سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :12

مڻيا، شيشو، ڌوپ (لوبان) وغيره.

12. پٽيالا (برهمڻڪا!)، پارٿين کان واڳون وٺندڙ ڪشن حڪمرانن ۽ ان کان پوءِ وري پارٿين، ساسانين، رهليڪسن، راءِ ۽ برهمڻ گهرائي جي دؤر حڪومت ۾ پڻ پنهنجي اهميت برقرار رکي، برهمڻڪا يا برهمڻ راءِ توڙي برهمڻ گهراڻي جي ايام ڪاري ۾ لاڙ (ڏکڻ سنڌ) جي گاديءَ جو هنڌ هو. ديوراج پٽ چچ ۽ ڏهرسين پٽ چندر 700ــ669ع جي دور حڪومت ۾ هيءُ شهر خودمختيار لاڙ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن سان ڪڇ وارو علائقو پڻ شامل هو.

13. هيءُ شهر راجا ڏاهر جي حڪومت وارن ڏينهن ۾، اونهاري جي موسم لاءِ سنڌ جو تخت گاه هو ۽ 711ع ۾ سندس موت بعد محمد بن قاسم ”برهمڻواه“ يا ”ٻانڀڻ واه“ کي چند مهينا گهيرو ڪيو ويٺو هو، جتان راجا ڏاهر جو پٽ جئين کانئس اک بچائي کسڪي ويو.

14. محمد بن قاسم جي سنڌ مان نڪرڻ بعد 714ع ۾ راجا ڏاهر جي پٽ جئين برهمڻ آباد تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ سنڌو درياءَ جي اوڀارين پاسي وارو سمورو علائقو پڻ فتح ڪري پنهنجي هٿ هيٺ آندو. 718ــ 717ع ڌاري خليفي عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي جئسين اسلام قبول ڪيو ۽ سنڌو درياءَ جي اوڀارين پاسي وارو علائقو، جيڪو سندس حڪمراني هيٺ هو، سو سمورو خليفي طرفان سندس ئي حڪومت هيٺ تسليم ڪيو ويو.

15. 725ع ۾ اولهه سنڌ جي عرب گورنر جنيد، جئسين تي خراج ڏيڻ لاءِ زور رکيو. جئسين، هيءُ جواب ڏيئي انڪار ڪيو ته هو هاڻ مسلمان هو ۽ سندس حڪومت خليفي عمر بن عبدالعزيز طرفان تسليم ڪئي وئي هئي؛ تنهن تي جنيد وري هي بهانو بنائي مٿس حملو ڪيو ته جئسين مرتد ٿي ويو آهي، سو سيرڪي ڍنڍ (گهڻي قدر مکي فرشُ) وٽ کيس شڪست ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيو. سندس سوٽ چچ بن ڏهرسين، جيڪو اها سڄي ماجرا خليفي کي سڻائڻ لاءِ روانو ٿيو، تنهن کي اهو چئي رستي تي روڪيو ويو ته جئسين جو قتل خالي غلط فهمي جي ڪري ٿيو آهي، پر پوءِ سندس به انت آندو ويو. برهمڻ آباد ۾ پوءِ به عربن خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪندي رهي، تنهنڪري 730ع ۾ هڪ فوجي علائقو ”محفوظه“ اڏيو ويو، جيئن سنڌ اندر ٽڙيل پکڙيل عربن کي اتي آباد ڪري سندس بچاءُ ڪري سگهجي. 734ع ڌاري، جڏهن برهمڻ آباد تي عربن جو مڪمل قبضو ٿي ويو، تڏهن ان کي سڄي سنڌ جو تخت گاه بڻائي مٿس نئون نالو ”منصوره“ رکيو ويو. ٻن سو سالن کان پوءِ عرب سياحن ان کي سنڌين کان ”برهمڻواه“ ۽ عربن کان ”منصوره“ سڏيندي ٻڌو. اڃا به ان کان هڪ صدي پوءِ البيروني هن جو نالو ”برهمڻواه“ ئي ٻڌو. عربن طرفان سنڌ جي گادي بڻجڻ بعد ”برهمڻ واه“ 714ع کان 854ع تائين، 140 سالن جي ان عرصي ۾ بنو اميه جا 10 ۽ عباسين جا 29 گورنر مقرر ٿيندي ۽ وري معطل يا خارج ٿيندي ڏٺا.

16. 854 کان پوءِ، مقامي عربن جو ”هباري قبيلو“ سنڌ جو خود مختيار حڪمران بڻيو. سانگهڙ ضلعو هباري حڪومت دوران 855ع کان 1011ع تائين ڏاڍو پر امن ۽ سکيو ستابو رهيو. ڪيترن ئي عرب سياحن، سانگهڙ ضلعي جي شهر ”منصوره“ (برهمڻ آباد) کي ڏٺو، جن خصوصاً ضلعي سانگهڙ ۽ عموماً سڄي سنڌ زرعي فصلن، ميون ۽ واپاري شين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

17. ”منصوره“ (برهمڻ واهه) 1011ع کان 1023ع تائين خفيف نالي هڪ سومري حاڪم جي هٿ هيٺ هو، جنهن کي محمود غزنويءَ اجاڙيو.

18. بهرحال ان حادثي کان پوءِ به سانگهڙ ضلعي پنهنجي اهميت برقرار رکي، پر 1226ع ۾ هاڪڙي درياهه جي صفا سڪي وڃڻ سبب هن جي اوج کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. هن آبي ذريعي مان جڏهن پاڻي گهٽجڻ لڳو ته سانگهڙ ضلعي جا اهي ڀاڱا، جيڪي مُنڍ ــ جمڙائو کان هيٺ ٿا اچي وڃن، سي وري ڪنهن ساوا ٿيدي ڪونه ڏٺا. انهيءَ سان گڏوگڏ اها به هڪ حقيقت آهي ته کپرو تعلقو برسات گهٽ پوڻ ۽ 2000 ق.م کان ”درشاد وئتي“  (Dirshaduati) نديءَ جي سڪي وڃن سبب، اڳي ئي سوڪهڙي جو شڪار هو. سنڌو درياءَ جي اڀرندي شاخ، جيڪا هميشہ برهمڻ آباد جي ڀرسان وهندي هئي، سا لڳي ٿو ته 11 ۽ 12 عيسوي صدي ڌاري اولهه پاسي کان ڪجهه ميل پرڀرو ٿي وهڻ لڳي. هيءَ صورتحال برهمڻ آباد جي دائمي تباهيءَ جو سبب بڻي. زراعتي فصل به رڳو درياهه جي نئين وهڪري سان 10 کان 15 ميلن جي فاصلي تائين محدود ٿي ويا هئا، جيڪو هاڻي هالن کان اڏيري لال ڏانهن نصرپور ويندڙ رستي سان وهڻ لڳو هو.

19. 1859ع ۾ انداز 600 سالن جي وقفي بعد سنڌ جي ان وقت برطانوي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مسٽر فائيف  (Mr: Fife) پراڻي هاڪڙي کي، سنڌو درياءَ منجهان، روهڙيءَ وٽان هڪ نئون منهن ڏنو، پر پوءِ به مُنڍ ــــ جمڙائو کي موجوده صورتحال ۾ اچڻ لاءِ ٻيا به وڌيڪ 15 سال لڳي ويا. ان ريت اسان کي پراڻي درياهي نظام جي بجا3 ننڍا واهه مليا، جن اچي رڻ کي رونق بخشي ۽ اتي هڪ نئين حياتي آندي. جمڙائو ۽ مٺڙائو واهن جي آبي نظام تي وڏي تعداد ۾ ڦٽين جي فصل لهڻ سبب، سانگهڙ ضلعو سنڌ اندر ڦٽين ٽاڻڻ جي ڪارخانن جو هڪ وڏو مرڪز بڻجي پيو. ان لحاظ کان ٽنڊوآدم برصغير جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر هو. جڏهن وري مئي 1948ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو، تڏهن ڪجهه وقت لاءِ هيءُ سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ٿي پيو. ڪپهه جي پيدائش ۾ هيءَ بادشاهه علائقو هو. اهو به سانگهڙ ضلعو ئي هو، جتان ڦٽين جو فصل ۽ ساڳيءَ طرح ڦٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا باقي سنڌ ڏي وڌيا.

20. مکي ـــ فرش جو ڌٻڻيون ۽ ان جا ٻيلا، وقت جي انگريز حڪمرانن خلاف شمع آزاديءَ جي سنڌي پروانن کي پناهگاه جو ڪم ڏيندا هئا. اوڻهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۽ ويهين صديءَ جي اڌ تائين هتي حر تحريڪ جو مرڪز هو. اهڙي ٽڪراءَ جا ڏاڍا اگرا نتيجا نڪتا، ڇاڪاڻ جو اهي زمينون، جيڪي آزاديءَ جي متوالن سان سٿيون پيون هيون، سي خالي ڪرائي، زمين کي هڪ ڪرو ڪري، ان کي آبادي هيٺ آڻڻ لاءِ نيڪال ڪيو ويو. اهو قدرتي ماحول، جيڪو فطري طرح مؤرخن، نباتات ۽ حيوانات جي ماهرن جي اهميت وارو هو، سو تباهه ڪيو ويو. هاڻي ضلعي سانگهڙ ۽ انهن ٽنهي ندين واري حيواني ۽ جاگرافيائي زندگي، جيڪا هڪ ٻئي کان نموني ۾ بلڪل الڳ هئي، جنهن کي اهي نديون ان قسم جي زندگي بخشينديون هيون، تنهن مان هاڻي باقي ٿورو ڪجهه وڃي بچيو آهي.

 [ترجمو: سيد محسن علي شاهه بخاري]

عالمن ۽ محققن ثابت ڪيو آهي ته قرآن ڪريم ۾ سنڌ جي چند چيزن جو ذڪر موجود آهي. قرآن ۾ بهشتي زندگيءَ جي منظرڪشي ڪندي چيو ويو آهي ته ات اهڙا شراب استعمال ڪيا ويندا، جن جو مزاج سُنڍ ۽ ڪافور جهڙو هوندو.

”کان مِـزاجُـہ زَنجبيلا ــــ کان مِـزاجُـہ ڪافـور!“

ان طرح قرآن ۾ مشڪ کي مسڪ چيو ويو آهي. يهودين جي ذڪر ۾ قرآن ٻڌائي ٿو ته يهودين ٿوم ۽ بصر جي تقاضا ڪئي. ”فومها و بصلها.“ صاف ظاهر آهي ته ٿوم کي فوم ۽ بصر کي بصل چيو ويو آهي، جي ٻيئي ٺيٺ سنڌي لفظ آهن.

ان طرح بهشت جي پوشاڪن ۾ ”سُندُس“ ۽ ”اِستَبسرَق“ بيان ٿيل آهي. اُن ۾ ’سندس‘ اهائي ’سِنڊڻ‘ آهي، جا توريت ۾ به بيان ٿيل آهي. استبرق منهنجي خيال ۾ اهوئي اجرڪ آهي، جو معرب ٿي استبرق ٿيو آهي. اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ان لاءِ محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

خود حضور ڪريم صلعم جن جي لسان رسالت تان ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي ماڻهو“ جا لفظ موجود ثابت ٿيا آهن. مثلاً هڪ ڀيري کانئن پڇا ڪئي ويئي ته ”يارسول الله! اوهان موسيٰ عليه السلام کي ڏٺو؟“ پاڻ سڳورن جواب ۾ ارشاد فرمايو: ”هائو، موسيٰ اهڙو آهي جهڙو سنڌي ماڻهو.“

ان طرح سان هڪ ٻي تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته جڏهن نجران جا عيسائي، حضور سان مباهلي ڪرڻ لاءِ آيا هئا، ۽ اچي مسجد نويءَ جي در تي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پاڻ ڪريمن، کين ڏسي، صحابه کان پڇا ڪئي ته ”هي ڪير آهن؟“ ائين چوندي هي لفظ به چيائون ته ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن.“ صحابه عرض ڪيو ته هي ”نجران جا عيسائي آهن.“ مٿينءَ روايت ۾ ’ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن‘ غور طلب لفظ آهي.

هڪ روايت ۾ آيل آهي ته پاڻ نماز ادا ڪري، سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا، صحابه جي پڇا تي فرمايائون: ”مون کي ان طرف (سنڌ) کان جنت جي هير ٿي اچي، جا منهنجي دل کي سڌير ٿي ڪري.“ ان واقعي متعلق اقبال چيو آهي ته:

ميرِ عرب ڪو آئي ٺنڊي هوا جهان سي

ميرا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي

ان ۾ ’ميرا وطن‘ مان مُراد ”سنڌ“ آهي ۽ فقط ”سنڌ“.

                        غلام محمد ”گرامي“

”انسانن جيڪي اڄ تائين تعميري خواب ڏٺا آهن، ۽ جا حاصلات، جو حسن ۽ جا عظمت کين نصيب ٿي آهي، سا رڳو ڪاغذ جي سيني ۾ ئي ڌڙڪندي محسوس ٿئي ٿي……

جيستائين چڱو ادب ظاهر ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين معصوم ٻارڙا مشڪندا رهندا، انسانيت جو مستقبل اونداهو نه رهي سگهندو“ ــــ برنارڊشا

ڪهاڻيون

هڪ ڳالهه ڪري، ناول ڪردار جي اوسر تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته ڪهاڻيءَ کي اهڙين سست رفتار ترڪيبن جي لاءِ وقت ناهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار اڳ ۾ ئي موجود هوندا آهن. اهي اتي ئي هوندا آهن ۽ پڙهندڙن جي اکين اڳيان تيار ٿيل منچ تي اهو ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ منتظر هوندا آهن، جيڪو گهڻي قدر يا سموري ٿي گذريل جو آخري نقطو هوندو آهي. هڪ آدرشي ڪهاڻيءَ ۾ وقت جون ڪوتاهيون نه هونديون آهن، وقت جون ڪوتاهيون اڳيئي ٿي چڪيون هونديون آهن. اهي ويجهڙائي يا ڏورانهين وقت ۾ ڪٿي هونديون آهن؛ ڪهاڻيءَ ۾ آخري واقعو هوندو آهي. اهو، هڪ خيال کان آخري باب کي کولڻ مثل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي ڪردار يا ڪردارن جي اداڪاري وسيلي رڳو اشارن ۽ انومانن سان ماضيءَ جا جواب خوش بيانيءَ ۾ ڏنل هوندا آهن.

                                جان ڪورناس

سُڪار   

نجم عباسي

هڪڙو شهري شاگرد ۽ هڪڙو ڳوٺاڻو شاگرد، پاڻ ۾ ڏاڍا گهاٽا دوست هئا. ٻئي ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا. ٻئي پاڻ کي ترقي پسند ۽ روشن خيال سمجهندا هئا، ۽ ترقي پسندي۽ روشن خياليءَ تي ڏاڍا بحث مباحثا ڪندا هئا.

هڪڙي ڀيري، ڳوٺاڻي، دوست، پنهنجي شهري دوست کي چيو ته اسان جي ڳوٺ هل ته اڄ توکي وڏيري جي ٺٺ جي هڪڙي جهلڪ ڏيکاريان. ان ڏينهن وڏيري جي پٽ جو وهانءُ هو. شهري دوست اعتراض ڪيو ته مان بنان ڪوٺ ڪيئن هلان؟ ڳوٺاڻي دوست وراڻيو ته مان ته وڏيري جي راڄ جو آهيان، مون کي ته سڏ آهي، توکي مان پنهنجي دوست جي حيثيت ۾ وٺي ٿو هلان. ان کانسواءِ هڪ ته ان جي وڏيري کي لکا ڪانه پوندي، پر جي پيس به ته به هو نه رڳو منهنجو، پر تنهنجو به ٿورائتو ٿيندو، ڇو ته تون هن جي دعوت جي انبوهه ۾ واڌارو ڪندين، ۽ ان ڳالهه کي وڏيرا پنهنجو شان ۽ ساک سمجهندا آهن ته هنن جي شاديءَ ۾ وڏي کان وڏو انبوهه شامل ٿيو.

ڳوٺ، ان شهر کان ٽيهن ميلن جي وٿيءَ تي هو. هو بس ذريعي اتي پهتا. شهري دوست ڏٺو ته ڳوٺ سان لاڳيتو هڪڙو وڏو ميدان هو، ان تي ايڪڙن ۾ شاهي شاميانا لڳايا ويا هئا. وڏيري، سيٺين ۽ آفيسرن لاءِ الڳ شاميانو هو ۽ راڄ ڀاڳ ۽ ڪُت خلق لاءِ الڳ. فرنيچر ٻنهي شاميانن ۾ اوچو رکيو ويو هو، وڏن ماڻهن جي شامياني وارو وڌيڪ اوچو هو. هزارين نه ته به سوين موٽرون، جيپون ۽ ٻيون گاڏيون بيٺيون هيون ۽ وڌيڪ اچي رهيون هيون. شان شوڪت جو پورو بندوبست ڪيو ويو هو. سوين خدمتگار هئا ۽ هزارين مهمان. عورتن واسطي اندر حويليءَ ۾ انتظام هو. حويلي وڏي ڪوٽ ۾ ويڙهيل هئي. فضا ۾ دهل ۽ شرنايون گونجي رهيون هيون، وڏيرو وڏن ماڻهن جي آجيان ڪرڻ ۾ کٿو نه پڳو.

وڏن ماڻهن توڙي ڪُت خلق لاءِ سٺا سٺا ۽ قسمين قسمين کاڌا هئا، پر وڏن ماڻهن لاءِ الڳ ۽ خاص طعام هئا، پر کاڌو اڻ کُٽ هو. منجهند جي ٻارهين بجي کان شام جي پنجين بجي تائين کاڌو هلندو رهيو، تڏهن به الاهي بچي پيو. پوءِ غريب غربا ۽ فقير فقرا ٿالهه، ٿالهيون، پاٽيون، پاٽوڙا، جهول ۽ بوڇڻ کاڌن سان ٽمٽار ڪري پنهنجن گهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن کڻي ويا. ان هوندي به کاڌي جون شيون نه کٽيون ۽ ٻئي ڏينهن ٻوڙ ۽ پلاءَ جون ڪيترون ئي ديڳيون ۽ مانين جا ٿها، ڳوٺ واري گند جي ڍير تي اڇلايا ويا. شايد هنن ٻن دوستن کانسواءِ، آسپاس ۽ ساري تَرَ ۾ وڏيري جي واهه واهه پئجي ويئي.

شهري دوست رات پنهنجي ڳوٺاڻي دوست وٽ رهيو. ڳوٺاڻي دوست جو پيءُ ڪڙمي هو. شهري دوست ڏٺو ته وڏيري جي حويلي ۽ اوطاق کان سواءِ سڄو ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏل هو. ڳوٺاڻي دوست هن کي ٻڌايو ته نه رڳو اڄ ائين آهي، پر هونءَ به ائين هوندو آهي. ڳوٺ ۾ بجلي ڪانهي، پر وڏيري وٽ پنهنجا بجليءَ جا جنريٽر آهن. ان رات ته بجليءَ جي روشنيءَ جون اهڙيون رنگينيون، لهرون ۽ رؤنشا هئا، ڄڻ ڪراچي شهر جي عاليشان فائيو ــ اسٽار هوٽل جي چڪي پَٽي اچي هتي لڳائي وئي هئي.

ٻئي ڏينهن، بس اسٽاپ ڏانهن پنڌ ويندي، بس اسٽاپ تي بس لاءِ ترسندي ۽ بس ۾ سفر ڪندي، هو وڏيري جي دعوت جي باري ۾ ڪچهري ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهيا.

”اسان جنهن جهجهائيءَ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته سماجي انقلاب جو بنياد يا مقصد جهجهائي آهي، اها آهي انسانن جي استعمال جي شين جي جهجهائي، انسانن جي سکن جي جهجهائي، دنيا جي سونهن جي جهجهائي هئي، سا به ٻين جي پورهئي ۽ پرماريت تي عيش ڪرڻ واري جهجهائي.“

”پورهيتن لاءِ ڪالهه دعوت ۾ جي جهجهائي هئي ۽ پيٽ ڀري کاڌن تي اڄ وري اها ئي اڻاٺ ۽ بک.“

”مان ته وڏيري واري دعوت جي جهجهائيءَ کي جهجهائي نه پر زيان  (Waste) چوندس. پورهيت ۽ هاريءَ جي ڪمائيءَ جو بي حيائي ۽ بي رحميءَ سان زيان.“

جن پيچرن ۽ رستن تان هو لنگهي رهيا هئا، تن جي آسپاس، نظر جي دنگ تائين ساوا ساوا فصل هئا: اناج جون پوکون، ڀاڄين جون ٻنيون، ميون جا باغ، ٻيلن جي وڻڪار. مينهن، ڳئن، ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ گاهه چري رهيا هئا. فضا ۾ اڏامندڙ پکين جا ولر هئا.

”اسان جي زمين ڏاڌي زرخيز آهي.“ شهري دوست، چوڌاري نهاري چيو.

”سو پاڻ پئي ڳالهه ڪئي ته سماجي انقلاب جو مقصد آهي جهجهائي … پيداوار جي جهجهائي، زمين ۽ ڪارخانن جي پيداوار جي جهجهائي، جنهن ڪري انسانن جي ضرورت، سک، سونهن، خوشي، وندر، جسماني صحت، ذهني ارتقا ۽ دنيا جي سُندرتا جي جهجهائي حاصل ٿئي.“

”اها جهجهائي ڪيئن حاصل ٿيندي؟“.

”ان لاءِ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ٻه ضرورتون آهن.“

”ڪهڙيون؟“

”هڪ پورهيو ۽ ٻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.“

”پورهيو ڪيئن؟“

”هر ماڻهو پورهيو ڪري، ڪوبه ٻئي جي پورهئي تي عيش نه ڪري. ڪوبه سماجي چور بنجي، ٻئي جي کٽئي جو رت نه چوسي. جو ڪم نه ڪري، تنهن کي کاڌو نه ملڻ کپي. تنهن کان سواءِ ماڻهو گڏجي ڪم ڪن. گڏيل ڪم ڪري پيداوار سرس ٿئي ٿي. هاري گڏيل کيت ۽ سهڪاري ٻنيون ٺاهين، ۽ مزور ننڍن ننڍن ڪارخانن بدران گڏجي وڏا وڏا ڪارخانا هلائين. هرڪو پورهيت وِت ۽ لياقت آهر ڪم ڪري. جڏهن سڀڪو پورهيو ڪندو ته ماڻهوءَ ۾ اتساهه جاڳندو ۽ هو ان جذبي سان محنت ڪندو ته هو پنهنجي لاءِ پنهنجي وطن واسطي پورهيو ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ پورهئي جو تصور ئي بدلي ويندو. پورهئي کي بار ۽ مصيبت نه سمجهيو ويندو ۽ نه ان کي پيٽ خاطر جاکوڙ ليکيو ويندو. پورهيو تفريحي بنجي ويندو ۽ ذهني مزو ڏيندو. ڪم ڪرڻ وارو ماحول وڻندڙ ۽ صحتمند هوندو. وڏي ڳالهه ته پورهئي ۾ تخليقي جذبو شامل هوندو. پورهيت کي محسوس ٿيندو ته هو آزاديءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪا تخليق ڪري رهيو آهي. ان ريت هن جي پيداوار ۾ سونهن ۽ نواڻ پيدا ٿيندي رهندي. ان شوق ۽ ذهني لطف ڪري هو وڌيڪ پيداوار ڪندو. ان کان سواءِ ذهني ڪم ۽ جسماني ڪم جي اهميت، شان ۽ اجوري ۾ فرق نه رهندو.“

بس ۾ به هو ٻين مسافرن کان بي نياز ٿي، پنهنجي گفتگو ۾ غرق رهيا. ماڻهو ان روش تي پهرين مرڪيا، پر پوءِ آسپاس ۾ ويٺل مسافر پوري غور ۽ دلچسپيءَ سان هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

”سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو جهجهائيءَ ۾ ڪهڙو حصو آهي؟“

”سائنس جو مطلب رڳو اوزار، مشينون ۽ ايجادون ناهي، پر سائنس کي اسان جي جيون جي هر مامري ۾ ڇانيل هجڻ کپي. سياسي تحريڪن، سماجي مسئلن، گذراني طريقن ۽ اقتصادي سوالن ۾ اسان جي سوچ سائنسي هجي. سائنسي سوچ جو مطلب آهي ته عقل، ڄاڻ، تجربي ۽ دليل ذريعي، ۽ سبب ۽ نتيجي کي ذهن ۾ رکي زندگيءَ جي هر ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪجي، تنقيد ڪجي، خيالن جي ڏي وٺ ڪجي، بحث مباحثو ڪجي ۽ اهي سڀ طريقا گڏيل هجن ۽ نه انفرادي... ٽيڪنالاجيءَ جو بنياد بجلي آهي. بجلي جهجهي مقدار ۾ هجي ۽ پوري ملڪ ۾ هجي، شهر شهر ۾، ڳوٺ ڳوٺ ۾. بجليءَ جي ڪري وڏا وڏا ڪارخانا ۽ وڏي پئماني وارا ڪارخانا  (Large scale Industries) کلندا، جتي هڪ هنڌ وڏي تعداد ۾ مزور ڪم ڪندا. اتي هو هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا، هنن جا نوان سماجي ناتا جڙندا، نئين سڀيتا وجود ۾ ايندي، هنن جون نيون تنظيمون ٺهنديون، هنن کي پنهنجي سگهه جو سماءُ پوندو ۽ هو ظلمن ۽ پرمارن جو وجود مٽائي سگهندا ۽ پورهيت راڄ قائم ٿيندو. ڪارخانن نڪرڻ ڪري، ننڍا ننڍا هنرمند، جي پنهجي منهن اڪيلو پورهيو ۽ دستڪاري ڪن ٿا، سي ڪارخانن ۾ ڪندا ۽ پيداوار هزارين ڀيرا وڌي ويندي. مشين تي ماڻهو هزارين لکين دفعا وڌيڪ پيداوار وڌائي سگهي ٿو. ٽيڪنالاجيءَ ذريعي اهڙا طريقا پيا ڳوليا وڃن، جن وسيلي ٿوري محنت سان ٿوري وقت ۾ جهجهي کان جهجهي پيداوار ٿئي. مشين ۽ نون طريقن ذريعي زرعي پيدائش به سوين هزارين دفعا وڌي ٿي. زراعت ۽ ڪارخانن جو هڪ ٻئي تي اهم ۽ دائمي مدار آهي. زراعت جي جهجهي پيداوار ٿيندي ته ڪارخانن کي ڪچو مال ملندو رهندو ۽ اهي هلندا رهندا. ڪارخانا هلندا رهندا ۽ انهن جي پيداوار وڌندي رهندي ته زمين جي پيداوار به کپندي رهندي. جڏهن سڀ ماڻهو پورهيو ڪندا رهندا ته زمين ۽ ڪارخانن جي پيداوار نفعي خاطر نه ڪئي ويندي، پر انسانن جي ضرورت ۽ سکن لاءِ. هڪڙي ڳالهه ٻي به آهي ته پيداوار وڌڻ واسطي امن امان هجڻ ضروري آهي، ان ڪري دنيا ۾ جنگ جو خاتمو آندو وڃي.“

”جڏهن هرشيءِ جهجهي ٿي ويندي ته انسان جون جسماني، ذهني ۽ روحاني ضرورتون پاڻمرادو پوريون پيون ٿينديون. ڪنهن جو ڪنهن تي حڪم هلائڻ، ڪنهن جي پرماريت ڪرڻ ۽ ڪنهن جو سماجي چور بنجڻ جو تصور ئي نه رهندو.“

رستي تي هڪ هنڌ، هڪڙي هوٽل وٽ ٻن ٽن ماڻهن بس کي بيهارڻ جو اشارو ڏنو. بس بيهي رهي. هنن دوستن جي گفتگوءَ کي به ڄڻ بريڪ لڳي وئي ۽ هو ماٺ ٿي ويا. هنن جي پٺيان هڪ وچولي عمر وارو ڳوٺاڻو ويٺو هو. هو شايد سوال پڇڻ جي تاڙ ۾ هو. هنن کي چپ ڪندو ڏسي، هڪدم پڇيائين:

”ڀائو! هي ڪهڙي ملڪ جون پيا ڳالهيون ڪريو؟“ ٻنهي دوستن پوئتي نهاريو. هڪ دوست مرڪندي وراڻيو: ”دنيا جي ڪنهن به ملڪ جون، دنيا جي هر ملڪ جون.“

”ڇا اسان جي ملڪ جون به ؟“

”ها، ڇونه!“ سنڌ جي سُڪار جون ۽ سڀ عالم جي آباد ٿيڻ جون ڳالهيون.“

”پوءِ ته انهن ڳالهين اسان کي جهجهي خوشي ڏني.“ وچولي عمر واري ڳوٺاڻي مرڪندي چيو.

ٻنهي دوستن ۽ ڀر وارن مسافرن پڻ مرڪي ڏنو.

سوال

قاضي خادم

ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس جي سائي سرسبز لان تي، چانڊوڪي رات ۾ علڻ فقير ڳائي رهيو آهي:

”ٽِــڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گــل،

الا، تڏهن ملنداسين!……“

تون منهنجي ڀر ۾ ويٺي آهين. تنهنجو نرم نازڪ هٿ منهنجي هٿ ۾ آهي. گيت ٻڌي تنهنجي جسم ۾ عجيب ڪنبڻي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا منهنجي هٿ کي به ڪنبائي رهي آهي. تون بي اختيار پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي رکين ٿي. پنهنجي ارد گرد ويٺل وڏي هجوم جو ڪوبه خيال نه ٿي ڪرين. آءٌ تنهنجي جذبن جي آلاڻ پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪريان ٿو. تنهنجو اکيون بند آهن، ليڪن ڳوڙهن جا بند ٽٽي پيا آهن. آءٌ بي اختيار علڻ فقير کي خاموش ڪرائڻ جو سوچيان ٿو.

”وري ڪهڙي سوچ ۾ پئجي ويا؟“ هوءَ مون کي خيالن مان ڇرڪائي ٿي. مون محسوس ڪيو آهي ته آءٌ جڏهن به تنهنجي باري ۾، پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ سوچڻ ٿو لڳان ته هوءَ وچ ۾ اچيو وڃي. خبر نه آهي ته ڪيئن هن کي اها خبر پئجيو وڃي.

”ٽِــڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گــل،

الا … لا…  تڏهن ملنداسين!…“

هوءَ جهونگارڻ لڳي. آءٌ حيران ٿي ويس. ڇا هوءَ ٽيليپٽٿي ڄاڻي ٿي جو منهنجا خيال ته ٺهيو، پر خيالن ۾ ايندڙ گيت به پڙهيو وٺي.

”ڪيئن آهي؟“ هوءَ پڇي پئي.

”شيخ اياز جي آهي.“ مون وراڻيو.

”مون ڪڏهن چيو ته منهنجي آهي. پر لڳي ٿو ته منهنجي لاءِ چيل آهي.“ هُن وري چيو.

”خبر ناهي ڪير ڪير اهو سمجهندو هوندو!“ مون وراڻيون.

”توهين ته ائين ڪونه ٿا سمجهو نه؟“ هُن پڇيو.

”ڇو؟ آءٌ انسان ڪونه آهيان ڇا؟“ مون وراڻيو.

”منهنجي لاءِ ته پٿر آهيو.“ هُن به جواب ڏنو.

”تون ڀلا هروڀرو بحٿ ڇو ٿي ڪرين؟“ مون هُن جي تيز رنگبرنگي ڪپڙن کي ناپسنديدگيءَ سان ڏسندي چيو.

”آءٌ سمجهڻ ٿي چاهيان، بحث ڪونه ٿي ڪريان.“ هُن به چيو.

”ته سمجهي ڇڏ، انسان هر وقت ساڳيو نه هوندو آهي. هر ڳالهه جو موقعو هوندو آهي، مهل هوندي آهي.“ مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”يعني توهان سان موقعو مهل ڏسي ڳالهائجي.“ هن وري چيو.

”اسان سان ته ڪو ڳالهائي ڪونه ٿو.“ هُن وري چيو.

”اسان سان ته ڪو ڳالهائي ڪونه ٿو.“ هو ٻاهران ڪمري ۾ آيو.

”ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.“ هُن چيو.

”آءٌ ڇا آهيان، چور ڪي ڍور؟“ هُن پڇيو.

”اهو ته سوچڻو پوندو.“ آءٌ چوان ٿو ۽ دريءَ مان ٻاهر ٿو ڏسان. آسمان تي ڪڪر مڙي آيا آهن. شايد هلڪيون بوندون به شروع ٿي ويون، ڇو جو واٽهڙن رفتار تيز ڪري ڇڏي آهي. موسم جي ٿڌڪار ۽ ماحول جي رنگيني وري پراڻا زخم اڊيڙڻ شروع ڪري ڏنا آهن.

هاڪس بي تي هوءَ ۽ آءٌ ائين مينهن ۾ پسي رهيا هئاسين. هن جا ڪپڙا هُن جي جسم سان چهٽي هڪ ٿي ويا هئا ۽ هوءَ مون سان چهٽي هڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هيٺان سمنڊ، آلي ريتي، لهرن جا ڦونهارا، مٿان وڏڦڙو مينهن، ڀاڪر ۾ هن جو وجود، وقت به پنڊپهڻ ٿي ويو هو.

”اڙي دريون بند ڪريو، مينهن پيو اندر اچي.“ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي.

”لوڻ جي ٺهيل ته ڪانه آهين جو مينهن توکي ڀوري ڇڏيندو.“ هُن چيس.

”زڪام نه ٿي پوي.“ هُن چيو.

”ته ڇا ٿيدو؟“ هن وراڻيو.

”ٿيندو وري ڇا؟ وري اينٽي بايوٽڪ دوائون کائڻيون پونديون، ٻيو وري ڇا؟“ هن هروڀرو نڪ سڻڪندي چيو.

”ڀلا ڪو ڪم ڪار ڪونه اٿوَ ڇا؟“ پاسي واري ڪمري مان آواز آيو.

”ڪم لاءِ توهين ئي ڪافي آهيو.“ مون هن کي چيو. ”مون کي ته مينهوڳي ڏاڍي وڻندي آهي.“

”ضرور ان جو ڪو پس منظر هوندو؟“ هن چيو.

”ها، يادون لڪل آهن يادون.“ مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

”اڄوڪو وقت به يادن ۾ شامل ٿي ويندو… پوءِ ان لاءِ به ٿڌو ساهه ڀريندا؟“ هن پڇيو.

”هر سوال جو جواب ڪونه ٿيندو آهي.“ مون چيو.

”هي ڏسو، فائيل به پسي ويا.“ هن فائيلن کي هٽائڻ شروع ڪيو.

”توهان ڪڏهن برف باري ڏٺي آهي؟“ هن پڇيو.

”ها.“

”ڪيئن لڳو؟“

”بس لڳو ته برف باري پئي ٿئي.“

”ٻيو ڪجهه محسوس ڪونه ٿيو“

”اڳ محسوس ٿيندو هو. هاڻ ته ڪجهه به محسوس ڪونه ٿو ٿئي.“

”ڇو؟“

”ان سوال جو جواب مون وٽ ڪونهي.“

”باقي ڇا جو جواب اٿو؟“ هوءَ ڪاوڙ مان اٿي ٿي ۽ دريءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.

”ڇڏيو ته آءٌ دري بند ڪريان.“ هو اٿي هٿ ٿو ونڊائيس.

”ڏينهن ڏٺي جو بس تي ڌاڙو… هي ڇا؟ جابلو وڪڙ ڪاٽيندي بس گهري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري ــ چاليهه ماڻهو مري ويا… هي ڇا!“ پاسي واري ڪمري مان آواز آيو.

”اهڙي موسم ۾ اهي ڪنيون ڳالهيون ڇو پيا ڪريو؟“ هن احتجاج ڪيو.

”جيڪي اخبار ۾ لکيل آهن، اهو پيو پڙهان.“ هن اتان ئي وراڻيو.

”توبهه آهي، اهي مُيون خبرون به دل ڏاريو وجهن.“ هوءَ وري ڪرسيءَ تي ويهي ٿي.

”آمريڪا خلا ۾ اسٽيشن قائم ڪري ورتي.“ وري آواز آيو. ”روس به قائم ڪندو.“

”ڏسو ته دنيا ڪٿي کان ڪٿي وڃي پهتي آهي.“ هن چيو.

”سڱ نه ملڻ تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار ـــ ناٺيءَ سهري کي ماري وڌو.“ وري آواز آيو.

”توهين ٻڌو پيا.“ هن مون کي چيو.

”ها، اهو به جيڪي هو چوي پيو ۽ اهو به جيڪي هو ڪونه پيو چوي.“ مون وراڻيو.

”هر ڳالهه ۾ فلسفو… هر ڳالهه ۾ فلسفو.“ هن چيو.

”ته پوءِ مون سان ڳالهاءِ… آءٌ فلسفو ڄاڻان ئي ڪونه.“ هُن چيس.

”تون ته چپ ڪر… هر وقت ٽرٽر … ٽرٽر…“ هن ڇڙٻ ڏنس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com