بازي اي دل،
هن جو هر وار جڏهن هوش وڃائي ٿو ڇڏي.
وعدي جي شب آهي يا آهي قتل گاهه نئين،
پنهنجي مرڪن سان صنم دل کي ڪنبائي ٿو ڇڏي.
هن جي دل تي ڪو زماني جو خيال آ شايد،
منهنجو نالو هو لکي خط ۾ مٽائي ٿو ڇڏي.
آهي دستور چمن يا هن جي ادا جو جادو،
هرڪو گل هن کي ڏئي ڪنڌڙو نمائي ٿو ڇڏي.
هي محبت آهي اي ”مير“ يا آهي ڪو عذاب،
منهنجو نالو هو وٺي، منهن کي لڪائي ٿو ڇڏي.
محمد شريف ”طالب“
آئي ياد تنهنجي رَنم رات ساري،
ڪيئي ڪونه جاني پرين پوئيواري.
ڏسان تنهنجون راهون ڪڏهن يار ايندين،
دُکايل ڪو دل کي دلاسو تون ڏيندين،
سدا آهي تن ۾ تنهنجي تات تاري.
پرين مون کي پلپل پون پور پنهنجا،
اچين تون جي هيڪر لهن سور منهنجا،
لهي دل تان دلبر سڄڻ بيقراري.
سڄڻ توکي ”طالب“ سدا ويٺو ساري،
ڇڏيو محب مٺڙا تو مون کي وساري،
منهنجي تن اندر ۾ برهه باهه ٻاري.
تقريباً تيرهن سؤ سال اڳ، سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو
تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ
جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان کي اڳتي وڌايو، ۽ ان جو ڦل حاصل
ڪيو. اهو سڀڪجهه سنڌ اهڙيءَ ته خوش اسلوبيءَ سان
ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو ٻيو صوبو پيش ئي نٿو
ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف ”لطيف“ ۽
سندس پيغام آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جا هزارين
پهلڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل
آهي، ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي پهاڪن جي
ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا.
ـــ علامه آءِ. آءِ. قاضي
مقالا ــــ مضمون
”اهليت ۽ اهميت جي لحاظ کان، سنڌي ٻولي پاڪستان جو
بهترين سرمايو آهي. علم اللغة جي لحاظ سان سنڌي
ٻولي نه صرف پاڪستان جي قديم ٻولي آهي، بلڪ سڄي
پاڪ هند برصغير جي قديم ترين ٻولين مان آهي، ڇاڪاڻ
ته ڀارت جي ڪلاسيڪي ٻولي سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ آهي.
بين الاقوامي لحاظ سان پڻ، پاڪستان سنڌي ٻوليءَ تي
فخر ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ ته دنيا جي قديم
آريائي تمدن ـــــ مثلاً مصري، بابلي ۽ عراقي تمدن
جي ساٿي ’سنڌو تمدن‘ جي ٻولي آهي، ۽ ٻيو ته هيءَ
دنيا جي واحد زبان آهي جا تاريخ خواه لغت جي
اعتبار کان ’آريائي‘ توڙي ’سامي‘ خوبين جي پيداوار
۽ علمبردار آهي. اسلامي جمهوري رياست جو سنڌي ٻولي
چشم و چراغ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻوليءَ کي نبي ڪريم
جي اصحابن پنهنجي ڪنن سان ٻُڌو، تابعين ۽ تبع
تابعين ڳالهايون، ۽ محدثن، راوين، عالمن ۽ سنڌ جي
نيڪ عرب حاڪمن، هن جي خاص پرورش ڪئي. سنڌي ٻوليءَ
کي ئي اهو شرف حاصل آهي، جو هن ۾ قرآن شريف جو
پهريون ترجمو ٿيو، ۽ هن سڄي برصغير ۾ اها اڪيلي ۽
پهرين زبان آهي، جا قديم وقت کان وٺي عربي خط نسخ
۾ لکي وڃي ٿي، سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه لطيف جهڙي
اسلامي مفڪر ۽ روميءَ جي همنوا شاعر جو ڪلام آهي،
جنهن تي هي ملڪ ناز ڪري سگهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو
ادبي سرمايو به ايڏو ته وسيع ٿي چڪو آهي، جو هن
ملڪ جي ٻين ٻولين کي انهيءَ منزل تي پهچڻ ۾ ڪي
ورهيه لڳندا. انهيءَ شاندار پس منظر، مضبوط حال ۽
روشن مستقبل جي صورت ۾، سنڌ وارن لاءِ اهو عين
فطري آهي، ته هو سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪن…“
ـــــ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ وزن ۽ قافيي جا معيار
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[هن موضوع تي هيٺين مختصر وضاحت ان ’مقدمي‘ جو حصو
آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي مستند ۽ معياري متن،
جلد ـــ ا، لاءِ مسودي جي صورت ۾ لکيل آهي]
نج سنڌي شعر صدين کان وٺي ڳاهه، بيت ۽ قافي جي
صورتن ۾ هلندو آيو آهي. اهي صنفون ’نج سنڌي شاعري‘
جا بنيادي سِتُون آهن. سمجهڻ لائق هيءَ ڳالهه آهي
ته نج سنڌي شعر کي پنهنجو ’وزن‘ آهي، جيڪو ’علم
عروض‘ يا ’ڇند وديا‘ جي قاعدن جو محتاج ناهي. ’نج
سنڌي شعر‘ جا مخصوص ماڻ ۽ پنهنجيون خاص ’ڍارون‘
آهن، جن جو سلسلو ’عروضي ارڪانن‘ يا ’ڇند جي
ماترائن‘ کان الڳ آهي. البت سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽
سنڌي لفظن جي صوتي مٽاء کي سمجهڻ کان سواءِ ’نج
سنڌي شعر‘ جي وزن ۽ ماڻ کي سمجهڻ مشڪل آهي. مثلاً:
سرسهڻيءَ جي هڪ بيت جي سٽ کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
هيٺينءَ طرح بيهاريو آهي:
” ته ڪَر ڪِنءَ سئي؟ جي سير نه گهڙي سوهڻي“.
مگر هڪ ته شعر جي وچ ۾ سوال جي نشاني نٿي ٺهي،
ڇاڪاڻ جو شعر، شعر آهي ۽ نه عام گفتار يا روزمرهه
واري ڳالهه ٻولهه؛ ٻيو ته جي نشاني موجب سوال پڇي
سٽ پڙهبي ته ’وزن‘ جو نالو نشان ئي ڪونه رهندو؛
ٽيون اهو به ظاهر آهي ته ’ڪِنءَ‘ واري صورت ۾ سٽ
جو وزن ٽٽندو: جڏهن ’ڪِيئن‘ پڙهبو تڏهن وزن پورو
بيهندو.
شاهه صاحب جي ڪلام جو وزن ڄڻ فطري ۽’غير شعوري‘
آهي ۽ نه ’لفظي‘ تڪ طور ۽ ارادي وارو. اهو وزن ۽
ماڻ، شاهه صاحب جي پنهنجي شاعرانه شعور، پنهنجي
مادري سنڌي ٻولي جي مزاج، توڙي سنڌي شاعريءَ جي
صدين واري ڄاڻ جو نتيجو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي
ته شاهه صاحب علم عروض يا ڇند وديا جي قاعدن
قانونن کي سامهون رکي، لفظي يا حرفي ڪيچ وهٽ ڪري
بيت ۽ وايون ڪين جوڙيون. شاهه صاحب جو دور البت
علم عروض جي ڄاڻ ۽ عروضي شاعري جي ذوق شوق وارو
دؤر هو، پر اها ڄاڻ ۽ اهو ذوق فارسي شاعري تائين
محدود هئا. ڇند وديا جو هت نالو نشان ئي ڪونه هو.
انهيءَ ڪري شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون توڙي ٻي نج
سنڌي شاعري، انهن ٻاهرين ماپن ۽ ماڻن جي قيد وبند
کان آجا رهيا.
هت نج سنڌي شعر جي وزن جي تفصيلي وضاحت جي گنجائش
ڪانهي.
فقط ايترو چوڻ ڪافي آهي ته شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ
جي مزاج جو ماهر هو، ۽ سنڌي شعر جي اندروني لطافت
توڙي تاريخي روايت کان پوريءَ طرح واقف هو. انهيءَ
ڪري سندس بيت، شاعرانه لطافت، سنڌي بيت جي تاريخي
روايت توڙي اندروني سٽاءَ ۽ بيهڪ جي لحاظ سان پوري
وزن ۾ آهن، ۽ سندس وايون خاص طرح آلاپ ۽ الحان جي
ماڻن ۾ تُريل آهن.
’اعليٰ شعر‘ جي ’اعليٰ معيارن‘ جي انتهائي ڪانهي؛
البت اهو ضروري آهي ته سٽاءَ ۾ اهو ڪم از ڪم ’وزن‘
۽ ’قافيي‘ ۾ پورو هجي. اهي ٻه اهڙا عام فهم معيار
آهن، جن تي ڪنهن بيت کي پرکي سگهجي ٿو ته اهو شاهه
صاحب جو آهي يا نه. پر اهڙي پرک لاءِ ضروري آهي ته
’وزن‘ ۽ ’قافيي‘ جي ڪن لازمي خصوصيتن کي سمجهيو
وڃي.
وزن:
نج سنڌي شعر جي وزن کي سمجهڻ لاءِ سنڌي لفظن جي
’صوتياتي نظام‘ کي سمجهڻ ضروري آهي. ان نظام جي
خصوصيت مان ٻه لساني اعتبار سان نهايت اهم آهن:
(الف) هڪ ’اُچارن جو ادغام‘، ۽ (ب) ٻي ’اُچارن جي
سميٽ‘.
(الف) اُچارن جو ادغام:
ان جون ٻه صورتون آهن، هڪ ’ادغام ڪُلي‘، ٻيو
’ادغام جزوي‘. ادغام ڪُلي واري صورت ٺ، ٿ، ڦ، ک ۽
ڇ اُچارن جي آهي، جن ۾ ’هه‘ جو اُچار مڪمل طور
سمائجي ويو آهي. ان جي پرک اها آهي جو انهن اُچارن
جي پويان ٻي ’هه‘ اچي سگهي ٿي، جيئن ته ٺهڻ،
ٿَهرڻ، ڦهڪائڻ، کَهڻ، ۽ ڇُهڻ. ادغام جزوي واري
صورت ڀ (بهه)، ڌ (دهه)، ڍ (ڊهه)، جهه، گهه، ڏهه،
ڙهه، مهه، نهه، لهه ۽ ڻهه اُچارن جي آهي، جن ۾
’هه‘ جو ادغام مڪمل طور نه، مگر جزوي طور سمايل
آهي؛ يا ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘، جن ۾ ’ٽ ۽ ر‘ ۽ ’ڊ ۽ ر‘ جو
ادغام جزوي طور ٿيو آهي. ان ’جزوي ادغام‘ جي حيثيت
به ڄڻ هڪ ’منفرد اچار‘ واري آهي. ٻيءَ طرح ائين
چئجي ته ’ڏهه‘، ’ڙهه‘، ’مهه ‘، ’نهه ‘،
’لهه‘،’ٽر‘، ’ڊر‘ مان هرهڪ هڪ ’مستقل صوتيو‘ آهي.
معنيٰ ته اهو ٻن اچارن جي نه پر فقط ’هڪ ئي
اچار‘جي تحريري صورت آهي. سنڌي ’الف ــ بي‘ کي
مرتب ڪرڻ وقت اهو ضروري هو ته شروع کان ئي ڀ، ڌ،
گهه، جهه وانگر انهن اٺن اُچارن لاءِ به اٺ جدا
اکر شامل ڪيا وڃن ها. بهرحال هاڻوڪي صورتخطي کي مد
نظر رکندي، اسان چونداسون ته جيئن ’گهه‘ هڪ اکر
آهي ۽ ’جهه‘ به هڪ اکر آهي، تيئن ’ڏهه‘ به هڪ اکر
اهي، ’ڙهه‘ به هڪ اکر آهي ۽ ’ٽر‘ به هڪ اکر آهي؛
اهڙيءَ طرح باقي ’مهه‘، ’نهه‘، ’لهه‘، ۽ ’ڊ ر‘
وغيره به جدا جدا اکر آهن. انهن اضافي اکرن تي
جڏهن زبر، زير يا پيش ڏبو ته پهرئين ’جُز‘ تي ڏبو،
مگر اهو ٻنهي جزن سان لڳندو. متن ۾ پڻ اهوئي اصول
اختيار ڪيو ويو آهي. مثلاً: ”ڪَڏِهن“، ”پڙَهن“،
”سامُهون“، ”ڪانِهي“، ”ڳالِهه“،
”ماڻُهو“، ”وَٽِر“، ”ڊَرڀَڙا“. انهن لفظن جو ’وزن‘
به انهن مستقل صوتبن جي لحاظ سان توربو. البت
جيڪڏهن انهن اکرن ۽ آوازن جي ’ٻئي جز‘ کي جدا ڪري
پڙهبو ته پوءِ ٻن جدا اکرن واري صورت پيدا ٿيندي.
جيئن ته ’ڪَڏِ+هِين‘. اتي ’ڏ‘ ۽ ’هه‘ ٻه جدا حرف
ٿيندا ۽ وزن به جدا ٿيندو.
(ب) اُچارن جي سميٽ: ٻي خصوصيت ’سميٽيل
اُچارن‘ يا صَوتِي مَجَمَعَنِ‘ واري آهي، يعني
’آوازي جزن جا ميل‘ جن کي گڏي ملائي اُچاريو. ڪن
اسمن ۽ اسم جي جمع وارين صورتن توڙي فعل جي ڪن
صيغن ۾ جتي ’ي‘ يا ’ي ۽ الف‘ جا اُچار گڏجن ٿا ته
اُتي انهن ’سميٽيل اُچارن‘ يا ’صوتي مجمعن‘ واري
صورت پيدا ٿئي ٿي. اها خصوصيت ان نج سنڌي ’ٻولي‘
جي آهي، جيڪا اڪثر ٻهراڙيءَ ۾ نج صورت ۾ ڳالهائي
وڃي ٿي. مگر لکيت ۾ ’هِجي واري مجبوري‘ سببان،
پڙهيل طبقي ۾ ’نج سنڌي ٻولي‘ بدران ’ڪتابي ٻولي‘
رائج ٿي، جنهن ڪري سنڌي اسڪولن ۾ ’حرفي هِجي‘ واري
اثر هيٺ نَون پڙهيلن سنڌي ٻولي جي مزاج جي ابتڙ،
لفظن ۾ سمايل ’صوتي مجمعن‘ ۽ ’سميٽيل اُچارن‘ کي
ڀڃي جدا ڪيو. ساڳئي وقت نئين سنڌي عروضي شاعري جي
سيکڙاٽن پڻ لفظن جي ’حرفي هِجي‘ تي وزن قائم ڪيو،
البت جن سڄاڻ شاعرن جي زبان سنڌي ٻولي جي مزاج سان
هم آهنگ هئي (مثلاً سانگي، ماتم، حامد، مرتضائي)
تن ائين ڪونه ڪيو.
شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين وارن لفظن ۾ سنڌي ٻولي
جي مزاج وارا ’صوتي مجمعا‘ يا ’سميٽيل اُچار‘سمايل
آهن، جن جو وزن پڻ انهيءَ سٽاء مطابق ٿيندو. هيٺين
مثالن مان واضح ٿيندو ته نج سنڌي ٻولي جي مزاج
واري ’فطري اچار‘ ۽ ’هِجي واري مصنوعي اُچار‘ ۾
ڪهڙو فرق آهي.
لفظ |
ٻوليءَ جي مزاج واري فطري اُچار |
هِجي وارو مصنوعي اُچار |
پريان |
پِ + ريان ( . ـــ ) |
پِ + ر + يَان (.. ـــ) |
درياء |
دَ + ريا + ء ( . ـــ .) |
دَ + ر + يَا + ءُ (.. ـــ .) |
ڳاڙهو |
ڳا + ڙهو (ـــ ـــ) |
ڳَا + ڙ + هو (ـــ . ـــ) |
محبتين |
م ح + ب + تين (ـــ . ـــ) |
مَ + حَ + بَ + ت + يَن (.... ـــ) |
پِرين |
پِ + رين (. ـــ) |
پِ + رِ + يَن (.. ـــ) |
ڪاڻيارين |
ڪا + ڻيا + رين (ـــ ـــ ـــ) |
ڪا+ ڻِ + يا + رِ + يَن (ـــ. ـــ . ـــ) |
واڍوڙين |
وا + ڍو + ڙِين (ـــ ـــ ـــ) |
وا+ ڍو+ ڙِ + يَن (ـــ ـــ . ـــ) |
ڪُٺيِس |
ڪُ + ٺَيسِ (…) |
ڪُ + ٺِ + يَ + س (….) |
ٻيليپ |
ٻي + لَيپَ (ـــ ..) |
ٻي + لِ + يَ + پَ (ـــ …) |
نج سنڌي شعر ۽ خاص طرح شاهه صاحب جي معياري شعر جو
ماڻ ۽ وزن، سنڌي ٻولي جي پنهنجي مزاج ۽ ان جي فطري
صوتياتي نظام مطابق آهي. زيرون زبرون ڪنهن حد
تائين ان وزن کي نروار ڪري سگهن ٿيون، پر ان لاءِ
ضروري آهي ته ٻولي جا صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻو، شعر ۾
زيرن زبرن جي سٽاء کي متفقه طور عام مقبول بنائين.
مٿي بيان ڪيل ان اد غامي صورتن کي سامهون رکندي،
شاهه جي رسالي جي بيتن جي ڪن سٽن جي مثالن ذريعي
وزن ۽ ماڻ جي وڌيڪ وضاحت ڪجي ٿي.
• ”اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو“، هِت لفظ
’پِريان‘ ۾ ’ريان‘ جي صورت ’سميٽيل اچارن‘ يا
’صوتي مجمعي‘ واري آهي؛ يعني ته چئن اکرن ’ر+ي +
ا+ ن‘ جا اچار يا آواز سميٽجي [پِ + ريان] ”فَعُو“
جي برابر ٿيا آهن. ’هجي‘ واري صورت ۾ (”پ + رِ +
يان“) انهن جو وزن ”فعلن“ جي برابر ٿيندو، جنهن
سان سٽ جو وزن ٽٽندو. ’سميٽيل اچار‘ جي مناسبت سان
متن ۾ هيءَ لفظ ’پِريان‘ جي صورت ۾ لکيو ويو آهي؛
يعني ته ’يان‘ کي بنا زير زبر جي لکيو ويو آهي؛
جنهن جي معنيٰ ته ’يان‘ واري پڇاڙيءَ کي ’ر‘ جي
زير واري اُچار سان سميٽي پڙهبو.
|