سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :8

هن مختصر جائزي ۾ هن کان وڌيڪ ڀيٽ ۽ ٻنهي شاعرن جي ڪلام جي جزن جي هڪجهڙائي ۽ اختلاف بيان ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي، پر هي يقين آهي ته سندن ڪلام جي رنگ ۽ مختلف رخن تي ايتري روشني وڌي وئي آهي جو اهل ذوق سان انهن جي شاعريءَ جي خاصيتن ۽ تصوف جي باري ۾ ضروري تعارف ٿي ويو آهي. آخر ۾ رڳو هڪ ۽ آخري ڳالهه رهجي ويندي، ان کي ظاهر ڪري ڇڏڻ به ضروري معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته ان مان ٻنهي شاعرن جو باهمي تعلق معلوم ٿيندو.

سنڌي شاعري ۽ ادب جي مشهور محقق ڪلياڻ آڏواڻي سچل جي حالات زندگي قلمبند ڪندي لکيو آهي ته، ”سچل سرمست ۽ خواجه غلام فريد ٻئي فاروقي آهن. خواجه صاحب جا وڏا پهريان سيوهڻ ۽ ان کان پوءِ ٺٽي ۾ رهيا. بعد ۾ ان خاندان جي شاخ بهاولپور ۾ وڃي رهي. خواجه غلام فريد ان شاخ جي هڪ مشهور خاندان جو چشم و چراغ آهي. اهڙيءَ طرح سچل سرمست ۽ خواجه غلام فريد جا خاندان مٿي وڃي پاڻ ۾ ملن ٿا.“

هن تحقيق وڌيڪ نئين تحقيق جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. جن اهل علم ۽ محققن کي هن ڳالهه سان اختلاف هجي، اهي ڇنڊڇاڻ ڪري مٿئين دعويٰ کي رد يا قبول ڪري سگهن ٿا. ليڪن هنن ٻنهي شاعرن جي وچ ۾ هڪ ٻيو به لاڳاپو آهي، جنهن کي واضح ڪري ڇڏڻ به ضروري آهي.

هڪ ٻيو تعلق جيڪو خواجه غلام فريد جو سچل سرمست سان آهي، اهو به گهٽ ڪونهي اهو تقدم ۽ تاخر يعني اڳي ۽ پوءِ زماني جو آهي. اتر سنڌ جو اهو علائقو، جنهن ۾ سرائڪي زبان هلندي اچي ٿي (رياست بهاولپور کان جتي خواجه صاحب جي زندگي گذري) بلڪل مليل علائقو آهي. انهن علائقن ۾ زبان کان علاوه تاريخ ۽ ثقافت جا رشتا قائم رهيا آهن ۽ خواجه فريد جي زماني ۾ اهي اڄ جي مقابلي ۾ زياده مضبوط هئا. اڄ سرائڪي زبان جي علائقي ۾ رهڻ وارا ماڻهو سنڌ جي سرائڪي شاعرن کان ايتري قدر واقف نه آهن، جيتري قدر سنڌ جا ماڻهو سلطان باهو ۽ خواجه فريد جي ڪلام کان هميشہ پوريءَ طرح واقف رهيا آهن ۽ اڄ به انهن جي شعر سان سندن دلچسپي گهٽ ڪانهي. سنڌ ۾ بلها شاهه، سلطان باهو ۽ خواجه فريد جو ڪلام شهرن ۽ واهڻن ۾ هڪجهڙو مقبول ۽ مشهور آهي.

خواجه صاحب سنڌي زبان مان به واقف هو. سندس ڪلام ۾ ڳچ سنڌي ڪافيون به آهن. اهڙيءَ طرح سچل جي ڪلام سان ان کي گهڻي دلچسپي هئي، جنهن جو ثبوت سندن ديوان جي مطالعي مان ملي ٿو. خواجه صاحب جي ڊگهي ڪافي ۾ دلچسپي بظاهر سچل جي زير اثر معلوم ٿئي ٿي. ان کان سواءِ خواجه صاحب سچل جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين جي ڀران به ڪافيون چيون آهن. انهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا. خواجه صاحب جي جنهن ڪلام جو مطلع هيٺ درج ڪيو وڃي ٿو، اهو سچل جي زمين ۾ آهي:

خواجه غلام فريد:

هر دم وسين پيا ساڏي ويڙي

دليان تي ديدان تيڏي ديري

جندڙي ڇٽڻ فريد هي مشڪل

ويڙهيا عشق اويڙي

سچل سرمست:

وسين اساڏڙي ويڙهي

ٿيوين نماڻي دي نيڙي

سبق وساريا سچو ڪون سارا

تيڏي سو عشق اويڙي

هڪ ٻيو مثال ڏسو:

خواجه فريد:

ساڏي دل ڦير ڏي

جيوين کس نيتي ڪيو قابو ڪيتيء

ڏوه ورائين ويڻ اليندين

ڏيکڻ سيتي تريڙهي پيندين

ڏي دڙڪي رت پيتيء

انهيءَ انداز جو ڪلام سچل وٽ به موجود آهي:

يار ديواني چا ڪيتيء

ٻي تا ڪيهي آکائين ڳالهه

چشمان دي چوپڙ پٿر ڪراهڻ

ساري بازي جيتئي

دلبر سائين مشتاقان دي

رت دلين دي پيتئي

درد مندان دي دلڙي دلبر

نال نگاهان نيتئي

اپڻي محبت سهڻا سائين

نال ”سچو“ دي سيتئي

هڪ ٻيو مثال ساڳئي قسم جو پيش ڪجي ٿو:

خواجه فريد:

دستون پير مغان دي پيتم عشق دا جام

گذري فرض فريضي سنت ڪون ڀي سلام

هي ڪلام سچل جي زمين ۾ ئي نه پر هن سنڌي ڪلام جي تتبع ۾ چيو ويو آهي:

پاڻ ڪريان جي پڌرو، ڪرن مڙيئي قتلام

جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام

دم نه اڳيون دين ٿيو، ڪفر نه ڪو اسلام

فارغ آهيان فرض کان، سنت کي به سلام

سچو آهيان سچ ۾، ناهي حلال حرام

اهڙيءَ طرح سچل جي سنڌي شعر جي ڀيٽ ۾ خواجه صاحب جا شعر ڏسو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته خواجه صاحب سچل کان استفادو ڪيو آهي.

خواجه صاحب:

ڏکڙين ڪارڻ ڄائي هم

سولين سانگ سمائي هم

هي شعر سچل سرمست جي هن سنڌي شعر جو ترجمو آهي:

آءٌ ڇو ڏکن ڪاڻ ڄائي آهيان

سورن ڪاڻ سمائي آهيان

اهڙيءَ طرح خواجه صاحب جي ڪافي جو هڪ شعر ڏسو:

ٿئي تابع خلقت سڀ، تا ڀي ڪيا ٿي پيا، هي گم ٿي مطلب

هي به سچل جي ڪافي جي هن شعر جو ترجمو آهي:

توڙي پٺيءَ لڳي سارو جڳ، ته به ڇا ٿيو؟ ناهي مڃتا ۾ مطلب

مطلب ته خواجه صاحب پنهنجي هڪ اڳئين بزرگ ۽ عظيم شاعر هجڻ جي ڪري سچل سرمست کان ڪافي استفادو ڪيو… خواجه فريد به پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ عظيم شاعر هو. سندس پنهنجي ڪلام جو رنگ نرالو آهي. سچل سرمست وانگر هو به عظيم شاعر آهي. انهن ٻنهي شاعرن جو ڪلام پنهنجي قسمين قسمين خاصيتن جي بنا تي علاقائي حدن مان ٽپي بين الاقوامي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ڇو ته انهن جي شاعري عشق جي عظمت ۽ انسان دوستي جو اهو معيار قائم ڪيو آهي، جو ڪنهن علائقي تائين محدود نه ٿو رهي سگهي. اسان کي کپي ته انهن جي شاعري جي ”انسان دوستي“ واري پهلو کي زياده اجاگر ڪريون ۽ انهن جي پيغام تي عمل ڪري، ذهن قلب ۾ پاڪائي ۽ روحاني سڪون حاصل ڪريون، جيڪو اڄ جي دنيا ۾ اڻ لڀ آهي ۽ جنهن جي ڳولا ۾ نئين دنيا جو روح ڀٽڪندو رهي ٿو.

                     (ترجمو: عبدالرسول قادري بلوچ)

انڊيا آفيس لئبريري لنڊن ۾ سنڌي قلمي ڪتاب

                                غلام محمد لاکو

جُڳ کان فاتحن جو هي دستور رهيو آهي ته اهي سڀ کان اول مفتوحن جي علم ادب کي نشانو بنائيندا آهن. سنڌ سان به هر ڀيري هي دستور لاڳو رهيو، ليڪن انگريزي يلغار سان ائين نه ٿيو. انگريزن سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد هتي جي علم ادب کي ناس ڪرڻ بجاءِ، انگلينڊ جا ڪتبخانا ۽ ميوزم سينگاريا. هند توڙي سنڌ جا ڪتابي ذخيرا هونئن ته ان ملڪ جي متعدد ڪتبخانن ۾ موجود آهن، ليڪن لنڊن شهر جي ٻن مرڪزن ــــــ انڊيا آفيس لئبريري ۽ برٽش ميوزم کي هن خطي جي اتهاس ۽ ساهت مان ڪجهه زياده حصو پلئه پيو ٿو ڏسجي. انگريزن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيڪو علم آندو، ان متعلق اڳتي هلي پوءِ جدا جدا عالمن ڪيٽالاگ تيار ڪيا ۽ فهرستون ٺاهيون. ان ريت واسطيدار ملڪن جي ٻولين ۽ ساهت جي اڀياس ۾ مدد ملي. ابتدا ۾ لنڊن ۾ گڏ ڪيل فارسي ۽ فارسي مخطوطن بابت ايٿي ۽ ريو ڪم ڪيو. ان سان گڏ ڪجهه ٻين ماهرن وري هند جي مقامي ٻولين بابت ڪم جو آغاز ڪيو ۽ لنڊن ۾ موجود قلعي ڪتابن بابت يليو گرافيز ۽ ڪيٽالاگ تيار ڪيا ويا. برٽش ميوزم ۾ موجود هند جي ڏيهي ٻولين جي قلمي ڪتابن بابت، سال 1905ع ۾ جـٖـي. ايف. بِلم هارڊٽ هڪ ڪيٽالاگ شايع ڪيو. انڊيا آفيس واري قلمي ذخيري متعلق متعدد عالمن ڪم ڪيو آهي، تاهم ايس. سي. سٽن جي گائيڊ کي بنياد بنائي تازي دور ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽافر شيڪل اُتي موجود ”پنجابي ۽ سنڌي“ قلمي ڪتابن بابت هڪ نادر ڪيٽالاگ شايع ڪيو آهي.

ڊاڪٽر سي. شيڪل لنڊن يونيورسٽي جي اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ ڪم ڪري ٿو. کيس سنڌ جي سرائڪي ادب تي سٺي مهارت حاصل آهي. ان ڏس ۾ سندس هڪ ڪتاب پڻ ملتان مان ڇپجي چڪو آهي. انڊيا آفيس لئبريري متعلق پنهنجي گائيڊ ۾ ”سَٽن“ ٻڌايو هو ته اتي ڇاونجاهه پنجابي ۽ اوڻيهه سنڌي قلمي ڪتاب رکيل آهن، ليڪن ڊاڪٽر شيڪل هن عنوان تي وڌيڪ گهرائي ۾ وڃي ڪم ڪيو آهي، ۽ ٻڌائي ٿو ته انڊيا آفيس لئبريري ۾ صرف سورنهن قلمي ڪتاب موجود آهن. اسان کي مدبر مهراڻ جناب نفيس احمد شيخ جي ٿوري سان، ڊاڪٽر شيڪل جو تيار ڪيل ڪيٽالاگ مطالعي لاءِ مليو ۽ ان جي حوالي توڙي تحقيق ذريعي، هتي انهن سورنهن مخطوطن جو مختصر تعارف ڪرائجي ٿو.

ذڪر هيٺ ايندڙ مخطوطن جو واسطو گهڻي ڀاڱي اسلامي دور سان آهي. سنڌيءَ لاءِ عربي رسم الخط ڪڏهن رائج ٿيو، ان متعلق ڪابه مناسب معلومات مهيا ڪانهي. ليڪن اندازو آهي ته ارغوني گهل بعد، سنڌي زبان ۽ ساهت تي جا مصيبت آئي ۽ قهر نازل ٿيو، ان سبب هتي جي عالمن ۽ اديبن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بچاءَ جو فڪر داسنگير ٿيو. ان پس منظر ۾ سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ابتدا ٿي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾، سنڌي زبان جي تحريري ذخيري ۾ اڃا به واڌارو ٿيو. برٽن ان متعلق لکيو هو ته:

”تڏهن ڪابه اهڙي ڏيهي زبان ڪانه هئي، جنهن ۾ سنڌيءَ کان گهڻيون يا وڌيڪ ڪارآمد تصنيفون هجن. ان جو گهڻو حصو خاص ڪري عربيءَ مان ڪيل ترجما ۽ مذهبي تصنيفون آهن. سنڌ ۾ ڪيترا ڪتاب ملندا، تنهن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهن. پر ٻن ــ ٽن سون کان گهٽ هٿ ڪونه ايندا“(1).

سنڌ ۾ اسلامي دور جي خاتمي ڌاري، سنڌي زبان ۾ ڪتابن جي تعداد ۽ انهن جي ڪيفيت متعلق، برٽن جو هي حوالو نهايت ئي قيمتي آهي. اهوئي ڪتابي ذخيرو هو ۽ ڪتاب هئا، جن کي ميڙي چونڊي انگريزن پنهنجا ڪتبخانا ٺاهيا ۽ ميوزم سينگاريا. اڄ جيڪڏهن اهو سمورو ذخيرو کڻي دستياب ڪونهي، تاهم انهن مان ڪو حصو پتي به اسان کي ملي وڃي ته هوند اسين پنهنجي علمي تاريخ جا ڪيئي خال ڀرڻ ۾ سڦل ٿي وڃون. اهڙي اڀياس ذريعي ـــ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌي ساهت جي حقيقي اڀياس، سنڌي الف ــ بي جي اوسر، سنڌي زبان ۾ ڪتب نويسي ۽ سنڌي مصنفن، عالمن ۽ ڪاتبن متعلق مطالعي ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي!

ڊاڪٽر شيڪل جو مذڪور اڀياس، ان ڏس ۾ اسان جي ڪارائتي مدد ڪري ٿو. هو صاحب انڊيا آفيس ۾ موجود سنڌي قلمي ذخيري بابت لکي ٿو:

        "Apart From the Risalo of Shah Abdul Latif, the greatest of Sindhi poets, the majority of the manuscripts resemble the Muslim Panjabi manuscripts in being versified Islamic treatises, the main emphasis being on the works of Makhdum Muhammad Hashim of Thatta and his disciples" (p-ii).

ڊاڪٽر شيڪل ابتدا ۾ پنجابي ۽ سِک مخطوطن جو ذڪر ڪيو آهي. بعد ۾ پاڻ سنڌي قلمي ڪتابن جو تعارف ڏئي ٿو. سندس ڪيٽالاگ ذريعي هيءَ خبر پوي ٿي ته سنڌي زبان ۾ زياده تر ڪتب نويسي ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي ۽ سواءِ جزوي اختلافن جي، ان دور ۾ سنڌيءَ لاءِ هڪ ڪامن رسم الخط وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کي بنياد بنائي فريئر جي زماني ۾، هڪ مستقل الف ـــ ب تجويز ڪئي وئي. ان کان علاوه شيڪل صاحب ٻڌائي ٿو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، پنهنجي دور جو هڪ وڏو مصنف ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي زبان ۾ ڪتابن جو جهجهو تعداد ڇڏيو آهي. هن تمهيد بعد ڊاڪٽر شيڪل جي حوالي سان، انڊيا آفيس جي سنڌي قلمي نسخن جو ذڪر ڪجي ٿو.

(1) شاهه جو رسالو:

ڪل ورق 145؛ ماپ 12+21 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11 کان 14 سٽون؛ اوڻهين صدي.

ابتدا:

پرتوو پنوء جو جر جي جالا ڏي

آءُ ته آري کي وئيو راه رونا کنو

هي نسخو ’سرسسئي‘ سان شروع ٿئي ٿو ۽ رٿا هن ريت اٿس: سسئي؛ سهڻي؛ پورب؛ رامڪلي؛ ڪلياڻ؛ سريراڳ؛ سامونڊي؛ کنڀات؛ بروو؛ سورٺ؛ کاهوڙيان؛ رپ؛ گهاتو؛ پرڀات؛ ڏهر؛ ڪاپائتي؛ ڌناسري؛ مارئي؛ ڪاموڏ؛ ڪاراهل؛ آسا؛ بلاول؛ مومل راڻو؛ سارنگ؛ ڪيڏارو؛ شينهن ڪيڏارو ۽ بسنت.

پڄاڻي:

عمر سڀ الکس، انکي وهامي ويئي

ويا وڄائي سکي ڀوريه ۾ پيهي

ڏسده، ڏيهي اوناکا نسورا ثيئا.

ڊاڪٽر شيڪل جو چوڻ آهي ته هن نسخي ۾ ڪل ڇويهه سُر آهن. جيئن ته مصنف پاڻ رسالو ترتيب نه ڏنو، انڪري سڀني نسخن ۾ اختلاف موجود آهي. گهٽ معاوضي ملڻ سبب ڪاتبن گهٽ خوشنويسي ڏيکاري آهي. محترم ڊاڪٽر بلوچ موجب هي نسخو، برٽش ميوزم واري جو نقل آهي، تاهم ان جو به انتخاب ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن نسخي جي ڪيفيت ذرا مختلف ڏني آهي. (شاهه جو رسالي جا سرچشما، ص 22-24)

(2) تفسير هاشمي

ڪل ورق 399، ماپ 1305+21 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11 کان 15 سٽون اڏوهي کاڌل، عربي عبارت ڳاڙهي مس ۾، تاريخ 30 صفر 1225 (1810ع).

هي نسخو ٻن ڀاڱن ۾ آهي، جنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، قرآن پاڪ جي آخري پاري جو شرح سنڌي نظم ۾ پيش ڪيو آهي. پهريون ڀاڱو هن ريت شروع ٿئي ٿو:

سڀ ساراه تہ رب کي جو خالق خلقنهار

سٻاجو سڀ پر ڏڏن جو ڏاتار

مخدوم صاحب جي هي هڪ اهم تصنيف آهي، جا سن 1162هه/1749ع ۾ پوري ٿي ۽ عام جام ڇپي آهي. مخدوم صاحب ٽي سؤ کن ڪتاب، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تيار ڪيا. سندس تصنيفون اڪثر درس ۾ شامل رهيون. اهي اڪثر سادي شعر ۾ آهن. هي طريقو مخدوم ابوالحسن جي ايجاد آهي. جيئن ته پهريون ڀاڱو سورت النبا (نمبر: 78) سان شروع ٿئي ٿو، انڪري ان کي ”تفسير سورت النبا“ به سڏيو ويو آهي. هي حصو سورت القدر (نمبر: 97) جي تفسير سان ختم ٿئي ٿو. نقل نويس هن حصي کي هن ريت ختم ڪيو آهي:

قدتم الجلد الاول من التفسير الهاشمي بعباره سنديہ في تاريخ 30ــ ماه صفر 1225هه.

هن تفسير جو ٻيون ڀاڱو سورت البينہ (نمبر: 98) سان شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي پڄاڻي سورت الناس (نمبر: 114) تي ٿئي ٿي. هي نسخو ٻن ڪاتبن جي اکرن ۾ آهي. پڄاڻي هن ريت اٿس:

ئي طريقا مرن امورن ۾ آهي مجرّبا

ويدا سي ايمان سي ڪلمو جي چوندا

(3) بناءَ الاسلام

ڪل ورق 221، سائيز 15+22 سينٽي ميٽر، صفحي تي 11 سٽون، عربي شعر ڳاڙهي مس ۾، اڻويهين صدي.

مخدوم محمد هاشم جو هي شعري مقالو، اسلام جي بنيادي قاعدن متعلق آهي. ابتدا:

سڀ ساراه صاحب کي جو رياجِہ جَهان

عرش خلقيا ۽ ڪرسي پونيون آسمان

مخدوم صاحب عربي ۽ فارسي ڪتابن جي مدد سان، هي مڪتوب 5 ذوالحج 1143هه (1731ع) تي تيار ڪيو. شيڪل ان کي مخدوم صاحب جي بهترين تصنيف قرار ڏنو آهي. آخر ۾ فارسي نوٽ ۾ ان کي ”عقائد سنڌي“ به سڏيو ويو آهي. پڄاڻي هن ريت ڪئي وئي آهي:

مر هي مؤمن مرئي ميّت ۽ احَيا

هي سچو سنهارو ڪلمون جن چيو سچه منجا

(4) قوت العاشقين(1)

ڪل ورق 2+240 سائيز 2+2305 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 14 سٽون، تاريخ 2 رمضان 1167هه (1754).

هن ڪتاب ۾ مخدوم محمد هاشم، رسول ڪريم صلعم جي مدح ۽ سندس معجزن کي قلمبند ڪيو آهي. هن نسخي جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:

اغثني يا رسول الله حانت ندامتي

اغثني يا حبيب الله قامت قيامتي

رسهم رسول رب جا احا عاجزن

سٻاجا سڀ پر مرڪز مرسلن

شيڪل صاحب هن تصنيف کي، ڊاڪٽر شمل جي حوالي سان، هڪ بهترين تصنيف سڏيو آهي. هي ڪتاب 1127هه (1715ع) ۾ پورو ٿيو. هن کي ”سنڌي معجزا“ به سڏيو ويو آهي. مخطوطي جي ابتدا رسول پاڪ جي شان ۾ چيل قصيدي سان ٿئي ٿي. هن ۾ 160 معجزن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مصنف روايتي طرح دعائن سان پڄاڻي ڪندي، پنهنجي هن تصنيف جو مقصد چٽو ڪيو آهي.

پڄاڻي:                سنهکا ڪري سچا ڌڻي قبر جا ڪمرا

سان لڏائي ڪلمي دني دار ڪنا

هن دستخط جو ڪاتب عبدالله بن ابوبڪر آهي ۽ ڪتابت جي تاريخ 2 رمضان 1167هه آهي.

کتبه الفقير عبدالله بن ابوبڪر بتاريخ 2 شهر ماه رمضان 1167هه.

(5) مخدوم محمد هاشم جا ٻه ڪتاب

ڪل ورق 193، ماپ 11+20 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11 کان 13 سٽون، اڙهين صدي.

مخدوم صاحب جا هڪ جلد ۾ ٻه مخطوطا آهن.

(الف) رساله السراجيته: مخدوم محمد هاشم جو نظم ۾ وراثت جي قانون بابت هڪ مقالو آهي. هي ڪتاب اصل يا ترجمو آهي، ان متعلق پڪ سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.

ابتدا:       ســـارا هــجي ســو ڌڻــي جو قاسـم قسمت

رحمت تهجي رسول اُتي جو صاحب شريعت

 

پڄاڻي:            والله اعلم بالصواب بانسا ڪوه ڀڄن

مولو مرهي مومن ڪلمون جي چون

خاتمو:

”تمت بالخير هـٰـذه الرسالة المسمي بالسراجية.“ خاتمي تي ڪجهه دعائيه جمله فارسي نثر ۾ به ڏسجن ٿا. رسال السراجية جي هڪ ٻي کٽل ڪاپي به موجود آهي، جنهن جو اختتام هن ريت آهي:-

”بتاريخ 22 شهر رجب ميان عبدالرحمان ولد ميان احمد بن ميان محمد علي متولد شد روز شنبه 1188هه.

(ب) قوة العاشقين اڳ ذڪر ڪيل ڪتاب جي هي ٻي ڪاپي کٽل حالت ۾ آهي. هن نسخي ۾ ڪافي نقص آهن، جن جو ذڪر ڊاڪٽر شمل تفصيل سان ڪيو آهي.

(6) فرائض الاسلام

ڪل ورق 298، ماپ 14+20 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي 11 سٽون، ارڙهين صدي؟


(1) J.f. Blumhardt: "Catologue of the marathi, Gujrati, Bengali, Assamese, Oriya, Pushtu & Sindhi Manuscripts in the British Museum" London, 1905.

(2) S.C. Sutton: "A Guide to India office library", London 1967.

(3) Dr. Schackle "Catologue of the Panjabi & Sindhi Manuscripts in the India office library". 1977.

(1) Dr. Schackle: "Styles & Themes in Siraiki Poetry of Sindh" Bazam-e- Saqafat Multan.

(1) ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وِسندڙ قومون“، ترجمو محمد حنيف صديقي، ص 14، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.

(1) شيڪل: ”قدرت العاشقين“ (ص 60) لکيو آهي، جو صحيح نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com